ڀاڱو ٽيون
مخدوم صاحب جي تصنيفات ۽ تاليفات جو علمي جائزو
باب پهريون
علمي خدمتون
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي برک عالم ۽ وڏو مصنف هو.
مخدوم صاحب ان دور جي نصابي تعليم ۽ درس تدريس سان
گڏ درسِ حديث، جمعي جي وعظ ۽ تبليغ، عام ماڻهن کي
درپيش ايندڙ مسئلن جا شرعي جواب ۽ فتويٰ لکڻ، شرعي
احڪام جي پابندي ۽ عمل جاري ڪرائڻ، وقت جي عالمن ۽
فاضلن جي ڪتابن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڪرڻ ۽
انهن جي تعميري ۽ اصلاحي تنقيد ڪرڻ ۾ ڀرپور حصو
ورتو. پاڻ علمي ۽ ديني ڪتابن جي تصنيف ۽ تاليف ۾
آخر وقت تائين ڪوشش جاري رکيائين ۽ قلم جي ڪاروان
کي آخر دم تائين ڪاهيندو، علم ۽ حڪمت جا ماڻڪ موتي
۽ هيرا جواهر ورهائيندو رهيو.
مخدوم صاحب جي سموري زندگي بااصول ۽ ٽائيم ٽيبل
مطابق گذري. مخدوم صاحب جا چوويهه ڪلاڪ هر ڪم
واسطي ورهايل هئا. درس تدريس کان سواءِ، ڪتابن جي
تاليف لاءِ خاص وقت مقرر هو. عبادت ۽ ياد الاهيءَ
لاءِ جدا وقت هو.
مخدوم صاحب ابتدا کان وٺي آخر تائين قلم هلايو.
سوين ڪتاب - سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيائين،
جن مان اڪثر مذهبي ۽ شرعي مسئلن تي آهن. تاريخ ۽
سيرت تي به ڳچ ڪتاب آهن. مخدوم صاحب جي عربي ڪتابن
جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو:
”مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا عربي ڪتاب جامعة
الازهر - مصر ۾ پڙهيا ويندا هئا ۽ پڙهايا وڃن ٿا.“
(1)
مخدوم صاحب جي وفات کي اڍائي سؤ سالن کان مٿي عرصو
گذري چڪو آهي. ان سموري عرصي ۾ سنڌ، برصغير ۽ باقي
دنيا ۾ ڪيئي تبديليون ۽ ذهني توڙي فڪري دنيا ۾
عجيب و غريب انقلاب برپا ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ ڪلهوڙن
۽ ٽالپرن جي دور ۾ رائج درسي ڪتابن کي انگريزن آئي
ڪاپاري ڌڪ لڳو. اڳ ۾ فارسي ۽ عربيءَ تي زور هوندو
هو. هاڻي ته انگريزي ٻولي گوءِ کڻي ويئي آهي.
دراصل، ان سڄي تبديلي، ذهني ڦيرڦار، فڪري وهڪري ۽
علمي ادبي ردوبدل ۾ سنڌ واسين جو تمام گهڻو نقصان
ٿيو آهي. هڪ طرف ٻارهين صدي هجريءَ جو علمي ورثو،
جيڪو اڪثر عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهي، زماني جي انقلابن
جي ور چڙهي ضايع ٿي ويو. ٻئي طرف انگريزن جي فتح
پڻ سنڌ کي علمي طور ڪاپاري ڌڪ هنيو. اڄ ڪيئي عربي
۽ فارسيءَ جا ديني مدرسا برباد ٿي چڪا آهن. سنڌ جا
قلمي نسخا - برٽش ميوزيم ۽ انڊيا آفيس لائبريري جي
زينت بنيل آهن ۽ هينئر عام اهلِ سنڌ انهن ناياب
قلمي نسخن جي ڏسڻ لاءِ سـِـڪي رهيا آهن ۽ فائدي
وٺڻ کان قاصر آهن. ان کان علاوه سنڌ جا سوين
مخطوطا ناعاقبت انديشيءَ، پنهنجن جي بي قدريءَ ۽
ٻين سببن ڪري پٽنه لائبريري، آصفيه ڪتبخانه دکن،
پنجاب يونيورسٽي لاهور ۽ لکنو وغيره ۾ وڃي پهتا
آهن.
انهيءَ وضاحب جو مقصد هيءُ آهي ته سنڌ جي لاثاني
عالم ۽ عظيم ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي ڪتابن
جو صحيح تعداد، انگ اکر ۽ انهن ڪتابن جا نالا
معلوم ڪرڻ، اڄ اسان لاءِ مذڪوره حالتن ۽ سببن
پٽاندر انتهائي مشڪل آهن.
مخدوم صاحب سڄي زندگي قلم هلايو ۽ سوين ڪتاب تحرير
ڪيا. ليڪن، ان ڏس ۾ سرِدست ڪا حتمي راءِ قائم ڪرڻ
مشڪل آهي. حقيقت ۾ مخدوم صاحب سنڌ جي بسيار نويس
عالمن مان هڪ هو. هتي اسان مخدوم صاحب جي تحرير
ڪيل ڪتابن جي تعداد ۽ نالن بابت بحث ڪري، ڪنهن
نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
سنڌ جي نامياري محقق ۽ عظيم اسڪالر، محترم استاد
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجو وڙ ڪري، مخدوم صاحب
جي هڪ قلمي عربي ڪتاب مان ضروري مواد جو عڪس، راقم
ڏانهن اسلام آباد مان موڪليو هو، جنهن ۾ مخدوم
صاحب جي 105 عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتابن جي فهرست
ڏنل آهي. انهن ۾ 74 عربي ڪتاب، 21 فارسي ۽ 10 سنڌي
ڪتابن جا نالا شامل آهن.(1)
مخدوم صاحب پنهنجي ڪتاب ”اتحاف الاڪابر“ ۾ لکي ٿو:
”منهنجون تصنيفون عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ آهن، ۽
اهي هن وقت تائين هڪ سو پندرهن کان وڌيڪ آهن.“
(2)
اسان جي تحقيق موجب ته، ”اتحاف الاڪابر“ (1136هه)
۾ آيل مخدوم ٺٽويءَ جي ڪتابن جي فهرست، مخدوم صاحب
جي ڪنهن شاگرد يا ڪاتب ان مذڪوره ڪتاب ۾ سن 1136هه
کان پوءِ درج ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ فهرست ۾
مخدوم ٺٽويءَ جي سن 1136هه کان پوءِ جي لکيل ڪتابن
جا نالا به شامل آهن، مثلاً: ”الشفاء “ (1147هه)،
”ڪشف الرين“ (1149هه) ۽ ”حياة القاري“ (1166هه).
بهرحال، مخدوم صاحب ”اتحاف الاڪابر“ نالي اهو
مٿيون ڪتاب حرمين شريفين جي سفر دوران مڪي شريف ۾
سن 1136هه ۾ لکيو هو. مخدوم صاحب ان ڪتاب لکڻ کان
پوءِ برابر 38 سال زنده رهيو ۽ لاڳيتو قلم
هلائيندو رهيو. خبر ناهي ته مخدوم صاحب انهيءَ
پوئين دور ۾، قلم ذريعي علم جا ڪيترا واهڙ وهايا
هوندا ۽ ڪتاب لکيا هوندا!
مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ ٺٽوي پنهنجي ڪتاب
”تڪمله مقالات الشعراء “ ۾ مخدوم صاحب جي ڪتابن جو
تعداد، هڪ سئو چوڏهن لکيو آهي ۽ ان بعد تمام حيرت
سان لکي ٿو:
”سبحان الله! هنن بزرگن جي همت ڪيڏي نه بلند هئي.
هينئر ته ايڏي تصنيف ڪرڻ ئي محال ڪم آهي. انهن جي
هٿ ۽ قلم ۾ ڪهڙي نه طاقت ۽ برڪت هئي، جو پاڻ ايترو
ڪم ڪري ويا آهن. مگر حق ته هيءُ آهي جو اهو سڀ
ڪجهه ازلي فيض ۽ الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ ڪرامت
سان ٿيو آهي.“
(1)
”تڪمله مقالات الشعراء “ جي حاشيي تي سيد حسام
الدين راشدي مخدوم صاحب جي پونيرن مان ميان غلام
محمد جي حوالي سان آندو آهي، ته مخدوم صاحب جا ڏيڍ
سؤ ڪتاب لکيل آهن. راشدي صاحب خود حاشيي تي مخدوم
صاحب جي ڪتابن جي الف - بي وار فهرست ڏني آهي،
جنهن ۾ 125 ڪتابن جا نالا ڏنل آهن.(2)
اها ساڳئي فهرست 22 سالن کان پوءِ، 15 ڪتابن جي
اضافي سان، ٽماهي ”مهراڻ“ حيدرآباد سنڌ، نمبر 1 ۽
2 سال 1980ع ۾ ٻيهر آندي ويئي آهي.
مخدوم صاحب جي ڪتابن جي باري ۾ سنڌ جو مشهور عالم
۽ مترجم، مخدوم امير احمد لکي ٿو:
”مخدوم صاحب جي تصنيفات جو تعداد ٽن سون کان به
وڌيڪ آهي ۽ مختلف مسائل ۾ هزارن کان وڌيڪ تحريرون
انهن کان سواءِ آهن.“
(1)
مخدوم امير احمد وڏي جستجو ڪري، 125 ڪتابن جي
فهرست به ڏني آهي. انهن ڪتابن جي موضوع ۽ فن توڙي
موجودگيءَ جو تذڪرو به ڪيو آهي، ته اهي ڪتاب ڪهڙي
ٻوليءَ، فن ۽ ڪهڙي ڪتبخاني ۾ موجود آهن.
دراصل، مخدوم ٺٽويءَ جي ڪتابن جي فهرست ٺاهڻ جي سڀ
کان اول ۽ وڌيڪ ذميداري سندس اهلِ علم فرزندن ۽
شاگردن تي هئي، پر افسوس جو مخدوم صاحب جي فرزند
عبداللطيف به ان ڏس ۾ فقط ايترو لکيو آهي:
”مخدوم صاحب جون تصنيفات هڪ سؤ کان وڌيڪ آهن.“
(2)
مولانا غلام رسول مهر پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ڪلهوڙا“
۾، مخدوم صاحب جي ڪتابن جو تعداد ساڍا ٽي سؤ لکيو
آهي.(3)
بهرحال، مخدوم صاحب جي ڪتابن جي تعداد بابت حتمي
طور چئي نه ٿو سگهجي. البت، مخدوم صاحب جي 164
ڪتابن جا نالا دستياب ٿي سگهيا آهن، تنهنڪري اهو
چئي سگهجي ٿو ته مخدوم صاحب جي ڪتابن جو انگ هو سؤ
کان ساڍن ٽن سون جي وچ تي آهي. راقم جي ڪتبخاني ۾
82 ڪتاب محفوظ آهن، جيڪي ڇپيل، فوٽو اسٽيٽ ۽ قلمي
صورت ۾ آهن.
مخدوم صاحب جا ڪيئي ڪتاب ضايع ٿي ويل آهن، يا اسان
جي اکين کان اوجهل آهن. جيڪي ڪتاب زماني جي
انقلابن کان بچيا، تن مان ڪجهه بمبئي، لاهور،
ڪراچي ۽ حيدرآباد مان پئي ڇپيا آهن، يا وري سنڌ جي
قومي ۽ ذاتي لائبررين جي زينت بنيل آهن. علامه
عبدالعزيز ميمني، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه
غلام مصطفيٰ قاسمي، سرهندي، همايوني، ڳڙهي ياسيني
بزرگ، راشدي ۽ جهنڊي وارا پير صاحب ۽ سنڌ جا ٻيا
اهلِ علم ڪتبخانن وارا صاحب - اهي خوش نصيب بزرگ
آهن، جن جي ذاتي ڪتبخانن ۾ مخدوم صاحب جون ناياب
تصنيفات اڄ به موجود آهن. تازو مخدوم صاحب جا ڪي
عربي ڪتاب ڪوئٽھ ، افغانستان، حلب، بيروت ۽ مڪي ۽
مديني شريف مان به شايع ٿيا آهن.
راقم جو مخدوم صاحب تي تحقيق جي سلسلي ۾ گهڻائي
ڀيرا ٺٽي وڃڻ ٿيو. هڪ دفعي منهنجي معلوم ڪرڻ تي
ٺٽي جي مفتي ۽ مدرسه عثمانيھ مجدديھ جي مهتمم مفتي
عبدالرحمان ٺٽويءَ مخدوم صاحب جي ڪتبخاني جي باري
۾ ٻڌايو:
”ابتدائي حالات جي ته خبر ناهي. گهڻا سال اڳ ٺٽي
۾ زبردست مينهن پيو هو. سڀ ڪو پنهنجيءَ ۾ پورو هو.
مخدوم صاحب جي پونير مان عورتن کان سواءِ ٻيو ڪوبه
ڪونه هو. ان ڪري عورتون اهي هزارين ڪتاب اتان
کڻائي محفوظ ڪري سنڀالي نه سگهيون. اهڙيءَ حالت ۾
جهنڊي وارن پيرن مان ڪو پير صاحب اهي ڪتاب ان جاءِ
مان ڪڍرائي، پاڻ سان اُٺ ڀرائي کڻي ويو. اهڙيءَ
طرح مخدوم صاحب جا ڪتاب ٺٽي ۾ محفوظ رهي نه
سگهيا.“
(1)
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب به ان روايت جي
تصديق ڪندي، پنهنجي هڪ مقالي ۾ اهڙي قسم جي وضاحب
ڪئي آهي.(2)
بهرحال، ٺٽي يا سنڌ ۾ مخدوم صاحب جي نالي هڪ اهڙو
ادارو يا اڪيڊمي هجي، جنهن ۾ ڪوشش ڪري سنڌ، هند،
حرمين شريفين، برٽش ميوزيم لنڊن ۽ ٻين هنڌن تان
مخدوم صاحب جي ڪتابن جا عڪس وٺي محفوظ ڪجن، ته
محقق ۽ علم جا پياسا اتي ڪـَـهـِـي وڃي اهي ڪتاب
ڏسن، پڙهن، پـُـرجهن ۽ تحقيق ڪن ۽ مخدوم صاحب جي
علمي پالوٽ مان سيراب ٿين. مخدوم صاحب جا عربي ۽
فارسي ڪتاب ترجمو ايڊٽ ڪري شايع ڪجن ۽ سندس سنڌي
ڪتاب وري جديد نموني ۾ مرتب ڪري، سليس سنڌيءَ ۾
آڻي عام ڪجن، ته جيئن مخدوم صاحب جي علمي ۽ تحقيقي
دور جي ديني ۽ شرعي نڪتن کان واقفيت ملي ۽ فائدو
عام ٿئي.
هن وقت مخدوم صاحب جي جملي تصنيفات جو احاطو ڪرڻ
ته ممڪن ڪونهي، ڇو ته سندس سڀني تصنيفات جو احوال
گمناميءَ جي گوشي ۾ ۽ اسان جي اکين کان اوجهل آهي.
البت، تحقيق دوران مخدوم صاحب جا جيڪي ڪتاب دستياب
ٿي سگهيا آهن، يا انهن ڪتابن جا نالا ڪن تاريخي
ڪتابن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن، انهن جو اسان اڳتي
هلي تفصيلي احوال بيان ڪنداسون.
------
باب ٻيو
(الف) سنڌي ڪتابن جو جائزو
زادُالفقير
تصنيف جو سال: ماه رمضان 1125هه
ڪاتب جو نالو: شيخ عبدالرحمان بن شيخ
عبدالله
ڇپائيءَ جو هنڌ: مجتبائي پريس لاهور، يکم
رجب المرجب 1312هجري
صفحن جو تعداد: 53 صفحا، صفحي جي ڊيگهه 9 انچ،
ويڪر 6 انچ، هر صفحي ۾ 17 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري
12 لفظ آهن.
موضوع: فقھ
متن جي شروعات: بسم الله الرحمان الله الرحيم
ڪرهو حمد حڪيم کي ساراهيو سلطان،
رحمت سين رحيم جنهن اُپايو جهان.
خاتمو: مڇڻ وسارا وِهو اڀيو منجهه اسلام
ڪهو ڪلمو صدق سين مٿي محمد ڄام.
خاتمة الطبع: تمام شد نسخه زادُالفقير، من
تصانيف سلطان العلماء مخدوم مرحوم محمد هاشم ٺٽوي
رحمھ
صورتخطي: ڪتاب جي صورتخطي عربي رسم الخط ۾ آهي.
ڪتاب جي تحرير صاف، سهڻي ۽ دلپذير آهي ۽ لفظن کي
اعرابون ڏنل آهي.
مجموعي خصوصيات: هيءَ رسالو ٻين ٻن ڪتابن ”راحة
المومنين“ (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي) ۽ ”مطلوب
المومنين“ (مخدوم عبدالخالق) سان گڏ ڇپيل آهي.
مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ 13 ڪتابن جا حوالا آندا آهن.
”زادُالفقير“ جو ڇپيل نسخو راقم جي لائبريريءَ ۾
محفوظ آهي ۽ سنڌ جي اڪثر ڪتابخانن ۾ پڻ موجود آهي.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب سنڌي زبان ۾ ڊزن کان وڌيڪ سنڌي
ڪتاب لکيا آهن. اهي سڀ ڪتاب نظم ۾ جوڙيل آهن.
جيتوڻيڪ پاڻ عربي ۽ فارسي ٻولين جو وڏو ڄاڻو هو،
پر پاڻ پنهنجي مادري سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ خدمت
سان گڏ عام سنڌ جي ماڻهن لاءِ ديني مسئلن کي سليس
۽ سهنجي نموني ۾ پيش ڪرڻ جي خيال کان سنڌي ٻوليءَ
۾ ڪتاب لکڻ ضروري ڄاتائين.
مخدوم صاحب جي پهرئين تصنيف جي حوالي سان ٻه ڪتاب
اسان جي سامهون آهن: هڪ ”زادُالفقير“ (سنڌي) ۽ ٻيو
”مظهرالانوار“ (عربي). هنن ٻنهي ڪتابن تي تصنيف جو
ساڳيو سال 1125هه لکيل آهي. اهو معلوم ٿي نه سگهيو
آهي ته انهن ٻنهي مان اول ڪهڙو ڪتاب تصنيف ٿيو.
البت، ”زادُالفقير“ سندس سنڌيءَ ۾ پهريون رسالو
آهي، جيڪو رمضان المبارڪ 1125هه ۾ لکيو ويو. ان
وقت مخدوم صاحب جي ڄمار 21 ورهيه هئي. ڪتاب ۾ ڪافي
نج قديم سنڌي لفظ ڪتب آندل آهن، جيڪي ان وقت عام
مروج هئا. هن وقت اهي اڪثر لفظ لاڙ ۾ ته مروج آهن،
پر لاڙ کان سواءِ ٻئي پاسي گهٽ استعمال ۾ آهن ۽
گهڻو ڪري متروڪ ٿي چڪا آهن. جيئن ته: مهت = مسجد،
ٿوڪ = شيءِ، ڏهلي = ڏکي، ڳڀور = ننڍو ٻار، گيهون =
ڪڻڪ، مهدا = اڳيان، هڏه = اصلي، مڇڻ = متان وغيره.
اهڙيءَ طرح مخدوم صاحب سنڌي الف - بي جي مخصوص
حرفن جي هيٺين صورتخطي قائم ڪئي آهي:
قديم جديد
ٽري ٽي
ڊرج ڊڄ
ڪرهو ڪريو
ٻاج ٻاجهه
جھ جنهين
ڪھ ڪنهين
اَچان اَڄاڻ
دُني دنيا
ڏُونھ ڏانهن
رحمت رَحمتون
ڏينھ ڏينهن
دلجي دل جون
جيڪ جيڪي
ميغ مينگهه
نات نه ته
سـُـئي ٻڌي
ڪنا کان
کين کائڻ
دغاءُ دغائون
ڪريندس ڪندس
سـُـهجي سهنجي
چنڊر چنڊ
مرَن مڙن
مرس مڙس
هٿا هٿان
ماڙو ماڻهو
گڻو گهڻو
سڄندو سجهندو
هي هينئون
ماگ ماڳ
ڳالي ڳالهيون
منجهه ۾
مـُـن مون
هنان هن کان
گن گهڻي
نگئو نڪتو
مخدوم صاحب جو هيءُ ڪتاب ”زادُالفقير“ (درويش جو
ثمر) سنڌي نظم ۾ جوڙيل آهي، جنهن ۾ اسلام جي ٽئين
۽ اهم رُڪن روزي بابت شرعي سمجهاڻيون ڏنل آهن.
جيئن ته روزو درويش جي باب ۾ صبر ۽ توفيق جو سچو
پچو ثمر آهي، تنهن ڪري ڪتاب جو نالو ئي مخدوم صاحب
رکيو آهي ”زادُالفقير“ . هيءُ ڪتاب مخدوم صاحب جي
ڪلام ۾ تارن منجهه چنڊ مثل آهي. مخدوم صاحب هن
رسالي ۾ رمضان المبارڪ جي چنڊ ڏسڻ کان وٺي روزن
بابت سڀ مسئلا مختصر ۽ جامع نموني ۾ لکيا آهن. هر
هڪ مسئلي کي سهڻي پيرايي ۾ سمجهايو ويو آهي. نموني
طور ڪتاب ۾ آيل مواد جا مختصر عنوان لکجن ٿا:
چنڊ ڏسڻ جو حڪم، رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي شهادت، عادل
جي تعريف، عيد جي چنڊ جي شهادت، مطالع جي اختلاف
جو مسئلو، رمضان شريف ۾ سحري کائڻ ۽ نيت ڪرڻ، شڪ
جو روزو، سرمي ۽ تيل وجهڻ جو روزي تي اثر نه پوڻ،
روزي جي فديي جو مقدار، پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻڻ جو روزي
تي اثر ۽ ڪفاري جي ادائگي وغيره.
نظم جو نمونو:
مخدوم صاحب ڪتاب جو نالو، ۽ تصنيف جو سال نظم ۾ هن
ريت اندو آهي:
ڪتاب
لکئم رسالو روزن جو ڪري محنتا،
ميڙيم مسئلا تن جا ڪري وس وڏا،
”زادُالفقير“ سنڌي رکيم تنهنجو ناءُ.
نالو
عربي اَڄاڻن کي، گهڻي ڏهلي هوءِ،
سنڌي ڪيم سهکي، جان سکي سڀو ڪوءِ.
ته مانَ مومن تن کي، پڙهي ياد ڪن،
جيڪي آهين ان ۾، سي مسئلا سکن،
کڻي هٿ ”هاشم“ کي، مانَ ڪڏهن دعا ڪن.
سال
وره جا هجرة کان تنهن ڏينهن ليکيام
تان اڪاره سو پنجيهه هوا ۽ رمضان جا ايام.
(1125هه)
”سنڌ جي ادبي تاريخ“ واري صاحب جو قول آهي ته
”زادالفقير“ جو نظم پختو، ميٺاڄ ۽ نزاڪت ڀريو
آهي... ”زادالفقير“ جي ساري نظم ۾ قافيا بلڪل
باقاعدي ۽ پختا رکيل آهن. جتي جتي پنجن مصرعن کان
زياده مصرعون ڏوهيڙن ۾ رکيل آهن، اتي قافيو عمدي
طرح ڪم آيل آهي، مثال طور:
بقا ناه بلاد کي دنيا ناه دوام
اجل ٿو اوتون ڪري ٿي قريب قيام
سمر سندي ساٿيا ڪرهو تات تمام
ڊڄو ڊاءَ ڌڻي جي آگي ڀر علام
ڪريو ياد ڪريم کي سنجهي صبح شام
مڇڻ وسارا وهو اڀيو منجهه اسلام
ڪهو ڪلمو صدق سين مٿي محمد ڄام.
مٿئين مثال مان آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته
”زادالفقير“ جي نظم جي عبارت نزاڪت ۽ ميٺاڄ جي ڪري
شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام جون سڪون پئي لاهي.(1)
”زادالفقير“ جي فقهي اهميت:
”زادالفقير“ اسلام جي ٽئين رُڪن روزي بابت شرعي
مسئلن جوهڪ مختصر جامع ۽ مفيد ڪتاب آهي. ان ڪري
سنڌ ۾ هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت زياده آهي. مصنف
ڪتاب ۾ رمضان جي روزن بابت نه رڳو سڀئي مسئلا ۽
فقهي احڪام گڏ ڪيا آهن، پر هر ڪنهن حڪم ۽ مسئلي ۾
مختلف رخن سميت هر هڪ ڳالهه پوري وضاحت سان
سمجهائي آهي. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب جو روزن جي باري
۾ عربي زبان ۾ هڪ ضخيم ڪتاب ”مظهرالانوار“ جي نالي
سان لکيل آهي، پر سنڌيءَ ۾ هيءُ ننڍڙو ڪتاب
”زادُالفقير“ ڄڻ ته انهيءَ عربي ڪتاب جو خلاصو ۽
تـَـتُ آهي.
------
|