حياة
القاري باطراف صحيح البخاري
مخدوم صاحب جو حديث پاڪ بابت هيءُ هڪ بهترين ڪتاب
آهي. هن ڪتاب ۾ 758 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه تيرهن
انچ ۽ ويڪر اٺ انچ آهي. هر صفحي ۾ 15 سٽون ۽ هر سٽ
۾ سراسري طور 15 لفظ آهن. اسان جي سامهون ”حياة
القاري“ جو قلمي نسخو، ڪاتب ابراهيم بن نور محمد
جمالي، ساڪن ڳوٺ ڀائي خان جمالي غالباً نزد نيو
سعيد آباد جو لکيل موجود آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڪاتب
جي نالي کان پوءِ درگاهه پير جهنڊي ۽ مڪتبھ راشديه
جي مالڪ، مرحوم سيد رشد الله شاهه صاحب العلم
الرابع پنهنجي هٿ سان هيٺيون نوٽ لکيو آهي:
”ابوتراب چوي ٿو ته اسان وٽ موجود اصل قلمي نسخي
تي تحرير ٿيل هو ته هيءُ نسخو مصنف محمد هاشم
ٺٽويءَ جي مجلس ۾ ويهي، اصل تان ڀيٽي نقل ڪيو ويو
آهي. اهو نقل تاريخ 8 رمضان المبارڪ آچر جي ڏينهن
1167هه تي لکجي پورو ٿيو. ڪتبھ عبدالرحمـٰـن بن
شيخ الاجل محمد هاشم سنڌي عفي عنھ .“
پير صاحب جي انهيءَ مٿئين مختصر نوٽ مان اهو پتو
پوي ٿو ته:
1. هيءُ قلمي نسخو، مخدوم صاحب جي وڏي پـُـٽ
عبدالرحمـٰـن جي هٿ جو لکيل هو.
2. مخدوم صاحب جي خدمت ۾ ويهي روبرو اُتاريو ويو
هو.
3. ڪتاب جي اصل لکجڻ کان رڳو هڪ سال پوءِ 1167هه ۾
ڪتابت ڪيو ويو هو.
4. مخدوم صاحب ڪتاب جو پهريون نقل ٻين ڪاتبن جي
بجاءِ پنهنجي پـُـٽ کي ڪتابت لاءِ ڏنو، ته جيئن
ڪتاب جو ٻيو اُتارو به صحيح ۽ ڀروسي جهڙو ٿئي.
5. مخدوم صاحب وانگر سندس وڏو فرزند عالم هجڻ سان
گڏ وڏو ڪاتب به هو، جو حديث جو اهم ڪتاب ڪتابت ڪيو
هئائين.
6. مخدوم صاحب ۽ سندس اولاد جي علم حديث سان محبت
جو پتو پوي ٿو.
اسان جي سامهون پير بديع الدين راشدي جهنڊي واري
جو قلمي نسخو آهي. هيءُ نسخو مخدوم صاحب جي فرزند
مخدوم عبدالرحمان ٺٽويءَ واري قلمي نسخي جو نقل
آهي. هن نسخي تي پير ابو تراب راشدي ۽ خليفي محمد
خان جماليءَ ڳوٺ ميوو جمالي تعلقه سڪرنڊ جي
نظرثاني ڪيل آهي، ان ڪري هن قلمي نسخي جي قدامت ۽
صحت جي لحاظ کان وڏي اهميت آهي ٻڌجي ٿو ته خود
مخدوم جي هٿ جو لکيل قلمي نسخو، نيشنل ميوزيم
ڪراچيءَ ۾ موجود آهي. راقم کي ”حياة القاري“ جي
قلمي نسخي جو عڪس مرحوم عبدالرحمان منگيي سڪرنڊ
واري جي ذريعي مڪتـبھ راشديھ ، نيو سعيد آباد مان
مليو.
مواد جو وچور:
دين جو سرچشمو قرآن ۽ حديث آهي. ٻئي دين جا ٿنڀ به
آهن. قرآن ۽ حديث جو تمام گهرو تعلق آهي. جيڪڏهن
قرآن جسم آهي، ته حديث ان جو روح آهي. ڪتاب الله
متن آهي، ته حديث نبوي ۽ حضور
ﷺ جا اقوال ۽ اعمال، ان جو شرح ۽ تفسير آهي.
هن ڳالهه تي سڀني امامن ۽ عالمن جو اتفاق آهي، ته
ڪتاب الله کان پوءِ سڀني ڪتابن ۾ ”صحيح بخاري“ هڪ
صيحح ڪتاب آهي ۽ ان جو درجو آهي. هن ڳالهه تي به
سڀ متفق آهن، ته ابو عبدالله محمد بن اسماعيل
بـُـخاري رحمة الله عليھ (194هه - 256هه) حديث جي
فن ۾ ”اميرالمحدثين“ آهي.
مخدوم صاحب پنهنجي وفات کان ڏهاڪو سال کن اڳ سن
1164هه ۾ علم حديث متعلق هيءُ ڪتاب ”حياة القاري
باطراف صحيح البخاري“ عربيءَ ۾ مرتب ڪيو. علم حديث
۾، مخدوم صاحب جو هيءُ ڪتاب نهايت اهم ۽ ضخيم آهي.
هن مان سندس علم حديث سان محبت ۽ تبحر علميءَ جو
پتو پيو ٿو.
هن ڪتاب ۾ امام محمد بن اسماعيل بخاريءَ جي ڪتاب
”صحيح بخاريءَ“ مان حديث جا ”اطراف“ گڏ ڪيا ويا
آهن. مخدوم صاحب اصل ۾ هيءُ ڪتاب ستين ۽ اٺين صدي
هجريءَ جي مشهور محدث، امام حافظ جمال الدين يوسف
المزي (742هه) جي لکيل ڪتاب ”تحفة الاشراف بمعرفت
الاطراف“ تان استفادو ڪري لکيو آهي. حافظ مزيءَ جو
اهو جڳ مشهور ڪتاب عربيءَ ۾ سورهن جلدن ۾ لکيل آهي
۽ بهترين ڪتاب آهي. محدث مزيءَ هن ڪتاب ۾ حديث
نبويءَ جي ڇهن مشهور ڪتابن ”صحاح ستھ “ جا اطراف
گڏ ڪيا آهن. صحاح ستھ جا مشهور ڪتاب هي آهن:
1. صحيح محمد بن اسماعيل بخاري (194هه - 256هه)
2. صحيح مسلم بن الحجاج نيشاپوري (202هه - 261هه)
3. سنن ابي دائود سجستاني (202هه - 275هه)
4. جامع ابي عيسيٰ ترمذي (209هه - 279هه)
5. سنن ابي عبدالرحمـٰـن نسائي (215هه - 303هه)
6. سنن ابي عبدالله بن ماجھ قزويني (209هه -
273هه)
مخدوم صاحب ”حياة القاري“ جي مهاڳ ۾، تصنيف جو سبب
بيان ڪندي لکي ٿو:
”حمد ۽ صلواة کان پوءِ رب غنيءَ جي رحمت جو محتاج
محمد هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمان سنڌي چوي ٿو
ته هيءُ رسالو آهي، جنهن ۾ مون امام حجة الاسلام
محمد بن اسماعيل بخاريءَ جي ڪتاب ’الجامع الصحيح ‘
بخاري جي حديثن جا اطراف (حصا) گڏ ڪيا آهن. اهي
اطراف مون حافظ الحديث، يگاني عالم ابوالحجاج جمال
الدين يوسف بن زڪي مزي جي ڪتاب ’الاطراف ‘ تان
چونڊيا آهن. مون هن ڪتاب جو نالو ’حياة القاري
باطراف البخاري ‘ رکيو آهي. هن جي شروعات 18 شعبان
1164هه تي ڪئي اٿم. هن ۾ مون کي ان تي ئي اعتماد
آهي، جنهن تي حافظ مزي اعتماد ڪيو آهي. ’صحاح ستھ
‘ کان به مواد ورتو اٿم. امام بخاريءَ جي روايت کي
’خ ‘ جي رمز سان بيان ڪيو اٿم ۽ ان تي وڌيڪ حاشيو
به هنيو اٿم.
هن مختصر ڪتاب کي علامه ابو مسعود دمشقي (وفات
401هه)، علامه خلف واسطي (وفات 400هه کان پوءِ) ۽
حافظ مزي جي ڪتابن جي نموني تي مرتب ڪيو اٿم، پر
هن جي خاص ترتيب محدث حافظ مزيءَ جي ڪتاب واري
آهي. هن ۾ مون پاڻ معروف حروف معجم تي ترتيب رکي
آهي. ان کان سواءِ ’هه‘ جي حرف کي ’و‘ کان اڳ ۾
آندو اٿم. اها حافظ مزيءَ جي ترتيب آهي. جيتوڻيڪ
ائين اسان وٽ مشهور طريقي جي اُبتڙ آهي.
مون جن معروف ڪتابن مان ’حياة القاري ‘ جو مواد
ورتو آهي، انهن کان به زياده هن ۾ اضافا ڪيا اٿم،
جيڪي مون لاءِ سهنجا ٿي سگهيا آهن يا مون کي معلوم
ٿيا آهن. انهن ۾ جن اوڻاين جي مون کي خبر پئي، تن
جي اصلاح ڪئي اٿم. حديث پاڪ جا اطراف يا حصا بخاري
شريف جي متن ۾ لکيل لفظن جي موافق ذڪر ڪيا اٿم. ان
ڪوشش ۾مون کان جيتري قدر ٿي سگهيو آهي ته تحقيق
ڪئي اٿم، نه ته حافظ مزيءَ جي اتباع ڪندي روايت
بالمعنيٰ آندي اٿم. الله تعاليٰ کان سوال آهي ته
منهنجي هيءُ محنت پنهنجي رضا لاءِ خلوص واري
بنائي.
هن مختصر ڪتاب کي مون ٻن بابن ۾ ورهايو آهي.
پهرئين باب ۾ احاديث موصوله درج آهن. ٻئي باب ۾
مرسل احاديث بيان ڪيون اٿم. انهن مان هر هڪ کي ٻه
قسم بنايو اٿم. پهرئين قسم ۾ اسماءُ الرجال ته ٻئي
قسم ۾ اسماءُ النساء ۽ انهن مان به هر هڪ کي ٻن
بابن ۾ ورهايو اٿم. پهرئين باب ۾ نالا ۽ ٻئي باب ۾
ڪـُـنيتون. انهن ۾ حروف معجم تي ترتيب ڏني اٿم، ته
جيئن ڏسندڙن کي فائدو وٺڻ سولو ٿئي.
ڪتاب شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ مقدمو ذڪر ڪيو اٿم. مقدمي
۾ ٻه فائدا آهن. فائدو پهريون هي آهي ته صحيح
بخاري ۾ ڪهڙيون حديثون ورائي ورائي آندل آهن. ۽
ڪهڙيون حديثون بنا تڪرار جي آهن. فائدو ٻيو هي آهي
ته هر اصحابيءَ جون صحيح بخاريءَ ۾ موصول ۽ معلق
حديثون آيل آهن، انهن جو تفصيل ڏنل آهي.“
مخدوم صاحب به ڪتاب الله کان پوءِ حديث نبويءَ جي
عظمت جي پيش نظر حافظ مزيءَ جي نموني تي صحيح
بخاريءَ جا اطراف ”اطراف المزي“ تان ميڙي چونڊي،
سوڌي سنواري، سهيڙي سموهي راوين جي جديد ۽ آسان
ترتيب سان الف - ب وار فهرست موجب مرتب ڪيا آهن.
دراصل ”اطراف“ علم حديث ۾ حديث جي ڪتاب جو هڪ قسم
آهي. اطراف جي لفظي معنيٰ آهي طرف، حصا، طرف جو
جمع آهي اطراف.
”اطراف“ حديث جي ان ڪتاب کي چئبو آهي، جنهن ۾
حديث جو رڳو اهو حصو ذڪر ڪيو وڃي، جو باقي حديث جي
حصي تي دلالت ڪري ۽ پوءِ ان حديث جا سڀ طريقا ۽
سـَـندون بيان ڪيون وڃن يا ڪن مخصوص ڪتابن جون
سندون بيان ڪيون وڃن، جيئن اطراف الڪتب الخمسھ ابي
العباس ۽ اطراف المزي.“
حافظ جمال الدين يوسف المزي ”اطراف“ تي بحث ڪندي
لکيو آهي:
”ڪنهن حديث مبارڪ جو هڪ حصو ذڪر ڪري، ان جي سڀني
سـَـنـَـدُن کي حديث جي ڪتابن مان آڻي، ان تي بحث
ڪيو ويندو آهي. جن ڪتابن ۾ ان جو ذڪر هوندو آهي،
انهن کي ’ڪتب الاطراف ‘ سڏيو ويندو آهي ۽ ان حصي
کي طرف چئبو آهي ۽ جڏهن حديث جي ڪتابن جا لکندڙ
ڪنهن حديث جي روايت ۾ شريڪ ٿيندا آهن يا انهن مان
ڪي بزرگ ان کي آڻيندا آهن ته ڪتب الاطراف وارا اها
حديث ان جي ذڪر ڪرڻ واريءَ جاءِ جي بيان سان گڏ
لکندا آهن ۽ جيڪڏهن اها حديث ٻن يا ٽن جاين تي ذڪر
ڪيل هوندي آهي ته انهن سڀني جاين جي نشاندهي ڪندا
آهن ۽ ان سان ان حديث جي طريقن ۽ سـَـنـَـدُن تي
بحث ڪرڻ آسان ٿي پوندو آهي. ڪتب الاطراف مان وڏو
فائدو اهو ئي آهي. عالمن چيو آهي ته: ’محدث بلا
اطراف کانسان بلا اطراف ‘ مطلب ته اطراف الحديث جي
علم کان سواءِ محدث ائين آهي، جيئن عضون کان سواءِ
انسان.“
(1)
مخدوم صاحب ”حياة القاري“ ۾ مقدمي کان پوءِ صحيح
بخاري جي اطراف جو سلسلو، راويءَ جي الف - بي وار
فهرست سان شروع ڪيو آهي. هتي اطراف جا چند مثال
پيش ڪجن ٿا:
حرف الالف
* انس بن مالک ابو حمزه الانصاري عن ابي.
حديث: ”کنا نريٰ هذا من القرآن حتيٰ نزلت الهـٰـکم
التکاثر“ يعني حضرت انس رضي الله عنھ حضرت اُبي
رضي الله عنھ کان نقل ڪيو، ته اسان هي سمجهندا
هئاسون ته هي قرآن مان آهي، تان ته سورة ”الهـٰـکم
التکاثر“ نازل ٿي.
اصل ۾ مڪمل حديث هيءَ آهي ته حضرت انس بن مالڪ
روايت ٿو ڪري، ته رسول الله
ﷺ
فرمايو ته جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ سون جي هڪ وادي هجي
ته هـُـو گهرندو ته ٻه واديون هجن. ان جي وات کي
مٽي ئي ڀري سگهي ٿي ۽ الله تعاليٰ توبهه ڪندڙ جي
توبهه قبول ڪري ٿو.
* عبدالرحمـٰـن بن الاسود بن عبد يغوث الزهري عن
ابي.
حديث: ”ان من الشعر حکمة “ ، ترجمو: بيشڪ شعرن مان
ڪي شعر حڪمت سان ڀريل آهن.
* ابراهيم بن سعد بن ابي وقاص القرشي الزهري عن
اسامھ بن زيد
حديث: ”اذا سمعتم بالطاعون بارض فلا تدخلوها.“
ترجمو: نبي
ﷺ
فرمايو ته جڏهن توهان ڪنهن جڳهه بابت ٻـُـڌو ته
اتي طاعون آهي، ته اُتي نه وڃو.
اصل ۾ مڪمل حديث هيءَ آهي ته نبي
ﷺ
فرمايو ته جڏهن توهان ڪنهن جڳهه بابت ٻڌو ته اتي
طاعون آهي، ته اتي نه وڃو ۽ جڏهن توهان ڪنهن جاءِ
هجو ۽ اتي طاعون پکڙجي وڃي، ته اتان نه نڪرو.
صحيح بخاريءَ ۾ روايتن جو تعداد: مخدوم صاحب ”حياة
القاري“ جي مقدمي ۾ ابن الصلاح، القنووي ۽ حافظ
ابن حجر عسقلانيءَ جي حوالي سان صحيح بخاري جي
سمورين روايتن جو مختلف نوعيتن سان بحث ڪري، تعداد
بيان ڪيو آهي. ان بحث جو نچوڙ هي آهي:
”صحيح بخاري جي روايت ٿيل حديثن جي تعداد ۾ عالمن
جو اختلاف آهي. ابن الصلاح جي تحقيق آهي ته صحيح
جي سڀني حديثن جو تعداد 7275 آهي. حذف مڪررات يعني
وري وري آيل حديثن جي حذف ڪرڻ يا ڪڍڻ کانپوءِ هيءُ
تعداد چار هزار بيهي ٿو.
ابن حجر عسقلانيءَ جي تحقيق پٽاندڙ صحيح بخاريءَ
جون سڀ حديثون مڪررات سميت 7397 آهن. سڀني معلقات
جو تعداد 1341 آهي، سڀني متتابعات جو تعداد 344
آهي ۽ ڪـُـل تعداد 9082 آهي. حذف مڪررات کان پوءِ
مرفوع حديثن جو تعداد 2623 وڃي ٿو بيهي. اهڙيءَ
ريت امام بخاريءَ جون جيڪي حديثون اعليٰ سـَـندَن
تي مشتمل آهن، اهي ثلاثيات آهن. انهن جو تعداد
ٻاويهه آهي ۽ حذف مڪرارت کان پوءِ هيءُ تعداد
سورهن وڃي رهي ٿو.“
مخدوم صاحب، روايت ٿيل حديثن جي تعداد کان پوءِ هر
هڪ روايت ڪندڙ اصحابيءَ جي روايت ڪيل حديثن کي الف
- بي وار ۽ نالي وار تعداد لکيو آهي. مثال طور:
ابي بن ڪعب رضي الله عنھ ، جيڪو قرآن جي قارين جو
سردار آهي، ان جون ست حديثون روايت ٿيل آهن. اسامھ
بن زيد بن حارث سورهن حديثون. اسيد بن حضير انصاري
هڪ حديث ۽ انس بن مالڪ انصاريءَ 268 حديثون روايت
ڪيون آهن.“
مخدوم صاحب مقدمي ۾ اعتراف ڪيو آهي ته سندس هن
ڪتاب ”حياة القاري باطراف صحيح البخاري“ جا محرڪ
هيٺيان محدث آهن، جن کان متاثر ٿي ۽ سندن ڪتابن
تان استفادو ڪري، علم حديث بابت هيءُ بهترين ڪتاب
لکيو اٿائين.
1. امام محمد بن اسماعيل بخاري (194هه - 256هه)
2. حافظ جمال الدين يوسف بن الزڪي المزي(654هه -
742هه)
3. امام ابو مسعود ابراهيم بن محمد دمشقي (وفات 1
- 400هه)
4. علامه خلف واسطي (وفات 400هه کان پوءِ)
5. محدث ابن الصلاح (577هه - 643هه)
6. حافظ ابن حجر عسقلاني (773هه - 852هه)
------
بذل القوة في حوادث سني النبوة
سيرت پاڪ جي حوالي سان مخدوم صاحب جو هيءُ جڳ
مشهور ڪتاب آهي. مخدوم امير احمد عباسي کهڙائيءَ
سن 1966ع م سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان مرتب
ڪري شايع ڪيو هو. متن 307 صفحا، عربي مقدمو،
فهرست، انڊيڪس ۽ تعليقات 331 صفحا، جملي 638 صفحا
آهي. صفحي جي ڊيگهه ساڍا اٺ انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ
آهي. هر صفحي ۾ سراسري طور 24 سٽون ۽ هر سٽ ۾ 12
لفظ آهن.
مخدوم ٺٽويءَ حضور پـُـرنور نبي
ﷺ
جن جي سوانح ۽ سيرت پاڪ بابت سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ
۾ ڳچ ڪتاب لکيا آهن. جيتوڻيڪ اهي سڀئي ڪتاب تحقيقي
لحاظ کان ڀرپور آهن، پر عربي زبان ۾ هن ڪتاب ”بذل
القوة“ جو معيار نهايت مٿانهون آهي. پنهنجي انداز
۽ نئين ترتيب جي لحاظ کان سيرت ۾ نئون موڙ ۽ اهڃاڻ
آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ مخدوم امير احمد هڪ سئو صفحن
تي عربيءَ ۾ مقدمو لکيو آهي.
مواد جو وچور:
هيءُ ڪتاب ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي. پهريون قسم هڪ
باب تي مشتمل آهي ۽ ان هڪ باب ۾ 13 فصل آهن. ٻيو
قسم ٽن بابن ۾ ورڇيل آهي. پهرئين باب ۾ 8 فصل، ٻئي
باب ۾ 10 فصل ۽ ٽئين باب ۾ 11 فصل آهن. مخدوم صاحب
”بذل القوة“ جي مقدمي ۾ لکي ٿو:
”محمد هاشم پٽ عبدالغفور پٽ عبدالرحمان سنڌي ٺٽوي
چوي ٿو ته هيءُ مختصر ڪتاب آهي، جنهن ۾ انهن واقعن
جو تاريخي ترتيب سان ذڪر آهي، جيڪي نبي ڪريم
ﷺ
جي ٽيويهه ساله نبوت واري زندگيءَ ۽ دور ۾ واقع
ٿيا، يعني 13 سالن جو مڪي زندگيءَ وارو دور ۽ 10
سالن جي مدني زندگيءَ واري دور جا حالات، واقعا ۽
غزوات سرايا يا جنگيون. هن ڪتاب جي شروعات 5
ذوالحج 1166هه تي ٿي ۽ هن ڪتاب جو نالو ’بذل القوة
في حوادث سني النبوة ‘ آهي. هيءُ ڪتاب ٻن قسمن يا
حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين قسم ۾ مڪي دور جا واقعا
۽ ٻئي قسم ۾ مدني دور جا واقعا. مدني دور ٽن بابن
۾ ورهايل آهي: باب پهريون غزوات، باب ٻيو سرايا ۽
بعوث ۽ باب ٽيون ٻيا واقعا.“
هن ڪتاب جي پڄاڻي 4 صفر المظفر 1168هه اربع جي
ڏينهن ٿي، يعني هن اهم ڪتاب جي مواد جي چونڊ ۽ جمع
و ترتيب ۾ مخدوم صاحب کي لڳ ڀڳ ٻه سال کن لڳي ويا.
ڪتاب ۾ آيل مواد جي سن وار فهرست ڏسڻ سان هن ڪتاب
جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو ٿي سگهي ٿو ۽ سيرت
پاڪ تي ترتيب وار ۽ يڪجا مواد جو خاڪو سامهون اچي
بيهي ٿو:
حصو پهريون: نبوت جي شروعات کان هجرت تائين جا
واقعا هن باب ۾ سن 1 کان 13 تائين نبوت جا تاريخ
وار واقعا شامل آهن.
حصو ٻيو: هجرت جي شروعات کان وٺي حضور
ﷺ
جن جي وصال تائين جا واقعا.
باب پهريون: غزوات النبي
ﷺ - هن باب ۾ سن 2هه کان 9هه تائين پيش آيل لڙاين جو ذڪر آهي.
باب ٻيو: اهي سرايا ۽ بعوث جيڪي حضور
ﷺ
جن هجرت کان پوءِ روانا ڪيا. هن باب م سن 2هه کان
11هه تائين پيش آيل سرايا جو احوال آهي.
باب ٽيون: غزوات ۽ سرايا کان سواءِ ٻيا حالات ۽
واقعات، جيڪي هجرت کان پوءِ حضور
ﷺ
جن جي وصال تائين پيش آيا. هن باب ۾ سن 1هه کان
11هه تائين جا گڏيل واقعا درج آهن.
ٻئي باب ۾ غزوات ۽ سرايا جو احوال آهي. جن جنگين ۾
پاڻ نبي ڪريم
ﷺ
جن شريڪ ٿيا، محدثن جي اصطلاح ۾ انهن جنگين کي
”مغازي“ ۽ ”غزوات“ چئبو آهي. جن لڙاين ۾ پاڻ شريڪ
نه ٿي سگهيا ۽ پنهنجي اصحابن کي لشڪر جو امير
بنائي موڪليو، ان کي ”سرايا“ ۽ ”بعوث“ چئبو آهي.
سرايا جو تعداد 77 آهي. جن جنگين ۾ حضور جن پاڻ
شريڪ ٿيا، انهن جو تعداد 28 آهي. انهن جنگين جي
ترتيبوار فهرست هي آهي:
1. غزوه الابواءِ يا ودان
2. غزوه بواط
3. غزوه سفوان يا بدر اوليٰ
4. غزوه العشيرة
5. غزوه بدر ڪبريٰ
6. غزوه بني سليم يا قرقرة الڪدر
7. غزوه السويق
8. غزوه غطفان يا ذي امر
9. غزوه الفرع
10. غزوه بني قينقاع
11. غزوه احد
12. غزوه حمراء الاسد
13. غزوه بني نضير
14. غزوه بدر صغريٰ
15. غزوه دومة الجندل
16. غزوه بني المصطلق يا مريسع
17. غزوه خندق
18. غزوه بني قريظه
19. غزوه بني لحيان
20. غزوه حديبيھ
21. غزوه ذي قرد
22. غزوه خيبر
23. غزوه وادي القريٰ
24. غزوه ذات الرقاع
25. غزوه فتح مڪھ
26. غزوه حنين
27. غزوه طائف
28. غزوه تبوڪ
مخدوم صاحب مڪي شريف ۾ مديني منوره جي ڪن زيارتن ۽
برڪت وارين تاريخي جاين جو ذڪر ڪندي، ڪتاب ۾
پنهنجو اکين ڏٺو مشاهدو به ڏيندو ويو آهي. ان مان
مخدوم صاحب جي سفر حرمين شريفين جون چند جهلڪيون
به سامهون اچن ٿيون، ته هن ڪهڙي سال ۾ مڪي يا
مديني جون زيارتون ڪيون. ياد رهي ته مخدوم صاحب سن
1135هه ۾ حرمين شريفين جو سفر اختيار ڪيو هو ۽ سن
1137هه تي واپس ٺٽي موٽي آيو هو.
مخدوم صاحب مڪي ۽ مديني منوره جي ڪن تاريخي جاين
بابت پنهنجو مشاهدو هن طرح لکي ٿو:
دار ارقم: دار ارقم، مڪي شريف ۾ مسجد الحرام جي
ويجهو صفا جبل لڳ اڄ تائين موجود آهي. هينئر دار
خيزران جي نالي سان مشهور آهي (ڇو ته) هارون
الرشيد جي ماءُ خيزران حبشيھ ان جاءِ جي نئين سر
تعمير ڪرائي، ان کي برڪت خاطر مسجد بنائي ڇڏيو هو.
مون جڏهن سن 1135هه ۾ حج بيت الله جو شرف حاصل
ڪيو، ته ان جاءِ جي زيارت جي سعادت به نصيب ٿي
هئي.(ص 21)
کوهه الروحاء : مديني ۽ مڪي جي وچ تي الروحاء نالي
کوهه آهي، جيڪو مديني کان 36 ميلن جي پنڌ تي آهي ۽
اهو کوهه اڄ تائين مشهور ۽ موجود آهي. اسان پنهنجي
اکين سان هن کوهه کي ڏٺو ۽ پاڻي به پيتو. (ص 48)
مسجد جمعه: حضور
ﷺ مسجد بنو سالم بن عوف ۾ جمعي جي نماز پڙهي ۽ جمعي جو خطبو ڏنو
هو. بنو سالم بن عوف جي آبادي قبا ۽ مديني جي وچ
تي هئي. انهيءَ ڪري هن مسجد کي مسجد جمعه چون ٿا.
هيءُ اسلامي تاريخ ۾ حضور
ﷺ
جن جو سڀ کان پهريون جمعو ۽ سڀ کان پهريون خطبو
هو. هيءَ مسجد اڄ تائين موجود آهي. اسان به سن
1136هه ۾ هن مسجد جي زيارت ڪئي. ان وقت هن جي نئين
تعمير ٿي چڪي هئي. (ص 102)
حضرت ميمونھ جي قبر: مڪي ۽ مديني جي درميان مڪي
کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي ”سرف“ نالي هڪ ڳوٺ آهي.
هن وقت هيءُ ڳوٺ ته غير آباد آهي ۽ هتي حضرت
ميمونھ رضي الله عنها جي قبر کان سواءِ ٻيو ڪجهه
ناهي. هن جي قبر تي قبو ٺهيل آهي. الحمدلله! سن
1136هه ۾ اسان هن قبي جي زيارت ڪئي. (ص 195)
ابن ڪثير تي علمي چوٽ:
مخدوم صاحب ”بذل القوة“ ۾ لڳ ڀڳ سٺ ڪتابن جا حوالا
آندا آهن. علامه ابن ڪثير مشهور مصنف آهي.
”البدايھ والنهاية “ به تاريخي لحاظ کان مشهور
ڪتاب آهي. مخدوم صاحب ابن ڪثير تي انهيءَ ڪتاب جي
حوالي سان علمي چوٽون ڪيون آهن.
1. هجرت نبويءَ جي سلسلي ۾ ابن ڪثير جو رد مخدوم
صاحب ڪيو آهي.
2. سن 2هه جي واقعن ۾ بيت المقدس مان ڦري بيت الله
قبلو مقرر ٿيو. مخدوم صاحب ان سلسلي ۾ به ”البدايھ
والنهاية “ جي حوالي سان ابن ڪثير جو ڀرپور رد ڪيو
آهي.
”بذل القوه“ جي ٻولي:
مخدوم صاحب ۽ شاهه لطيف جي دور جي سنڌي ٻولي به هن
وقت سمجهڻ ۽ پڙهڻ ۾ محنت طلبي ٿي. عربي ٻولي ته
اڃا به وسيع ۽ ڏُکي آهي. پر مخدوم صاحب کي عربي
ٻوليءَ تي عبور ۽ ڪامل دسترس حاصل هئي. ”بذل
القوة“ جي عربي ٻولي تمام سليس، عام فهم ۽ آسان
آهي. ڄڻ ته هر دور ۽ هن دور جي ٻولي آهي. مثال
طور: پاڻ مڪي ۽ مديني جي درميان ”کوهه الروحاء “
جي زيارت جو نقشو هن ريت چٽي ٿو:
”والروحاء بئر معروف بين مکة والمدينة عليٰ ستة
والثلاثين (36) ميلا من المدينة . وهو موجود مشهور
الي الان. رايناها باعيننا و شربنا من مائها الف
ومائة وخمس وثلــٰـثين (1135). والحمدلله.“ (ص 48)
عربي عبارت پڙهندي اڪثر جاين تي نثر مان به
شاعريءَ جو لطف ٿو اچي، مثال طور:
”ثم رمي بها الي الکفار
فوقع لهم بسببھ الفرار
ونزل النصرمن الله العزيز الجبار.“ (ص 121)
بهرحال، سيرت پاڪ جي سلسلي ۾ ”بذل القوة“ نئين
ترتيب سان هڪ بهترين ۽ لافاني ڪتاب آهي.
هن بهترين ڪتاب جو راقم سليس سنڌي ترجمو ڪيو آهي ۽
پروفيسر اسرار احمد علويءَ، درگاهه فقير الله علوي
شڪارپور واري به تازو هن ڪتاب جو شرح لکيو آهي ۽
مهراڻ اڪيڊمي طرفان 2004ع ۾ شڪارپور مان شايع ٿيو
آهي.
------
|