تحفة التائبين
هيءُ رسالو جهونن دفترن مان علمي دنيا ۾ پهريون
دفعو دستياب ٿيو آهي. هن نسخي ۾ 11 صفحا آهن. صفحي
جي ڊيگهه اٺ انچ ۽ ويڪر پنج انچ آهي. هر صفحي ۾ 13
سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور اٺ لفظ آهن. تصنيف جو
سال ۽ ڪاتب نامعلوم آهي. البت، هيءُ نهايت آڳاٽو
نسخو معلوم ٿئي ٿو. هيءُ رسالو قلمي صورت ۾، سنڌي
الف اشباع جي قافيي سان منظوم آهي. غالباً مخدوم
صاحب جي ابتدائي سنڌي تصنيفات مان آهي. هن قلمي
نسخي جو عڪس راقم کي محترم بشير احمد هيسباڻيءَ
کان مليو. سنڌ ۾ ”تحفة التائبين“ جو هيءُ واحد
دستياب قلمي نسخو آهي. مخدوم صاحب هن ننڍڙي رسالي
۾ قرآن مجيد، امام غزالي (450هه - 505هه) ۽ امام
جزري شافعي (751هه - 833هه) جي ڪتابن جا حوالا ڏنا
آهن.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب هيءُ رسالو ”سچي توبهه ڪرڻ“ جي باري ۾
لکيو آهي، جنهن ۾ توبهه ڪرڻ جو طريقو نهايت سليس ۽
سادن لفظن ۾ سمجهايل آهي. انسان کي هن دنيا ۾
ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو. وک وک تي
آزمائشون ۽ امتحان، ڪنڊا ۽ ڏکيا پيچرا سامهون اچن
ٿا. نفس ۽ شيطان به اشرف المخلوقات انسان کي
گمراهه ڪرڻ ۽ صحيح واٽ کان ٿيڙڻ لاءِ ڪئين ڄار
اڳيان پويان پکيڙي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري هن دار دنيا
۾ سنڀالي قدم کڻڻو پوي ٿو. گناهن جا ڪنڊا گس تان
هٽائي، وک وڌائڻي پوي ٿي. تنهن هوندي به انسان
ويسر ۽ گيسر جو پتلو آهي. نيٺ کانئس گناهه جهڙو
ڪڌو ڪم ٿي پوي ٿو. گناهه کان پوءِ پڇتاءُ به ٿئي
ٿو ۽ ندامت جا ڳوڙها ڳڙن ٿا. ان پڇتاءَ ۽ ندامت کي
ٻين لفظن ۾ ”توبهه“ چئبو آهي. مخدوم صاحب توبهه
ڪرڻ جا ٽي شرط لکيا آهن:
1. گذريل گناهن تي دل ۾ پشيماني ڪرڻ.
2. هلندڙ زماني ۾ گناهه ڪرڻ ڇڏي ڏئي.
3. اهو پڪو پهه ڪري ته ايندڙ وقت ۾ به گناهه جو ڪم
مور نه ڪندس.
اهڙي ريت، توبهه ڪرڻ جي باري ۾ ٻيون به نصيحتون ۽
هنئين سان هنڍائڻ جهڙيون هدايتون شامل آهن.
------
اصلاح مقدمة الصلواة
مخدوم صاحب جي هن رسالي جو محرڪ ميين ابوالحسن
ٺٽويءَ جو ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ سنڌي آهي، جيڪو
غالباً 11 صدي هجري جي آخر يا 12 صدي هجريءَ جي
اوائل م لکيو ويو هو. ”مقدمة الصلواة“ - قرآن مجيد
پوري ڪرڻ کان پوءِ، ٻارن کي مڪتب ۾ ابتدائي درسي
طور پڙهايو ويندو هو ۽ ”ابوالحسن جي سنڌي“ جي نالي
سان مشهور هو. ان رسالي ۾ نماز بابت ڪي مسئلا
تحقيق طلب هئا، جنهن ڪري مخدوم صاحب انهن تحقيق
طلب مسئلن ۽ جاين تي سنڌيءَ ۾ پنهنجا اصلاحي بيت
شامل ڪيا، جيڪي اڳتي هلي قلمي توڙي ڇاپي نسخن ۾ اڄ
تائين ڇپيل ۽ موجود آهن. اهڙيءَ ريت ”مقدمة
الصلواة“ جي تحقيق طلب مسئلن کي اتي جو اتي سمجهڻ
۾ گهڻي آساني ٿي پئي. مخدوم صاحب وارا اهي وڌايل
بيت، ”مقدمة الصلواة“ جي موجوده ڇپيل نسخن ۾ 21
جاين تي شامل آهن، ۽ انهن بيتن جو مجموعي تعداد 89
آهي.
علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو چوڻ آهي، ته
مخدوم صاحب وارو منظوم ”اصلاح مقدمة الصلواة سنڌي“
هڪ الڳ قلمي نسخي جي صورت ۾، سندس ڪتب خاني ۾
موجود آهي. گهڻيءَ ڪوشش جي باوجود اسان کي ڪنهن
ٻئي هنڌان اهو الڳ رسالو دستياب ٿي نه سگهيو آهي ۽
نه وري علامھ قاسمي واري نسخي تائين رسائي حاصل ٿي
سگهي آهي. بهرحال، ڇپيل ”مقدمة الصلواة“ ۾ مخدوم
صاحب وارا سنڌي بيت محفوظ آهن ۽ انهن تي الڳ حاشئي
۾ وضاحت به آيل آهي.
------
تنبيھ نامون
مخدوم ٺٽويءَ جي ڇپيل خواه قلمي ڪتابن جي ڪنهن به
فهرست ۾ هن رسالي جو نالو آيل ڪونهي، پر مطبع
مصطفائي - لاهور جو ڇپيل هيءُ رسالو ڊاڪٽر محمد
ادريس السنديءَ جي مهربانيءَ سان مڪتبھ قاسميھ
ڪنڊياري مان دستياب ٿيو آهي. ”تنبيھ نامي“ کي شايع
ٿئي، سؤ سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي.
هن مجموعي ۾ ٽي سنڌي منظوم رسالا شامل آهن. پهريون
رسالو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. باقي ٻه
رسالا، مخدوم غلام محمد بـُـگائي ۽ مخدوم
عبدالهاديءَ جا لکيل آهن. انهن ٽنهي رسالن ۾ بي
نمازين جاهلن ۽ عاشورن ۾ بي دينن کي پٽڻ ڪٽڻ ۽
تابوت ٺاهڻ کان منع ڪرڻ بابت تنيبھ آيل آهي.
مخدوم ٺٽويءَ جي ”تنبيھ نامي“ ۾ 7 صفحا آهن. هر
صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ، ويڪر ساڍا پنج انچ ۽ هر
صفحي ۾ 17 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور ڇهه لفظ آهن.
هن مجموعي جون 350 ڪاپيون شايع ٿيون ۽ ان جي قيمت
6 آنا هئي. مجموعي جي آخر ۾ سال محرم الحرام
1312هه مطابق جولاءِ 1894ع درج ٿيل آهي، جيڪو
اشاعت جو سال آهي. سر ورق تي ناشر قاضي نور محمد
جو هيءُ نوٽ لڳل آهي:
”قاضي نور محمد قريشي تاجر ڪتب لاڙڪاڻه پٽ مرحوم
مغفور مخدوم ميان محمد حسن صاحب (1304هه) قريشي
هالائي نقشبندي جي گهڻي تلاش بعد هٿ ڪري منجهه
مطبع مصطفائي لاهور ڇپئو.“
مخدوم ٺٽويءَ جي هن رسالي ۾ ٻن مسئلن بابت تنبيھ
آيل آهي. هڪ بي نمازين کي نماز پڙهڻ لاءِ تاڪيد ۽
نماز نه پڙهندڙ بي نمازين واسطي عذاب ۽ تنبيھ آيل
آهي. ٻيو محرم ۽ عاشورن ۾ پٽڻ ڪٽڻ ۽ تابوت ٺاهڻ
کان منع بابت تنبيھ آيل آهي.
------
باب ٽيون
(ب) عربي ڪتابن جو جائزو
مظهر الانوار
تصنيف جو سال: 1125هه
ڪاتب جو نالو: نامعلوم
ڪتابت جي تاريخ: 9 ذوالحج 1243هه
صفحن جو تعداد: 210 صفحا، صفحي جي ڊيگهه ڏهه انچ،
ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 21 سٽون ۽ هر سٽ ۾
سراسري طور 20 لفظ آهن.
موضوع: فقھ
متن جي شروعات: بسم الله الرحمـٰـن الرحيم. رب يسر
و تمم بالخير، الحمد لحقيقھ و حريھ اکثر من ان
يحصيٰ، عليٰ ما ابلغ علينا من نعمة و اوليٰ،
والصلواة عليٰ حبيبھ کما يحب و يرضيٰ، الذي اسريٰ
بھ ليلا الي المسجد الاقصا، و عليٰ اهل بيتھ
المصطفين المقيمين علي الهديٰ، الذي اذهب عنهم
الرجس و طهروا تطهيرا، و صحبھ الذين... بکلمة الله
العليا، و جعلو لکلمة الذين کفرو السفليٰ.
خاتمو: ما ذکره الشيخ محي الدين قدس سره في غنية و
ختمت بھ الکلام لابترک بھ في الاختتام و لله الحمد
علي التمام والصلواة والسلام عليٰ سيد الانام و
آلھ و صحبھ الکرام اليٰ قيام الساعة وساعة القيام.
ڪاتب جي صورتخطي: ڪتاب جي صورتخطي عربي طور طرز جي
آهي. اکر گهاٽا، سهڻا موتين جي داڻن جهڙا آهن.
هي ڪتاب مخدوم صاحب جي اوائلي ڪتابن مان هڪ ضخيم
ڪتاب آهي. هن وقت تائين مخدوم صاحب جا جيڪي به
ڪتاب دستياب ٿي سگهيا آهن، تن مان هيءُ عربيءَ ۾
پهريون ڪتاب آهي. جيتوڻيڪ هيءُ نسخو اصل تحرير کان
118 سال پوءِ جو لکيل آهي، پر نهايت صاف ۽ صحيح
نسخو ڇاپيءَ جهڙو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪتابت جون غلطيون
بنهه گهٽ آهن. هن ڪتاب جو اصل نسخو درسگاهه
چوٽيارين جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ ”مظهر
الانوار“ جا باقي ٻه قلمي نسخا - ڪتبخانه درگاهه
خياري شريف تعلقي سڪرنڊ ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن. راقم کي مذڪوره ڪتاب جو
عڪس محترم دوست بشير احمد هيسباڻيءَ جي معرفت
مولوي محمد قاسم سومري ڪنڊياري واري کان مليو،
جيڪو پڻ اصل ۾ چوٽيارين واري قلمي نسخي جو عڪس
آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڪاتب جو هيءُ نوٽ لڳل آهي: ”قد
وقع الفراغ من النسخة الشريفة المسمي بمظهر
الانوار قبيل الزوال... و نهم ماه ذوالحج سن
1243هجري.“
مواد جو وچور:
”مظهر الانوار“ روزن جي مسئلن بابت هڪ مستقل،
جامع ۽ ضخيم ڪتاب آهي. مخدوم صاحب جي اوائلي
زندگيءَ جو هڪ بهترين يادگار آهي. مخدوم صاحب جڏهن
21 ورهين جو هو، ته پاڻ دين اسلام جي ٽئين رڪن
”روزي“ جي مسئلن بابت اهڙو تحقيقي ڪتاب لکي، علمي
دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيائين. روزن جي مڪمل
مسئلن بابت سنڌ ۾ اڄ تائين عربي ٻوليءَ ۾ اهڙو
جامع ڪتاب نه لکيو ويو آهي.
جيئن ته هيءُ ڪتاب اهلِ علم ۽ عربي دانن لاءِ
نهايت ڪارائتو هو، تنهن ڪري اڳتي هلي مخدوم صاحب
پاڻ هن ڪتاب ”مظهر الانوار“ عربيءَ جو عام فارسي
دانن لاءِ ”حيات الصائمين“ نالي فارسيءَ ۾ ترجمو
به ڪيو، جنهن جو احوال الڳ پنهنجيءَ جاءِ تي
ايندو.
مخدوم صاحب هن ڪتاب جي مهاڳ ۾، ان جي لکڻ جو سبب
بيان ڪندي لکي ٿو:
”ڪمزور ٻانهو - پنهنجو عجز ۽ قصور مڃيندڙ، الله
تعاليٰ جي رحمت ۾ اميدوار - محمد هاشم پٽ
عبدالغفور چوي ٿو، ته ڳچ ڏينهن کان ڪن دوستن چيو
پئي ته آئون اهڙو ڪتاب لکان، جنهن ۾ روزن جي مسئلن
جو جامع بيان هجي. هن ڪتاب جو متن مون سن
1125هجريءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ان جو شرح ۽
تفصيل لکيم، ته جيئن روزي سان تعلق رکندڙ احڪام
کولي بيان ڪجن. هيءُ ڪتاب دوستن لاءِ سوکڙي آهي.
الله تعاليٰ ۾ آس آهي، ته هن ڪتاب مان ماڻهن کي
فائدو ٿيندو. هر مسئلي ۾ مون ڪتابن جو حوالو ڏنو
آهي. هن ڪتاب ۾ چار باب آهن ۽ هر باب ۾ ڳچ فصل به
آهن. مون کان جيڪا سهو يا خطا ٿي هجي، ته جو به
قرب ڪري انهن غلطين جي نشاندهي ۽ اصلاح ڪندو، ته
الله تعاليٰ اصلاح ڪندڙ محسن جو اجر ضايع نه ٿو
ڪري.“
هيءُ ڪتاب روزن جي ماهيت ۽ تفسير کان شروع ٿي،
ليلة القدر جي بيان تي پڄاڻيءَ کي پهچي ٿو.
جيتوڻيڪ اڄ کان ٻه اڍائي سئو سال اڳ ۾ موجوده دور
وانگر ڪتبخانن، پريسن ۽ ڪمپيوٽر ڇپائيءَ جون
سهولتون ڪونه هيون. اڪثر ڪتاب قلمي ۽ ناياب هوندا
هئا، تاهم مخدوم صاحب هن عربي ڪتاب ۾ حوالي طور ٽن
سؤ ڪتابن جي فهرست پنهنجي مقدمي ۾ ڏني آهي. اهڙيءَ
ريت ان دور ۾ به علمي معيار قائم ۽ برقرار رکيو
آهي. مخدوم صاحب ان باري ۾، هن ڪتاب جي ”مقدمي“ ۾
لکي ٿو:
”جڏهن هيءُ رسالو لکي رهيو هوس، تڏهن مون کي
ڪتابن جو وڏو ذخيرو هٿ آيو، جن سڀني ڪتابن جو هن
ڪتاب لکڻ لاءِ مطالعو ڪيم ۽ انهن ڪتابن مان فوائد
هٿ ڪري، هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيم. شاگردن کي ترغيب ڏيارڻ
۽ (دين ۽ ڪتابن) جي شائقين جي تسڪين لاءِ انهن
ڪتابن جو تفصيل وار بيان ڪريان ٿو.“
انهيءَ مٿئين عبارت کان پوءِ، مخدوم صاحب انهن
ڪتابن جو فن وار وچور ڏنو آهي.
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو چوڻ آهي ته
”رمضان المبارڪ جي روزن بابت هيءُ هڪ مستقل عربي
ڪتاب آهي، جو اسلامي دنيا ۾ اڃا تائين اهڙو ڪتاب
نه لکيو ويو آهي.“
(1)
هيءُ بهترين ڪتاب مفتي محمد جان نعيمي سنڌي مدرسھ
مجدديھ نعيميھ ملير ڪراچي وارو عربي ۾ ايڊٽ ڪري
شايع ڪري رهيو آهي.
------
فاڪهة البستان
مخدوم صاحب جي دستياب عربي ڪتابن ۾، تاريخ 7 شعبان
المعظم 1128هه جو تصنيف ٿيل هيءُ ٻيو ضخيم ڪتاب
آهي. هن قلمي نسخي جو ڪاتب ميان عبدالرحمان بن
محمد يعقوب آهي. ڪتابت تمام سهڻي ۽ وڻندڙ آهي، ڄڻ
ته موتين جا داڻا ورقن تي وکريل آهي.
ڪتاب جي صفحن جو تعداد 312، صفحي جي ڊيگهه ڏهه
انچ، ويڪر ساڍا ست انچ آهي. هر صفحي ۾ 21 سٽون ۽
هر سٽ ۾ سراسري طور 18 لفظ آهن.
”فاڪهة البـُـستان“ - ذبح ۽ شڪار جي مسئلن تي هڪ
جامع ڪتاب آهي. مخدوم صاحب جڏهن هي ڪتاب لکيو ته
ان وقت سندس عمر 24 سال هئي. هن ڪتاب ۾ حوالي طور
ٽن سؤ ڪتابن جا نالا منڍ ۾ ڏنا ويا آهن، جي مخدوم
صاحب جي ڪتبخاني ۾ موجود هئا. هن ڪتاب جو اصل قلمي
نسخو خياري شريف تعلقي سڪرنڊ جي ڪتبخاني ۾ موجود
آهي. سنڌ ۾ هن ڪتاب جا قلمي نسخا هيٺين ڪتبخانن ۾
موجود آهن: ڪتبخانو ڳڙهي ياسين، علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي لائبريري حيدرآباد، پير سيد محب الله شاهه
راشدي لائبريري پيرڪوٽ نزد نيو سعيد اباد، ڪتب
خانه سرهندي مٽياري، سنڌ الاجي لائبريري ڄام شورو،
سينٽرل لائبريري سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، ڪتبخانو
درسگاهه چوٽياري ۽ سيد محمد حسين شاهه سجاولي
لائبريري. راقم کي هن ڪتاب جو عڪس، مولوي محمد
قاسم سومري ڪنڊياري واري کان مليو.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب پنهنجي وقت ۾ اڪثر ضروري مسئلن ۽ پڇيل
سوالن بابت ڪتاب ۽ رسالا لکيا ۽ وقت سر انهن اهم
ضرورتن تي ڌيان ڏئي قلم کنيو. سرِدست ذبح ۽ شڪار
جي مسئلن تي به ان وقت گهڻو رجحان هو. ان وقت سنڌ
۾ شڪاري جانورن ۽ پکين جي گهڻائي هئي. درياءَ جي
پاڻي ۽ ڍنڍن ڍورن جي ڪري مڇي به جام هئي. ڪلهوڙن
جي دور ۾ شڪار بابت احوال تاريخن ۾ موجود آهي. باغ
علي سنڌي ۽ ”محسن“ ٺٽويءَ ان جو احوال آندو آهي.
خود ميان دائود بن يار محمد ڪلهوڙي ”صيد المراد في
قوانين الصياد“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ شڪار بابت
گهڻو مواد آهي.(1)
ان ڪري عام ماڻهوءَ کي شڪار جي مسئلن، مڇيءَ
جي قسمن، حلال ۽ حرام جانورن جو فرق، ذبح ۽ شڪار
بابت تمام گهڻي ضرورت هئي. اهوئي سبب آهي جو مخدوم
صاحب انهن سڀني ڳالهين کي سامهون رکي، ذبح ۽ شڪار
جي مسئلن تي جامع ڪتاب ”فاڪهة البستان“ عربيءَ ۾
لکيو.
جيتوڻيڪ عربيءَ ۾ اڳين عالمن به ذبح ۽ شڪار جي
مسئلن بابت ڪتاب لکيا هئا، جن جو ذڪر تفصيل وار
”الفهرست“ ابن نديم وراق ۾ آيل آهي، جيئن ته قاضي
ابو يوسف، امام محمد بن حسن شيباني، امام محمد بن
ادريس شافعي، امام دائود بن علي ظاهري.(2)
ٻين ڪتابن ۾ به ڪي باب ذبح ۽ شڪار بابت شامل آهن.
جيئن ته صحاح سته، فقهي متن، مشارق الانوار،
ڪنزالعمال، فتاويٰ سراجيه، فتاويٰ حماديه ۽ فتاويٰ
عالمگيري وغيره. انهيءَ موضوع تي مخدوم صاحب
پهريائين عربي زبان ۾ اعليٰ پايي جو هيءُ ڪتاب
”فاڪهة البستان“ نالي لکيو، جو اهلِ علم جي معيار
مطابق لکيل آهي. دراصل، جيئن ته مخدوم صاحب کي عام
ماڻهن جي آساني، ضرورت ۽ ڄاڻ لاءِ ذبح ۽ شڪار جا
مسئلا بيان ڪرڻا هئا، تنهنڪري اڳتي هلي پاڻ خود
انهيءَ عربي ڪتاب جو نچوڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ منظوم ڪري
”راحة المومنين“ نالي سان عام ماڻهن جي آڏو پيش
ڪيائين، ته جيئن اهلِ سنڌ ٻهراڙيءَ جي رهاڪن، جهنگ
جهر جي باشندن خواه درياءَ، ڍنڍن ۽ ڍورن جي آسپاس
رهندڙ ماڻهن کي ذبح ۽ شڪار بابت پوري ڄاڻ ملي ۽
سنڌيءَ ۾ سليس مسئلا سمجهي سگهن.
مخدوم صاحب ”فاڪهة البستان“ جي مقدمي ۾ لکي ٿو:
”مون هيءُ ڪتاب - ذبح ۽ شڪار بابت، معتبر ڪتابن
تان اخذ ڪري، خاص الله تعاليٰ جي رضامندي ۽ ماڻهن
جي نفعي خاطر لکيو آهي. گهربل مواد، ڪنز ۽ وقايھ
جي متن کي بنياد بنائي، پوءِ ان جي مسئلن جو جامع
شرح ۽ ضروري دليل پيش ڪيا ويا آهن... هيءُ ڪتاب
تاريخ 7 شعبان 1128هجري تي لکيو ويو ۽ ان جو نالو
’فاڪهة البستان ‘ رکيو ويو.“
هن ڪتاب کان ٽي سال اڳ ۾، مخدوم صاحب روزن جي
مسئلن تي عربيءَ ۾ ”مظهر الانوار“ نالي ضخيم ڪتاب
لکيو هو. ان وقت کيس ناياب ڪتابن جو ذخيرو هٿ آيو
هو، تنهنڪري پاڻ انهن ڪتابن کي پڙهي ۽ پروڙي اهو
مذڪوره ڪتاب لکيو هئائين ۽ انهن ٽن سون ڪتابن جي
فهرست به منڍ ۾ ڏئي ڇڏي هئائين. اهڙيءَ ريت ”فاڪهة
البستان“ لکڻ وقت به مخدوم صاحب جي سامهون اهي
ڪتاب رهيا، تنهن ڪري انهن ڪتابن جي فهرست ٻيهر هن
ڪتاب ۾ ماخذ طور شامل ڪيل آهي.
”فاڪهة البستان“ ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: (1) ڪتاب
الذبائح ۽ (2) ڪتاب الصيد، هر هڪ ڀاڱي جي عنوان جو
نالو ”ڪتاب“ آهي. هر ڪتاب مقدمي ۽ مختلف فصلن ۾
ورڇيل آهي. ”فاڪهة البستان“ ۾ آيل مواد جي فهرست
هن طرح آهي:
مقدمو:
حمد ۽ صلواة
ڪتاب جو موضوع ۽ مقصد
ڪتاب لکجڻ جي تاريخ
ڪتاب ۾ حوالي طور آيل ڪتاب ۽ ماخذ
الذبائح جي وضاحت
جانور ذبح ڪرڻ جو شرعي ۽ عقلي جواز
نبي
ﷺ طرفان پاڻ جانور ڪهڻ جو احوال
نبي
ﷺ طرفان پاڻ شڪار نه ڪرڻ جو تفصيل
اباحة الذبح جا شرط
کائڻ کان سواءِ جانور ذبح ڪرڻ جي ڪراهت
لفظ الذکاة جو لغوي ۽ شرعي تفسير
ڪتاب الذبائح: اٺن فصلن ۾ ورهايل آهي:
ڪتاب الصيد: اٺن فصلن تي مشتمل آهي، جن ۾ شڪار ڪرڻ
بابت مڪمل معلومات آيل آهي ۽ خاتمي ۾ زمين ۽
درياهي حلال جانورن ۽ پکين جي الف - بي وار فهرست
شامل آهي.
اهڙيءَ ريت، سنڌ جي عالمن ۽ مصنفن مان اڄ ڏينهن
تائين ذبح ۽ شڪار جي مسئلن بابت اهڙي جامع ۽ پـُـر
دلائل ڪتاب عربيءَ ۾ نه لکيو ويو آهي. مخدوم صاحب
جو عربي دان اهلِ سنڌ تي هيءُ عظيم علمي احسان
آهي.
------
شد النطاق فيما يلحق من الطلاق
فقھ ۽ معاملات ۾ نڪاح ۽ طلاق جي وڏي اهميت آهي.
مخدوم صاحب انهيءَ ڏس ۾ به چند رسالا لکيا آهن.
”شد النطاق“ طلاق جي باري ۾ تاريخ 6 جمادي الاخريٰ
1133هه جو لکيل مختصر رسالو آهي. هن رسالي ۾ صفحن
جو تعداد 16، ضميمو ۽ خاتمو 8 صفحا، ڪل 24 صفحا
آهن. صفحي جي ڊيگهه ساڍا نو انچ، ويڪر ڇهه انچ
آهي. هر صفحي ۾ 21 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 13
لفظ آهن. ميان محمد عمر نالي ڪاتب، ڇپيل رسالي جي
آخر ۾ ٻن صفحن جو عربي ۽ فارسي ۾ نوٽ هنيو آهي،
جنهن جو مطلب اهو آهي ته مخدوم صاحب جو هيءُ رسالو
”شد النطاق فيما يلحق من الطلاق“ هڪ عجيب ۽ اڻ لڀ
نسخو آهي. هن ڪتاب جو مخدوم صاحب جي هٿ جو لکيل
نسخو، ”مخدوم صاحب جي اولاد مان مولوي غلام محمد
جي ڪتبخاني مان سيد رفيع الدين حسيني قادريءَ جي
واسطي سان مليو. ماڻهن جي عام فائدي خاطر محمد
عبدالواحد پٽ مرحوم محمد مصطفيٰ خان مطبع
مصطفائيءَ مان ذوالقعد 1300هه ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
حرره احقرالبشر محمد عمر غفرلھ خالق البشر.“
هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي وفات کان 126 سال پوءِ
جو ڇپيل نسخو آهي. ڪاتب جي تحرير موجب هيءُ نسخو
خود مصنف جي قلمي نسخي تان ڪتابت ڪري ڇپايو ويو
آهي، ان ڪري هن ڇاپي نسخي جي صحيح هجڻ جي خاص خوبي
آهي. مخدوم صاحب هن رسالي ۾ سنڌ ۾ طلاق جي باري ۾
تحقيقي انداز سان روشني وڌي آهي. هن ننڍي رسالي ۾
مخدوم صاحب 28 ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. هن رسالي
جو ڇاپي نسخو راقم جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي ۽ سنڌ
جي اڪثر ڪتبخانن ۾ پڻ موجود آهي.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب هن ڪتاب جي مقدمي ۾ حمد ۽ صلواة کان
پوءِ لکي ٿو:
”هن مختصر رسالي ۾ مون طلاق جي حڪم واقع ٿيڻ جو
ذڪر ڪيو آهي. پوءِ اها طلاق مطلق هجي يا طلاق بائن
۽ رجعي، ۽ ان سان جيڪي حڪم لڳن ٿا يا نه ٿا لڳن،
ان جو احوال آهي. مون ’ڪنز الدقائق ‘ جي (طلاق
بابت) عبارت کي متن جي طريقي سان آڻي، ان جو تفصيل
سان شرح ڪيو آهي ۽ ان شرح جو نالو آهي ’شد النطاق
فيما يلحق من الطلاق ’. هن رسالي جي شروعات الله
تعاليٰ تي ڀروسو رکي 6 جمادي الاَخر سن 1133هه ۾
ڪيم ۽ ٻن ڏينهن ۾ لکي پورو ڪيم.“
لفظ ”طلاق“ جي معنيٰ آهي قيد کان آزاد ڪرڻ. شرعي
اصطلاح ۾ ڪن مخصوص لفطن سان زال کي نڪاح جي قيد
کان آزاد ڪرڻ کي ”طلاق“ چئبو آهي. طلاق جا ٽي قسم
آهن: (1) طلاق رجعي (2) طلاق بائن ۽ (3) طلاق
مغلظه.
1. طلاق رجعي: هڪ ڀيرو طلاق ڏيڻ سان رجعي طلاق
پوندي ۽ انهيءَ طلاق ۾ زال ۽ مڙس هڪ گهر ۾ رهي
سگهن ٿا. جيڪڏهن مرد رجعي طلاق واري عورت کي عدت
اندر موٽائيندو ته موٽائي سگهي ٿو، ۽ نئين نڪاح
ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.
2. طلاق بائن: بائن طلاق اها آهي، جو مرد عورت کي
ٻه دفعا طلاق چوي. ان ۾ نئون نڪاح ڪرڻ گهرجي.
3. طلاق مغلظه: مرد طلاق جا لفظ اهڙا چوي، جن کان
ٽي طلاقون واقع ٿين ته اها طلاق مغلظه آهي. ان ۾
عورت، مرد تي حرام ٿي ويندي، جا ان لاءِ حلاله کان
سواءِ حلال نه ٿيندي.(1)
مخدوم صاحب هن رسالي ۾ فقھ جي مشهور ڪتاب
”ڪنزالدقائق“ جي باب الڪنايات مان هيٺين عبارت
آڻي، پوءِ ان جو عربيءَ ۾ شرح ڪيو آهي:
”والصريح يلحق الصريح والبائن والبائن يلحق
الصريح لا البائن الا اذا کان معلقا.“
(1)
يعني ۽ صريح طلاق، طلاق صريح ۽ بائن ٻنهي سان ملي
ٿي ۽ بائن رڳو صريح سان ملي ٿي نه بائن سان، مگر
جنهن صورت ۾ بائن ڪنهن شرط تي موقوف هجي.
مخدوم صاحب ”ڪنزالدقائق“ جي عبارت آڻي، پوءِ ويو
آهي لفظن جي شرح ڪندو ۽ ڪتابن جا حوالا ڏيندو. هن
مختصر رسالي ۾ به مخدوم صاحب 28 ڪتابن جا حوالا
ڏنا آهن. مخدوم صاحب هيءُ رسالو سن 1133هه ۾ لکيو.
ان کان 33 سال پوءِ سن 1156هه ۾ طلاق صريح ۽ ڪنايھ
جي فرق سمجهائڻ لاءِ هڪ ٻيو رسالو ”تمام العناية
في الفرق بين صريح الطلاق والکناية “ نالي عربيءَ
۾ لکيو، جنهن جو احوال پنهنجيءَ جاءِ تي ايندو.
بهرحال، طلاق هڪ اهم سماجي مسئلو آهي، ان ڪري
احتياط ضروري آهي. هيءُ رسالو ان ڏس ۾ هڪ بهترين
ڪاوش آهي.
|