سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-1

صفحو :2

 

 

 

ڀاڱو پهريون

 

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ

 

جو زمانو

 

 

باب پهريون

سنڌ جو تاريخي پس منظر

الله تعاليٰ سرزمين سنڌ کي اهو شرف بخشيو آهي، جو اُن جي مردم خيز مٽيءَ مان ڪيترائي وڏا بزرگ، اولياء الله، عارف بالله، صاف دل صوفي ۽ صالح، درويش ۽ شاعر، عالم ڪامل، سگهڙ ۽ ڏاها، اهلِ قلم اديب ۽ انشا پرداز پيدا ٿيندا رهيا آهن. سرزمين سنڌ اهو خوش نصيب خطو آهي، جيڪو برصغير مان سڀ کان اول توحيد رباني، رحمتي رسالت ۽ دين اسلام جي نور کان منور ٿيو.

اسلام کان اڳ واري دور جي سنڌ جي تاريخ رڳو ڪن آثارن ۽ اهڃاڻن سان سواءِ بنهه ناپيد آهي. پهرين صدي هجريءَ جي آخر ۾ جڏهن عربن هتي جي سرزمين ۽ عوام کي اسلام جهڙي ڪامل ۽ اعليٰ دين سان روشناس ڪرايو. تڏهن کان هتي نئين دور جو آغاز ٿيو ۽ گل غنچا ٽڙڻ لڳا. ٿوري ئي وقت ۾ هتي اهڙا ته علم جا گوهر ۽ علامه اڪابر پيدا ٿيا، جن جي علمي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سڄي دنيا ۾ واسجي ويئي.

سنڌ تي انهيءَ نالي پوڻ جا ڳچ وجوه آهن، جيئن ته:

سنڌ تي اهو نالو حام بن نوح عليـھ السلام جي پـُـٽ  ”هند“  جي ڀاءُ  ”سند“  جي نالي پٺيان پيل آهي. هيءَ سڄي سرزمين ايڪهٺ ملڪن مان ٽيتاليهين ملڪ جو نالو آهي. پهرين اقليم سندس اتر کان ۽ ٻي ولايت سندس وچان لنگهي ٿي. هيءُ ملڪ پهرين، ٻي، ٽين، چوٿين ۽ پنجين ولايت ۾ مشترڪ آهي...پر هن ملڪ جو گهڻو ڀاڱو ٻي ولايت جي خط هيٺ آهي. تنهن ڪري مڪي پاڪ ۽ مديني منوره جي پاڪ سرزمين سان هن زمين جو حقيقي قرب ثابت آهي.(1)

سنڌ تي اهو نالو  ”سنڌو“  نديءَ تان پيو آهي. سنسڪرت ۾  ”سنڌو“  معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياء ...  ”سنڌو“  ندي رواجي ندين کان گهڻو وڏي هوندي هئي ۽ سمنڊ سان ڪلهو پئي هڻندي هئي. انهيءَ سبب آڳاٽن آرين اهو نالو رکيس.

 ”سنڌو“  جو ڌاتو يا بنياد آهي سنسڪرت لفظ  ”سيند“  (Syand)، معنيٰ وهڻ. انهيءَ سبب  ”سنڌو“  جي بنيادي معنيٰ آهي  ”اها ندي، جا سدائين پئي وهي.“

سنڌوءَ جو ڌاتو آهي  ”سڌ“ ، معنيٰ رکي وٺڻ يا بچاءُ ڪرڻ. سنڌو ندي جتان وهي ٿي، تن هنڌن جي رهاڪن جو ڌارين جي ڪاهن ۽ جهنگلي مرن جي حملن کان بچاءُ ڪري ٿي.

 ”قديم سنڌ“  جو مصنف مختلف ڪتابن ۽ ڊڪشنرين جي معنيٰ ۽ تحقيق کان پوءِ لکي ٿو، ته ٻئي ڌاتو ٺهي اچن ٿا، پر پهرئين معنيٰ وڌيڪ عام آهي.(1)

ڪن جو بيان آهي ته لفظ  ”سنڌو“  سنسڪرت لفظ  ”سنڌوا“  مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي چنڊ.  ”رگويد“ ، جو هندن جو پراڻو گرنٿ آهي، تنهن ۾ سنڌ جو نالو  ”سپت سنڌو“  يعني ستن ندين وارو ملڪ لکيل آهي. آرين لوڪن سنڌ تي  ”سنڌو درياءَ“  ڪري اهو نالو وڌو، جنهن جي معنيٰ آهي سمنڊ. آرين جا پاڙيسري ڀائر ايراني  ”س“  کي  ”هه“  سان پنهنجي لهجي ۾ بدلائيندا هئا، ان ڪري زند جي زبان ۾  ”سپت“  بدلجي  ”هپت“  ۽  ”سنڌ“  ڦري  ”هند“  ٿيو. هيءُ لفظ پوءِ رومن صرف و نحو جي چرخي تي چڙهي  ”اِند“  ٿيو، جو پوءِ قلابازيون کائيندو بدلجي  ”انڊيا“  ٿيو ۽ اڃا تائين مغربي زبانن ۾ مروج آهي.(2)

سنڌ جو نالو حضرت آدم عليـھ السلام جي هم شڪل پـُـٽ حضرت شيث عليـھ السلام جو ٻيو نالو آهي، جنهن کي تورات  ”سيت“  جي نالي سان سڏيو آهي ۽ رگويد  ”ورڻ“  ڪوٺيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي پاڻي، جنهن ۾ سمنڊ ۽ درياءَ اچي وڃن ٿا. الله تعاليٰ، حضرت آدم عليـھ السلام جي انهيءَ پـُـٽ کي اها عزت بخشي جو زمين خواه پاڻي جتي هـُـو رهيو، سڀ هن جي نالي سان  ”سنڌ“  ڪوٺجڻ ۾ آيا ۽ الله تعاليٰ، حضرت آدم عليـھ السلام جي ٻين سڀني پـُـٽن جي نسلن کي فنا ڪري، هن جي نسل کي دنيا جي تختي تي قائم رکيو، جو روز قيامت تائين قائم رهندو.(1))

اهلِ فارس جڏهن هن ملڪ جي هڪ صوبي تي قبضو ڪيو ته ان درياءَ جو نالو جنهن کي هاڻي سنڌو درياءُ چون ٿا، ان درياءَ جو نالو عربن جي زبان ۾  ”مهراڻ“  آهي، يعني اهلِ فارس  ”سنڌ“  کي  ”هند“  جي نالي سان سڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته پراڻي ايراني زبان ۽ سنسڪرت ۾  ”س“  ۽  ”هه“  پاڻ ۾ مٽجن ٿا، جن جا گهڻا مثال آهن. انهيءَ ڪري فارسي وارن  ”سنڌ“  کي  ”هند“  ڪري ڪوٺيو. پر عرب جيڪي سنڌ کان علاوه هن ملڪ جي ٻين شهرن کان به واقف هئا، انهن  ”سنڌ“  کي  ”سنڌ“  جي نالي سان ئي سڏيو... فرينچ ۾  ”هه“  جو حرف  ”الف“  بنجي اندر ۽ انڊيا ۽ ان جون مختلف صورتون ٿي سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو.(2)

بهرحال لغوي ۽ لفظي لحاظ کان  ”قديم سنڌ“ ،  ”جنت السنڌ“  ۽  ”عرب وهند ڪي تعلقات“  جي معنيٰ ڪنهن حد تائين ٺهڪي اچي ٿي.  ”آئينه قديم سنڌ“  جو مفروضو تحقيق طلب آهي. البت،  ”تحفـة الڪرام“  جو حوالو تاريخي لحاظ کان وزندار ۽ صحيح آهي.

سنڌ جي عظمت تاريخي طور  تسليم شده آهي. ان لاءِ رجال ۽ تاريخ جا ڪتاب شاهد آهن، ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن علمي دنيا ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. علم حديث، تفسير، فقـھ، تاريخ، شعر و ادب ۾ مشهور عظيم سنڌي عالمن ۽ اهلِ قلم بزرگن جا نالا قابلِ قدر ۽ تاريخ جي ورقن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن.

سنڌ، هندي ننڍي کنڊ جو هڪ حصو آهي، ليڪن تاريخي تهذيب، علمي ۽ ادبي لحاظ کان هن ملڪ جي تاريخ هميشه نرالي پئي رهي آهي. سنڌ جو خطو تاريخي طور تي چئن مکيه زمانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: سنڌو ماٿر جي تهذيب جو دور، قديم روايتي تاريخ کان ڏاهرجي زوال تائين جو دور، اسلامي دور ۽ انگريزن کان وٺي اڄ تائين جو زمانو.

برصغير ۾ اسلام سڀ کان پهريائين سنڌ ۾ پهتو، جنهن ڪري هتي توحيد، رسالت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ٿي. هر طرف مسجدون، محراب، منبر ۽ مدرسا جڙيا، جتي برگزيده ٻانهن، عالمن، خطيبن ۽ صالحن سنڌ ۽ هند واسين کي وحدانيت جو درس ۽ رسالت جو پيغام ڏيڻ شروع ڪيو. عربن جي زماني ۾ سوين عالم ۽ محدث حضرات جا نالا تاريخ ۽ رجال ۾ محفوظ آهن، جن تفسير، حديث، فقـھ، تصوف ۽ توحيد و رسالت جو پرچار ڪيو.

سنڌ جو ملڪ سن 92هه/711ع ۾ اسلام جي دائري ۾ آيو. ابتدا ۾ بنو اميـھ پوءِ بنو عباس ۽ آخر ۾ هباري خاندان جي عربن، سنڌ تي ٽي صديون کن راڄ ڪيو. سن 401هه/1010ع ۾ سنڌ ۾ عربن جي راڄ جو خاتمو ٿيو.

ان بعد هتي سومرن جو مقامي راڄ قائم ٿيو. سومرن جا ويهه- ٻاويهه بادشاهه ٿيا. ان دور ۾ هندستان ۾ به مسلمانن جي بادشاهي قائم ٿي، يعني غزنوي، غوري، خلجي ۽ تغلق حڪمراني ڪندا آيا. ليڪن، پوءِ به سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت برابر قائم رهي. هن دور ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر و شاعري جا اهڃاڻ ملن ٿا. فارسي زبان پڻ هتي مروج ٿيڻ شروع ٿي. هن زماني ۾ سنڌ جو دستياب پهريون تاريخي ڪتاب  ”چچ نامـھ“  فارسي ترجمي جي صورت ۾ اسان تائين پهتو.

سن 750هه/1351ع ۾ سومرن جو زوال اچي ٿو، جنهن بعد سمن ڄامن جي سلطنت قائم ٿي. ڄام فيروز، ڄام تماچي، ڄام جوڻو ۽ ڄام نظام الدين (ڄام نندو) هن خاندان جا مشهور سلاطين ٿي گذريا آهن. ٺٽو سندن تختگاهه هو. هن دور ۾ ٺٽو  ”عراق ثاني“  سڏجڻ ۾ آيو. ڄامن جي دور ۾ مخدوم بلال وڏو عالم ٿي گذريو. خود ڄام نظام الدين وڏو عالم ۽ شاعر هو. سن 927هه/1520ع ۾ ارغونن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ دولهه دريا خان ٺٽي ۾ وڙهندي مارجي ويو.

سن 927هه/1520ع کان سنڌ تي ارغونن جي حڪومت قائم ٿي. شاهه بيگ ارغون. 930هه/1524ع تائين حڪومت ڪئي. پوءِ سندس پٽ شاهه حسن ارغون حڪمران بنيو. ان دور ۾ (932هه/1526ع) بابر هندستان ۾ داخل ٿيو. ان طرح برصغير تي مغل بادشاهت قائم ٿي. شاهه حسن ارغون لاهري بندر کان ملتان تائين، مختلف قبيلن ۽ شهرن تي حملا ڪيا. آخرڪار ملتان فتح ڪري، دهليءَ جي مغلن جي حوالي ڪري ڇڏيائين. شاهه حسن ارغون سن 962هه/1555ع ۾ فوت ٿيو. کيس پٽائون اولاد ڪونه هو.

شاهه حسن ارغون کان پوءِ سنڌ جو ملڪ هن جي اميرن ورهائي کنيو. اتر سنڌ جو حصو سلطان محمود کي مليو، جنهن جو مرڪز بکر هو. هن 982هه/1574ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس ملڪ اڪبر جي لشڪر اچي والاريو. ان ريت سنڌ دهليءَ جي مغلن جي تصرف ۾ اچڻ شروع ٿي.

ملڪ جو هيٺيون حصو ترخان خاندان جي حوالي ٿيو. هن خاندان ۾ مرزا عيسيٰ ترخان، مرزا باقي ترخان، مرزا جاني بيگ ترخان ۽ مرزا غازي بيگ حڪمران ٿيا. جاني بيگ جي دور ۾ سن 1000هه/1582ع ۾ عبدالرحيم خان خانان هيٺين سنڌ تي قبضو ڪيو. ان طرح سڄي سنڌ مغلن جي حڪومت ۾ اچي وئي. ان هوندي به اڪبر  ”ٺٽي“  کي ترخانن جي حاڪميت ۾ رهڻ ڏنو. جاني بيگ کان پوءِ سندس پٽ غازي بيگ حاڪم ٿيو. هن سن 1021هه/1612ع ۾ وفات ڪئي. تڏهن جهانگير، ٺٽي کي سڌو پنهنجي عملداريءَ ۾ ورتو. سنڌ تي ترخانن جو راڄ مڪمل ٿيو. ٺٽي تي مغلن جا صوبيدار يا حاڪم سن  1150هه/1736ع تائين ايندا رهيا.

ارغون، ترخان ۽ مغل دور، تهذيبي لحاظ کان هڪ دور تسليم ڪيو وڃي ٿو. ٽنهي خاندانن سنڌ ۾ فارسي علم و ادب جي سرپرستي ڪئي. وچ ايشيا کان ايران تائين سوين عالم، اديب ۽ شاعر سنڌ ۾ پهتا. حاڪمن انهن کي انعام و اڪرام ڏنا. ان ريت پهريون ڀيرو سنڌ ۾ فارسي تصنيف و تاليف جا مستند بنياد پيا. ڳچ تاريخون لکيون ويون، تذڪرا تيار ڪيا ويا ۽ فارسي شعر و سخن جا ڪتاب وجود ۾ آيا. ان نوعيت جي ادب جي اڀياس جي اڄ به سنڌ ۾ وڏي اهميت آهي.

ارغون، ترخان ۽ مغلن سان سنڌ جي مختلف قبيلن وقت بوقت مهاڏو اٽڪايو، کين للڪاريو ۽ ڪيئي تحريڪون به هلايون. پر تاريخي طور ڪلهوڙا خاندان کي وڏي اهميت حاصل ٿي. ڇاڪاڻ ته هڪ صديءَ جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ، آخرڪار ڪلهوڙا خاندان سنڌ ۾ مغلن کي ختم ڪري، پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ميان آدم شاهه ۽ شاهه علي، مغلن سان معرڪن ۾ مارجي ويا. جهڙيءَ ريت مغلن سنڌ ۾ قدم به قدم اقتدار حاصل ڪيو، ان طرح رفته رفته سندن اقتدار جو خاتمو به ٿيو ۽ ڪلهوڙن سندن جاءِ والاري.

جديد تحقيق مان ثابت آهي، ته ميان نصير محمد ڪلهوڙو سن 1092/1681ع ۾ ڪلهوڙن جي خانداني حڪومت جو بنياد رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سندس تصرف ۾ ڪاڇو ۽ چانڊڪو پرڳڻو هئا. لاکاٽ، مورو ۽ نوشهرو فيروز به سندن قبضي ۾ اچي ويا. ميان نصير محمد جو تختگاهه  ”ڳاڙهي“  ڪاڇي ۾ هو. سندس وفات سن 1103هه/1692ع ۾ ٿي.

بعد ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙو سندس جاءِ نشين ٿيو. هن جو مرڪز به  ”ڳاڙهي“  هو. ميان دين محمد حڪومتي دائري کي اڃا به وڌايو. سبي جي پٺاڻن، قلات جي بروهين ۽ پاڙيسري زميندارن جي دشمنيءَ آخر رنگ لاتو. ملتان جو وائسراءِ شهزادو معزالدين حملي آور ٿي ڳاڙهيءَ پهتو. ڪلهوڙن ۽ مغلن ۾ خونريز معرڪا ٿيا ۽ ميان دين محمد کي گرفتار ڪري ملتان وٺي ويا، جتي هن کي سن 1111هه/1700ع ۾ ڦاسي ڏني وئي. ميان نصير محمد ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙي جا مدفن گاهه به  ”ڳاڙهي“  ۾ ئي آهن. ڪلهوڙن جي حڪومت جو هيءُ پهريون دور هو.

معزالدين جي مار ڌاڙ وقت ميان يار محمد ڪلهوڙو قلات ڏي هليو ويو هو. حالتون صحيح ٿيون، ته پاڻ سن 1113هه/1701ع ۾ وڏيءَ قوت سان سنڌ ۾ داخل ٿيو. هن ميان دين محمد جي حڪومت واري سڄي علائقي تي قبضو ڪيو. ڪاڇي مان نڪري، نسبتاً وڌيڪ ويجهي ۽ کليل خـِـطي ۾ پنهنجو تختگاهه قائم ڪيائين. هيءُ تختگاهه  ”خدا آباد“  جي نالي سان تاريخن ۾ مشهور آهي، جو موجوده دادو ضلعي ۾ موجود آهي. ميان يار محمد ڪلهوڙي کي مغلن باقاعدي تسليم ڪيو. هر ايندڙ ڏينهن تي هن جي حڪومت وڌندي رهي ۽ مضبوط ٿيندي وئي. ميان يار محمد آهستي آهستي بکر ۽ سيوهڻ تائين پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. ان طرح اتر سنڌ مان مغلن جي راڄ جو خاتمو ٿي ويو. سن 1130هه/1718ع ۾ ٺٽي جي حدن اندر مغلن ۽ شاهه عنايت جهوڪ واري ۾ معرڪا ٿيا ۽ شاهه عنايت شهيد ٿيو. سن 1131هه/1719ع ۾ خود ميان يار محمد به فوت ٿيو. کيس  ”خدا آباد“  ۾ دفن ڪيو ويو، جتي اڄ به سندس ٺهرايل عاليشان مسجد ۽ سهڻو مقبرو موجود آهي.

ميان يار محمد کان پوءِ سندس فرزند ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم ٿيو. ميان نور محمد جي دور ۾ سن 1150هه/1736ع ۾ ٺٽو صوبو به ڪلهوڙن جي قبضي ۾ اچي ويو. ان ريت سڄيءَ سنڌ مان مغلن جي حڪومت ختم ٿي ۽ سڄي ملڪ تي ڪلهوڙن جي حڪمراني قائم ٿي. افسوس! جو ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ خود اهلِ سنڌ جي اها خوشي عارضي ثابت ٿي، ڇاڪاڻ ته نادر شاهه افشار هندستان جي مارڌاڙ کان پوءِ، سن 1152هه/1740ع ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ ڪلهوڙا حڪمران. مغلن جي بجاءِ ايران جا باجگذار بنجي ويا. نادر شاهه سن 1160هه/1747ع ۾ پنهنجي اميرن هٿان قتل ٿي ويو. هن جو افغان سپهه سالار احمد شاهه هرات پهتو ۽ جديد افغانستان جو بنياد رکيائين. احمد شاهه ابدالي سنڌ تي به پنهنجي بالادستي برقرار رکي. سنڌ تي افغانن جي بالادستي ڪلهوڙن جي آخر تائين برقرار رهي. بعد ۾ احمد شاهه ابدالي سنڌ طرف به پيش قدمي ڪئي. ان زماني ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو سن 1167هه/1753ع ۾ فوت ٿيو. کيس محمد آباد ۾ دفن ڪيو ويو. هن وقت سندس مدفن شاهه پور جهانيان ويجهو، تعلقي دولت پور صفن، ضلعي نواب شاهه (موجوده ضلعو نوشهروفيروز) ۾ واقع آهي ۽ اهو قبرستان اڄ تائين  ”ميان جا قبا“  جي نالي سان موجود ۽ مشهور آهي.

ميان نور محمد ڪلهوڙو هڪ وڏو مدبر، دُورانديش ۽ ديندار حڪمران هو. سندس زندگيءَ جو عڪس سندس لکيل فارسي ڪتاب  ”منشور الوصيت“  ۾ صاف صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ ظاهري طور تي پدري شفقت ڪري پنهنجي پـُـٽن ۽ عملدارن کي وصيت ۽ نصيحت ڪيل آهي، پر ان مان سندس سنڌ وارن لاءِ پيغامِ عمل پڻ سمايل آهي. مثال طور: الله تعاليٰ جي عبادت، رسول ڪريم جي رسالت ۽ اطاعت، عالمن ۽ صالحن سان صحبت، اهل بيت جي محبت ، پدري شفقت، خيرخواهي، قرآن ڪريم ۽ درود شريف پڙهڻ جي ترغيب، موت جي يادگيري، ڪسرنفسي، سادگي، خوفِ خدا، ملڪي ورهاست، مردم شناسي ۽ سياسي حڪمت عمليءَ جو پورو نقشو چٽيل آهي.(1)

اها ٻي ڳالهه آهي، جو مهربان ۽ داناءَ پيءُ جي نصيحت تي پونير عمل نه ڪيو. فتني فساد ۽ لڙائيءَ تائين نوبت وڃي پهتي. اڳتي هلي ٽيهن سالن ۾ حڪومت ٽالپرن ۾ منتقل ٿي وئي.

ميان نور محمد پنهنجي دور ۾ هڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو. جن نازڪ حالتن سان کيس ۽ سندس اولاد کي سڄي ڄمار واسطو پوندو رهيو، سي فولادي عزم رکڻ وارن ماڻهن کي به متزلزل ۽ هراسان بنائڻ واسطي ڪافي هئا، ليڪن هنن ٻنهي پيءُ ۽ پٽن طرح طرح جي مشڪلاتن جي اونداهيءَ مان پنهنجي لاءِ عمل جي راهه هموار ڪئي ۽ پنهنجي عزيز وطن جون اهي خدمتون ڪيون، جن جو نظير صدين جي تاريخ ۾ به نه ٿو ملي. انهن خدمتن لاءِ صبر ۽ تحمل، تدبر ۽ ڏاهپ، جرئت ۽ شجاعت ۽ انتظامي مهارت کان سواءِ هن ڳالهه جي به ضرورت هئي، ته هڪ هڪ واقعي جي پڇاڙيءَ ۽ نتيجي تي گهري نظر رکي وڃي ها! ميان يار محمد وانگر ميان نور محمد ۾ به اهي وصفون اُتم درجي جون موجود هيون.(2)

ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ، وصيت موجب سندس وڏو پـُـٽ محمد مرادياب خان تخت نشين ٿيو. پر  ”فتح نامه“  جي قول موجب:

 ”ولي چون اولي العزم و غازي نبود.“ (3)

مطلب ته هو مضبوط ارادي، عزم وارو ۽ غازي نه هو. ان ڪري سندس دور ۾ ملڪ ۾ بدامني پکڙجي وئي. نيٺ اميرن گڏجي ان کي سن 1170هه/1757ع ۾ معزول ڪيو. سندس جاءِ تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙو حڪمران ٿيو. ميان غلام شاهه سان ابتدا ۾ ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان جون لڙايون ٿيون، ليڪن آخرڪار اهي خاموش ٿي ويا ۽ ميان غلام شاهه اڪيلي سر سنڌ جو والي بنجي ويو.

شروع ۾ الهه آباد، شاهه پور اول ۽ شاهه پور ثاني سندس سرڪاري مرڪز هئا. آخرڪار قديم شهر نيرون ڪوٽ جي جاءِ تي  ”حيدرآباد“  نالي پنهنجو شهر وجود ۾ آڻي، ان کي تختگاهه مقرر ڪيائين. حيدرآباد جو قيام سن 1182هه/1769ع ۾ ٿيو. ميان غلام شاهه هتي هڪ پڪو قلعو به تعمير ڪرايو، جو اڄ تائين موجود آهي. غلام شاهه هڪ برجستو حاڪم ٿي گذريو آهي. هن ڪڇ تي ٻه ڀيرا حملا ڪيا. احمد شاهه ابدالي هن جي انتظام مان راضي ٿي، کيس ديره غازي خان ۽ ديره اسماعيل خان جي حڪومت به ڏني. هن سن 1186هه/1772ع ۾ وفات ڪئي. کيس پنهنجي دارالحڪومت  ”حيدرآباد“  ۾ دفن ڪيو ويو.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان پوءِ، سندس پٽ ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو سنڌ جو والي بنيو. پنهنجي پيءُ وانگر هن به ڪڇ تي ڪاهون ڪيون. ديرن جو انتظام به سندس ذمي رهيو. سندس دور ۾ درٻاري سازشن زور ورتو. سن 1189هه/1775ع ۾ درٻار ۾ مير بهرام خان ۽ مير صوبدار خان کي قتل ڪيو ويو. ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو ان وقت هالا جي ڀرسان پنهنجي مرڪز  ”خدا آباد“  ثالث ۾ هو. آخرڪار ٽالپرن محلات تي حملو ڪيو ۽ پاڻ حيدرآباد طرف نڪري ويو. ان طرح سندس حڪومت پوري تي. ساڳيءَ ريت ڪلهوڙن جو عروج زوال پذير ٿيڻ لڳو.

جيتوڻيڪ سن 1189هه/1775ع کان 1198هه/1783ع تائين، پوءِ به ڪلهوڙن ڏهه سال کن حڪومت ڪئي، پر اهو سندن زوال جو دور آهي. ميان صادق علي، ميان غلام نبي ۽ ميان عبدالنبي ڪلهوڙو ٿوري ٿوري وقت لاءِ حڪمران بنيا. درٻاري سازشون زور وٺنديون رهيون. نتيجي ۾ مير بجار خان، مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان ٽالپر قتل ٿي ويا. سن 1198هه/1783ع ۾ هالاڻيءَ جي ميدان تي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۾ لڙايون ٿيون. ڪلهوڙن شڪست کاڌي ۽ سنڌ تي ميرن ٽالپرن جو راڄ قائم ٿيو.

جيتوڻيڪ ڪلهوڙن جودور سياسي طور تي وڏين ڪاميابين سان ڀريل ڪونهي. تڏهن به علمي ۽ ثقافتي طور تي هيءُ دور تاريخ ۾ يادگار  ”سونهري دور“  ليکجي ٿو.

هن دور ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو لاثاني شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ، مير علي شير  ”قانع“  ٺٽويءَ جهڙو بي مثل مؤرخ ۽ تذڪره نويس هن دور ۾ پيدا ڪيو. اهوئي زمانو آهي، جڏهن مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جهڙو هاڪارو عالم، اديب، استاد، مفتي ۽ مصنف ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو ۽ پنهنجو تاريخي علمي ڪردار ادا ڪيو. هيءُ تحقيقي مقالو به سندس ئي سوانح حيات ۽ علمي خدمتن تي مشتمل آهي.

 

----

 

باب ٻيو

مغل بادشاهن جو سن وار دؤر

سنڌ ۾ مخدوم صاحب جو سياسي طور اڪثر زمانو ڪلهوڙا حڪمرانن جو دور رهيو آهي. البت، ان وقت سنڌ سميت هندستان ۾ مرڪزي حڪومت مغل بادشاهن جي رهندي پئي آئي. مجموعي طور مخدوم صاحب جو ڏهن مغل بادشاهن جي دور سان واسطو رهيو آهي، يعني اورنگزيب عالمگير (سن 1068هه/1658ع - 1118هه/1707ع) کان وٺي شاهه عالم ثاني (سن 1173هه/1759 - 1221هه/1706ع) جي دور تائين. هيٺ سڀني مغل بادشاهن جو ابتدائي يعني بابر کان وٺي آخري مغل حڪمران بهادر شاهه ظفر تائين مڪمل سن وار دور جو وچور ڏنل آهي:

1. ظهير الدين بابر ابن عمر شيخ مرزا 932هه/1526ع - 937هه/1530ع

2. نصير الدين همايون ابن بابر       937هه/1530ع - 963هه/1556ع

3. جلال الدين اڪبر ابن همايون       963هه/1556ع - 1014هه/1605ع

4. نور الدين جهانگير ابن اڪبر       1014هه/1605ع - 1037هه/1627ع

5. شهاب الدين شاهجهان ابن جهانگير1037هه/1627ع - 1068هه1658ع

6. اورنگزيب عالمگير ابن شاهجهان1068هه/1658ع - 1118هه/1707ع

7. شاهه عالم اول ابن اورنگزيب       1118هه/1707ع - 1124هه/1712ع

8. جهاندار شاهه ابن شاهه عالم       1124هه/1712ع - 1125هه/1713ع

9. فرخ سير ابن عظيم الشان1125هه/1713ع- 1131هه/1719ع

10. رفيع الدرجات ابن رفيع الشان1131هه/1719ع - 1131هه/1719ع

(سوا ٽي مهينا بادشاهه رهيو، 19 ربيع

الثاني کان 20 رجب المرجب تائين)

11. رفيع الدوله ابن رفيع الشان        1131هه/1719ع - 1131هه/1719ع

(چار مهينا بادشاهه رهيو، 20 رجب المرجب   کان 17 ذوالقعد تائين)

12. محمد شاهه ابن جهان شاهه      1131هه/1719ع - 1161هه/1748ع

13. احمد شاهه ابن محمد شاهه       1161هه/1748ع - 1167هه/1754ع

14. عالمگير ثاني ابن معزالدين      1167هه/1754ع - 1173هه/1759ع

15. شاهه عالم ثاني ابن عالمگير ثاني 1173هه/1759ع - 1221هه/1806ع

16. اڪبر شاهه ثاني ابن شاهه عالم ثاني 1221هه/1806ع - 1253هه/1837ع

17. بهادر شاهه ظفر ابن اڪبر شاهه ثاني 1253هه/1837ع - 1274هه/1857ع

بهادر شاهه ظفر سن 1857ع ۾ جنگ آزاديءَ ۾ حصو وٺڻ ڪري جنوري 1858ع ۾ قيد ٿي رنگون پهتو ۽ اتي 7 نومبر 1862ع تي وفات ڪيائين.(1)

 

----

 

باب ٽيون

ڪلهوڙا دور جا اهم تاريخي، مذهبي ۽ سياسي واقعا

سن 1092هه/1681ع: ميان نصير محمد  ”ڳاڙهيءَ“  ۾ ڪلهوڙا حڪومت جو بنياد رکيو.

سن 1101هه/1688ع: مغل درٻار مان نواب زبردست خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿي آيو، پر هتي پهچڻ سان ئي مري ويو. نواب نصرت خان ٺٽي جو ٻيهر ناظم مقرر ٿي آيو.

سن 1102هه/1689ع: مخدوم صاحب جو همعصر ۽ سنڌ جو مشهور شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تولد ٿيو.

سن 1103هه/1691ع: ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وفات، ميان دين محمد پنهنجي اباڻي مسندِ ارشاد کي رونق بخشي. نواب حفظ الله خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿي آيو.

سن 1104هه/1693ع: مخدوم محمد هاشم  ”بٺوري“  ۾ ڄائو.

سن 1109هه/1698ع: مخدوم صاحب ابتدائي ديني تعليم پنهنجي والد بزرگ عبدالغفور وٽ پڙهڻ لڳو.

سن 1111هه/1700ع: غالباً مخدوم صاحب جو وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ٺٽي ۾ اچڻ. ميان دين محمد ڪلهوڙي کي ملتان ۾ ڦاسي ڏني ويئي. ان کان پوءِ ميان يار محمد مسند سنڀالي.

سن 1112هه/1701ع: ميان يار محمد کي مغل درٻار مان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو پروانو مليو. ميان يار محمد دادوءَ کان ڏکڻ طرف  ”خدا آباد“  نالي گاديءَ جو هنڌ تعمير ڪرايو.

سن 1113هه/1701ع: سعيد خان صوبيدار ٿي آيو. ميان يار محمد کي اورنگزيب طرفان عنايتون ۽ نوازشون. اتر سنڌ ۾ دائودپوٽن جي شڪست. مخدوم صاحب جي والد عبدالغفور جي بٺوري ۾ وفات.

سن 1114هه/1702ع: مير امين الدين خان حسين ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيڻ.

سن 1115هه/4-1703ع: يوسف خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو.

سن 1116هه/5-1704ع: نواب احمد يار خان ٺٽي جو ناظم ٿيو.

سن 1117هه/1706ع: ميان يار محمد هٿان نومڙين جي شڪست.

سن 1118هه/1707ع: هند ۽ سنڌ جي بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي دکن ۾ وفات، اعظم ۽ معظم جي پاڻ ۾ جنگ ۽ اعظم جو هار هائي قتل ٿيڻ.

سن 1119هه/1708ع: اورنگزيب جو پٽ شهزادو معظم، بهادر شاهه اول جي لقب سان تخت تي ويٺو.

سن 1120هه/1708ع: سعيد خان عرف عطر خان، معظم جي حڪم سان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿي آيو.

سن 1121هه/1709ع: ٺٽي جي مشهور شاعر  ”محسن“  ٺٽويءَ جي ولادت. نواب مهين خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو.

سن 1123هه/1711ع: ميان يار محمد اتر سنڌ ۾ پنهنجي طاقت وڌائڻ شروع ڪئي. شاڪر خان نواب مقرر ٿيو. نواب مهين خان ٻيهر ٺٽي جو نواب مقرر ٿيو.

سن 1124هه/1712ع: بهادر شاهه اول جي لاهور ۾ وفات. سندس پٽ معزالدين جهاندار شاهه جي تخت نشيني. خواجه محمد خليل، جهاندار شاهه جي حڪم تي ناظم مقرر ٿيو. سال جي آخر ۾ جهاندار شاهه، فرخ سير جي مقابلي ۾ شڪست کاڌي ۽ فرخ سير بادشاهه بنيو.

سن 1125هه/1713ع: عطر خان ولد سعيد خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. ميان يار محمد جي هٿان سبي ۽ ڍاڍر جي فتح.

سن 1125هه/1713ع: مخدوم صاحب  ”زادالفقير“  نالي سنڌي ٻوليءَ ۾ منظوم ڪتاب لکيو، جيڪا سندس غالباً پهرين تصنيف آهي. عطر خان ۽ لطف علي خان جي لڙائي. ٺٽي جو محاصرو. عطر خان جو مارجڻ ۽ لطف عليءَ جو ٺٽي تي قبضو.

سن 1128هه/1715ع: نواب اعظم خان ٺٽي جو والي مقرر ٿيو.

سن 1129هه/1716ع: نواب اعظم خان جو جهوڪ تي حملو ۽ صوفي شاهه عنايت الله جهوڪ واري جي گرفتاري.

سن 1130هه/1718ع: نواب اعظم خان جي هٿان صوفي شاهه عنايت جي شهادت.

سن 1131هه/1718ع: فرخ سير قيد ٿيو. جهان شاهه بن بهادر شاهه اول جو پـُـٽ روشن اختر، محمد شاهه جي لقب سان تخت نشين ٿيو. ميان يار محمد جي وفات. سندس فرزند ميان نور محمد جي جاءِ نشيني. نواب اعظم خان جي معزولي.

سن 1132هه/1719ع: مهابت خان بن منعم خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو.

سن 1133هه/1720ع: قطب الملڪ ۽ محمد شاهه جي فوجن جي لڙائي، قطب الملڪ جي گرفتاري.

سن 1135هه/1722ع: مخدوم صاحب جو حرمين شريفين حج ادا ڪرڻ ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ٺٽي مان سفر.

سن 1136هه/1723ع: مخدوم صاحب مديني منوره ۾ حضور جن جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو. ابو طاهر مدنيءَ کان علم حيث ۾ اجازت ۽ سند حاصل ڪرڻ. ٺٽي ۽ مديني جي ٽوئي جي تحقيق، ٺٽي ۽ حرمين جي پاڇي جي تحقيق ڪرڻ ۽ بعد ۾ ڪتاب لکڻ. حج ادا ڪرڻ ۽ حرمين مان واپسي. مخدوم صاحب سورت بندر ۾ آيو ۽ سيد سعدالله قادريءَ جو مريد ٿيو. خلا فت جو خرقو ڍڪيو. هندوستان ۾ عيسائي پادرين سان مناظرو ڪرڻ. سنڌ ۾ سلطان محمد خان پنهنجي پيءُ مهابت خان جي وفات کان پوءِ ٺٽي جو انتظام سنڀاليو.

سن 1137هه/1723ع: مخدوم صاحب ماه صفر ۾ حج ۽ سفر حرمين ۽ سورت بندر کان سفر پورو ڪري واپس پنهنجي ماڳ ٺٽي پهتو. نواب سيف الله ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو، جنهن جلوه گاه امامين جو مقبرو تعمير ڪرايو.

سن 1138هه/1724ع: مخدوم صاحب جو مرشد سيد سعد الله قادري سورتي وفات ڪري ويو. ٺٽي ۾ مشهور نقشبندي بزرگ ابوالقاسم جي وفات.

سن 1140هه/1727ع: سنڌ جو مشهور مؤرخ، مير علي شير  ”قانع“  ٺٽوي ڄائو، جنهن پنهنجي ڪتابن  ”تحفـةِ الڪرام“  ۽  ”مقالات الشعراء “  فارسيءَ ۾ مخدوم صاحب جو پهريون ڀيرو اکين ڏٺو احوال لکيو.

سن 1143هه/1730ع: ٺٽي جي نواب سيف الله جي وفات، نواب دلير خان جي ٺٽي ۾ مقرري، قلات جي واليءَ عبدالله خان بروهيءَ جو مارجڻ.

سن 1144هه/1731ع: ميان نور محمد کي  ”ثابت جنگ“  جو خطاب مليو. مخدوم صاحب جي مديني شريف واري استاد ابوطاهر مدنيءَ جي وفات. مخدوم عبدالرحمان کهڙائيءَ جي شهادت.

سن 1146هه/1733ع: مخدوم صاحب سنڌ جي شان ۾  ”مدح نامه سنڌ“  نالي بهترين ڪتاب لکيو. سنڌ جي مخالفن جا ان ۾ جواب ڏنا.

سن 1148هه/1735ع: 23 شوال بروز اڱاري تي نادر قليءَ  ”نادر شاهه“  جو لقب اختيار ڪري، پنهنجي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو.

سن 1149هه/1736ع: نادرشاهه هٿان قنڌار جي فتح، نواب همت دلير خان جي موقوفيءَ کان پوءِ نواب صادق علي بن سيف الله خان ٺٽي کي ٺيڪي تي کنيو. مرزا مقبل جي آمد سان صادق عليءَ جو ٺيڪو ختم.

سن 1150هه/1737ع: مغل شاهي درٻار مان ميان نور محمد کي ٺٽي جو علائقو ٺيڪي تي مليو. هن غلام محمد کي پنهنجو نائب بنائي ٺٽي موڪليو. ميان نور محمد جي ٺيڪيداريءَ کان پوءِ مغلن طرفان ٺٽي ۾ نوابن گورنرن جو اچڻ بند ٿي ويو. جيتوڻيڪ ميان جي گادي ٺٽي يا بکر ۾ نه هئي ۽ هن جي طرفان به سرڪاري ڪاروبار لاءِ عملدار مقرر ڪيل هئا ۽ پاڻ نگراني ڪندو هو.

سن 1151هه/1738ع: نادرشاهه ڪابل تي قبضو ڪيو. اتان روانو ٿي، ڪرنال ۾ محمد شاهي فوجن کي شڪست ڏني ۽ دهليءَ ۾ عام ڪوس ڪرايو. ميان نور محمد پنهنجي پـُـٽ مرادياب کي لشڪر ڏئي ٺٽي موڪليو. ان ڪڪرالي جي ڄام کي شڪست ڏني.

سن 1152هه/1739ع: نادرشاهه دهليءَ مان روانو ٿي ڪابل پهتو. اتان ڌوڪيندو عمرڪوٽ ويو. ميان ۽ نادر جو پاڻ ۾ ڳرن شرطن تي ٺاهه ٿيو.

سن 1153هه/1740ع: نادرشاهه سنڌ مان واپس قنڌار روانو ٿيو. ويندي پاڻ سان گڏ ميان نور محمد جا ٻه پٽ محمد مرادياب ۽ غلام شاهه کي يرغمال بنائي وٺي ويو. ميان جو ڪتبخانو به نادر لٽي کنيو ويو. ان کان پوءِ سنڌ دهليءَ جي مغلن کا ڦري ايران جي ڏَنَ ڀـَـرُو ٿي.

سن 1155هه/1742ع: مظفر خان بيگلر بيگي، نادرشاهه جون ٻيڙيون ڪاهي سورت کان ٺٽي پهتو. ميان نور محمد ان سان ملڻ لاءِ ٺٽي ويو. ممڪن آهي ته ميان صاحب ۽ مخدوم صاحب جي ان دوران ٺٽي ۾ ملاقات ٿي هجي!

سن 1156هه/1743ع: نادرشاهه طرفان سليمان بيگ اسلم کي سـِـڪي ۽ خـُـطبي جي نگرانيءَ لاءِ خدا آباد موڪليو.

سن 1157هه/1744ع: مخدوم صاحب جي همعصر ۽ مدمقابل عالم مخدوم محمد قائم جي مديني منوره ۾ وفات.

سن 1160هه/1747ع: ايران ۾ نادرشاهه مارجي ويو. قنڌار جي سردارن احمد شاهه ابداليءَ کي نادرشاهه جي جاءِ تي پنهنجو بادشاهه چونڊيو.

سن 1161هه/1748ع: احمد شاهه ابدالي هندستان تي حملو ڪيو ۽ شڪست کاڌي. محمد شاهه هندستان جو بادشاهه وفات ڪري ويو. مخدوم صاحب جي همعصر ۽ مدمقابل بزرگ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي وفات.

سن 1162هه/1749ع: ميان غلام شاهه خشڪيءَ رستي يرغماليءَ مان آزاد ٿي، ايران مان سنڌ پهتو. البت، مرادياب خان بحري رستي مسقط پهتو ۽ ٽي سال اتي ترسيو.

سن 1163هه/1750ع: سنڌ، دهليءَ کان بعد ۾ ايران کان پوءِ، هينئر افغانستان جي ڏَنُ ڀـَـرُو بڻي. ٺٽي جي مشهور صاحبِ ديوان شاعر  ”محسن“  ٺٽويءَ جي وفات. ميان نور محمد مشهور وصيت نامو  ”منشور الوصيت و دستور الحکومت“  نالي لکيو.

سن 1165هه/1751ع: مخدوم صاحب جي همعصر ۽ مشهور شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف جي ڀٽ شاهه تي وفات.

سن 1167هه/1754ع: احمد شاهه دُرانيءَ جو سنڌ تي حملو. 12 صفر تي ميان نور محمد جي اسي سالن جي عمر ۾ وفات. ميان صاحب جي وڏي پٽ محمد مرادياب خان جي سندس جاءِ تي تخت نشيني.

سن 1170هه/1757ع: مرادياب خان معزول ٿيو ۽ سندس ڀاءُ ميان غلام شاهه سنڌ جو حڪمران بنيو.

سن 1171هه/1757ع: ميان مرادياب خان وفات ڪري ويو. مخدوم صاحب جي استاد مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ جي وفات. ميان غلام شاهه ۽ سندس ڀائرن، عطر خان ۽ احمد يار خان وچ ۾ روهڙيءَ وٽ فيصلي ڪـُـن لڙائي لڳي.

سن 1172هه/1759ع: مخدوم صاحب ڀرپور عملي طور شريعت جي نفاد جو پروانو سنڌ جي حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان جاري ڪرايو، (2 شعبان المعظم 1172هه)

سن 1174هه/1761ع: مخدوم صاحب غالباً آخري ڪتاب  ”الوصيـھِ الهاشميـھ“  عربيءَ ۾ لکيو. مخدوم صاحب ٺٽي ۾ 6 رجب المرجب خميس جي ڏينهن وفات ڪري ويو. مير علي شير  ”قانع“  ٺٽويءَ ڪتاب  ”مقالات الشعراء “  فارسي لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب کي وقت جو  ”مجدد“  سڏيو ويو آهي.

سن 1181هه/1768ع: مخدوم صاحب جي وڏي فرزند مخدوم عبدالرحمان جي وفات. مير علي شير  ”قانع“  ٺٽويءَ پنهنجو مشهور تاريخي ڪتاب  ”تحفـةِ الڪرام“  لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب ۾ پڻ مخدوم صاحب جو قدري تفصيلي احوال آيل آهي ۽ سندس ديني خدمتن جي ساراهه ڪيل آهي.

سن 1182هه/1769ع: ميان غلام شاهه نيرون ڪوٽ ۾ قلعو تعمير ڪرائي، مٿس  ”حيدرآباد“  نالو رکي، پنهنجو تخت گاهه بنايو.

سن 1186هه/1772ع: ميان غلام شاهه جي حيدرآباد ۾ وفات. سندس پٽ ميان محمد سرفراز خان سنڌ حڪومت جون واڳون سنڀاليون. احمد شاهه ابداليءَ جي قنڌار ۾ وفات ٿي.

سن 1187هه/1773ع: مخدوم صاحب جو ٻيو فرزند مخدوم عبداللطيف، ميان سرفراز خان جي لشڪر ۾ قاضي القضاة مقرر ٿيو.

سن 1189هه/76-1775ع: ميان سرفراز خان کان سياسي غلطيون ٿيون، ان ڪري سندس ڀاءُ محمود خان مسند نشين ٿيو. محمود خان جلد معزول ٿيو. ميان غلام النبي حڪمران بنيو.

سن 1190هه/77-1776ع: ميان غلام النبي شهيد ٿيو. ميان عبدالنبي سنڌ جو والي بنيو. محمد سرفراز خان، ان جو پـُـٽ محمد خان، ڀاءُ محمود خان ۽ چاچو عطر خان، قيد ۾ عبدالنبيءَ جي ماڻهن هٿان مارايا ويا.

سن 1193هه/1779ع: مدد خان سنڌ ۾ قهر بنجي آيو ۽ ظلم مچايو. مير بجار خان، عبدالنبيءَ جي دور ۾ ماريو ويو. عبدالنبي حڪومت ڇڏي فرار ٿي ويو. صادق علي خان حڪومت جي مسند تي ويٺو.

سن 1198هه/1783ع: ميان غلام شاهه کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ميان محمد سرفراز، محمود خان، غلام النبي، عبدالنبي، صادق علي خان، دوباره عبدالنبي حڪومت ڪندا رهيا. پاڻ ۾ سندن حڪمرانيءَ تان مار ڌاڙ، ڪشت و خون جو سلسلو جاري رهيو. آخر ٽالپر سنڌ جا حڪمران بنيا ۽ ائين ڪلهوڙا دور جو ميان عبدالنبيءَ تي خاتمو ٿيو.

 

----


 


(1) مير علي شير  ”قانع“  ٺٽوي:  ”تحفة الڪرام“ - جلد 3 (فارسي)، مطبع ناصري، 1304هه، ص 2

(1) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي:  ”قديم سنڌ“ ، ص 44، 45

(2) رحيمداد خان مولائي شيدائي:  ”جنت السنڌ“ ، ص 4

(1) ) شمس الدين قريشي:  ”آئينه قديم سنڌ“ ، ڏسو مقدمو ص 1

(2) سيد سليمان ندوي:  ”عرب و هند ڪي تعلقات“ ، (اردو) ص 36

(1) ميان نور محمد ڪلهوڙو:  ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ ،  فارسي(تلخيص))

(2) مولانا غلام رسول مهر:  ”تاريخ سنڌ - عهد ڪلهوڙا“  - جلد 1 (اردو)، ص 65 - 564

(3) مير عظيم الدين ٺٽوي:  ”فتح نامـھ“  (فارسي)، ص 29

(1) شاهنواز خان:  ”ماثر الامراء “  - جلد 3، مترجم: محمد ايوب قادري، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، 1970ع، ضميمو 1، ص 808

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org