سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-

صفحو : 23

 

 الوصية الهاشميھ

مخدوم صاحب جو هيءُ رسالو اندازاً سن 1174 هجري جو لکيل آهي. جو پاڻ وفات کان اڳ لکيو هوندائين. هيءُ رسالو 10 صفحن تي مشتمل آهي. صفحي جي ڊيگهه ڇهه انچ ۽ ويڪر چار انچ آهي. هر صفحي ۾ 16 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 10 لفظ آهن. دستياب نسخو 3 جمادي الاخر 1282 هجري جو لکيل آهي ۽ ان جو ڪاتب حاجي رجب هالائي آهي. راقم، اهو قلمي نسخو مؤرخه 30 ڊسمبر 1992ع تي پروفيسر غلام محمد لاکي سان گڏ شهر سونڊا ۾ قاضي محمد موسيٰ جي ڪتب خاني ۾ ڏٺو ۽ هن صاحب قرب ڪري ان جو عڪس به فراهم ڪيو.

هن رسالي جا قلمي نسخا درسگاه چوٽياري، جامعھ راشديھ - پير جو ڳوٺ، مولوي غلام محمد ڏاهري - مورو، مولوي محمد طفيل نقشبندي - مڪلي ٺٽو، نيشنل ميوزيم - ڪراچي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لائبريري - حيدرآباد ۾ موجود آهن. ”وصية هاشمي“ جو فارسي ترجمو چوٽياريءَ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ آهي. هن رسالي جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر محمد اشرف سمي ڪيو آهي، جو الراشد اڪيڊمي ڪراچي طرفان اشاعت هيٺ اچي چڪو آهي.

مواد جو وچور:

هر دور ۾ نيڪ ۽ صالح ٻانها پنهنجي اولاد پوئلڳن کي وصيتون ۽ نصيحتون ڪندا رهيا آهن. قرآن مجيد جي سورة لقمان ۾ حضرت لقمان عليھ السلام جي پنهنجي پـُـٽ کي وصيت آيل آهي، جنهن ۾ نيڪي ۽ هدايت جي تلقين ڪيل آهي. خود مخدوم صاحب جي دور جي همعصر حڪمران، ميان نور محمد ڪلهوڙي (وفات 1167هه) جو وصيت نامو ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ فارسيءَ ۾ لکيل مشهور آهي. ان ۾ به ميان صاحب پنهنجي اولاد کي نهايت نيڪ نصيحتون لکيون آهن. حضرت نبي جو ارشاد مبارڪ به آهي:

 ”ما حق امريءِ مسلم لھ شيءٌ يوصيٰ فيھ يبيت ليلتين الا وصية مکتوبة عنده.“ (1) مطلب ته مسلمان جي مٿان هيءُ حق آهي ته ان وٽ وصيت جهڙي شيءِ هجي ته اهو ان حال ۾ ٻه راتيون به نه گذاري، پر ان وٽ پونير لاءِ وصيت لکيل موجود هجي.“

مخدوم صاحب به مرض الموت ۾ حضور پاڪ جن جي انهيءَ مٿئين حديث پاڪ تي عمل ڪندي، پنهنجي پونير لاءِ ”الوصية الهاشمية “ نالي رسالو لکيو. مخدوم صاحب هن رسالي ۾ پنهنجي ٻن پٽن - مخدوم عبدالرحمان ۽ مخدوم عبدالطيف ۽ ٻين شاگردن، مريدن ۽ معتقدن کي وصيت ڪئي آهي. هن رسالي ۾ خدا جي خوف، تقويٰ ۽ ذڪر اذڪار جي تلقين سان گڏوگڏ، دين جي ٻين ڪيترين ضروري ڳالهين بابت تاڪيد فرمايل آهي. ان ۾ دين جي درد رکندر عام مسلمانن لاءِ به نهايت نفعي بخش وصيت آيل آهي.

مخدوم صاحب قرآن ڪريم جي آيتن، حضور جي حديثن ۽ عربي ۽ فارسي شعرن سان وصيت نامي کي مائيدار بنايو آهي. سندس وصيت ۾ ڪيئي نصيحت جا نڪتا سمايل آهن.

هر علم ۽ عمل جو سرچشمو خدا جو خوف ۽ تقويٰ آهي. مخدوم صاحب به وصيت نامي جي شروعات ان سرچشمي سان ڪئي آهي. حمد ۽ صلواة کان پوءِ مخدوم صاحب لکي ٿو:

 ”اي عبدالرحمان ۽ عبدالطيف! منهنجا ٻئي چڱا فرزندؤ! اوهان جو پالڻهار اوهان کي آفتن کان بچائي ۽ پنهنجي لطف سان اوهان ٻنهي کي توفيق عطا فرمائي. سمجهدار طالبن ۽ مريدن مان پيارا دوستو! آئون اوهان کي هر حال ۾ الله تعاليٰ کان ڊڄڻ جي وصيت ڪريان ٿو. ڇو ته الله تعاليٰ جو خوف ۽ تقويٰ هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن تي سڀني عملن جو دارومدار آهي ۽ ان ۾ سڀ ڪو ڪمال سمائجي وڃي ٿو.“

اهڙيءَ ريت مخدوم صاحب وصيت نامي جي پڄاڻي هن دعا تي ڪئي آهي:

 ”اي منهنجا الله! تنهنجو گنهگار ٻانهو گناهن جو اقرار ڪري، تنهنجي درگاهه ۾ آيو آهي. جيڪڏهن تون بخش ڪندين ته حقيقت ۾ بخشش ڪرڻ تنهنجي ئي لائق آهي. جيڪڏهن تون ڌڪاري ڇڏيندين ته توکان سواءِ ڪوبه رحم ڪرڻ وارو ڪونهي. هن ضعيف کان خطائون ٿيون آهن. پوءِ تو وٽ توبھ تائب ٿي، تنهنجي رضا ۽ رحم جو اميدوار بنجي آيو آهي ۽ اي نگهبان! عاصي بي فرمان بنجي تنهنجي دربار ۾ آيو آهيان.“


 

 

بياض هاشمي

تصنيف جو سال: غالباً سن 1174 هجري ۾ مڪمل ٿيو.

ڪاتب جو نالو: جلد اول: عبدالرزاق بن ملا زڪريا بن ابو الفضل بن آخوند عبدالله. جلد ثاني: ڪاتب نامعلوم.

ڪتابت جي تاريخ: جلد اول: 10 رمضان المبارڪ 1186هه جلد ثاني: تاريخ ڪتابت نامعلوم.

صفحن جو تعداد: جلد اول: 408 ورق. جلد ثاني: 179 ورق. ٽوٽل صفحا 975. صفحي جي ڊيگهه ٻارهن انچ ۽ ويڪر نوَ انچ آهي.

موضوع: علم الفقھ

متن جي شروعات: هو المستعان. بسم الله الرحمان الرحيم. کتاب العلم وفيھ اربعة ابواب. الباب الاول في بيان فضل العلم و آدابھ وما يناسب بباب العلم و التعليم و تعلم.

خاتمو: من سب اکبر العلماء فيھ يعود الي النبي فيجب قتلھ ولم يقبل توبتھ لان اکبر العلماء محمد رسول الله 12 فتاويٰ سمرقندي وکذا في المحيط من عينھ . بياض مخدوم مولانا.

ڪاتب جي صورتخطي: هن بياض جو پهريون جلد تمام صاف ۽ سٺي صورتخطيءَ ۾ عربي طرز تحرير جو نمونو آهي، جڏهن ته ٻيو جلد فارسي طرز تحرير ۾ ۽ نهايت سادي صورتخطي ۾ آهي.

مجموعي خصوصيات: بياض هاشمي تمام گهڻين خاصيتن سان ڀرپور هڪ علمي شاهڪار آهي. راقم وٽ موجود پهريون جلد مخدوم صاحب جي وفات کان رڳو ٻارهن سال پوءِ سنه 1186هه جو لکيل نسخو آهي. بياض جو ٻيو جلد به تمام جهونو ۽ ڪرم خورده آهي. ڪاغذ ٿلهو بادامي رنگ اٿس، پر پڙهڻ ۾ صاف آهي. هن جلد تي ڪتابت جو سال ۽ ڪاتب جو نالو لکيل ڪونهي. ڪتاب الوصايا تي پورو ٿئي ٿو. غالباً آخر ۾ ناقص آهي.

بياض جي خاص خوبي هيءَ آهي ته هر مسئلي کي گلڪاري نموني لکيو ويو آهي. هر مسئلو الڳ گل نموني ۽ ڌار ڌار پـُـر پيچ حاشيي وانگر درج ٿيل آهي، جنهن ڪري هر مسئلي کي الڳ ڪري سمجهڻ ۾ غور فڪر ۽ توجھ ڪرڻو پوي ٿو. راقم کي پهريون. جلد ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي نواب شاهيّ جي ذريعي عڪس ٿي مليو. سندس چوڻ موجب ته اهو ڳڙهي ياسين واري قلمي نسخي جو عڪس آهي. بياض جو ٻيو جلد محترم استاد علامھ مولانا ڪريم بخش مگسي - مدرسھ دارالقرآن ميهڙ ۽ ڊسٽرڪٽ خطيب اوقاف ضلع دادو واري کان تحفي طور مليو. بياض هاشمي جا نسخا هيٺين ڪتاب خانن ۾ موجود آهن: همايون شريف، چوٽياري، ڳڙهي ياسين، امروٽ شريف، درگاهه کهڙا، درگاهه خياري تعلقه سڪرنڊ، جامعھ راشديھ پير ڳوٺ، جوڻاڻي شريف تعلقه واره، درگاه پير جهنڊو نزد سعيد آباد، ڪوٽڙي ڪبير، محمد سعيد صديقي شڪارپور، مدرسھ ڪنزالعلوم سومراڻي ضلع شڪارپور، علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي لائبريري حيدرآباد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حيدرآباد، سينٽرل لائبريري ۽ سنڌالاجي لائبريري ڄام شورو ۽ مدرسھ مجدديھ نعيميھ ، ملير - ڪراچي ۽ مفتي عبدالرحيم سڪندري لائبريري شاهپور چاڪر.

مواد جو وچور:

دراصل لغت ۾ لفظ ”بياض“ جي معنيٰ آهي ”سفيدي، اڇاڻ، چمڪ ۽ مسودي کي صاف ڪري لکڻ.“ (1)

عام اصطلاح ۾ جيتوڻيڪ علمي ياداشت خاطر لکيل احوال واري ڪتاب کي ڪيترن نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جيئن: ڪشڪول، جـُـنگ، تذڪره، گنج ۽ بياض وغيره. بياض ۾ عام طور شعرن جو انتخاب ڏنل هوندو آهي. ان سان گڏ مطالعي دوران مختلف ڪتابن تان پڙهيل دلچسپ مواد، علمي تحقيق، عجيب نڪتا، نصيحتون ۽ شعر وغيره پڻ شامل هوندا آهن. ڪڏهن وري ذاتي ۽ خانداني احوال، خاص سن، ڄمڻ ۽ مرڻ جون تاريخون، ڪن اهم واقعن ۽ خاص حادثن بابت يادگيريون، اهم تاريخي واقعا ۽ مجرب طبي نسخا به بياض ۾ درج هوندا آهن.

اڳئين وقت ۾ اهو رواج هو ته اڪثر عالم، طالب علم، حڪيم ۽ شاعر پاڻ وٽ نوٽ بڪ يا اڇا پنا بندي نموني رکندا هئا، جنهن ۾ وقت بوقت ضروري يادداشتون نوٽ ڪيون وينديون هيون، پر وقت جي عالمن، استادن ۽ فقيهن وري ان کي نئون رخ ڏنو، يعني مطالعي دوران فقهي ديني مسئلن ۽ انوکن تحقيقي نڪتن کي فقهي ترتيب سان اهڙي ريت چونڊي لکيو، جو ڄڻ ته اهو بياض هڪ فقهي ڪتاب بنجي پيو. ان دور ۾ يا اڳتي هلي مختلف عالمن طرفان فقهي ترتيب ڏنل اهي بياض ۽ ڪتاب انهن مرتب ڪندڙ عالمن جي نالي سان بياض سڏيا ويا. سنڌ ۾ اهڙا ڪئين علمي بياض ڪافي مشهور آهن، جيئن: بياض گرهوڙي، بياض واحدي، بياض همايوني، بياض آريجوي، بياض يمشي، بياض قاسمي، بياض ڪريمي ۽ بياض قادري وغيره.

بياض هاشمي به مخدوم صاحب جي سڄي زندگيءَ جو تحقيقي مطالعي جو نچوڙ ۽ مختلف فقهي مسئلن بابت ورتل نوٽن جو يادگار ضخيم ڪتاب آهي، جنهن ۾ ديني مدرسن جي فقهي درسي ڪتابن وانگر ”بياض هاشمي“ جو مواد ڪتاب العلم ۽ ڪتاب الطهارت ڪتاب الصلواة کان شروع ٿي، ڪتاب الوصايا تي اختتام پذير ٿئي ٿو. ان ۾ قرآن، حديث، فقھ ، تاريخ ۽ تصوف جا سوين ديني مسئلا سمايل آهن ۽ ڪتابن جا حوالا پڻ شامل آهن.

مخدوم صاحب کي درس تدريس، تصنيف تاليف، تحقيق ۽ مطالعي دوران جيڪي اهم، ناياب ۽ تحقيقي مقام، مسئلا ۽ عبارتون سامهون آيون، تن کي پاڻ هڪ الڳ بياض ۾ نوٽ ڪندو ويو، جيڪو هاڻي ”بياض هاشمي“ جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي.

بياض هاشمي جي علمي اهميت:

بياض هاشمي سنڌ جي علمي دنيا ۾ مڃيل علمي ذخيرو ۽ فقهي انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت ۾ مشهور آهي. مولانا عبيدالله سنڌي (1862ع -1944ع) جنهن اعليٰ ذهني لياقت، غور و فڪر ۽ عميق مطالعي کان پوءِ اسلام قبول ڪيو هو، تنهن هن ويجهي پوئين دور ۾ علم ۽ عالمن جي اسناد ۽ سلسلن جي باري ۾ ”التمهيد لتعريف ائمة الجديد“ نالي عربي ۾ هڪ بهترين ضخيم ڪتاب لکيو آهي. انهيءَ مذڪوره ڪتاب ۾ هـُـن پاڻ کي علم حديث جي ڳچ واسطن سان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو شاگرد ڪري ڄاڻايو آهي.(1) ازانسواءِ، مولانا عبيد الله سنڌيءَ ”بياض هاشمي“ جي اهميت ۽ عظمت جو پڻ اعتراف ڪيو آهي. ان باري ۾ سندس شاگرد، علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي لکي ٿو:

 ”علم حديث جو هڪ فن آهي. مختلف حديثن ۾ تطبيق ڏيئي مطابقت ۽ موافقت پيدا ڪرڻ - اهو فن نهايت مشڪل سمجهيو ويندو آهي. انهيءَ فن ۾ صحيح طرح اهو عالم ئي ڪم ڪري سگهي ٿو، جنهن کي اجتهاد جو درجو حاصل هوندو. منهنجو استاد علامھ عبيدالله سنڌي فرمائيندو هو ته، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي مجموعھ بياض (بياض هاشمي) جي مطالعي سان انهيءَ فن ۾ مون کي ڪمال حاصل ٿيو.“ (1)

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي وڌيڪ لکي ٿو:

 ”چوڏهين صدي هجريءَ جو حافظ الحديث علامھ سيد انور شاهه ڪشميري مرحوم پنهنجي تصنيف ۾ ڪيترين جاين تي جڏهن کيس سنڌ جي انهيءَ محقق عالم (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي) جي تحقيق ملي ٿي ته ان کي ٻين سڀني عالمن ۽ جليل القدر محققن جي تحقيق کان وڌيڪ اهميت ڏئي، انهيءَ (مخدوم) جي قول کي اهميت ڏئي ٿو.... فقھ ۽ حديث ۾ مخدوم صاحب جي بلند پايه تحقيقن کي ڏسندي، جيڪڏهن کيس وقت جو ”حافظ ابن همام“ يا ”حافظ ابن حجر عسقلاني“ سڏجي ته وڌاءَ نه ٿيندو.“ (2)

 ”بياض هاشمي“ جي اهميت انهيءَ مان به ظاهر آهي، ته خود مخدوم صاحب جي دور ۾ اڪثر عالمن ۽ مدرسن جي ڪتب خانن ۾ اهو نقل ٿي پهچي چڪو هو. مخدوم صاحب جي همعصر، وڏي عالم ۽ صوفي - مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1152هه - 1192هه) جي هٿ جو لکيل ”بياض هاشمي“ جو قلمي نسخو هن وقت به چوٽيارين جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. اهڙيءَ ريت سنڌ جي اڪثر قديم ۽ جهونن ڪتب خانن ۾ بياض جا قلمي نسخا اڄ به موجود آهن.

 ”بياض هاشمي“ جي علمي عظمت سنڌ ۾ هر مڪتبھ فڪر وٽ مڃيل آهي. علامھ قاسمي هڪ علمي مناظري جي احوال ۾ لکي ٿو:

 ”سنڌ جي پوئين علمي دور ۾ عالمن کي ٻن نالن سان ياد ڪيو ويندو هو: هڪ همايوني ٻيو امروٽي، انهيءَ دور ۾ ذبح فوق العقده تي سنڌي مفتين جي فتوائن جي ڏي وٺ ٿي. همايوني فڪر جا علماء ٻنهين جي حلال جا قائل هئا ۽ مولانا سيد محسن شاهه هڪ کي حلال ۽ ٻئي کي حرام سڏي رهيو هو. ٻنهي جون تحريرون هليون. علامھ ياسيني محمد قاسم ان جي خلاف هو. ظاهري طرح تحريرن ۾ مولانا محسن شاهه جو پاسو قوي هو. همايون ۾ مناظرو به رکيو ويو. تڏهن مولانا محمد قاسم ياسيني طرفان حلت لاءِ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ”بياض“ جي هڪ جزئي ڏيکاري وئي، جنهن سڀني کي خاموش ڪري ڇڏيو.“ (1)

علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي ”بياض هاشمي“ جي باري ۾ سنڌ جي حوالي سان وڌيڪ لکي ٿو:

 ”بياض هاشمي جي چوٿين جلد جو هڪ چڱو ڀاڱو سنڌ جي ديني تاريخ ۽ فضيلتن تي لکيو ويو آهي. هن کان اڳ ڪنهن به ديني عالم پنهنجي ديني تصانيف ۾ ائين نه ڪيو آهي.“ (2)

رچرڊ برٽن پڻ پنهنجي سنڌ بابت هڪ تصنيف ۾ ”بياض هاشمي“ جو ذڪر ڪيو آهي.(3)

بياض هاشمي ۾ سنڌي عالمن جا حوالا:

هونئن ته مخدوم صاحب پنهنجي تصنيفات ۾ جابجا ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، پر بياض ۾ سوين ڪتابن جا حوالا شامل آهن. مخدوم صاحب ”بياض هاشمي“ ۾ خاص ڪري سنڌ جي اڪثر اڳين توڙي همعصر عالمن جا نالا حوالي طور ذڪر ڪيا آهن، جيئن: مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم حامد اگهمي- ساڪن قلعه اگهم، مخدوم قاضي فريد ٺٽوي، شيخ محمد قائم علماء سنڌ، مخدوم پير محمد هالاره ۽ شيخ محمد شفيع، شيخ عنايت الله مفتيان بلده ٺٽه.

مخدوم صاحب بياض ۾ مختلف مسئلن ۾ ڪتابن ۽ عالمن جا حوالا آڻي، آخر م پنهنجي تحقيق لکندو ويو آهي. اڪثر جاين تي پنهنجو نوٽ لکي، پڇاڙيءَ ۾ پنهنجو نالو هن ريت لکيو اٿائين:

محمد هاشم عفي عنھ

محمد هاشم غفرلھ

محمد هاشم عليھ الرحمة والغفران

محمد هاشم بن عبدالغفور غفرلهما

محمد هاشم غفر الله لھ ولوالديھ

هذا ماحققھ الفقير الراجي اليٰ رحمة الصبور محمد هاشم بن عبدالغفور عفي عنھ .

بهرحال ”بياض هاشمي“ ۾ وڏو علمي يڪجا خزانو سمايل آهي، جنهن ۾ آسانيءَ خاطر مواد جي ورڇ فقهي ترتيب موجب - ڪتاب، باب ۽ فصل وار سٽيل آهي. ان ڪري هر مسئلي کي سهنجائيءَ سان ڳولي، حوالي طور ڪم آڻي سگهجي ٿو. هيءُ مخدوم صاحب جو اهلِ سنڌ جي علمي دنيا تي وڏو احسان آهي. مفتي محمد جان نعيمي سنڌي ملير ڪراچي وارو بياض هاشمي کي ايڊٽ ڪري رهيو آهي.

 

------

 

خطبات هاشميھ

هيءُ ڪتاب مخدوم صاحب جي تصنيفات ۾ هڪ بلڪل نئين دريافت آهي. هن رسالي جو ڪنهن به فهرست ۾ نالو آيل ڪونهي. هيءُ رسالو مفتي محمد جان نعيميءَ، مفتي اعظم سنڌ اڪيڊمي، دارالعلوم مجدديھ نعيميھ - ملير، ڪراچي طرفان سيپٽمبر 1990ع ۾ عربيءَ ۾ شايع ڪرايو آهي.

هن ڪتاب جو مقدمو 4 صفحا، متن 47 صفحا، جملي 51 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه ساڍا اٺ انچ ۽ ويڪر ساڍا پنج انچ آهي. هر صفحي ۾ 12 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 9 لفظ آهن. راقم کي اهو ڇپيل ڪتاب مرتب کان تحفي طور مليو.

مواد جو وچور:

جمعي نماز پڙهڻ جو حڪم قرآن مجيد ۽ حديث مبارڪ ۾ آيل آهي. انهيءَ سلسلي ۾ فقيهن پڻ تحقيق ڪري، جمعي نماز جماعت سان پڙهڻ لاءِ شرعي لحاظ سان شرط مقرر ڪيا آهن. انهن مان فقھ حنفي موجب ”مصر“ به هڪ شرط آهي. حضرت امام ابوحنيفه جي مسلڪ مطابق وڏن شهرن ۾ جمعو پڙهي سگهبو، البت ٻهراڙيءَ ۽ ڳوٺن ۾ شهر جي شرط نه هجڻ ڪري جمعي نماز جو عدم جواز ٿئي ٿو. مخدوم مئيڏنه نصرپوري - مخدوم صاحب جي شاگرد - مخدوم عبدالرحيم، مخدوم محمد هاشم، مخدوم ضياءَ الدين ۽ ٻين عالمن جي تحرير نقل ڪري جمعي نماز پڙهڻ جي جواز ۾ لکيو آهي ته:

 ”جڏهن ته هن زماني ۾ شريعت جي احڪامن جي اجراء ۾ سـُـستي اچي وئي آهي ۽ حدود ته بنهه غائب ٿي ويون آهن، بلڪه قاضين کان به گهڻو ڪري اهڙا اختيارات کسيا ويا آهن. ان ڪري جي اصل مذهب جي روايتن تي فتويٰ ڏجي ٿي ته ڪن ٿورين جاين کان سواءِ - جمعه، جيڪو دين جي وڏن احڪامن مان آهي، جائز نه ٿي سگهندو. بلڪه هن ملڪ (سنڌ) ۾ مشڪل آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته هن بابت ٻين روايتن تي عمل ڪيو وڃي ته ديني شعائر ۽ احڪام هٿ کان نه وڃن. جڏهن قاضي اجازت ڏئي ته امام محمد جي روايت يا امام شافعي يا امام مالڪ جي قول تي اتفاق سان نماز جمعه جائز ٿيندي.“ (1)

ان ڏس ۾ سنڌ جي قاضي القضاة، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ سنڌ جي ٻين محقق عالمن جي اتفاق راءِ سان قاضي جي حيثيت ۾ ضرورت جي بناء تي امام محمد، امام شافعي ۽ امام مالڪ جي روايتن تي عمل ڪندي فتويٰ جاري ڪئي، ته سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ جي اجازت آهي.(2) مخدوم صاحب جي تحرير تي هنن عالمن جون صحيحون ٿيل آهن: مخدوم ضياء الدين ٺٽوي، مفتي عزت الله، مفتي محمد مقيم، قاضي ابوالحسن، قاضي عبدالرحمان ۽ عبدالله.

هن پوئين دور جي مشهور مفتي، مولانا عبدالغفور همايوني (1221هه-1336هه) پنهنجي فتويٰ ۾ لکيو آهي:

 ”جتي مصر جي تعريف پوري نه اچي، بلڪه اهڙو ڳوٺ جتي چاليهه مرد عاقل بالغ آزاد مسلمان رهندا هجن، ته اهڙي ڳوٺ ۾ امام شافعي جي مسلڪ ۾ جمعي جي نماز قائم ڪرڻ واجب آهي ۽ حنفي مسلڪ ۾ ناجائز آهي. ان ڪري احتياط هن ۾ آهي ته امام شافعي جي مسلڪ تي رعايت ڪندي، جمعي جي نماز پڙهي وڃي ۽ جمعي جي نماز کان بعد چار رڪعتون آخر ظهر پڙهجن ته فقيهن جي اختلاف کان بچي ۽ ظهر نماز يقيناً ادا ٿي وڃي.“ (1)

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي طرفان ڳوٺن ۾ جمعي نماز جي جواز کان پوءِ سنڌ جي جهرجهنگ ۾ جمعي ۽ عيد جون نمازون عام ٿيون. مخدوم صاحب جي فتويٰ جي پيش نظر اڄ به شهرن سان گڏ ٻهراڙين جي ڳوٺن جا هزارين لکين مسلمان خدا جي فرض جمعي جي نماز جماعت سان پڙهي پنهنجي خالق جي حضور ۾ حاضر ٿين ٿا. اهو عام مشاهدو آهي ته ڀلي عام ٻهراڙيءَ جا هاري ناري ۽ مسڪين مزدور ماڻهو ٻي نماز نه پڙهن، پر جمعي جي نماز پابنديءَ سان پڙهن ٿا. گنهگار ٻانها وهنجي سهنجي، پاڪ صاف ڪپڙا ڍڪي، جمعي جي ڏينهن نماز پڙهي، توبهه جا حقدار بنجي، ثواب حاصل ڪن ٿا. اڃان تائين سنڌ جي شهرن وانگر ٻهراڙي ۾ مزدور مڙو جمعي جي ڀلاري ڏينهن موڪل ڪري ٿو ۽ هاري ناري به جمعي جي نماز پڙهڻ کان پوءِ ڪڻڪ ٻاجهري وغيره جي بٽائي ڪري ٿو. هن وقت شهرن سان گڏ ٻهراڙين جي ڳوٺن ۾ جمعي نماز جا روح پرور اجتماع ڏسي مخدوم صاحب لاءِ دل مان اها دعا نڪري ٿي، ته اي الله! مخدم صاحب جي فتويٰ ڪري جيئن ڳوٺن جون مسجدون آباد ٿيون آهن، تيئن سندس قبر کي نور سان ڀرپور ڪر! دراصل، مخدوم صاحب جي هن فتويٰ مان سندس ديني جذبي، اسلام ۽ نماز سان محبت ۽ عام سنڌ جي ماڻهن جي اصلاح جو پتو پوي ٿو.

ٻنهي جهانن جا سردار، حضرت محمد رسول الله جن جمعي نماز، عيدن، لڙاين ۽ ٻين ضروري موقعن تي پنهنجي اصحابن سڳورن کي هدايتون نصيحتون ڪندا ۽ خطبا ڏيندا هئا. ان سلسلي ۾ ”حجة الوداع“ وارو خطبو اسلامي تاريخ ۾ هڪ وڏي اهميت رکي ٿو. گويا اهو اسلامي زندگي گذارڻ جو مختصر ۽ جامع منشور آهي.(1)

اهو خطابت جو سلسلو حضور جن کان وٺي اڄ تائين جاري آهي. وڏا وڏا مفسر، عالم، محدث، فقيھ ۽ واعظ موقعي مناسبت سان عام ماڻهن کي خطبن ذريعي الله ۽ رسول جو پيغام پهچائيندا پئي آيا آهن.

مخدوم صاحب به ان سنت نبوي يعني خطابت جو سلسلو جاري رکيو. پاڻ هر جمعي تي ”جامع خسرو“ مسجد، محله دابگران - ٺٽي ۾ وعظ ڪندو هو ۽ ان بعد جمعي ۽ عيدن تي عربيءَ ۾ مختصر خطبو پڙهندو هو. جيئن هن وقت سنڌ ۾ لاڙ پٽ ۾ ”عثماني خطبو“ ۽ وچولي ۽ اتر سنڌ ۾ ”جتوئيءَ جو سنڌي خطبو“ مشهور آهن. مخدوم صاحب جا اهي عربي خطبا، جيڪي جمعي ۽ عيدن تي پڙهندو هو، سندس شاگرد رشيد مخدوم عبدالله بن محمد رحمة الله عليھ پنهنجي ڪتاب ”جامع الکلام في منافع الانام“ ۾ ”الخطبات الهاشمية في العيدين والجمعة “ جي عنوان سان نقل ڪيا آهن. مفتي محمد جان نعيمي مدرسھ مجدديھ نعيميھ - ملير، ڪراچي واري اهي عربي خطبا ان قلمي ڪتاب تان اتاري ڪتابي صورت ۾ ”خطبات هاشمية “ نالي شايع ڪيا آهن. خطبات هاشميھ جي ڪتابت ۽ طباعت تمام سهڻي آهي. هن رسالي ۾ هي خطبا شامل آهن: جمعي جا ٻه خطبا اول ۽ ثاني، جمعة الوداع جو خطبو اول ۽ ثاني، عيدالفطر ۽ عيد الاضحيٰ جا ٻه ٻه خطبا اول ۽ ثاني - جملي پنج خطبا آهن. هن عربي خطبي جي ڳولا ۽ حفاظت جو سهرو - مفتي محمد جان نعيمي، ملير - ڪراچيءَ واري جي سر سونهين ٿو.

------

 

رد الرسالہ المعينيہ

مخدوم صاحب ٺٽي جي مشهور عالم، مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي رد ۾ چند رسالا لکيا آهن. هيءُ مختصر ٻن صفحن جو تحرير نما رسالو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. مخدوم صاحب خلافت ۾ اهلِ سنت جي عقيدي جو قائل هو. مخدوم محمد معين ٺٽويءَ خلفاء راشدين بابت حديث، رجال ۽ تاريخ ۾ آيل مشهور صحيح ترتيب جي خلاف حضرت علي رضي الله عنھ کي ٽن خليفن سڳورن کان افضليت جي جواز ۾ رسالو لکيو هو.

مخدوم صاحب هن مختصر رسالي ۾ اهو سڄو بحث آڻي، حوالن سان اهو ثابت ڪيو آهي ته حضرت علي رضي الله عليھ قابلِ احترام اصحابي آهن، پر رسول الله کان پوءِ خلافت جي ترتيب مشهور روايتن ۽ تاريخ موجب جيڪا اڄ ڏينهن تائين اهلِ سنت جماعت وٽ هلندي آئي آهي، اهائي صحيح ۽ حق آهي.

هيءَ تحرير عربي ٻولي ۾ آهي. رسالي جو پورو نالو مواد جي نوعيت موجب مشهور عربي ٻولي جي عالم ۽ مصحح - سيد شجاعت علي قادريءَ رسالي جي مٿان هن ريت لکيو آهي:

 ”هذه رسالة مختصرة في تاليف الشيخ محمد هاشم التتوي في الرد علي الرسالة المعينية الناطقة بافضلية علي عليٰ الخلفاء الثلاثة رضي الله عنهم“

مخدوم صاحب آخر ۾ پنهنجو نالو هن ريت لکيو آهي:

 ”حرره الفقير الي الله الغني محمد هاشم بن عبدالغفور السندي کان الله تعاليٰ لھ وبھ و معھ في کل وقت وحين آمين“

جيتوڻيڪ رسالي جا اکر تمام سهڻا ۽ ماهر ڪاتب جا آهن، پر اها مٿئين تحرير خود مخدوم صاحب جي هٿ اکرين معلوم ٿي رهي آهي. والله اعلم بالصواب!

------


(1) محمد بن اسماعيل البخاري:  ”الجامع الصحيح“  (عربي)، جلد-2، ص 84

(1) معلوف لوئس:  ”المنجد في اللغة والاعلام“  (عربي)، ص 56

(1) مولوي عبيدالله سنڌي:  ”التمهيد لتعريف ائمة الجديد“  (عربي)، ص 169، 181، 182، 183

(1) علامـھ  غلام مصطفيٰ قاسمي:  ”هاشميـھ  لائبريري“  (مقالو)، ماهوار  ”نئين زندگي“ ، ڪراچي سنڌ، جولاءِ 1959ع، ص 17

(2) ايضاً، ص 17

(1) علامـھ  غلام مصطفيٰ قاسمي:  ”سنڌ م فتويٰ جو فن“  (مقالو)، ماهوار  ”شريعت“  سکر سنڌ، (فتويٰ نمبر) جون جولاءِ آگسٽ 1978ع، ص 13-15

(2) علامـھ  غلام مصطفيٰ قاسمي:  ”مخدوم محمد هاشم جي حب الوطني“  (مقالو)، ماهوار  ”پيغام“  ڪراچي، اپريل 1982ع، ص 33

(3) رچرڊ برٽن:  ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“  (مترجم سنڌي)، ص 77

(1) مخدوم مئيڏنو نصرپوري:  ”تحرير“ ، ٽماهي  ”الرحيم“  حيدرآباد سنڌ، نمبر 3، 1966ع، ص 69

(2) مخدوم عبدالواحد سيوستاني:  ”بياض واحدي“ ، جلد -1، ص 337

(1) مولانا عبدالغفور همايوني:  ”فتاويٰ همايوني“  (فارسي) جلد -1، ص 56

(1) پروفيسر امتياز حسين سعيد:  ”خطباتِ رسول“ ، (اردو) ص 1-122

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org