التحفة المر غوبة في افضلية الدعاء
بعد المڪتوبة
هي 19 صفحن جو سهڻو رسالو آهي. صفحي جي ڊيگهه
ٻارهن انچ ۽ ويڪر اٺ انچ آهي. هر صفحي ۾ 23 سٽون ۽
هر سٽ ۾ سراسري طور 20 لفظ آهن. ڪاتب آخر ۾ هڪ نوٽ
لکيو آهي، جنهن جو ترجمو هيءُ آهي: ”هيءَ رسالو
ڪاتب موسيٰ الالياي، مولوي عبدالرئوف بختارپور
واري جي قلمي نسخي تان اتاريو ۽ ان وري مولوي لعل
محمد مٽيارين واري جي قديمي نسخي تان نقل ڪيو“ .
هن تحرير مان لفظ ”نسخھ قديميھ “ مان ظاهر آهي ته
موجوده رسالو خود مخدوم صاحب جي اصل نسخي جو نقل
آهي ۽ صحيح نسخو اصل سان ڀيٽيل آهي. راقم وٽ هن
رسالي جو عڪس موجود آهي. تازو هيءُ رسالو مفتي
شجاعت علي قادريءَ عربي ۾ ايڊٽ ڪري، مدرسھ مجدديه
نعيميھ - ملير ڪراچي طرفان شايع ڪيو ويو آهي.
هن رسالي ۾ 90 ڪتابن جا حوالا آيل آهن. هي ڪتاب
تازو ابوغده عبدالفتاح نالي هڪ عرب عالم ايڊٽ ڪري
بيروت مان به شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر محمد اشرف سمي
ان جو اردو ترجمو ڪيو آهي، جو الراشد اڪيڊمي ڪراچي
طرفان شايع ٿي چڪو آهي.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب هيءُ رسالو پنهنجي دور جي ڪن عالمن جي
جواب ۾ لکيو آهي، جن اها فتويٰ ڏني هئي ته فرض
نماز پڙهڻ کان پوءِ، سنت مؤڪده کان اڳ ۾ دُعا گهرڻ
مڪروه آهي.
مخدوم صاحب هن رسالي ”التحفة المرغربة “ جي مقدمي
۾ تصنيف جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو:
”مون کان سوال ڪيو ويو آهي، ته فرض نماز کان پوءِ
دعا گهرڻ سـُـنت آهي يا يا نه؟... مون (تحقيق ڪري)
جواب ڏنو، ته فرض نماز کان پوءِ دعا گهرڻ سنت
مستحبه آهي. ان کي ڇڏڻ چڱو نه آهي، خاص ڪري امام
جي حق ۾. هيءُ جائز آهي ته دعا سنت مؤڪده کان اڳ ۾
گهري وڃي. جهڙيءَ طرح دعا سنت کان پوءِ گهرڻ جائز
آهي. بهتر هيءُ آهي ته دعا سنت کان اڳ ۾ گهرجي، پر
دعا تمام ڊگهي نه هجي.
(فرض کان پوءِ ۽ سنت کان اڳ ۾) دعا گهرڻ جي مسئلي
بابت وقت جي گهڻن عالمن موافقت ڪئي آهي ۽ ڪن ان
مسئلي جي (ڪتاب) جواهر الفتاويٰ ۽ الاشباه وغيره
جي حوالي سان مخالفت ڪئي، جن جو بيان خاتمي ۾ ذڪر
ڪيل آهي... پوءِ مون (ان جي جواب ۾) هيءُ رسالو
لکيو آهي ۽ مون هن رسالي ۾ فرض کان پوءِ سنت کان
اڳ ۾ دعا گهرڻ جي عدم ڪراهت (کي رد ڪري، دعا گهرڻ
جي ثابتي لاءِ) دليل ڏنا آهن. نبي
ﷺ
۽ معتبر فقهي روايتن سان دعا کي ثابت ڪيو آهي.
مون هيءُ رسالو خميس جي رات، 19 - صفر 1168هه ۾
لکڻ شروع ڪيو. هن رسالي جو نالو ’التحفة المرغوبة
في افضلية الدعاء بعد المکتوبة ‘ آهي. هن رسالي ۾
ٻه باب ۽ خاتمو آهي.“
مخدوم صاحب هن رسالي جي مواد جي ورڇ هن ريت ڪئي
آهي:
پهرئين باب ۾ حديث جي روشنيءَ ۾ اهو ثابت ڪيل آهي،
ته اصل ۾ فرض کان پوءِ دعا گهرڻ سنت مستحبھ آهي.
ٻئي باب ۾ حديث مبارڪ سان گڏ فقھ جي روشنيءَ ۾
وضاحت آهي، ته دعا فرض کان پوءِ ۽ سنت کان اڳ ۾
ڪراهت کان سواءِ جائز آهي.
خاتمي ۾ دعا جي مخالفن جا اعتراض ۽ جواب آهن.
اهڙيءَ ريت هيءُ رسالو دعا جي فضيلت ۽ جواز تي
پورو ٿئي ٿو.
هن رسالي ۾ مخدوم صاحب حديث مبارڪ ۽ فقھ جي ڪتابن
۽ حوالن سان ڀرپور دليل ڏئي، حسبِ دستور ڪتاب کي
جاندار بنايو آهي ۽ اصل مسئلو کولي سمجهايو آهي.
الله تعاليٰ کان دعا گهرڻ جي مخالف لاءِ اعتراض جي
ڪا به گنجائش باقي نه ڇڏي آهي ۽ مخدوم صاحب جي
اصولي ۽ تحقيقي استدلال کي مڃڻو ئي پوي ٿو.
------
تنقيح الڪلام في النهي عن قراِّة
الفاتحھ خلف الامام
هن رسالي جو پنو مير انجهڙو ۽ مواد 56 صفحا آهي.
صفحي جي ڊيگهه نـَـو انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر
صفحي ۾ 27 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 12 لفظ آهن.
هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي دور جو ڪتابت ٿيل آهي.
ڪاتب پنهنجو نالو ڪونه ڄاڻايو آهي، البت ڪتاب جي
آخر ۾ عربيءَ ۾ هيءُ نوٽ لکيو آهي.
”تمت المقابلة بحضرة المؤلف في التاريخ العاشر من
شهرالله رجب الفرد من سنة الف ومائة و تسع و ستين
من الهجرة النبوة عليٰ صاحبها الصلواة والسلام
والتحية .“
مخدوم صاحب هيءُ رسالو 24 صفر المظفر 1169هه ۾
لکيو، جڏهن ته ڪاتب جي انهيءَ مٿئين نوٽ مان اهو
ظاهر آهي ته هيءُ رسالو چئن مهينن کان پوءِ، ساڳئي
سال 10 ماه رجب المرجب 1169هه ۾ مصنف جي سامهون
اصل نسخي تان ڀيٽي، هيءُ نقل تيار ڪيو ويو. قدامت
جي لحاظ ۽ صحت جي اعتبار کان آڳاٽو ۽ صحيح نسخو
آهي. هن رسالي جا قلمي نسخا مدرسھ مجدديھ نعيميھ -
ملير ڪراچي، سنڌالاجي لائبريري ڄام شوري، پير
جهنڊي ۽ مٽياريءَ جي ڪتبخانن ۾ موجود آهن. راقم وٽ
مدرسھ مجدديھ نعيميھ واري قلمي نسخي جو عڪس آهي.
تازو هيءُ رسالو مدرسة مدينة العلوم، ڀينڊي شريف
طرفان اردو ترجمي سان شايع ٿيو آهي.
مواد جو وچور:
هن رسالي ۾ فرض نماز ۾ امام جي پٺيان جماعتيءَ کي
سورة فاتحھ نه پڙهڻ جي باري ۾ بيان آهي. مخدوم
صاحب کان سندس دور ۾ ڪن ماڻهن پڇيو ته ڇا نماز ۾
جماعتيءَ کي امام جي پٺيان سورة فاتحھ پڙهڻ جائز
آهي يا نه؟ يا ڪراهت آهي. جي ڪراهت آهي، ته پوءِ
ڪراهت تحريمي آهي يا تنزيهي؟ يا حضور نبي
ﷺ
جي حديثن مبارڪن ۾ اهو ذڪر آهي يا نه؟ مخدوم صاحب
انهن مٿين سوالن جي جواب ۾ هيءُ تفصيلي رسالو لکيو
آهي.
مخدوم صاحب هن رسالي ۾ پهريائين چئني فقهي مذهبن -
مالڪي، شافعي، حنبلي ۽ حنفي جا هن مسئلي ۾ اصول
بيان ڪيا آهن. ان کان پوءِ احاديث مبارڪ، تابعين ۽
فقيهن جي اقوال کي آڻي، تحقيق ڪري، حنفي مذهب جي
تائيد ۾ ثابت ڪيو آهي ته امام جي پٺيان نماز ۾
جماعتيءَ کي سورة فاتحھ نه پڙهڻ گهرجي.
بهرحال، هن سڄي رسالي ۾ مسئلي جو نچوڙ، مخدوم صاحب
ڪتاب جي خاتمي ۾ هن ريت ڏنو آهي:
مخدوم صاحب خاتمي ۾ تحقيق ڪري فيصلو ڏيندي لکي ٿو
ته هن سڄي رسالي، سوالن ۽ بحث جو نچوڙ هنن ٻن
نـُـڪتن ۾ سمايل آهي:
”1. امام جي پٺيان مقتدي يا جماعتي جو سورة فاتحھ
يا ان کان سواءِ ٻي سورة پڙهڻ، فرض نماز ۾ يا نفل
۾ جيئن تراويح وغيره ۾ مڪروه آهي. امام ابو حنيفھ
۽ صاحبين (امام ابو يوسف ۽ امام محمد) وٽ مڪروه
تحريمي آهي. امام محمد سان هڪ روايت منسوب يا نقل
ٿيل آهي، سري يعني آهستي قراء ت واري نماز ۾ امام
جي پٺيان جماعتيءَ کي سورة فاتحھ پڙهڻ مڪروه نه
آهي. اها ان کان ضعيف روايت آهي. بهرحال حق هيءُ
آهي ته امام محمد جو قول به شيخين (امام ابو حنيفھ
۽ امام ابو يوسف) سان موافق آهي. هن مسئلي ۾ امام
ابو حنيفھ اسي (80) اصحابن سڳورن رضي الله عنهم
سان موافق آهي. جيئن عيني شرح بخاريءَ ۾ وضاحت آيل
آهي. امام ابو حنيفھ سان تابعين ۽ ٻين فقيهن جي به
موافقت آهي.
2. قوي دليلن مان هيءُ دليل قوي آهي ته امام جي
پٺيان جماعتي سورة فاتحھ نه پڙهي، جيئن ابن همام
’فتح القدير ‘ يا ابن حجر عسقلانيءَ ’فتح الباري ‘
۾ نص آندو آهي. اهڙيءَ ريت هن مسئلي ۾ نص قرآني ۽
حديثن جا دليل گهڻا آهن. هن مسئلي ۾ زياده اڪثريت
اسان سان آهي. اهو بحث هن رسالي ۾ تفصيل سان آيل
آهي. اگرچه ڪن هن جي خلاف گمان ڪيو آهي، پر انهن
کي علم حديث جي ڄاڻ نه آهي.“
------
فتح العلي في حوادث سني نبوة النبي
سيرت پاڪ جي موضوع تي هيءُ هڪ مختصر رسالو آهي،
جنهن ۾ 56 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه ست انچ ۽ ويڪر
پنج انچ آهي. هر صفحي ۾ 17 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري
طور 10 لفظ آهن. 25 سال کن اڳ فائونٽين پين ۽ نيري
مس سان لکيل، مولوي انور حسين ميمڻ ٺٽويءَ جي قلمي
ذخيري مان دستياب ٿيو آهي. اصل ۾ ڪنهن پراڻي قلمي
نسخي جو اتارو آهي، جيڪو پڻ هن وقت ناياب آهي.
ڪتابت بنهه سادي آهي. سنڌي ۾ هن رسالي جو ٻيو ڪو
به نسخو معلوم ٿي نه سگهيو آهي. هيءُ قلمي نسخو
آخر ۾ 4 سن نبوت جي احوال کان پوءِ کٽل آهي.
مواد جو وچور:
دراصل، مخدوم صاحب جو سيرت پاڪ تي عربي زبان م
”بذل القوة“ نالي ضخيم ڪتاب لکيل آهي، جو هن موضوع
تي هڪ بهترين تحقيقي ڪتاب آهي. هيءُ رسالو ”فتح
العلي“ مخدوم صاحب جي انهيءَ ضخيم عربي ڪتاب ”بذل
القوة“ جو خلاصو ۽ نچوڙ آهي. هن ڪتاب ۾ حضور پاڪ
ﷺ جن جي نبوي زندگي مبارڪ جا چيدا چيدا تاريخي واقعا، جنگيون ۽
سرايا وغيره جو مختصر احوال سمايل آهي. مخدوم صاحب
هن رسالي جي مقدمي ۾ وضاحت سان لکي ٿو:
”حمد ۽ صلواة کان پوءِ رب غني جي رحمت جو محتاج
ٻانهو محمد هاشم پٽ عبدالغفور پٽ عبدالرحمان سنڌي
ٺٽوي چوي ٿو، ته هيءُ رسالو نبي ڪريم
ﷺ
جن جي نبوت واري زماني مبارڪ جي واقعن، لڙاين ۽
سرايا وغيره جي بيان ۾ آهي. منهنجي اڳ ۾ لکيل سيرت
پاڪ بابت وڏي ڪتاب ’بذل القوة في حوادث سني النبوة
‘ جو اختصار آهي. هيءُ خلاصو ربيع الاول جي اوائل
سن 1170هه ۾ لکڻ شروع ڪيم ۽ هن خلاصي جو نالو ’فتح
العلي في حوادث سني نبوة النبي ‘ رکيم. هن اختصار
جا ٻه سبب آهن: هڪ ته سهنجائيءَ خاطر اصل ڪتاب جو
نچوڙ آهي. ٻيو ڄڻ ته اصل ڪتاب جي تفصيلي فهرست
آهي. جيڪو تسلي ۽ تحقيق ڪرڻ گهري، اهو اصل ڪتاب
ڏانهن رجوع ڪري.“
بهرحال، مخدوم صاحب سيرت پاڪ تي هيءُ مختصر عربي
رسالو جوڙي طالبن لاءِ آساني ڪئي آهي، ته جيئن
ٿوري وقت ۾ ماڻهو خلاصو پڙهي، حضور پاڪ
ﷺ
جن جي زندگي مبارڪ مان حظ حاصل ڪن ۽ سنتِ نبويءَ
جي تابعداري ڪري ثواب جا حقدار ٿين.
------
حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم
مخدوم صاحب هيءُ ننڍڙو رسالو حديث بابت تاريخ 21
رجب 1171 هجري ۾ لکيو. رسالي ۾ ست صفحا آهن. صفحي
جي ڊيگهه تيرهن انچ ۽ ويڪر اٺ انچ آهي. هر صفحي ۾
35 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 16 لفظ آهن. ڪتابت
وچٿري آهي. ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سال تحرير ٿيل
ڪونهي، پر ڪاتب رسالي جي منڍ ۾ مٿان عربي ۽ لکيو
آهي ته: ”قابلناه بالاصل.“ مطلب ته هيءُ رسالو اصل
مصنف جي دستخط قلمي نسخي تان ڀيٽي لکيو ويو آهي.
ان ڪري هيءُ رسالو صحت جي لحاظ سان اهميت وارو ۽
صحيح نسخو آهي. هن رسالي جو عڪس راقم کي محترم
بشير احمد هيسباڻيءَ جي معرفت قاسميھ لائبريري
ڪنڊياري مان مليو. هن رسالي جا قلمي نسخا ڪتبخانه
ڳڙهي ياسين، سنڌالاجي لائبريري ڄام شوري، اوريئنٽل
ڪاليج حيدرآباد ۽ درگاهه ٽنڊي سائينداد ۾ موجود
آهن.
مواد جو وچور:
هن رسالي ۾ پياري پيغمبر
ﷺ جن جون پند ۽ نصيحت، عبرت ۽ حڪمت، اخلاص ۽ هدايت سان ڀرپور هڪ
سؤ ويهه ”جوامع الڪلم“
(1)
حديثون، حديث جي ڪتابن مان انتخاب ڪري، الف - بي
وار مرتب ڪيون ويون آهن. مخدوم صاحب حمد ۽ صلواة
کان پوءِ مقدمي ۾ لکي ٿو:
”مون نبي
ﷺ
جن جون جوامع الڪلم حديثون ميڙي چونڊي گڏ ڪيون
آهن، جن کي حديث جي عالمن خاص طرح بيان ڪيو آهي.
نبي ڪريم
ﷺ
جن جي زبان مبارڪ فصاحت، بلاغت سان ڀرپور ۽ سندن
گفتار مٺي ۽ وڻندڙ هئي. پاڻ سڳورا مخلوق ۾ تمام
فصيح ۽ صاف ۽ سٺي گفتگو ڪندڙ، پـُـراثر اندازِ
بيان ۽ وڻندڙ گفتار جا صاحب هئا. ان ڪري اهلِ علم
مٺي مرسل
ﷺ
جي چونڊ وڻندڙ ۽ پـَُـرتاثير گفتار يعني حديثن کي
پنهنجي ڪتابن ۾ جمع ڪيو آهي، جيئن ابن سني،
القضائي ۽ ابن الصلاح. مون طالبن ۽ پڙهندڙن جي
سهولت خاطر انهن مختصر، جامع ۽ دلپسند حديثن کي
الف - بي وار مرتب ڪيو آهي.“
اهڙيءَ طرح مخدوم صاحب به حديث، سيرت ۽ تاريخ جي
مختلف وڏن ڪتابن جي جدا جدا باغن ۽ گلن مان گل
چونڊي، حديثن جو هيءُ گلدستو جوڙيو آهي. جيتوڻيڪ
رسول الله
ﷺ
جن جو ڪلام وحي الاهي آهي ۽ حضور
ﷺ
جن جي گفتگو يعني سڀ حديثون به علم ۽ حڪمت جي نور
سان ڀرپور آهن، پر هن رسالي ۾ مختصر، جامع، موقعي
سان ٺهڪندڙ، معنيٰ خيز ۽ اُهي چونڊ حديثون شامل
ڪيون ويون آهن، جيڪي عرب ملڪ يا اسلامي دنيا ۾ عام
مشهور پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن طور استعمال ٿين
ٿيون. اهي حديثون مختصر پر جامع ۽ هدايت جي نڪتن
سان ڀرپور ۽ دل کي سـُـرور بخشيندڙ آهن. ٿورن لفظن
۾ گهڻو مقصد بيان ڪيل آهي.
جهڙيءَ طرح سنڌ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة
الله عليھ جي برڪت ڀرئي رسالي ۽ بيتن مان مختصر
سٽون گفتگوءَ ۾ ڏاڍو رَسُ پيدا ڪن ٿيون ۽ موقعي
آهر گفتگو ۽ مضمون کي دلچسپ بنائن ٿيون. مثال طور،
محنت ۽ جاکوڙ لاءِ مشهور آهي:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.
يا ڀليڪار لاءِ چئبو آهي:
الله اچن اُوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي.
اهڙيءَ طرح، مخدوم صاحب مختصر ۽ معنيٰ خيز حديثون
چونڊيون آهن. مثال طور: ”انما الاعمال با النيات“
. ساڳئي معنيٰ ۾ سنڌيءَ ۾ به چوڻي آهي ته: ”جهڙي
نيت تهڙي مراد“ . يا ”الدال علي الخير کفاعلھ “
ساڳئي معنيٰ ۾ سنڌيءَ ۾ به مشهور آهي:
ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو،
ڀلائيءَ جا ڀاڙا خدا توکي ڏيندو.
اهڙيءَ ريت مخدوم صاحب سڀ حديثون مشهور ۽ دلچسپ
چونڊيون آهن. حديثون ته سڀ هدايت سان ڀرپور آهن،
پر مخدوم صاحب رسالي جي آخر ۾ لکيو آهي:
”پيغمبر اسلام
ﷺ
شريعت جي متفرقات ۽ اسلام جي قاعدن کي هنن چئن
حديثن ۾ گڏ ڪري ڇڏيو آهي:
1. انما الاعمال بالنيات - يعني عملن جو دارومدار
نيتن تي آهي. (بخاري ۽ مسلم)
2. الحلال بين والحرام بين - حلال ظاهر آهي ۽ حرام
به ظاهر آهي. (مسلم)
3. البينة علي المدعي واليمين عليٰ من اَنکر -
(مطلب ته شاهد فرياديءَ تي آهن ۽ قسم جوابدار تي
آهي. (رواه عبدالرزاق ۽ بيهقي)
4. لايکمل ايمان المرء حتيٰ يحب لا خيھ مايحب
لنفسھ - مطلب ته ماڻهوءَ جو ايمان ڪامل نه ٿو ٿئي،
جيستائين جيڪو ڪم پنهنجي لاءِ پسند ٿو ڪري، ته
پنهنجي ڀاءُ لاءِ به اهوئي ڪم پسند ڪري. (بخاري
مسلم)
مخدوم صاحب اهي حديثون ”ابن المنير“ ۽ ”مواهب
اللدنيھ “ جي حوالي سان آڻي لکي ٿو:
”پهرين حديث عبادات جي چوٿين حصي تي مشتمل آهي.
ٻي حديث معاملات جي چوٿين حصي تي مشتمل آهي. ٽين
حديث حڪومت ۽ خصومت جي چوٿين حصي تي مشتمل آهي.
چوٿين حديث آداب جي چوٿين حصي تي مشتمل آهي.“
مخدوم صاحب هن ننڍڙي رسالي ۾ به امام بخاريءَ کان
وٺي اِبن المنير تائين 48 ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن
۽ تحقيق جو معيار برقرار رکيو آهي. تازوهي عربي
رسالو مولوي سليم الله سومري ڪنڊياري واري ايڊٽ
ڪري مڪتبھ قاسميھ طرفان 1426هه - 2005ع ۾ شايع ڪيو
آهي.
------
فرائض الاسلام
هيءُ ڪتاب ديني ادب ۽ مسائل جي حوالي سان
انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکي ٿو. متن 121 صفحا،
مختلف مسائل 7 صفحا، جملي 128 صفحا اٿس. صفحي جي
ڊيگهه نوَ انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. صفحي ۾ 27 سٽون
۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 10 لفظ آهن. ڪتاب جي آخر ۾
ناشر جو اردو ۾ نوٽ لکيل آهي ۽ مفتي عبدالرحيم
(شاگرد مولوي محمد ايوب) جي تصحيح ۽ نظرثاني سان
مشهور تاجر ڪتب - ميان محمد صحاف پشاوريءَ، 27
ذوالقعد 1312هه تي هندو پريس دهليءَ مان شايع ڪيو.
مرتب حاشيي تي مختصر واڌارو به ڪيو آهي. ناشر جي
نوٽ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن مخدوم صاحب جي
وارثن کان هيءَ ڪتاب وٺي شايع ڪرايو هو. البت،
انهيءَ نوٽ ۾ مخدوم صاحب جي ڪنهن وارث جو نالو
ڄاڻايل نه آهي. مخدوم صاحب جي پونير مان مخدوم
غلام محمد جو نالو تاريخ ۾ لکيل ملي ٿو. تنهن ڪري
گمان غالب آهي، ته مخدوم غلام محمد ئي ناشر ميان
محمد صحاف پشاوريءَ کي ”فرائض الاسلام“ جو قلمي
نسخو ڇپرائڻ لاءِ ڏنو هوندو.
دهليءَ واري ڇاپي کان سواءِ، علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي به حيدرآباد مان ”فرائض الاسلام“ عربيءَ ۾
شايع ڪرايو هو. تازو هن ڪتاب جو اردو ترجمو مدرسھ
مدينة العلوم، ڀينڊي شريف طرفان پڌرو ٿيو آهي. هن
بهترين معلومات افزا ڪتاب ”فرائض الاسلام“ جو راقم
سليس سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ اڻ ڇپيل آهي.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب جو هيءُ پنهنجي موضوع تي نهايت نيارو
ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ تمام اعتقادي ۽ عملي فرض کولي
سمجهايا ويا آهن، جيڪي مڪلف تي فرض آهن. اهي فرض
ڪفايه هجن يا فرض عين.
هن ڪتاب ۾ اهي فرض داخل آهن، جيڪي خاص عبادت بابت
آهن ۽ ڳچ فرض معاملات جي باري ۾ به آهن، جيڪي
عبادات ڏانهن منسوب آهن.
مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ اسلام جي جملي 1262 فرضن جو
تفصيلوار ذڪر ڪيو آهي. مخدوم صاحب تمهيد ۾ لکي ٿو:
”حمد ۽ صلواة کان پوءِ، پنهنجي بي نياز پالڻهار
جي رحمت۾ اميدوار ٻانهو - محمد هاشم پٽ عبدالغفور
پٽ عبدالرحمان سنڌي
ٺٽويءَ- الله تعاليٰ هر وقت ان جي حفاظت ڪري - چوي
ٿو ته هيءُ ڪتاب آهي، جنهن ۾ مون ايمان جا فرض
بيان ڪيا آهن. انهن فرضن جو ڄاڻڻ ۽ سکڻ، انهن تي
عمل ڪرڻ هر مڪلف مسلمان (اهو مسلمان جنهن تي شرعي
حڪم نافذ هجن) تي فرض آهي. جيتوڻيڪ مون کان اڳ ۾
به ڪن ڀائرن انهن فرضن کي گڏ ڪيو آهي، پر انهن
فرضن جي ليکي، جوڙ ۽ ترتيب ۾ انهن بزرگن کان ظاهر
ظهور سهو ٿي آهي، جيڪا يقين وارن عالمن کان ڳجهي
نه آهي. ان جو ذڪر اسان هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾
چڱيءَ طرح بيان ڪنداسون.
هيءُ رسالو مون تاريخ 8 رجب 1171هه ۾ لکڻ شروع ڪيو
۽ هن رسالي جو نالو ’فرائض الاسلام ‘ رکيم. هن
رسالي لکڻ جو مقصد رڳو مومنن جو نفعو ۽ طالبن
سڳورن جو فائدو آهي. الله تعاليٰ ۾ آسرو آهي ته هر
خاص عام مومن کي فائدو ڏيندو ۽ سڀني مسلمانن سان
گڏ منهنجو به خير عافيت سان خاتمو ٿئي.“
هن ڪتاب جي مقدمي ۾ ست فائدا آهن، جن ۾ اعتقادي ۽
عملي فرضن جي آسان سمجهاڻي ڏنل آهي. مخدوم صاحب
مقدمي ۾ ان جي وضاحت هن طرح ڪئي آهي:
”هن ڪتاب ۾ جيڪي 1262 فرض آندا ويا آهن، انهن مان
ڪن جو فرض هجڻ قرآن مجيد مان ثابت آهي. ڪن جي
متواتر حديثن مان ثابتي آهي. ڪي وري مجتهدن جي
بيان مان ثابت آهن. هن رسالي ۾ اهي فرض درج ڪيا
ويا آهن، جيڪي حضرت امام اعظم ابو حنيفھ جي مذهب ۾
فرض آهن.“
مخدوم صاحب مقدمي ۾ مزيد وضاحت ڪندي لکي ٿو:
”اسان جي همعصر دور جي ڪن بزرگن، ڪن ان کان به اڳ
وارن بزرگن رڳو ساڍيون ڇهه ويهون فرضن جون يعني هڪ
سئو ٽيهه اسلام جا فرض ڳڻيا آهن، جن مان ڪجهه اهڙا
فرض شمار ڪيا ويا آهن، جيڪي اصل ۾ فرض ئي ڪونه آهن
۽ ڪجهه فرض قطعي هئا، انهن کي وري ڇڏي ڏنائون.“
مخدوم صاحب هتي جن بزرگن ڏانهن اشارو ڪيو آهي ۽
نالو نه ورتو آهي، اهي بزرگ مخدوم ميون ابوالحسن
سنڌي، مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي ۽ ٻيا آهن.
هن ڪتاب جا ٻه ڀاڱا آهن:
ڪتاب (ڀاڱو) پهريون:
هن ڀاڱي ۾ 332 اعتقادي فرض ڪيل آهن. ايمان مفصل جي
ستن ڳالهين جو تفصيل بيان ڪندي، مخدوم صاحب لکي
ٿو:
”ايمان جون ست صفتون جن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، هي
آهن:
(1) الله تعاليٰ تي ايمان (2) ملائڪن تي ايمان (3)
الله تعاليٰ جي نازل ڪيل ڪتابن تي ايمان (4) الله
تعاليٰ جي رسولن تي ايمان (5) قيامت جي ڏينهن تي
ايمان (6) چڱي مـَـٺي تقدير تي ايمان. (7) مرڻ کان
پوءِ جيئري ٿيڻ تي ايمان.“
هتي مخدوم صاحب، علامه سعدالدين تفتازاني ۽ علامه
قاضي عضدالدين ايجي طرفان ايمان مجمل ۽ مفصل جي
باري ۾ بحث آڻي، انهن جو جواب به ڏنو آهي. هن کان
پوءِ مخدوم صاحب هرهڪ نڪتي جي ڌار ڌار تشريح ۽
انهن جي تفصيلي فرضيت بيان ڪئي آهي، جنهن جو خلاصو
هن ريت آهي:
1. الله تعاليٰ تي ايمان:
الله تعاليٰ جي ذات تي ايمان آڻڻ ۾ 84 ڳالهين تي
اعتقادر رکڻ فرض آهي. جيئن الله تعاليٰ واجب
الوجود آهي. هـُـو ازل کان آهي. ابد تائين موجود
رهندو، وغيره.
2. ملائڪن تي ايمان:
هن ۾ 19 فرض آهن ۽ انهن فرضن جي مختصر وضاحت به
آيل آهي. مثال طور: ملائڪ نور آهن. ملائڪ خدا جي
هر امر جا تابعدار آهن. ملائڪن جو جهان سڀني کان
وڏو آهي. انهن ۾ چار ملائڪ وڏا مقرب آهن.
(الف) جبرئيل عليھ السلام: نبين سڳورن تي خدائي
پيغام کڻي ايندو هو.
(ب) ميڪائيل عليھ السلام: هيءُ رزق، برسات، هوا،
کنوڻ ۽ پاڻيءَ جي نظام تي مقرر آهي.
(ج) عزرائيل عليھ اسلام: هيءُ ساهه قبض ڪرڻ تي
مامور آهي.
(د) اسرافيل عليھ السلام: هيءَ قيامت جي ڏينهن صور
ڦوڪيندو.
3. ڪتابن تي ايمان:
هن ۾ 11 ڳالهين تي ايمان رکڻ ضروري آهي. انهن فرضن
جي مختصر وضاحت به ڪيل آهي، جيئن: الله تعاليٰ جا
سڀ ڪتاب سندس نازل ڪيل ۽ الله جو ڪلام آهن. الله
تعاليٰ 104 ڪتاب نازل ڪيا آهن. انهن مان چار ڪتاب
وڏا ۽ ٻيا صحيفا آهن. حضرت آدم عليھ السلام تي ڏهه
صحيفا نازل ٿيا. حضرت شيث عليھ السلام تي پنجاهه
صحيفا نازل ٿيا. حضرت ادريس عليھ السلام تي ٽيهه
صحيفا نازل ٿيا. حضرت ابراهيم عليه السلام تي ڏهه
صحيفا نازل ٿيا. حضرت موسيٰ عليھ السلام تي توريت
نازل ٿيو ۽ اهو عبراني ٻوليءَ ۾ آهي. حضرت دائود
عليھ السلام تي زبور نازل ٿيو ۽ اهو يوناني ٻوليءَ
۾ آهي. حضرت عيسيٰ عليھ السلام تي انجيل نازل ٿيو
۽ اهو سرياني ٻوليءَ ۾ آهي. حضرت محمد رسول الله
ﷺ
تي قرآن نازل ٿيو ۽ اهو عربيءَ ٻوليءَ ۾ آهي.
4. رسولن تي ايمان:
نبين سڳورن تي ايمان رکڻ ۾ 46 ڳالهيون فرض ۽ ضروري
آهن. انهن فرضن مان چند نموني طور هي آهن، جن تي
ايمان رکڻ فرض آهي.
نبي سڳورا الله تعاليٰ جا فرمانبردار ٻانها آهن.
الله تعاليٰ وٽ عزت وارا آهن. سڀ نبي سڳورا سچا
آهن ۽ خدا جي پيغام پهچائڻ ۾ صادق ۽ امين آهن. ڪو
به انسان نبين سڳورن سان برابري ڪري نه ٿو سگهي،
توڙي اهو کڻي اولياء هجي، علماء هجي يا نيڪ هجي.
روايتن ۾ آهي ته رسول 313 آهن. باقي ٻيا سڳورا سڀ
نبي آهن. نبين سڳورن جي تعداد ۾ اختلاف آهي. ڪي
چون ٿا ته هڪ لک چوويهه هزار نبي ٿي گذريا آهن. ڪي
وري اهو تعداد گهٽ وڌ به چون ٿا. ان ڪري عالمن چيو
آهي ته اسان جو سڀني نبين سڳورن ۽ رسولن تي ايمان
آهي. سڀني کان پهريون نبي ابوالبشر حضرت آدم عليھ
السلام آهي ۽ آخري نبي حضرت محمد
ﷺ آهي.
نبي سڳورا نبوت جي عهدي تان معزول ڪو نه ٿا ٿين،
نه حياتيءَ ۾ ۽ نه مماتيءَ ۾. اهي جهڙيءَ ريت
حياتيءَ ۾ نبوت جي صفت سان سينگاريل هوندا آهن،
اهڙيءَ طرح وصال کان پوءِ به نبي ئي رهندا آهن.
5. آخرت جي ڏينهن تي ايمان:
هن ۾ 51 فرض آهن، مثال طور، قيامت جي ڏينهن کي مڃڻ
فرض آهي. قيامت جي سڀني نشانين کي مڃڻ به فرض آهي.
الله تعاليٰ جي اجازت سان اسان جي نبي
ﷺ
جن جي شفاعت حق آهي. سڀني نبين، اوليائن، عالمن ۽
صالحن طرفان به شفاعت ڪرڻ حق آهي. حضور
ﷺ جن، جو ڪجهه آخرت جي باري ۾ ٻڌايو آهي، اهو حق آهي.
6. تقدير تي ايمان:
هن ۾ ٽي فرض آهن. تقدير برحق ۽ الله تعاليٰ جي
طرفان آهي. ٻانهو پنهنجي افعال يعني ڪمن ڪرڻ ۾
خودمختيار آهي، مجبور ڪونهي. ان ڪري عذاب ثواب
ٻانهي جي چڱن مـَـٺن ڪمن موافق ملندو.
7. موت کان پوءِ جيئري ٿيڻ تي ايمان:
هن ۾ پنج فرض آهن. الله تعاليٰ سڀ مخلوق کي موت
کان پوءِ ٻيهر جيئرو ڪندو ۽ ظالم کان مظلوم کي
عيوضو وٺي ڏيندو. حساب ڪتاب کان پوءِ ٻه ٽولا
ٿيندا. هڪ بهشتي ٽولو هوندو ۽ ٻيو دوزخي.
مخدوم صاحب ايمان جي انهن ستن صفتن سان تعلق رکندڙ
103 ٻيا فرض به آندا آهن ۽ انهن جو تفصيلي ذڪر به
ڪيو آهي. انهن مان چند هي آهن:
”الله تعاليٰ جي سڀني حڪمن ۽ منع ٿيل ڳالهين جي
تعظيم ۽ بجا آوري ڪرڻ، بيت المقدس سان گڏ ڪعبة
الله شريف جي عزت ڪرڻ به فرض آهي. ڪعبة الله اسان
جي نبي سڳوري ۽ سندن سڄي امت جو قبلو آهي.
حديثن ۾ آهي ته ڪعبة الله روءِ زمين تي جيتريون به
جايون آهن، سڀني کان ڀلو آهي. پر جنهن زمين سان
حضرت نبي ڪريم
ﷺ
جو جسم مبارڪ لڳل آهي، اها ان کان به ڀلي آهي. اها
جڳهه ڪعبي، بهشت، پرعرش کان به ڀلي آهي.
حضور
ﷺ جن جو جسماني معراج برحق آهي. نبين سڳورن کان پوءِ اصحابي
سڳورا سڀني انسانن کان ڀلارا آهن. اهل سنت جماعت
وٽ چئني خليفن جي خلافت جنهن ترتيب سان مشهور آهي،
اها برحق آهي. عشره مبشره (اهي ڏهه اصحابي جن کي
جيئري حضور
ﷺ جن بهشت جي بشارت ڏني هئي) بهشتي آهن.
سڀ نبي سڳورا پنهنجن قبرن ۾ زنده آهن. ڪو به ولي
يا ڪو ٻيو عقل وارو ماڻهو آهي، ته انهن تي شرعي
حڪمن جي پيروي لازم آهي.“
ڪتاب (ڀاڱو) ٻيو:
هن ڀاڱي ۾ ارڙهن فصل آهن، جن ۾ 930 عملي فرض شامل
آهن. عملي فرائض جا ٻه قسم آهن: هڪ فرض عين ۽ ٻيو
فرض ڪفايه. فرض عين 914 آهن، باقي 16 فرض ڪفايه
آهن. هتي سڀني فصلن ۽ انهن سان واسطو رکندڙ فرضن
جي لسٽ ڏجي ٿي، جن ۾ 930 فرض اچي وڃن ٿا:
فصل 1: وضو ۽ ان سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 2: غسل ۽ ان سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 3: تيمم ۽ ان سان واسطو رکندر فرض.
فصل 4: موزن تي مک ڪرڻ جا فرض.
فصل 5: پٽي ۽ چپڙي تي مسح ڪرڻ جا فرض.
فصل 6: حيض ۽ نفاس سان واسطو رکندر فرض.
فصل 7: پليتي کان پاڪائي بابت فرض.
فصل 8: استنجا سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 9: نماز سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 10: مسافر جي نماز سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 11: جمعي نماز سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 12: جنازي نماز سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 13: زڪواة سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 14: روزي سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 15: اعتڪاف سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 16: حج سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 17: عمري سان واسطو رکندڙ فرض.
فصل 18: ٻئي جي پاران حج ڪرڻ جا فرض.
خاتمو: خاتمي ۾ ٽي فائدا آهن، جن ۾ فرضن جو وچور،
ڪن سنڌي عالمن جي فرضن بابت نشاندهي وغيره آيل
آهي. بهرحال، ”فرائض الاسلام“ پنهنجي موضوع جي
لحاظ کان هڪ بهترين ۽ معلومات سان ڀرپور
انسائيڪلوپيڊيا آهي.
|