اللؤلؤ المکنون في تحقيق مد السکون
هيءُ ڇهن صفحن جو مختصر رسالو آهي. صفحي جي ڊيگهه
ڏه انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 24 سٽون ۽
هر سٽ ۾ سراسري طر 13 لفظ آهن. ڪاتب نامعلوم، البت
ڪاتب، ڪتابت جو سال هن ريت لکيو آهي: ”اين نسخه
صحيح 17 شهر رمضان المبارک سنه 1162هه تمام شد.“
اصل رسالو، مخدوم صاحب سن 1148هه ۾ لکيو هو ۽ هيءُ
ڪتابت ٿيل رسالو سن 1162هه جو آهي، جنهن مان ظاهر
آهي ته هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي حياتيءَ ۾، اصل
رسالي کان رڳو 14 سال پوءِ جو ڪتابت ٿيل آهي. ان
ڪري گمان غالب آهي ته هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي
دور جو ۽ سندس ئي ڪتابت ٿيل هوندو. پر جيئن ته
مخدوم صاحب جا هٿ اکر راقم وٽ محفوظ آهن، ان ڪري
اکرن جي ڀيٽ ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ رسالو
ٻئي ڪنهن ڪاتب جو لکيل آهي ۽ ان جي ڪتابت مخدوم
صاحب جي ڀيٽ ۾ صفا سادي ۽ ڪچي آهي، ڇو ته مخدوم
صاحب جي ڪتابت اعليٰ درجي جي سهڻي ۽ خوشخطيءَ جو
نادر نمونو آهي. هيءُ ناياب نسخو اڃا تائين قلمي
صورت ۾ آهي. ”اللؤلؤ المکنون“ جا قلمي نسخا،
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لائبريري - حيدرآباد،
سنڌالاجي لائبريري - ڄام شوري، مدرسھ مجدديه
نعيميھ - ملير ڪراچي، ۽ ڪتب خانه ڳڙهي ياسين ۾
موجود آهن. راقم وٽ قاسميھ لائبريري ڪنڊياري واري
نسخي جو عڪس موجود آهي.
مواد جو وچور:
قرآن مجيد جا اسان تي ٽي حق آهن: هڪ قرآن کي قراء
ت تجويد جي قاعدي سان پڙهڻ، ٻيو ان جي معنيٰ ۽ حڪم
معلوم ڪرڻ ۽ ٽيون ان جي حڪمن تي عمل ڪرڻ.
حضور
ﷺ جن جو ارشاد مبارڪ آهي: ”خير کم من تعلم القرآن و علمھ “
(1)
يعني توهان مان ڀلو ماڻهو اهو آهي، جو قرآن سکي ۽
سيکاري.
مولوي عبدالڪري ديروي پنهنجي ڪتاب ”تعليم القرآن“
۾ لکي ٿو:
”حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌي، جو ستن قراتن
جو سـَـند يافتو ۽ اهل الله ۽ وڏو عالم ٿي گذريو
آهي. سندس فتويٰ ’فرائض اسلام ‘ ۽ ’بياض هاشمي ‘ ۾
لکيل آهي ته فرض آهي ته قرآن شريف قراء ت جي قاعدي
موافق پڙهجي، يعني حرفن کي مخرجن مان ڪڍجي ۽ صفتون
ادا ڪجن. پنهنجي طاقت آهر سکڻ جو سعيو ڪجي. سعيي
سان به نه آيو، ته پوءِ معاف آهي.“
(1)
انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو ظاهر آهي ته قرآن مجيد
کي تجويد جي قاعدن موافق پڙهڻ، هر مسلمان عاقل
بالغ مرد خواه عورت تي نماز ۾ يا نماز کان ٻاهر
فرض آهي.
”تجويد“ عربي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به شيءِ جي عمده ڪرڻ
کي چئبو آهي ۽ قارين وٽ قرآن مجيد کي عمدن لفظن
سان پڙهڻ ۽ غلط ادائي کان بچڻ کي ”تجويد“ چئبو
آهي.
مخدوم صاحب ”تجويد“ جو وڏو ڄاڻو هو. ان هن سلسلي ۾
ٻيا رسالا به لکيا آهن. هيءُ رسالو خاص ”مد
السکون“ جي باري ۾ آهي.
مد جي تعريف ۽ ان جا قسم: مد، لغت ۾ وڌائڻ ۽ ڊگهي
ڪرڻ کي چئبو آهي. اها ٻه قسم آهي: مد اصلي ۽ مد
فرعي.
حرف مده کي پنهنجي آواز سان چوڻ کي ”مد اصلي“ ، مد
طبعي، مد ذاتي ۽ قصر چئبو آهي. مد اصلي کان زياده
حرف مده جي ڊگهي ڪرڻ کي ”مد فرعي“ چئبو آهي.
مخدوم صاحب هن رسالي جي مقدمي ۾ حمد ۽ صلواة کان
پوءِ لکي ٿو:
”هيءُ مختصر رسالو آهي. هن ۾ مون (علم تجويد جي
اصول موافق) ”مدالسکون“ ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڳچ
ڳوڙهيون ڳالهيون ذڪر ڪيون آهن. مون هي رسالو تاريخ
21 رمضان المبارڪ سن 1148هه ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي.
مون هن رسالي جو نالو ’اللؤلؤ المکنون في تحقيق مد
السکون ‘ رکيو آهي. هي رسالو ٻن فصلن تي مشتمل
آهي.“
مخدوم صاحب جو علم تجويد ۾ هيءُ رسالو ”مد السکون“
جي باري ۾ معلومات سان ڀرپور آهي. جيئن مٿي مد جي
تعريف ۽ ان جي قسمن جو بيان ٿي چڪو آحي، اهوئي هن
سڄي رسالي جو نچوڙ آهي.
هي ڪتاب به قاري عبدالقيوم بن عبدالغفور السندي
ڪنڌ ڪوٽ واري ۽ استاد ”ام القريٰ يونيورسٽي“ -
المڪة المڪرمة ايڊٽ ڪري، مڪتبھ جامعھ بنوريھ ڪراچي
طرفان سن 1999ع ۾ شايع ڪيو آهي.
------
ڪشف الرين عن مسئلة رفع اليدين
مخدوم صاحب هيءُ رسالو 15 جمادي الاخر 1149 هجري ۾
لکيو. مولوي عبيدالله پهنور 12 صفر المظفر 1408هه
تي نيو فيمس پرٽنگ پريس حيدرآباد مان اردو ترجمي
سان شايع ڪيو آهي. اصل متن 53 صفحا، مترجم جو
مقدمو 27 صفحا، جملي 80 صفحا آهن ۽ ڊيمي سائيز ۾
آهي.
جيتوڻيڪ هي رسالو ڇپيل آهي، پر هن ڇاپي جي خوبي
هيءَ آهي ته هر صفحي جي مٿئين اڌ ۾ عربي عبارت ۽
هيٺئين حصي ۾ ان اصل عربي عبارت جو ترجمو ڏنل آهي.
اردو ترجمو مولانا ابوالعلاء محمد عبدالعليم ندوي
جو ڪيل آهي. موصوف ڪتاب جي منڍ ۾، امام ابو حنيفه،
تقليد ۽ حنفي مسلڪ جي اهميت تي 28 صفحن جو جامع
مقدمو به لکيو آهي. مدرسھ مدينة العلوم - ڀينڊي
شريف طرفان مخدوم صاحب جا ٽي ڪتاب اردو ترجمي سان
شايع ٿيا آهن:(1) فرائض الاسلام (2) کشف الرين عن
مسئلة رفع اليدين (3) تنقيح الکلام. ”ڪشف الرين“
جو ڇاپي ڪتاب، راقم کي محترم ڊاڪٽر قريشي حامد علي
خانائي صاحب کان تحفي طور مليو. هن رسالي جو قلمي
نسخو پير جهنڊي جي لائبريري ۾ موجود آهي ۽ ٽيڪسيلا
پنجاب مان به ان جو اردو ترجمو شايع ٿيو آهي.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب جو هيءُ رسالو عربيءَ ۾ لکيل آهي، پر
آخر ۾ فارسيءَ ۾ سوال جواب ۽ عبارتون به درج ٿيل
آهن. هيءُ رسالو ”رفع اليدين“ جي رد ۾ لکيل آهي.
”رفع اليدين“ معنيٰ هٿ مٿي کڻڻ، يعني نماز ۾ تڪبير
تحريمھ کان سواءِ رڪوع ۾ وڃڻ مهل ۽ رڪوع کان مٿي
ٿيڻ وقت هٿ سان اشارا ڪرڻ.
حنفي مسلڪ ۾ تڪبير تحريمھ کان سواءِ نماز ۾ هٿ سان
اشارا نه ڪيا ويندا آهن. ان ڪري مخدوم صاحب رفع
اليدين جي باري ۾ سير حاصل بحث ڪري، حنفي مسلڪ جي
تائيد ثابت ڪئي آهي. مخدوم صاحب هن ڪتاب جي مقدمي
۾ لکي ٿو:
”مون کان رفع اليدين جي باري ۾ سوال ڪيو ويو، ته
نماز ۾ رڪوع ۾ وڃڻ وقت ۽ رڪوع کان مٿي ٿيڻ مهل هٿ
سان اشارا ڪجن يا نه؟ رفع اليدين نه ڪرڻ جي باري ۾
حديثون آهن يا نه؟ اهي حديثون محدثن جي اصطلاح ۾
ثابت مقبول ۽ صحيح آهن يا نه؟“
مخدوم صاحب انهن سوالن جو نهايت محققانه ۽ عالمانه
انداز ۾ جواب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ٻه فصل آهن.
پهريون فصل انهن حديثن ۽ اصحابن سڳورن جي باري ۾
آهي، جيڪي رفع اليدين نه ڪرڻ جي متعلق آهن. هن باب
۾ گهڻيون حديثون ۽ آثار ثابت آهن.
ٻئي فصل ۾ مخدوم صاحب اهي حديثون دليل طور آنديون
آهن، جن ۾ ٻنهي صورتن ۾ رفع اليدين نه ڪرڻ جي باري
۾ حنفين جي تائيد آهي. ان کان پوءِ انهن حديثن تي
اعتراض ۽ سوال آڻي، انهن جا تحقيقي جواب ڏنا ويا
آهن ۽ ثابت ڪيو ويو آهي ته نماز ۾ تڪبير اوليٰ کان
سواءِ رفع اليدين نه ڪرڻ گهرجي ۽ مجتهد کان سواءِ
عام ماڻهوءَ تي تقليد واجب آهي.
هن ننڍي ڪتاب ۾ مخدوم صاحب عربي ۽ فارسيءَ جي 42
ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، جيڪو سندن علم حديث ۽
اصول حديث جي فن ۾ ڪمال آهي. سندن تحرير ۾ محدثانه
شان ظاهر آهي.
مخدوم صاحب، مجد الدين فيروز آبادي جي چئن سون
اصحابن کان رفع اليدين ڪرڻ جي غلط بيانيءَ تي علمي
چوٽ به ڪئي آهي.
مخدوم صاحب ”ڪشف الرين“ ۾ علمي تحقيق جو درياء
پلٽيو آهي. پاڻ ”بياض هاشمي“ جي ڪري وڏو فقيھ مڃيو
ويندو آحي، پر هن ڪتاب ۾ هڪ محدث جي حيثيت سان قلم
جو ڪرهو ڪاهيندي نظر اچي ٿو.
مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ حديث ۽ اصول حديث جي دليلن
جا انبار پيش ڪيا آهن، جن ۾ حضرت عبدالله بن
مسعود، براء بن عازب، جابر بن سمره، ابن عباس،
عبدالله بن زبير، عباد بن زبير جون حديثون ۽ حضرت
ابوبڪر صديق، حضرت عمر، ابن مسعود ۽ ابن عمر رضي
الله عنهم جا اثر به بيان ڪيا آهن. هڪ هڪ حديث تي
ڀرپور بحث ڪيو ويو آهي. رجال حديث تي تنقيد ۽ جرح
جي وضاحت ڪئي ويئي آهي. جن حديث جي رجال کي تعصب ۽
ضد جي ڪري محروم ڪيو ويو آهي، انهن جي عادل ۽ ثقھ
هجڻ کي دليلن سان ثابت ڪيو ويو آهي. حديث جي صحت
جو مدار، اصحابن سڳورن جو عمل ۽ حضرت نبي
ﷺ
جو آخري ۽ پويون عمل قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو صحيح
معيار ۽ متفق عليھ به آهي.
ان کان علاوه امام ابو حنيفھ نعمان بن ثابت (80هه
- 150هه) تي حديث جي ڇڏڻ واري الزام جو جواب به
ڏنو ويو آهي ۽ تقليد جي اهميت ۽ ضرورت بيان ڪئي
ويئي آهي. بهرحال، ”ڪشف الرين“ علمي لحاظ کان هڪ
مٿانهون ڪتاب آهي ۽ مطالعي جي قابل آهي. تازو هي
ڪتاب ”ڪشف الرين“ فاضل نوجوان مولوي حاجي
عبدالرزاق مهراڻ سڪندري، سنڌي ترجمو ۽ تخريج ڪري،
مڪتبھ حزب الاحناف سانگهڙ مان سال 1422هه - 2001ع
۾ شايع ڪيو آهي.
------
تحفة القاري بجمع المقاري
هن رسالي جي تصنيف ٿيڻ جو سال 1150هجري آهي. محمد
شفيع بن احمدي قريشيءَ 9 ربيع الاول 1383هه تي
ڪتابت ڪري مڪمل ڪيو. هيءُ رسالو 26 صفحن تي ڦهليل
آهي. صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر
صفحي ۾ 12 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 9 لفظ آهن.
ڪتابت وچولي ۽ صاف اٿس ۽ جلي قلم سان عربي رسم
الخط ۾ لکيل آهي.
هن رسالي ۾ درياء کي ڪوزي ۾ بند ڪيو ويو آهي.
مخدوم صاحب قرآن مجيد جو حرف حرف ۽ لفظ لفظ ڪري
ڳڻيو آهي. ان کان پوءِ هر پاري جا هڪ جيترا سورهن
حصا مقرر ڪيا آهن. راقم کي هن رسالي جو عڪس جوڻاڻي
شريف تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي جي ڪتبخاني مان
مليو. هيءُ رسالو قلمي صورت ۾ آهي ۽ ان جي ٻئي
ڪنهن ڪتبخاني ۾ موجودگيءَ جو پتو پئجي نه سگهيو
آهي.
مواد جو وچور:
هن رسالي ۾ مخدوم صاحب هيءَ تحقيق آندي آهي، ته
فرض ۽ نفل نماز جي ٻنهي رڪعتن ۾ قراءت هڪ جيتري ۽
برابر هئڻ گهرجي. قراءت نه پهرئين رڪعت ۾ وڏي هجي،
۽ نه ٻي رڪعت ۾. مخدوم صاحب هن رسالي جي مقدمي ۾
لکي ٿو:
”فقھ جي ڪتابن ۾ آهي ته نماز ۾ ٻئي رڪعت، پهرئين
رڪعت کان ڊگهي ڪرڻ مڪروه آهي، پوءِ کڻي اها نفل
نماز ئي هجي. اهو صحيح قول آهي. هن مسئلي جو
تفصيلي بيان ’منية المصلي ‘ جي شرح ۾ علامه
ابراهيم حلبيءَ ڪيو آهي. اهڙي وضاحت ڪتاب ’امداد
الفتاح ‘ ۾ به آهي. پهرئين رڪعت کي ٻيءَ رڪعت کان
ڊگهو ڪرڻ به غير مستحب آهي. امام ابو حنيفھ ۽ امام
ابو يوسف (113هه - 182هه) وٽ تراويح جي ٻنهي رڪعتن
۾ قراءت جي هڪ جهڙائي ۽ هڪ جيترو هجڻ مستحب آهي.
اهڙي وضاحت ’محيط سرخسي ‘ ۾ آهي.“
مخدوم صاحب رسالي لکڻ جو سبب بيان ڪندي لکي ٿو:
”هي جو بـُـخاريٰ جي مشائخن قرآن شريف ۾ رڪوع
مقرر ڪيا آهن، انهن مان ڪو رڪوع وڏو آهي ته ڪو
رڪوع ننڍو آهي. ان ڪري تراويحن ۾ حافظ يا قاري
انهن مقرر ڪيل ننڍن وڏن رڪوعن جي حساب سان قرآن
شريف پڙهندو، ته تراويح نماز جي ڪا رڪعت وڏي ٿيندي
ته ڪا رڪعت ننڍي ٿيندي. جنهن ڪري نماز ۾ مستحب به
ترڪ ٿيو وڃي ۽ ڪراهت به ٿيو پوي. مون قرآن شريف جي
ٽيهن پارن کي هن ريت ورهايو آهي، ته قراءت ۾ سڀ
رڪعتون برابر ۽ هڪ جهڙيون ٿين. نماز ۾ ڪراهت کان
به بچي سگهجي ۽ ترڪ مستحب به نه ٿئي. مون هيءُ
رسالو شوال مهيني جي اوائل ۾ سن 1150هه ۾ لکڻ شروع
ڪيو.“
مخدوم صاحب جي تحقيق مان اهو پرو پوي ٿو ته پاڻ
قرآن شريف جي ٽيهن پارن کي اهڙي ترتيب ڏئي ورهايو
اٿائين، جو سڀني رڪعتن جي قراءت برابر ۽ هڪ جهڙي
ٿي وڃي ۽ ترڪ مستحب کان به بچي سگهجي. مخدوم صاحب
هر پاري کي سورهن حصن ۾ ورهايو آهي ۽ هر حصي جو
نالو ”مقرا“ رکيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح قرآن شريف جا
جملي 480 مقاري ٿيا.
هينئر جيڪو ماڻهو هڪ هڪ مقرا هر رڪعت ۾ پڙهي، ته
هر رڪعت هڪ جيتري ٿيندي ۽ تراويح ۾ قرآن شريف
رمضان المبارڪ جي 24 تاريخ ۽ رات پورو ٿيندو.
مستحب جو ترڪ به نه ٿيندو ۽ ڪراهت کان به بچي
سگهبو.
هيءُ ناياب ۽ منفرد ڪتاب ”مرڪزي جماعت اهلِ سنت
سنڌ“ جي صدر، مفتي محمد جان نعيمي سنڌي ۽ مهتمم
”مدرسھ مجدديھ نعيميھ ، ملير ڪراچي“ واري ايڊٽ
ڪري، جامع عربي مقدمي ۽ سوانح حيات سان سن
1421هه/2000ع ۾ سهڻي نموني شايع ڪيو آهي. تازو هي
ڪتاب سنڌي ترجمي تعارف ۽ عربي متن سان ڊاڪٽر
عبدالقيوم السندي، اسٽنٽ پروفيسر ام القريٰ
يونيورسٽي مڪة مڪرمة واري ڪنڌ ڪوٽ سنڌ مان به
2001ع ۾ شايع ڪيو آهي.
------
حصن المنوع عما اورد عليٰ من ادرج الحديث الموضوع
مخدوم صاحب 12 صفحن جو هيءُ رسالو بروز اربع، 14
ربيع الاخر 1153هجري ۾ لکيو. حافظ محمد قائم پلي
بن درس اصل پلي جو ڪتابت ٿيل آهي، البت ڪتابت جو
سال نامعلوم آهي ۽ ڪتابت به هڪ سري ڪانهي. صفحي جي
ڊيگهه ساڍا اٺ انچ ۽ ويڪر ست انچ آهي. هر صفحي ۾
22 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 25 لفظ آهن.
هن رسالي ۾ جيتوڻيڪ ڪتابت جو سال ڄاڻايل نه آهي،
پر هڪ اندازي موجب ته هيءُ رسالو خود مخدوم صاحب
جي وقت جو ڪتابت ٿيل آهي، جنهن جا ٽي اهڃاڻ ملن
ٿا.
1. رسالي جي سرورق تي ڪتاب جي نالي لکڻ کان پوءِ،
ڪاتب هيءُ عبارت لکي آهي: ”مؤلفھ محمد هاشم اللهم
سلمھ .“ جنهن جي معنيٰ آهي ته هن رسالي جو مصنف
محمد هاشم آهي. اي الله! ان کي سلامت رک! ڪاتب
طرفان سلامتي جي دعا تڏهن لکبي، جڏهن رسالي جو
مصنف حال حيات ۽ سلامت هجي! ٻيءَ صورت ۾ ڪاتب
”اللهمَ سلمھ “ جي بجاءِ دعا لاءِ ”رحمة الله عليھ
“ لکي ها.
2. رسالي جي آخر ۾، ڪاتب جي نالي ”فقير قائم“ جي
هيٺان عربيءَ ۾ لکيل آهي، ته هيءُ رسالو مؤلف جي
نسخي سان ڀيٽايل آهي ۽ مؤلف جي سامهون اُتاريو ويو
آهي.
3. رسالو تمام جهونو ۽ ڪرم خورده آهي، جنهن مان
معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ رسالو تمام آڳاٽو ۽ مصنف جي
وقت جو آهي.
رسالي جا عنوان ۽ سوال جواب ڳاڙهيءَ مس سان لکيل
آهن. مخدوم صاحب دستور کان هٽي، هن رسالي ۾ پنهنجو
نالو نه لکيو آهي. والله اعلم باالصواب. هن رسالي
جو واحد قلمي نسخو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
لائبريريءَ ۾ موجود آهي، جتان راقم کي ان جو عڪس
دستياب ٿيو.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب، هيءُ رسالو مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي
رد ۾ لکيو آهي. مخدوم محمد معين پنهنجن رسالن ۾
موضوع حديثون آڻي، ڪن مسئلن ۾ دليل ورتو آهي، جيئن
ڪارا ڪپڙا پائڻ، روئڻ پٽڻ ۽ ٻارهن امامن جا فضائل
وغيره.
مخدوم صاحب اصولي طور حديث جي فن ۽ مسئلن جي ڇنڊ
ڇاڻ بابت موضوع حديثن تي جرح ۽ تعديل لکي، مخدوم
محمد معين کي لاجواب ڪيو آهي. مقدمھ ابن صلاح،
اڪسير الهداية ۽ تنوير الهادي ڪتابن جي عبارتن ۽
خاص ڪري مخدوم محمد معين جي ڪتابن ”قرة العين“ ۽
”مواهب سيد البشر في فضائل الائمة الاثنيٰ عشر“ تي
ڀرپور علمي تحقيق ۽ تنقيد ڪئي آهي. خاص موضوع حديث
کي زير بحث آندو آهي. مخدوم صاحب پنهنجي رسالي ۾
مخدوم محمد معين جو نالو ته ڪونه آندو آهي، پر
ڪيترين جاين تي کيس ”مولانا“ جي لقب سان مخاطب ٿيو
آهي، مثال طور: الله تعاليٰ مولانا کي سلامت رکي ۽
سندس حفاظت ڪري، وغيره.
بهرحال، مخدوم صاحب جو هيءُ رسالو علمي بحث تي
مشتمل آهي ۽ عام ماڻهن لاءِ يا عام فهم نه آهي. هن
رسالي جي عربي ٻولي به عالمانه آهي ۽ سليس نه آهي.
جيئن ته مخدوم محمد معين به وڏي پائي جو عربي دان
۽ عالم هو، ان ڪري مخدوم صاحب به ان سان عالمانھ
انداز سان مخاطب ٿيو آهي ۽ اهڙوئي اسلوب اختيار
ڪيو آهي. ٻيءَ صورت م مخدوم صاحب ٻين مسئلن تي
جيڪي عربيءَ ۾ ڪتاب لکيا آهن، اهي نهايت سليس ۽
عام فهم عربي ٻوليءَ ۾ آهن. هن رسالي مان مخدوم
صاحب جو علم حديث ۽ اصول حديث بابت ڀرپور علمي
مطالعو ۽ اهڃاڻ جو پرو پوي ٿو.
------
تمام العناية في الفرق بين
صريح الطلاق والڪناية
هيءُ رسالو مخدوم صاحب سن 1156هجري ۾ لکيو. متن
ڇهه صفحا ۽ ضميمو ٻه صفحا، جملي اٺ صفحا آهن. صفحي
جي ڊيگهه ساڍا نوَ انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر
صفحي ۾ 21 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 13 لفظ آهن.
هيءُ رسالو سن 1300هه ۾ شايع ٿيو. ڪاتب طرفان
’خاتمھ الطبع ‘ ۾ وضاحت آهي ته:
”هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي پونير مان مولوي غلام
محمد کان وٺي مطبع مصطفائيءَ مان محمد عبدالواحد
ڇپرايو آهي.“
هن ننڍڙي رسالي ۾ 17 ڪتابن جا حوالا آيل آهن. خاص
ڪري سنڌ جي هڪ بزرگ، مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جي
ٻن ڪتابن ”حل العقود في طلاق السنود“ ۽ ”المتانة
في مرمة الخزانة “ جا حوالا به موجود آهن.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب هن رسالي ۾ طلاق جي صريح ۽ ڪنايھ لفظن
بابت تحقيقي بحث ڪيو آهي. لفظ ”طلاق“ قرآن مجيد ۾
ٻن جاين تي آيو آهي. لفظ طلاق، صريح ۽ ڪنايھ جي
معنيٰ هيءَ آهي:
طلاق: زال جو نڪاح جي پابنديءَ کان آجو ٿيڻ.(1)
شرعي اصطلاح ۾ طلاق جي معنيٰ آهي، ڪن مخصوص
لفظن سان زال کي نڪاح جي قيد کان آزاد ڪرڻ.(2)
صريح: صريح جو جمع صرحاء ۽ صرائح آهي. معنيٰ خالص،
چٽو، واضح.(1)
ڪنايھ : ڪاف جي زير سان. پوشيده يا اشاري سان
ڳالهه چوڻ، اهڙيءَ طرح جو ان جي معنيٰ چـِـٽي ۽
ظاهر نه هجي.(2)
مخدوم صاحب هن رسالي ”تمام العناية “ کان سواءِ
ٻين تحريرن ۾ به طلاق جي مسئلي کي چٽائيءَ سان
بيان ڪيو آهي.
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن رسالي جي تحقيقي
مطالعي کان پوءِ لکي ٿو:
”مخدوم صاحب پنهنجي هن رسالي ’تمام العناية ‘ ۾
هيءُ سوال کنيو، ته جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن مان ڪو
پنهنجي زال کي ٽي ڀيرا چوي: ’مون فلاڻي ڇڏي ’، ته
ان صورت ۾ ڇا لازم ٿيندو؟
ان جو جواب هن طرح ڏنائين ته سڄو دارومدار چوندڙ
جي نيت ۽ ارادي تي آهي. جيڪڏهن ٽن طلاقن جي نيت
هئس ته پڪي صريح طلاق ٿي چڪي، پر جيڪڏهن اهڙي نيت
ڪانه هئس ته پوءِ هڪ طلاق بائن ٿيندي. اهو انهيءَ
ڪري جو لفظ ’ڇڏي ‘ هڪ ڪنايو آهي ۽ انهيءَ ڪري
’طلاق بائن ‘ جي برابر آهي.
سن 1156هه/1743ع ۾ مخدوم محمد هاشم جي لکيل هڪ
تحرير ۾ پڻ انهن لفظن تي بحث ٿيل آهي. سوال هو ته
سنڌين (مسلمانن) مان ڪو پنهنجي زال کي ٽي ڀيرا چوي
ته: ’مون فلاڻي ڇڏي، مون فلاڻي ڇڏي، مون فلاڻي
ڇڏي’، ته ان حالت ۾ مٿس ڇا لازم ٿيندو؟
مخدوم محمد هاشم جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن نيت ٽن
طلاقن جي ڪيائين ته طلاق پڪي ٿي چڪي ۽ زال پوءِ
ٻئي مڙس سان نڪاح ڪندي. پر جيڪڏهن ڪنهن به ڀيري
اهڙي نيت نه ڪيائين ته پوءِ طلاق بائن ٿي ۽ نئين
سر نڪاح پڙهبو. اهو انهيءَ ڪري جو سنڌي ٻوليءَ جي
ڪناين (لفظن جي معنوي اشارن) کي ائين ئي نبيرڻو
پوندو، جيئن عربيءَ جي ڪناين کي. سنڌين جي زبان ۾
لفظ ’ڇڏي ‘ (اصل چهڏي) ’ڪنايو ‘ آهي ۽ نه ’صريح ‘
(چٽي معنيٰ وارو). سنڌي زبان ۾ هن قسم جا ٻيا
ڪيترائي مثال موجود آهن.“
(1)
مخدوم صاحب ”تمام العناية “ ۾ فقھ جي وڏن ڪتابن جي
حوالن سان گڏ سنڌ جي مشهور عالم، مخدوم محمد جعفر
بوبڪائيءَ جي هڪ خاص ڪتاب ”سنڌين جي طلاق نامي جي
مسئلن جو حل“ (حل العقود في طلاق السنود) جي هڪ
عبارت حوالي طور به آندي آهي:
”ان قال لموطوئتھ ’چهڏي، چهڏي، چهڏي ‘ او ’چهڏيم
‘ ثلاث مراة و اراد بالتکرير التاسيس دون التاکيد
لايقع الا الواحدة. يعني ته جيڪڏهن ڪنهن مڙس
پنهنجي زال لاءِ چيو ته (مون هي) ’ڇڏي، ڇڏي، ڇڏي‘
يا ٽي ڀيرا ’ڇڏيم‘ (چيائين) مگر ائين ورائي ورائي
چوڻ سان جيڪڏهن سندس مقصد پنهنجي گفتي تي زور ڏيڻ
۽ چٽي ڪرڻ جو (تاسيس) هو ۽ نه (طلاق ڏيڻ خاطر
پنهنجي) ارادي کي پڪو ڪرڻ (تائيد) ته ان حالت ۾
اها هڪ طلاق (جي اعلان جي برابر) ٿيندي.“
(2)
مخدوم صاحب جي ڪتاب ”تمام العناية “ جي حوالي سان،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تحقيق ڪندي ان جو نچوڙ هن
ريت ڏنو آهي:
”شرعي لحاظ سان پڪو طلاق تڏهن ٿيندو، جڏهن ڪو مڙس
سوچي سمجهي ٿڌي دماغ سان ٽي ڀيرا طلاق ڏيڻ جو
اعلان ڪري. مگر ڪن وقتي ڪاوڙ سببان هڪ ساهيءَ ۾ ٽي
ڀيرا ’ڇڏيم، ڇڏيم، ڇڏيم‘ چئي ٿي ڇڏيو، پر پوءِ
پشيمان ٿي ٿيا. (مخدوم صاحب) مخدوم جعفر جي مٿين
وضاحت آندي آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ اهو اعلان ٽن
ڀيرن وارو نه، پر هڪ ڀيري جي برابر ٿيندو: يعني ته
اها طلاق (صفا پڪي) نه ٿيندي، پر طلاق بائن
(پهريون اظهار وارو) چئبي. مخدوم جعفر (جي مٿئين
عبارت ۽ وضاحت آڻي مخدوم صاحب) هڪ سماجي ۽ نفسياتي
شڪل کي شرع جي روشنيءَ ۾ عملي طور حل ڪيو، ته جيئن
جذبات وچان ٽي ڀيرا ’ڇڏي ‘ يا ’ڇڏيم ‘ چوڻ سان
ڪنهن جو گهر نه ڦٽي ۽ گهرو زندگي تباهه نه ٿئي.“
(2)
------
تحقيق المسلڪ في ثبوت اسلام الذمي بقولھ للمسلم
انا مثلڪ
هن ڪتاب ۾ 92 صفحا آهن ۽ ڪتابت تمام خوبصورت اٿس.
صفحي جي ڊيگهه نوَ انچ ۽ ويڪر ست انچ آهي. هر صفحي
۾ 25 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 16 لفظ آهن.
هيءُ قلمي نسخو خود مخدوم صاحب جي دور جو تحرير
ٿيل آهي. جيئن ڪاتب رسالي جي آخر م نوٽ لکيو آهي:
”الحمد الله قد قوبلت هذه النسخة بحضرة مؤلفها و
وقع الفراغ عن مقابلتها في الثاني والعشرين من
جمادي الاولي سن 1160هه.“
انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم
صاحب جي روبرو ڪتاب جي اصل نسخي سان ڀيٽي نقل تيار
ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب اصل ڪتاب 23 شعبان المعظم
1159هه ۾ لکيو ۽ ڪاتب ان کان اٺين مهيني پوءِ 22
جمادي الاول 1160هه ۾ هيءُ نقل ڀيٽي اُتاريو.
انهيءَ لحاظ سان هيءُ نسخو صحت ۽ قدامت جي اعتبار
کان تمام صحيح ۽ آڳاٽو نسخو آهي.
مخدوم صاحب اڳتي هلي ٻئي سال 1160هه ۾ هن ڪتاب
”تحقيق المسلک“ جو خلاصو 12 صفحن ۾ ”تصحيح المدرک“
نالي عربيءَ ۾ به لکيو. راقم کي ٻنهي قلمي نسخن جا
عڪس ”مدرسھ مجدديھ نعيميھ ، ملير ڪراچي“ مان مليا.
هي ٻئي رسالا اڃا تائين اڻ ڇپيل آهن. هن رسالي جا
قلمي نسخا ڪتبخانه پير جهنڊه، ڪتبخانه ڳڙهي ياسين
۽ قاسميھ لائبريري ڪنڊياري ۾ موجود آهن.
مواد جو وچور:
وچئين زماني ۾ ڪابه گفتگو توڙي اها ڪيتري سياسي ڇو
نه هجي، مذهب جي آميزش کان سواءِ ممڪن ئي نه هئي.
ڪي ڳالهيون ته اهڙيءَ ريت زبان ۽ بيان جو جزو بنجي
ويون هيون، جو هندو مؤرخ به پنهنجي هم مذهبن کي نه
رڳو ”ڪافر“ لکندا هئا، پر انهن جي مرڻ تي به ”جهنم
رسيد“ ئي چوندا هئا.(1)
غالباً مغلن جي پوئين دور ۾، حڪومت ۽ شرعي عالمن
طرفان ذمي ڪافرن جي اسلام آڻڻ لاءِ ڪي اهڙا لفظ
مقرر ٿيل هئا، جو جيڪڏهن ڪو ذمي ڪافر اهي لفظ
چوندو هو، ته انهن لفظن چوڻ سان مٿس اسلام جو حڪم
جاري ٿي ويندو هو. انهن لفظن مان ”انا مثلڪ“ يعني
آئون تنهنجي مثل آهيان - لفظ به آهن. انهن لفظن جي
تائيد، شرعي اهميت ۽ لغوي حيثيت بابت اڳتي هلي بحث
مباحثا ٿيا ۽ ڪتاب جـُـڙيا.
مخدوم صاحب ذمي ڪافر طرفان انهن لفظن چوڻ سان
اسلام جي اثبات جو قائل هو. مخدوم صاحب هن رسالي
کان سواءِ ”تصحيح المدرک“ ۽ ”بياض هاشمي“ ۾ به هن
مسئلي بابت ڀرپور علمي بحث ڪيو آهي.
مخدوم صاحب حمد ۽ صلواة کان پوءِ لکي ٿو:
”هيءُ مختصر تذڪرو ’تحقيق المسلک في ثبوت اسلام
الذمي بقولھ للمسلم انا مثلڪ ‘ نالي لکيو ويو آهي.
هن رسالي ۾ ان مسئلي تي تحقيق سان حق بيان ڪيو ويو
آهي ۽ مخالفت جو به تحقيق سان رد ڪيو ويو آهي. هن
رسالي جي شروعات ڇنڇر رات، تاريخ 23 شعبان سن
1159هه تي ٿي.“
مخدوم صاحب هن رسالي جو مواد ٽن فصلن ۽ خاتمي تي
ورڇيو آهي.
پهرئين فصل ۾ هن مسئلي بابت فقھ جا فروعي، اصولي،
علاميه ۽ حديثن جا پنجاهه دليل پيش ڪيا ويا آهن،
جنهن ۾ مثل جي لفظ چوڻ سان اسلام ثابت ٿئي ٿو.
ٻئي فصل ۾ لفظ ”مثل“ تي ڀرپور علمي بحث ڪيل آهي.
ٽئين فصل ۾ هن مسئلي بابت ان دور جي همعصر ۽
غالباً اڳين عالمن جو به علمي رد ڪيل آهي ۽ انهن
جي اعتراضن جا جواب ڏنل آهن. اهڙيءَ ريت خاتمي ۾
سڄي ڪتاب جو نچوڙ سمايل آهي.
هن ڪتاب ۾ آيل مسئلي جو نوعيت هيءَ آهي ته ڪنهن
ذمي ڪافر مسلمان کي چيو ته آئون تو جهڙو آهيان، ته
اهو ذمي انهن لفظن چوڻ سان مسلمان ٿي پوندو ۽ ان
ذمي تي اسلام جو حڪم لاڳو ٿيندو. اهڙيءَ ريت ”انا
مثلڪ“ يعني آئون تو جهڙو آهيان. يا آئون تنهنجي
مثل آهيان چوڻ مان قد ڪاٺ، رنگ روپ ۽ وضع قطع مراد
هرگز نه وٺي سگهبي، بلڪ ذميءَ تي اسلام جو حڪم
جاري ٿيندو.
مخدوم صاحب هن رسالي کي وڏي خبرداريءَ سان لکيو
آهي، جو سندس دور جي همعصر عالمن به هن مسئلي بابت
مخدوم صاحب جي مخالفت ۾ رسالا لکيا هئا. انهيءَ
ڪري مخدوم صاحب هر ڳالهه کي تڪي توري ۽ ڪتابن جي
حوالن سان مسئلي کي بيان ڪيو آهي. مخدوم صاحب ٽئين
فصل ۾ مخالفن جي سوالن جا ڀرپور علمي جواب ڏنا آهن
۽ اصل مسئلي جي نوعيت کي کولي کولي بيان ڪيو آهي.
مخدوم صاحب هن رسالي ۾ جن سنڌ جي عالمن جا نالا
آندا آهن، انهن مان ڪي سندس همعصر ته ڪي وري کانئس
اڳ جا عالم آهن، جيئن ته:
* مخدوم محمد اڪرم نصرپوري، مصنف: ”امعان النظر“
* شيخ حافظ احمد البتائي
* علامه مخدوم بايزيد سنڌي ٺٽوي، مصنف: ”مقاليد
الاسلام“
* مخدوم حامد اگهمي، صاحب بياض تذڪرة الفقيھ
* مخدوم عبدالغفار
* مـُـلا يونس
مخدوم صاحب هن رسالي ۾ گهڻن ڪتابن جا حوالا ڏنا
آهن. هڪ هڪ صفحي تي ڪافي حوالا موجود آهن، جن مان
مسئلي جي نوعيت ۽ دليلن جي اهميت ظاهر ٿئي ٿي.
مخدوم صاحب هن رسالي جا ٽي نالا رکيا آهن:
1. التحقيق المسلک في ثبوت اسلام الذمي بقولھ
للمسلم انا مثلڪ
2. الرد المختوم عليٰ من نفي کون المثل للعموم
3. السهم المسموم في کبد من نفي کون المثل للعموم
البت، هن رسالي جي مقدمي ۾ آيل ۽ مشهور پهريون
نالو ”تحقيق المسلک“ ئي آهي. باقي ٻه نالا مخدوم
صاحب رسالي جي ٽئين باب جي پڄاڻيءَ تي ۽ خاتمي کان
اڳ ۾ آندا آهن.
مسئلي جي شرعي نوعيت ۽ حجت ائين تحرير ٿيل آهي.
شايد اهو حڪم ذمين تي لاڳو ٿيو هجي ته هجي! ٻيءَ
صورت ۾ مخدوم صاحب جي دور ۾ ڪلهوڙا حڪمران روادار
۽ فراخدل هئا. تاريخ جي مطالعي مان ظاهر آهي ته
ميان يارمحمد کان وٺي ميان نورمحمد، ميان غلام
شاهه ۽ سرفراز ۽ عبدالنبي ڪلهوڙي جي دؤر تائين
ڪيترا هندو حڪومت جي ڪمن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ۽ وڏن
عهدن تي فائز هئا ۽ مسلمانن سان گڏجي خوش اسلوبيءَ
سان ڪم سرانجام ڏيندا پئي رهيا. سرِدست مخدوم صاحب
جي وقت جي حڪمران، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لکيل
ڪتاب ”منشور الوصيت و دستور الحکومت“ فارسي جي
حاشيي تي ڪيترن هندن جا نالا موجود آهن، جيڪي وڏن
عهدن تي فائز هئا ۽ حڪومت جي ڪمن ڪارين ۾ ٻانهن
ٻيلي هئا، جن مان مخدوم صاحب ۽ سندس همعصر حڪمران
دور جي رواداريءَ جا مثال ملن ٿا:
1. برخوردار مهته موٽو مل
2. ديوان مانجهو مل
3. ديوان گدو مل
4. ديوان چيلارام سيوستاني
5. ديوان گهنشام داس
6. ديوان ٻالڪ رام
7. شيوڪ رام عطارد
8. ديوان گلراج مل، وڪيل
9. لاله امرت راءِ، وڪيل
10. ديوان جسپت راءِ، وڪيل
11. لاله عزت راءِ
12. مهته ديوداس
13. ديوان مولراج
14. مهته هرڪرن مل
15. ديوان گلاب راءِ
16. ديوان اجو مل، عامل
17. ديوان تاراچند، خدمتگار
18. ديوان هريراءِ، خدمتگار
19. ديوان سهجرام، خدمتگار
20. ديوان ماڻڪ راءِ، خدمتگار
21. ديوان مولچند، خدمتگار
22. ديوان دولھ رام، خدمتگار
23. ڀيه دولھ رام، خدمتگار |
ميان يار محمد ۽ نور محمد جي دور ۾
ميان نور محمد جي زماني ۾
ميان نور محمد، غلام شاهه ۽ سرفراز خان جي
دور ۾
وزير مالي اُمور
غلام شاهه جي زماني ۾
محڪمه انشاء ، غلام شاهه جي زماني ۾
مـُـنشي، غلام شاهه جي زماني ۾
سرفراز جي زماني ۾
سرفراز جي زماني ۾
ديوان گدو مل جو ڀاءُ
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
عبدالنبي جي زماني ۾
(1) |
|