باب چوڏهون
همعصر
ٻارهين صدي هجريءَ جي سنڌ - علميءَ ۽ ادبي لحاظ
کان سرسبز، شاداب ۽ ساوڪ واري رهي آهي ۽ مخدوم
محمد هاشم ٺٽويءَ جو اهو زمانو، سنڌ ۾ علم و ادب ۽
سنڌي ٻوليءَ جي آبياريءَ جو دور هو. سنڌ جي چپي
چپي تي مدرسا ۽ مڪتب، درسگاهون ۽ درگاهون آباد
هيون. سنڌ جي هر وسنديءَ ۽ واهڻ ۾ عالم ۽ فاضل،
اديب ۽ شاعر، سگهڙ ۽ ڏاها پنهنجي علمي خدمتن ۽
روحاني رهاڻين ذريعي مشهور هئا، ۽ سنڌ واسين جي هر
لحاظ سان علمي ۽ عملي خدمت ۾ رُڌل ۽ ڪوشان هئا. ان
سلسلي ۾ خاص ڪري ننگر ٺٽو علمي لحاظ کان ويتر اوج
۽ موج تي رسيل هو.
ٺٽو، سنڌ جو اهو خوش نصيب شهر آهي، جيڪو علمي ۽
سياسي لحاظ سان بغداد، قرطبه ۽ مصر جون سڪون
لاهيندو رهيو آهي. هئملٽن نالي هڪ انگريز سياح ٺٽي
جي علمي عظمت جو اعتراف هن طرح ڪيو آهي:
”ٺٽي جو شهر سياسي تعليم لاءِ مشهور هو. تحقيق جي
علم ۽ فقھ جي تدريس لاءِ اتي چئن سون کان به زياده
مدرسا هئا.“
(1)
تاريخ ۾ به ٺٽي جو علمي شان شانائتو ۽ نروار آهي.
ٺٽي ۾ هڪ ئي وقت سوين مدرسا علم آموزيءَ لاءِ آباد
هئا. هرهڪ گهراڻو ۽ هرهڪ فرد علم جو مرڪز ۽ منبع
هو. هر علم دوست جي اوطاق ۽ بيٺڪ ”اڪيڊمي“ جو ڪم
ڏيندي هئي. هرهڪ عالم اديب ۽ شاعر وٽ جدا جدا
ڪتبخانا هئا. گهرن ۽ اوطاقن ۾، رستن تي، دوڪانن ۽
بازارن جي چوراهن تي علم پرورن جون ملاقاتون،
صحبتون، مجلسون ۽ مشاعرا صبح شام ۽ رات ڏينهن
ٿيندا رهندا هئا. هڪ ئي وقت مخدوم محمد هاشم،
مخدوم محمد معين، مخدوم ضياءُ الدين، ميان نعمت
الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع ۽ آخوند
ابوالحسن جهڙا يگانه روزگار عالم ۽ مير محسن، غلام
علي ”مداح“ ، ٻالچند ”آزاد“ ، شيوڪرام ”عطارد“ ،
شيخ محمد محفوظ ”سرخوش“ ،
غلام علي ”مومن“ ، محمد پناهه ”رجا“ ، مير
ابوالبقا، بهرور علي ۽ مير ابوتراب ”ڪامل“ جهڙا
نغزگو شاعر ٺٽي شهر ۾ موجود هئا، جن مان هر هڪ
پنهنجي دور جو غزالي ۽ دواني، سعدي ۽ انوري هو.
اهي سڀ بزرگ پاڻ صاحبِ تصانيف ۽ صاحبِ دواوين هئا.
انهن مان هرهڪ کي جدا جدا ڪتبخانو هوندو هو. بلڪه
دوست احباب به وقت بوقت استفادو ڪندا رهندا هئا.(1)
مخدوم محمد هاشم به انهيءَ علمي دور ۽ شهر جو ڪثير
التصانيف بزرگ هو. سندس همعصر بزرگ به قلم ۽ قرطاس
جا صاحب، مدرسن جا وڏا عالم، استاد ۽ فيض جا
سرچشما هئا. سڀئي بزرگ اهلِ دل ۽ علم جا روشن
ستارا هئا، جن مخدوم صاحب سان گڏ سنڌ جي علمي فضا
کي روشن ڪري چمڪائي ڇڏيو هو. مخدوم صاحب جي دور ۾
سنڌ اندر ڪئين اهلِ دل ۽ اهلِ علم موجود هئا، پر
هتي انهن مشاهيرن جو تذڪرو شامل ڪيو ويو آهي، جن
جو مخدوم صاحب سان سنئون سڌو تعلق رهيو، ۽ انهن جو
مخدوم صاحب سان همعصرانه واسطو لکت ۾ ثابت ۽ موجود
آهي:
1. ميون ابوالحسن سنڌي ٺٽوي:
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو واسطو ٻارهين صدي
هجريءَ سان آهي. ان دور ۾ سنڌ اندر چار ”ابوالحسن“
جي ڪنيت سان مشهور سنڌي عالم ٿي گذريا آهن. اهو به
حسن اتفاق آهي ته انهن مان ٽي ابوالحسن، ٺٽي شهر
جا رهاڪو هئا ۽ چوٿين ابوالحسن جو تعلق نواب شاهه
ضلعي سان آهي. انهن چئني بزرگن مان هڪ ابوالحسن
صغير سنڌي مدني، مخدوم صاحب جو شاگرد هو. باقي ٽي
بزرگ مخدوم صاحب جا ويجها همعصر هئا.
ميون ابوالحسن سنڌي ٺٽوي، چئني بزرگن مان عمر ۽
بزرگيءَ جي لحاظ کان سرِفهرست آهي. پاڻ سنڌي
صورتخطيءَ جو موجد چيو وڃي ٿو. هن بزرگ جو سنڌي
ادب تي وڏو احسان آهي، جو اڄ سنڌي صورتخطيءَ جي
ترقي يافته شڪل جي ڪري، سنڌي ٻوليءَ علم ۽ ادب جو
ڀنڊار نظر اچي ٿي. ميون ابوالحسن ٺٽي ۾ ڄائو. سندس
والد جو نالو عبدالعزيز هو. هو يارهين صدي هجري ۾
سن 1025هه کان اڳ ڄائو ۽ ٻارهين صدي هجريءَ جي
اوائلي سالن ۾ وفات ڪيائين. سن 1080هه - 1100هه
وارن سالن ۾ هيءُ جيئرو هو. سندس ڪتاب ”مقدمة
الصلواة“ سنڌ ۾ مشهور آهي. هن اهو ڪتاب يارهين صدي
هجريءَ جي آخري سالن ۾ لکيو. جيئن ته ميون
ابوالحسن هيءُ ڪتاب عربيءَ يا فارسيءَ جي بدارن
”سنڌيءَ“ ۾ لکيو، ان ڪري اهو ”ابوالحسن جي سنڌي“
جي نالي سان مشهور ٿي ويو.
ميون ابوالحسن فقهي مسئلن جو چڱو ڄاڻو هو ۽ قديم
سنڌيءَ جو شاعر به هو. سندس ڪتاب ”مقدمة الصلواة“
سنڌي نظم ۾ اوائلي ڪتاب ۽ سنگ ميل جي حيثيت رکي
ٿو. هن ڪتاب ۾ نماز جا مسئلا بيان ڪيل آهن. اهوئي
ننڍڙو ڪتاب سنڌي نظم جو آهي، جنهن تي ان دور جي
وڏن عالمن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم محمد قائم
فارسي ۽ عربي ۾ رسالا لکيا.(1)
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي زباني روايت آهي، ته
ميون ابوالحسن ٺٽويءَ جي وفات اندازاً سن 1125هه
ڌاري ٿي آهي.
2. ابوالحسن ڪبير ٺٽوي مدني:
هن بزرگ جو نالو محمد بن عبدالهادي، لقب نورالدين
۽ ڪنيت ابوالحسن آهي. ابوالحسن ڪبير ٺٽي ۾ ڄائو ۽
اتي ئي علم پرايائين. علم ۾ ڪمال حاصل هوس. مخدوم
محمد هاشم هن کي ٺٽي جي عالمن جو اڳواڻ ڪري سڏيو
آهي. ٺٽي کان پوءِ مديني منوره هجرت ڪري ويو. اتي
به شيخ محمد بن عبدالرسول برزنجي، شيخ ابراهيم بن
حسن الڪوراني ۽ عبدالله بصري کان علم حديث ۾ سند
ورتائين.
مديني منوره ۾ ”مدرسة الشفاء “ نالي مدرسو قائم
ڪيائين، جنهن ۾ پاڻ درس ڏيندو رهيو. عرب عجم جي
سوين عالمن کانئس علم حديث پڙهيو. ابوالحسن ڪبير
جي مدرسي تي ”الشفاء “ نالي پوڻ بابت ٻه روايتون
آهن:
(الف) هن مدرسي ۾ ابوالحسن ڪبير طرفان سندس مدرسي
۾ قاضي عياض اندلسي جو مشهور ڪتاب ”الشفاء في
تعريف حقوق المصطفيٰ“ جو درس لازمي طور ڏنو ويندو
هو.
(ب) هڪ فوجي سالار بيمار ٿيو. هو زندگيءَ جي آخري
ڪشمڪش ۾ مبتلا هو ۽ مخدوم ابوالحسن ڪبير ڏانهن دعا
لاءِ رجوع ٿيو، جيڪو ان وقت مسجد نبويءَ ۾ درس ۾
مشغول هو. مخدوم ابوالحسن ڪبير ان بيمار فوجي
سالار جي صحت لاءِ دعا گهري، جيڪا الله تعاليٰ وٽ
مستجاب ٿي ۽ سالار کي تندرستي عطا ٿي. ان سالار
وري مخدوم ابوالحسن ڪبير لاءِ هڪ مدرسو تعمير
ڪرايو، جنهن جو نالو ”مدرسة الشفاء “ مشهور ٿي
ويو.
سندس هيٺيان ڪتاب يادگار آهن: حاشيه صحيح بخاري،
حاشيه صحيح مسلم، حاشيه ابن ماجه، حاشيه نسائي،
حاشيه ابودائود، حاشيه ترمذي، حاشيه مسند احمد بن
حنبل، حاشيه بيضاوي، حاشيه فتح القدير، حاشيه ڪتاب
الاذڪار، حاشيه الزهراوين، حاشيه جلالين، حاشيه
شرح الجوامع، تفسير لطيف، الفيوضات النبويه ۽ منهل
الهداة شرح معدن الصلواة.(1)
مخدوم ابوالحسن ڪبير جي وفات مديني منوره ۾ 12
شوال المڪرم 1139هه تي ٿي. جڏهن ابوالحسن ڪبير فوت
ٿيو، ته پوري مديني شهر جو ڪاربار معطل ٿي ويو.
سندس جنازي نماز ۾ عام و خاص جو وڏو اجتماع ٿيو ۽
کيس جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو.(2)
3. مخدوم عبدالرحمان کهڙائي:
سنڌ جي رياست خيرپور ميرس ۾ ”کهڙن“ جي عباسي
خاندان جو وڏو اثر رهيو آهي. خاص ڪري علمي لحاظ
کان سندس نالو روشن آهي. هن خاندان جو وڏو ڏاڏو
محمد ابراهيم، خليفي معتصم بالله عباسي جي دور ۾
دين جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو. اڳتي هلي، سندس
پونير کهڙن ۾ سڪونت اختيار ڪئي. ڪلهوڙن جي دور ۾
هن خاندان جي هڪ بزرگ مخدوم عبدالرحمان کهڙائي
شهيد جي هاڪ هر طرف هلڻ لڳي. مخدوم عبدالرحمان،
مخدوم محمد جو فرزند ۽ مخدوم محمد عاقل جو پوٽو
هو. هن ظاهري خواه باطني تعليم پنهنجي والد کان
حاصل ڪئي ۽ پنهنجي والد مخدوم محمد جي وفات کان
پوءِ سندس مسند تي ويهي اسلام جي تبليغ، شرڪ ۽
بدعت جي پاڙ پٽڻ ۾ مشهور رهيو.(3)
مخدوم عبدالرحمان شهيد، حضرت مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جو گهاٽو دوست هو. مخدوم شهيد فطرتاً حق گو
۽ مجاهد مرد هو. اگرچه سندن طبيعت ۾ عجز تمام گهڻو
هو، تاهم جابر کان جابر ۽ ظالم کان ظالم امير کي
به حديث شريف ”افضل الجهاد کلمة الحق عند امير
جائر“ جي فرمان موجب حق چئي ڏيندا هئا.
مخدوم صاحب سن 1145هه ۾ 222 ڄڻن سان ميان نور محمد
ڪلهوڙي جي لشڪر هٿان شهيد ٿيو. سندس وفات جو سن
هيٺين جملن مان نڪري ٿو:
- هي هي ستون سند فتاد.
- در مسجد قتل شد.
- شمع هديٰ کشته شد.
- يد خلهم بجنات.
- بل احياء عند ربهم يرزقون فرحين.
- کانوا غازين.
مخدوم غلام محمد بـُـگائي سندس شهادت جو احوال
سنڌي نظم ۾ جوڙيو هو. مخدوم شهيد جا ٻه فرزند هئا:
قاضي احمدي ۽ قاضي محمدي.(1)
4. مخدوم محمد قائم سنڌي مدني:
هيءُ ڀلارو بزرگ وڏو عالم ڪامل، بهترين فاضل، عقلي
خواه نقلي علمن جو جامع هو. ڪسبي توڙي وهبي فيض جو
مرڪز هو. مخدوم رحمت الله جو شاگرد هو ۽ مخدوم
محمد هاشم جي مد مقابل هو. علمي بحثن ۾ عالمن سان
سندس ڪيئي صحبتون ٿيون، جن ۾ ذهن ۽ ذڪاء جي بدولت
ڪيترن کان گوءِ کڻي ويو. هر روز ٽپهريءَ جي وقت
حديث نبوي عليھ الصلواة والسلام جو درس بيان ڪندو
هو ۽ ڪيترن توفيق جي صاحبن کي سلوڪ جي واٽ جي
هدايت ڏيندو هو. سن 1145هه ۾ هڪڙو دفعو حج تي وڃي
خير سان واپس آيو. وري ٻيو دفعو اهليه سميت وڃي
اتي رهي پيو ۽ انهيءَ برڪت ڀريي هنڌ حديث جي درس ۾
سڀني عالمن ۾ مشهور ٿيو. هو سن 1157هه (ڀلي پار) ۾
گذاري ويو. سندس وفات جي تاريخ ”في جنات تجري“ مان
نڪري ٿي.(2)
5. مخدوم محمد معين ٺٽوي:
هن بزرگ کي مخدوم ٺارو ڪري سڏيندا هئا. سندس پيءُ
مخدوم محمد امين بن مخدوم طالب الله دل لاکا قوم
جو فرزند هو. مخدوم معين معقول خواه منقول ۾ وقت
جو علامه ۽ زماني ۾ لاجواب هو. هو سلوڪ جي رستي جو
واقف، ميان ابوالقاسم نقشبندي سان ڏاڍو عقيدو هوس.
پوين ڏينهن ۾ جناب ڪرامت نصاب سيد عبداللطيف
”تارڪ“ (ڀٽائي) سان ڏاڍو ياراڻو ۽ عقيدت منداڻو
رستو رکيائين. سندس ۽ مخدوم محمد هاشم جي وچ ۾
هميشه بحث مباحثو جاري رهندو هو. محققانه شعر
چوندو هو. فارسيءَ ۾ ”تسليم“ ۽ هنديءَ ۾ ”بيراگي“
تخلص هوس. سندس وفات سن 1161هه ۾ ٿي. سندس بلند
مقامي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو وقت جي صاحب سيد
عبداللطيف ”تارڪ“ (ڀٽائي) پنهنجي ڳوٺ (ڀٽ شاهه)
خادمن کي چيو، ته هلو ته پنهنجي يار جو آخري ديدار
ڪرڻ هلون. ائين چئي ٺٽي آيو ۽ راڳ جي محفل برپا
ڪيائين. محفل جي عين گرمي ۽ ذوق واري وقت مخدوم
(معين) اٿي اندر ويو ۽ جهٽ ۾ ساهه ڏنائين. سيد
(ڀٽائي) جنازي سان شموليت ڪري ڳوٺ ڏانهن موٽندي
چيو، ته ٺٽي جو ڏسڻ سندن ڪري ٿيندو هو. بس اڄ کان
(اچڻ) بند آهي.(1)
مخدوم محمد معين محدث هوندي ۽ شاهه ولي الله
دهلويءَ سان علمي نسبت رکندي به تقليد نه ڪندو هو
۽ مختلف خيالن ۽ نظرين جو صاحب هو. سندس مختلف
نظرين جي پيش نظر مخدوم محمد هاشم، سندس فرزند
مخدوم عبداللطيف ۽ پوٽي مخدوم ابراهيم، مخدوم محمد
معين جو علمي ميدان ۾ قوي دليلن سان رد ڪيو ۽
مخدوم محمد حيات سنڌي مدني به سندس رد ۾ قلم
هلايو.
مخدوم محمد معين جي مزار مڪلي ٽڪريءَ تي حضرت
ابوالقاسم نقشبنديءَ جي پيرانديءَ کان آهي. سندس
هيٺيان ڪتاب لکيل آهن:
- داراسات اللبيب في الاسوة الحسنة بالحبيب
- رساله اويسيه
- شرح رموز عقائد الصوفيھ
- رساله اثبات رفع اليدين (عربي ۽ فارسي)
- ايقاظ الوسنان
- غاية الفسخ لمسئلة النسخ
- رساله في تحقيق اهل البيت
- غاية الايضاح في المحاکمھ بين النووي و ابن
الصلاح
- رساله في بحث حديث المصراة
- ابراز الضمير للمصنف الخبير
- انور الوجد من منح المجد
- رساله في انتقاد الموضعين من فتح القدير
- رساله في تحقيق معني الحديث لا نورث ما تر کنا
صدقة
- مواهب سيد البشر في حديث الائمة الاثنيٰ عشر
- الحجة الجلية في نقض الحکم الافضيلة
- رساله في اثبات اسلام ابي طالب(1)
مخدوم محمد معين ۽ مخدوم محمد هاشم جي درميان جيڪي
علمي ۽ قلمي معرڪا ٿيا، انهن جو ذڪر تصنيفات واري
آخري باب ۾ آيل آهي.
6. مخدوم محمد حيات سنڌي مدني:
هيءُ بزرگ ذات جو چاچڙ، سندس پيءُ جو نالو ابراهيم
عرف ڦلاريو، عادلپور لڳ گهوٽڪي اتر سنڌ ۾ ڄائو.
ڪجهه وقت سنڌ ۾ علم حاصل ڪري، ان کان پوءِ قسمت
سانگي علم جي طلب ۾ مديني شريف وڃي نڪتو. اتي سنڌ
جي ٺٽوي محدث ابوالحسن ڪبير جي خدمت ۾ حديث جي
تڪميل ڪيائين. اڳتي هلي عرب و عجم جي استادي ۽
اڳواڻ هجڻ جو شرف حاصل ڪيائين.
پنهنجي محدث استاد ابوالحسن ڪبير جي وفات کان پوءِ
سندس جاءِ تي مسجد نبويءَ ۾ درس ۽ وعظ جي مسند تي
ويٺو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. سندس
مدرسي مان عرب، هندستان، مراڪش، شام ۽ مصر جي سوين
بزرگن کانئس حديث جو فيض حاصل ڪيو. جن مان ڪن جا
نالا هي آهن: شيخ احمد بن عبدالرحمان شامي، شيخ
محمد سعيد صغير، شيخ عبدالقادر خليل، شيخ غلام علي
آزاد بلگرامي، شيخ محمد فاخر الهه آبادي، محدث
خيرالدين سورتي ۽ شيخ غلام حسين عرف ابوالحسن صغير
ٺٽوي.
مخدوم محمد حيات مدنيءَ جا مخدوم محمد هاشم سان ڪن
علمي مسائل تي مناظرا به رهيا آهن. هڪ ٻئي تي انهن
ڀلارن بزرگن تمام سنجيدگي سان رد ڪد ڪيا آهن.
علامه محمد معين ٺٽويءَ جي ڪن ڪتابن جو رد به پاڻ
لکيو اٿس. سندس تصنيفات ۾ هيٺيان ڪتاب مشهور آهن:
- تحفة المحبين في شرح الاربعين
- شرح الحکم العطائيھ
- العون في کشف حال فرعون
- رساله في رد بد عة التعزيھ
- تحفة الانام في العمل بحديث خيرالانام
- راله في النهي عن العشق المرادن والنسوان
- الـُـجنة في عقيدة اهل السنة
- الايقاف عليٰ سبب الاختلاف
- رساله رد قرة العين في البکاء علي الحسين
- رساله رد الحجة الجليھ
- رساله تحريم الدخان
- شرح الترغيب والترهيب منذري
مخدوم محمد حيات سنڌي اربع جي ڏينهن، 26 صفر
المظفر 1163هه تي مديني منوره ۾ وفات ڪئي ۽ جنت
البقيع ۾ دفن ٿيو. آزاد بلگراميءَ پنهنجي استاد
محمد حيات جو سال وفات ”رحلة شيخي“ مان ڪڍيو آهي.(1)
7. شاهه عبداللطيف ڀٽائي:
حضرت شاهه صاحب، سنڌ جي مٽياري سيدن جي ”ڪريم
پوٽا“ خاندان مان آهي. سندس سنڌ ۾ خاندان جو سلسلو
سيد مير علي هراتيءَ کان شروع ٿيو. اهو نسب نامو
هن ريت آهي: سيد عبداللطيف ڀٽائي بن شاهه حبيب بن
عبدالقدوس بن جمال شاهه (جلال شاهه) بن لعل محمد
عرف لله شاهه بن عبدالمنعم بن هاشم بن حاجي بن
جلال عرف جراڙ بن شرف الدين بن مير علي سنڌي
هراتي. شاهه صاحب جو اهو سلسلو مٿي امام موسيٰ
ڪاظم رضي الله عنھ سان ملي، حضرت علي المرتضيٰ ڪرم
الله وجھ تائين پهچي ٿو.
شاهه صاحب جي ولادت سن 1102هه ۾ ٿي. نئين تحقيق
موجب شاهه صاحب جتي ڄائو، اهو گهر ۽ ڳوٺ ”سـُـئي
قندر“ واري تاريخي مقام جي لڳ اولهه طرف هو. اها
گهر واري جاءِ روينيو رڪارڊ موجب سروي نمبر 134،
ديهه ”سـُـئي قندر جاگير“ تعلقي شهدادپور ۾ آهي.(1)
شاهه صاحب قرآن شريف ۽ مڪتبي تعليم استاد ميان نور
محمد ڀٽي کان ورتي، جيڪو ”وانئـِـين“ ڳوٺ جو ويٺل
هو ۽ شاهه حبيب جو محبتي ۽ معتقد هو. ان سان گڏ
ننڍپڻ کان جوانيءَ جي دور تائين، شاهه لطيف جي
تربيت پنهنجي والد شاهه حبيب جي شفقت ۽ هدايت هيٺ
ٿيندي رهي. شاهه صاحب سير سفر مان به گهڻو ڪي
پرايو. مطلب ته شاهه صاحب پڙهڻ سان گڏ پروڙڻ ۽
پـُـرجهڻ ۾ ڪمال حاصل ڪيو. پاڻ چوويهن ورهين جو
ٿيو ته شادي ڪيائين. قرآن شريف، شاهه ڪريم جي
ملفوظات ”بيان العارفين“ ۽ مثنوي مولانا رومي سان
سندس روح رهاڻ هئي. اهي ٽئي ڪتاب پاڻ سان گڏ رکندو
هو.
شاهه صاحب طريقت ۾ پنهنجي والد شاهه حبيب وانگر
”قادري“ سلسلي جو پوئلڳ هو. ان سان گڏ پاڻ ”اويسي“
سلسلي ۾ پنهنجو روحاني رشتو، حضرت نبي ڪريم
ﷺ
جن سان ڳنڍيائين ۽ مرشدي طريقي کي جاري رکيائين.
شاهه صاحب پرجهي پروڙي، گهمي ڦري، ڏسي وائسي،
ڪشالا ڪڍي، هاڻي پڇي لال ۽ رچي راس ٿيو هو. پاڻ
جوانيءَ کان پوءِ اچي ڀٽ وسايائين. اتي پنهنجي
صحبتي فقيرن سان سندن اخلاقي سڌاري لاءِ راڳ رنگ
ذريعي اصلاح ڪرڻ لڳو. ڀٽ وسائڻ سان گڏ پنهنجي وڏن
جي درگاهن جي سار سنڀال لاءِ پاڻ شاهه ڪريم جو
روضو ۽ مسجد جوڙيائين. پنهنجي ڏاڏي عبدالقدوس شاهه
تي قبو اڏايائين. ڀٽ تي پنهنجي والد شاهه حبيب جي
مقبري سان گڏ مسجد به تعمير ڪرايائين.
شاهه صاحب هڪ جهانديده درويش، حال ۽ قال جو صاحب
هو. پاڻ چاليهن سالن جي دور کان پوءِ ۽ شاهه حبيب
جي وفات بعد، ڀٽ تي گوڏو کوڙي اچي ويٺو. راڳ سان
روحاني رهاڻ ڪرڻ لڳو. هن دور ۾ شاهه صاحب پنهنجن
پيارن مريدن ۽ معتقدن جي اصلاح ۽ پوئواري ڪرڻ، حال
لهڻ خاطر وٽن وڃڻ، حال وارن فقيرن ۽ درويشن سان
ملڻ ۽ عالمن عارفن سان صحبتون به ڪرڻ لڳو. پنهنجي
رس ڀرئي ڪلام ذريعي الاهي عشق جا اڌما ۽ اُٿلون
ڏئي، عام خاص کي سيراب ڪرڻ لڳو، جنهنڪري ڀٽائيءَ
جي ڀٽ تي خدائي نـُـور وسڻ لڳو.
هن سمي ڀٽ تي هر جمعي رات لطيفي راڳ جو سلسلو جاري
ٿيو ۽ محبتين جا ڀٽ تي ميڙا لڳي ويا. شاهه، عشق ۽
عرفان جي منزلن تي پهچي چڪو هو ۽ آخري وقت ۾ سر
”سهڻي“ جي هيءَ وائي اُچارڻ لڳو هو:
”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري.“
حضرت شاهه صاحب جو وصال 14 صفر المظفر 1165هه/2
جنوري 1751ع تي ڀٽ شاهه ۾ ٿيو ۽ ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي مٿس عاليشان روضو تعمير ڪرايو. سندس وفات
جو سال قاضي ابراهيم هالائيءَ ”رضوان حق“ مان ڪڍيو
آهي. محمد پناهه ”رجا“ ٺٽويءَ هيٺين سٽن مان وفات
جو سال ڪڍيو آهي:
شد محو در مراقبھ جسمِ لطيف پاک.
1165هه
گرديد محو عشق وجودِ لطيفِ مير.(1)
1165هه
حضرت شاهه صاحب جي عظمت ۽ شاعريءَ جو اعتراف نه
رڳو هتان جي اديبن ۽ نقادن ڪيو آهي، پر غير ملڪي ۽
مغربي اديبن به مڃيو آهي.
ايڇ. ٽي. سورلي لکي ٿو:
”شاهه عبداللطيف جنهن قسم جي شاعري ڪئي آهي، اهڙي
شاعريءَ جو سنڌ ۾ ٻيهر لکجڻ ممڪن ئي نه آهي.....
ان جي شاعريءَ ۾ هڪ قسم جي هدايت آهي.“
(1)
رچرڊ برٽن لکيو آهي:
”سيد عبداللطيف جي شاعراڻي شهرت سندس مشهور ڪلام
’شاهه جو رسالو ‘ تي ٻڌل آهي. هن جا هم وطني کيس
’سنڌ جو حافظ ‘ ڪري ليکيندا آهن. انهن ۾ ڪي اهڙا
ٿورا هوندا، پڙهيل خواه اڻ پڙهيل، جن سندس درد
ڀريو داستان پڙهيو يا ٻڌو نه هوندو.“
(2)
ڊاڪٽر اينيمري شمل به لکيو آهي:
”شاهه صاحب جو تخيل تمام وسيع آهي... شاهه صاحب
جي شاعرانه جوڙجڪ به ايتري ڳوڙهي آهي، جو آسانيءَ
سان ان جو ترجمو ڪري نٿو سگهي.“
(3)
سنڌ جو اديب ۽ شاهه جو شارح، ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي
ٿو:
”شاهه عبداللطيف جهڙو هر وجھ ڪامل ۽ هر دلعزيز
شاعر سنڌ ۾ اڃا ڪونه پيدا ٿيو... سندس شاعراڻي
خستوريءَ جي خوشبوءِ سڀ ولات واسي ڇڏي، شاهه ئي
آهي، جنهن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪـُـلي لياقتون موجود
آهن.“
(4)
شاهه جي عاشق ۽ پارکو، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ غير
ملڪي دانشورن جي مقرر ڪيل تنقيدي معيار موجب، شاهه
صاحب کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ثابت ڪيو آهي. ان
سلسلي ۾ پهرئين ڪسوٽي مشهور انگريز اديب ڪارلائل
جي ڏني اٿس. جنهن موجب شعر اهو آهي، جو ڳائي
سگهجي. ٻي ڪسوٽيءَ موجب جيڪڏهن شاعر جي شعر مان ڪو
مصرع يا لفظ بدلائجي، ته شعر جو روح ختم ٿي وڃي.
ٽين ڪسوٽي آهي زبان جو استعمال، جنهن جي ذريعي
شاعر پنهنجا خيالات ظاهر ڪري ٿو.
اهي ٽيئي خوبيون هڪ ئي وقت شاهه صاحب جي شعر ۾
موجود آهن، جيڪي ڪنهن به دنيا جي وڏي شاعر ۾ موجود
ڪونهن. شاهه صاحب جي شعر ۾ فڪر جي گهرائي ۽ وسعت
آهي. ڳائي سگهجي ٿو. وڏو توڙي ننڍو، پڙهيل توڙي
جاهل ان مان حظ حاصل ڪري سگهي ٿو. سنڌي زبان جي
لفظن جي استعمال جي لحاظ کان سـَـند جي حيثيت رکي
ٿو. سنڌي ثقافت ۽ تهذيب و تمدن جو ترجمان آهي.(1)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
همعصر آهن. ٻنهي جي چڱي ڏيٺ ويٺ ۽ هڪ ٻئي لاءِ وٽن
عزت هئي. مخدوم صاحب بلڙيءَ جي ڀرسان بهرام پور ۾
رهندڙ هو، جو شاهه صاحب جي ساڻس ڏيٺ ٿي. مخدوم
صاحب سان شاهه صاحب جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ ملاقاتن جو
سلسلو ويندي سن 54-1153هه وارن سالن تائين قائم
رهيو. انهن سالن ۾ شاهه صاحب ارادو ڪيو ته بلڙيءَ
۾ مبين شاهه ڪريم جي مزار تي قبو جوڙائي. مخدوم
صاحب کي جڏهن خبر پئي، تڏهن شاهه صاحب کي چيائين
ته قبو نه ٺهرائي. جنهن تي شاهه عذر پيش ڪيو ته
مبين شاهه ڪريم سان سندس بي انتها محبت آهي،
انهيءَ ڪري ٿو قبو جوڙائي، پر ان سان گڏ مسجد به
تعمير ٿيندي. ان بعد ملاقاتن ۾ ڪا ويجهائي ڪانه
رهي، پر باوجود ان جي شاهه صاحب کي مخدوم صاحب
لاءِ آخر تائين وڏي عزت هئي.(2)
8. مخدوم عبدالرئوف ڀٽي:
هيءُ بزرگ مشهور مولودگو شاعر ۽ عاشقِ رسول
ﷺ
ٿي گذريو آهي. سندس شجرو هن ريت آهي: مخدوم
عبدالرئوف بن عمر بن عبدالحميد بن فتح الله بن
احمد بن اسحاق ڀٽي هاله ڪنڊي. سندس ولادت سن
1094هه ۾ ٿي. سموري زندگي عبادت ۽ رياضت ۾
گذاريائين.
ميان نور محمد ڪلهوڙو، سنڌ جو حاڪم به سندس معتقد
هو. پاڻ عاشقِ رسول
ﷺ
هو. سندس چيل مولود سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهن. پاڻ ٻه
دفعا حج به ڪيائين. سندس وفات سن 1166هه ۾ ٿي.
سندس وفات جي تاريخ ”کان ولياً رؤف الخلق“ مان
نڪري ٿي.(1)
مولودن ۾ پنهنجي نالي سان گڏ عموماً ”عاصي“ لفظ
استعمال ڪيو اٿس. جيئن ته: ”عاصي عبدالرئوف چئي،
نيئي مديني مار“ . نموني طور سندس هڪ مولود هيٺ
ڏجي ٿو:
دوست مٺو دلبر، آءٌ نه وساريان پرين پيغمبر!
تو لئي وار وڇايان، پنهل ڄام پٿر.
سرهو مشڪ عنبر کان، پريم آن جو پگهر.
حسن تنهنجي تان حضرتا، ٿيو قربان قمر.
”عاصي“ عبدالرئوف چئي، سولو ڪرين سفر.(2)
9. مخدوم عبدالله واعظ ٺٽوي:
مخدوم عبدالله، جنهن کي ”ميان موريو“ به سڏيندا
هئا، ميين ابوالحسن سنڌي (مقدمة الصلواة واري) جو
عزيز شاگرد هو. وڏو صالح، پرهيزگار، صاحبِ علم ۽
عمل ۽ خدائي توفيق ۽ ڏات جو مالڪ هو. هن جي وعظ
وارين مجلسن مان هزارين عام ۽ خاص ماڻهو فائدو
پرائيندا هئا. هن جو ڪلام ڏاڍو اثرائتو ۽ دلين ۾
گهر ڪندڙ هو. هـُـو جيڪي فرمائيندو هو، ان تي اڳ
پاڻ به عمل ڪندو هو. هن جو وجود برڪت ئي برڪت هو.
هو شعر و شاعريءَ جي ڪـُـوچي مان نه لنگهيو هو،
مگر ان هوندي به ٺٽي جي مشهور بزرگ قاضي محمد يحيٰ
جعفريءَ جي تاريخ وفات آيت ”ذالڪ الفوز الکبير“
(1137هه) مان ڪڍي هئائين.
ميان عبدالله عرف ميان موريو واعظ تمام وڏيءَ ڄمار
کي رسي، سن 1167هه ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري
هليو ويو.(1)
10. مخدوم محمدي کـُـهڙائي:
مخدوم امير احمد، مخدوم صاحب جي چوڏهن همعصرن ۾
مخدوم محمدي کـُـهڙائيءَ کي به شامل ڪيو آهي.
مخدوم محمدي، حضرت مخدوم عبدالرحمان شهيد کهڙائيءَ
جو فرزند آهي. هن جي ولادت، سندس والد صاحب جي
شهادت کان ٻه سال اڳ ۾ سن 1143هه ۾ ٿي. مخدوم
محمدي مادر زاده عالم ۽ ولي هو. ستن سالن جي عمر ۾
قرآن شريف ياد ڪيائين. سندس وڌيڪ تعليم لاءِ مخدوم
ابوالمعالي نوشهرائيءَ کي مقرر ڪيو ويو، پر ان
جيڪو به ڪتاب کيس کولي سمجهايو ٿي، ته مخدوم محمدي
گويا اهو اڳ ۾ ئي پڙهيل هو ۽ ان ڪتاب بابت ڪافي ۽
شافي تقرير ڪندو پئي ويو.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به کهڙن ۾ مخدوم
محمديءَ جو مهمان ٿي رهيو هو. مخدوم محمدي نهايت
بارعب، شريعت جو جانثار ۽ صاحبِ استغنا بزرگ هو.
سندس وفات سن 1171 هه ۾ ٿي.(2)
11. سيد موسيٰ شاهه جيلاني گهوٽڪيءَ وارو:
قطبِ زمان، شيخ المشائخ حضرت سيد موسيٰ حسني
جيلانيءَ جي والد جو نالو سيد مبارڪ شاهه هو. سيد
موسيٰ شاهه جي ڪنيت ابو صالح ۽ لقب محي الدين ثاني
هو. پاڻ خاندان قادريه جي وڏن مشائخن ۽ وڏن بزرگن
مان ٿي گذريا آهن. شريعت جا وڏا ڄاڻو، طريقت جي
رازن ۽ رمزن کان واقف، نيڪيءَ جي حڪم ڪرڻ ۽
برائيءَ کان روڪڻ ۾ پنهنجي وقت جا منفرد ۽ يگانه
هئا. ماڻهن جا ديني اڳواڻ هئا. لوءِ شريف (گهوٽڪي)
جي سيد خاندان جو هن بزرگ جي وجود ۽ برڪتن سان هڪ
نئين دور جو آغاز ٿيو. هي بزرگ پنهنجي والد جي
وفات کان پوءِ پنهنجي ڀائرن سان گڏجي جمشيره جي
پرڳڻي مان لڏي درياءَ جي هن ڀر آيا ۽ گهوٽڪيءَ ۾
سڪونت اختيار ڪيائون. ڪيترو زمانو عبادت ۽ رياضت ۾
مشغول رهيا. پوک ڪري حلال جي ماني هٿ ڪندا هئا.
حضرت موسيٰ شاهه اڃا ننڍا ئي هئا، جو سندس والد
گذاري ويو هو. گهوٽڪيءَ جو هڪ ڪنڀر فقير هو، جيڪو
سلطان باهو جو مريد ۽ خليفو هو. حضرت موسيٰ شاهه
جي والده ان ڪنڀر فقير سان پنهنجي پٽ کي گڏائي
موڪليو ته هيءُ ننڍڙو سيد حضرت سلطان باهوءَ جو
مريد ٿئي ۽ فيض حاصل ڪري. سلطان باهوءَ، سيد موسيٰ
شاهه کي فرمايو ته، ”ابا! تون ننڍو آهين. اڳ ۾ وڃي
ظاهري علم پراءِ، پوءِ باطني علم کي وٺ. تون اسان
جو مريد آهين.“ حضرت موسيٰ واپس اچي ظاهري علم
پرائڻ کي لڳي ويو. ان مان فراغت کان پوءِ ڪنڀر
فقير کي ساڻ ڪري اُسريو مرشد ڏانهن. اتي کيس معلوم
ٿيو ته حضرت سلطان باهو وفات ڪري ويو آهي. حضرت
موسيٰ شاهه کي ڏاڍو صدمو پهتو. پر حضرت سلطان
باهو، موسيٰ شاهه لاءِ الله جو اسم زمين تي لکي
ڇڏي ويو هو. الله جي اسم سان سندس سڀ لطيفا حل ٿي
ويا ۽ هر هنڌ فيض جاري ٿيڻ لڳو. وٽانئس الله جا
طالب فيض وٺڻ لڳا. سندس درگاهه تي لنگر هر وقت
حاضر ملندو هو.
حضرت موسيٰ شاهه ڇنڇر جي ڏينهن، 8 ذوالحج 1173هه
تي وفات ڪئي. سندس مزار جامع مسجد لڳ ماڻهن لاءِ
زيارتگاهه آهي. سندس وفات جو سال ”غلام محمدي“ جي
سهڻي جملي مان نڪري ٿو. هيٺيان بزرگ سندس همعصر
هئا: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، عبدالرحمان شهيد
کـُـهڙائي، مخدوم اسماعيل پريالوي، شاهه ڀٽائي ۽
خواجه محڪم الدين سيراني.(1)
12. مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ وارو:
هيءُ ڀلارو ولي ڪامل، تصوف عرفان سان گڏ ظاهري علم
جو به وڏو عالم هو. (سندس لقب عبدالرسول هو) طريقت
۾ شيخ جمال الدين کان بيعت ورتي هئائين. سندس اکر
تمام سهڻا هئا. قرآن مجيد، معقول ۽ منقول جا سمورا
ڪتاب پنهنجي قلم سان لکي، پنهنجي ڪتبخاني ۾ گڏ ڪيا
هئائين. مريدن کي فيض ڏيڻ سان گڏ درس ۽ تدريس ۽
درسي ڪتابن کي نقل ڪرڻ ۾ مشغول رهندو هو. پنهنجي
زماني ۾ ڪمالات ۽ ڪشف جي لحاظ سان يڪتاءِ زمانه
هو. گهڻن الله جي ٻانهن کي حقيقي ”پريان جي لوءِ“
جو ڏس ڏنائين ۽ ڏيکاريائين به. مخدوم پريان لوءِ
واري جو صوفياڻو مقولو آهي ته: ”نقشبندي ۽ قادري
طريقا ٻئي هڪ ٻئي جي ويجها آهن. قادري طريقو
نـُـور ذاتي آهي ۽ نقشبندي نـُـور صفاتي آهي.
قادري بادشاهه آهي ۽ نقشبندي وزير آهي .“ سندس
وفات مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان چند مهينا اڳ ۾ 8
ربيع الاول سومر جي ڏينهن سن 1174هه تي ٿي. سندس
تاريخ وفات هن جملي مان نڪري ٿي.
روح پاکش جاءِ لاهوت = 1174هه
سندس درگاهه ۽ مقبرو پريان لوءِ، ضلعي خيرپور ميرس
۾ آهي.(2)
هن بزرگ فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شعر به چيو آهي. نموني
طور سندس مولود هيٺ ڏجي ٿو:
مدد ڪريجاهه، قبر حشر ۾ منهنجي خبر لهيجاهه.
ڏوهه ڏنگايون ڪيم ڪچايون.
پنهنجي فضل سان ميٽ مدايون.
روهه رُليءَ کي رڻ ۾ رسيجاهه،
موت مرڻ ويل وهلو وريجاهه!
سام سچي جي لام لڳاسون،
ڀلا تنهنجي پـُـٺيءَ پياسون،
آگا! اسماعيل جو عرض سـُـڻيجاهه،
ڪلمي قوت سين پساهه پـُـڄائيجاهه!(1)
13. مخدوم ابوالحسن ڏاهري:
مخدوم ابوالحسن ڏاهري، نواب شاهه ضلعي جو ناميارو
عالم هو. سندس والد جو نالو بادل بن عبدالرشيد هو.
سندس ولادت سن 1116هه ۾ ٿي. پاڻ علمي تحصيل ابوبڪر
هالاڻيءَ واري، نورالدين محمد ۽ مرزا محمد خليل
بدخشانيءَ کان حاصل ڪيائين. طريقت ۾ عبدالرسول
صديقيءَ کان نقشبندي سلسلي ۾ بيعت ڪري خلافت حاصل
ڪيائين. مخدوم ابوالحسن ڌاهري ظاهري ۽ باطني علمن
۾ وڏو ماهر هو. ان سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جو به
سٺو شاعر هو. سندس هيٺيان ڪتاب يادگار آهن:
- ينابيع الحياة الابدية لطلاب الطريقة النقشبندية
- اساس المصلي
- رفع الفرية والمرية
- کچکول نامھ
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ”ينابيع“ ڪتاب بابت لکي
ٿو:
”مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو ڪتاب ’ينابيع الحياة
الابدية ‘ امام غزالي جي ڪتاب ’ڪيميائي سعادت ‘ جي
پايي جو ڪتاب آهي.“
(1)
مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جي وفات 12 ربيع الاول
1181هه تي ٿي. سندس مزار ”دوڙ“ شهر جي ويجهو
ابوالحسن نالي مقام ۾ زيارتگاهه آهي. سندس مقبري ۾
سندس فرزند عبدالرسول ۽ پوٽو محمد پريل به دفن ٿيل
آهن. هن وقت سندس پونير مان شاهه محمد ڏاهري وڏيءَ
ڄمار جو سندس درگاهه جي ڏيئي کي روشن ڪيو ويٺو
آهي، پر اها اڳوڻي علمي روشني نه رهي آهي.
راقم سن 1980ع ۾ مخدوم ابوالحسن تي تحقيق جي سلسلي
۾ ميان شاهه محمد ڏاهريءَ سان روبرو ملاقات ڪئي،
پر وٽانئس ڪو به تفصيلي احوال ملي نه سگهيو. ايتري
قدر جو وٽس ابوالحسن جو ڪو به قلمي ڪتاب يادگار
وڏن جي نشاني طور موجود ڪونه هو.
غلام علي آزاد بلگرامي: ”ماثر الڪرام“ (مترجم اردو)، ص
234
|