سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب -13

صفحو : 10

 

 

باب تيرهون

اولاد

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کي الله تعاليٰ ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي عطا ڪئي هئي. سندس هڪ فرزند جو سهڻو نالو عبدالرحمان آهي ۽ ٻئي پٽ جو مٺو نالو عبداللطيف هو:  ”جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي“  موجب ٻئي ڀائر ڀلاري بزرگ جو اولاد، نيڪ صالح، عالم ۽ مصنف هئا. مخدوم صاحب جي ٻنهي لائق فرزندن جو تفصيلي احوال هيٺ لکجي ٿو:

مخدوم عبدالرحمان

هيءُ ڀلارو صالح عالم فاضل، والد جو صالح فرزند، قرآن جو حافظ، وڏو عالم ۽ صوفي هو. سندس ولادت 16 شوال المڪرم 1131هه تي ٿي. پنهنجي والد کان پوءِ سجاده نشينيءَ جو کيس ئي شرف حاصل ٿيو. سندس والد جا مريد سنڌ کان ٻاهر ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ ۾ به پکڙيل هئا، جنهن ڪري هيءُ بزرگ سنڌ کان ٻاهر مريدن جي هدايت ۽ تلقين لاءِ به ويندو هو.

هڪ دفعي ڪاٺياواڙ جي علائقي جي ڳوٺ  ”ڪوتياڻي“  ۾ پنهنجي مريدن وٽ رهيل هو، ته اتي ئي 51 سالن جي ڄمار ۾ اجل جو قاصد اچي پهتو. تاريخ 5 ربيع الاول 1181هه ۾ هن فاني جهان مان رحلت فرمائي ويو.(1)

حاجي عبدالرحمان جي اولاد مان پڻ ميان محمد نالي هڪ توفيق وارو نوجوان، علم ۽ صلاحيت جو ڌڻي، وڏن جي پيرويءَ تي هلندڙ هو.(2)

مخدوم عبدالرحمان جي تصنيفات مان حج جي مسئلن تي منظوم سنڌي ڪتاب  ”حيات العاشقين“  پڻ يادگار آهي. اصل ۾ مخدوم عبدالرحمان، پنهنجي والد مخدوم صاحب جي حج، عمره ۽ حرمين جي پاڪ سرزمين جي فضائل ۽ مسئلن بابت فارسي ۾ لکيل ڪتاب  ”حيات القلوب اليٰ زيارت المحبوب“  جو نچوڙ سنڌي نظم ۾  ”حيات العاشقين“  جي نالي ترجمو ڪيو، جيڪو حج جي سنڌي خوانده حاجين ۽ پانڌيئڙن لاءِ نهايت ڪارائتو ثابت ٿيو.  ”حيات العاشقين“  جي مواد جو وچور هن ريت آهي:

مقدمو

1 صفحو

باب پهريون - منجهه بيان حج جي

39 صفحو

باب ٻيو - منجهه بيان عمري جي

144 صفحو

باب ٽيون - منجهه بيان مسئلن متفرقن

150 صفحو

باب چوٿون - منجهه بيان زيارت رسول الله جي

179 صفحو

باب پنجون - منجهه بيان مسئلن متفرقن

195 صفحو

خاتمو

235 صفحو

 ”حيات العاشقين“  جي نظم جو نمونو هيءُ آهي:

جهر هي رسالو تمام ٿئو اچي هن ماڳا
تهر اڪاره سو ۽ اٺهٺ هو وره هجرتا
سائينم سو قبول ڪري پنهنجي مهر منجها
جيڪو پسي هن رسالي ۾ سهو ڪ خطا ڪا
سو ور تنهن کي صحيح ڪري پنهنجي ڀلايا
تنهن کي آگو اجر ڏيندو پانهنجي پارا.(1)

مخدوم عبدالرحمان جو هٿ سان لکيل مخدوم محمد هاشم جو ڪتاب  ”حياة القاري باطراف البخاري“  جو قلمي نسخو، پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

مخدوم عبدالطيف

هيءُ ڀلارو مخدوم صاحب جو ٻيو نمبر فرزند هو. سندس ولادت 14 شعبان المعظم 1144هه تي ٿي. پنهنجي والد بزرگوار جي آغوشِ شفقت ۾ پرورش حاصل ڪيائين. قرآن جو حافظ، حديث جو وڏو عالم هو. فقـھ ۾ يڪتاءِ روزگار هو.(1)

مير علي شير  ”قانع“  ٺٽوي لکي ٿو:

 ”هاڻي عبداللطيف، پيءُ جو جاءِ نشين آهي. هو پيءُ جي دستور موجب هر جمعي ڏينهن صبح جو جامع خسرو (دابگران واري مسجد) ۾ چڱي وعظ جي محفل منعقد ڪندو آهي. هر روز ٽپهريءَ وقت پنهنجي (هاشمي) مسجد ۾ حديث پاڙهڻ جو شغل جاري رکندو هو ۽ پنهنجي مدرسي کي مچائيندو ايندو هو. هن سال (1187هه) ۾ جڏهن ميان محمد سرفراز خان جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي مقرر ٿيو آهي، تڏهن سندس فرزند ارجمند ميان ابراهيم عرف موليڏنو پيءُ ۽ ڏاڏي وارا ڪم سنڀالي رهيو آهي.“ (2)

سندس شهرت جي هي حالت هئي، جو وقت جا حاڪم مشڪل سوالن جو کانئس حل ڪرائيندا هئا. مخدوم عبدالطيف بدعات جي رد ۽ حنفي فقـھ ۾ ڏاڍو متشدد هو. هن علامه محمد معين ٺٽويءَ جي ڪتاب  ”دارسات اللبيب“  جي رد ۾ هڪ وڏو عالمانه ڪتاب  ”ذب الذبابات“  عربيءَ ۾ لکي، پنهنجي علمي فضيلت جو ڌاڪو ويهاريو آهي. ان کان سواءِ سندس ٻيا رسالا به تصنيف ٿيل آهن، جن مان هيٺين جا نالا معلوم ٿي سگهيا آهن:

الحجة البيضاء، غايت المرام، الشهاب الثاقب لرجم الکاذب، فرائض الاسلام (پنهنجي والد جي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿس) ۽ مناقب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي.

مخدوم عبداللطيف 45 سالن جي ڄمار ۾ 17 ذوالقعد 1189هه تي ٺٽي ۾ وفات ڪري ويو.(1) مڪلي ٽڪريءَ تي پنهنجي والد مخدوم صاحب جي پيرانديءَ کان دفن ٿيو.

مخدوم عبداللطيف جو عظيم علمي ڪارنامو سندس ڪتاب  ”ذب الذبابات الدراسات عن المذاهب الا ربعة المتناسبات“  عربيءَ لکيل آهي. هيءُ بهترين عربي ڪتاب مخدوم محمد معين ٺٽوي جي ڪتاب  ”دراسات اللبيب“  جي جواب ۽ رد ۾ لکيل آهي. مخدوم محمد معين رنگين طبيعت ۽ عجيب آدمي هو. هڪ طرف اهل بيت جي محبت جو دعويدار، امامن سڳورن لاءِ ماتم ڪرڻ جو قائل هو. خلفاءِ راشدين جي ترتيب جو مخالف هو. ٻئي طرف وحدة الوجود جو عارف هو. راڳ ۽ سرود جو اهڙو ته عاشق هو، جو وفات به محفل سماع ۾ ڪيائين. ان کان وڌيڪ هي ته عمل بالحديث جو زور شور سان داعي هو ۽ چئني مذهبن جي پيروي جو مخالف هو. مخدوم محمد معين جو ڪتاب  ”دراسات اللبيب“  به ترڪ تقليد ۽ عمل بالحديث بابت تحرير ٿيل آهي.

مخدوم محمد معين جي هن پـُـردلائل ڪتاب جو رد ۽ جواب لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي. گويا قدرت هن کان اول مخدوم محمد هاشم جي علمي خاندان کي منتخب ڪري ڇڏيو هو. جيئن ته مخدوم صاحب جي فرزند مخدوم عبداللطيف  ”داراسات اللبيب“  جو ضخيم ٻن جلدن ۾ رد لکيو. ان اهو رد اهڙي علمي انداز ۾ لکيو، جو ڪوبه عالم مخدوم عبداللطيف جو جواب اڃا تائين ڪونه لکي سگهيو آهي. مخدوم عبداللطيف جي تحرير متين، پيرايه بيان نهايت سنجيدو ۽ دلائل جو طريقو محققانه آهي. اڳتي هلي مخدوم عبداللطيف جي پـُـٽ مخدوم ابراهيم به مخدوم محمد معين جي ڪتاب  ”دراسات اللبيب“  ۽ ٻين رسالن جو جامع رد ۽ جواب  ”القسطاس المستقيم“  نالي ڪتاب ۾ لکيو.  ”القسطاس المستقيم“  جو قلمي نسخو، سيد محب الله شاهه راشدي پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي ۽ سنڌ جي ٻين ڪتبخانن ۾ به محفوظ آهي.

مخدوم محمد معين جو ڪتاب  ”دراسات اللبيب“  ۽ مخدوم عبداللطيف جو  ”ذب الذبابات“  ٻئي ترتيبوار سن 1957ع ۽ سن 1959ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيا آهن.

مخدوم ابراهيم (مڏئي مرقد):

مخدوم عبداللطيف کي هڪ فرزند مخدوم ابراهيم نالي هو، جيڪو  ”مڏئي مرقد“  جي نالي سان مشهور آهي ۽  ”هڪ ئي رانجهو لکان دا مٽ“  ثابت ٿيو. هو وڏو عالم ۽ صوفي هو. سندس ولادت سن 1162هه ۾ ٺٽي ۾ ٿي. تڏهن سندس ڏاڏو حال حيات هو. سندس سموري تعليم ۽ تربيت پنهنجي علمي گهراڻي ۾ ٿي.

مخدوم ابراهيم جي سوانح حيات تي فارسي رسالو لکيل آهي. اهو رسالو مخدوم ابراهيم جي مريد امين بن شيخ هارون ڇتڙائي، جيڪو آخري وقت ۾ ساڻس سفر ۾ گڏ هو، خليفي احمد خان نظاماڻيءَ جي چوڻ تي پنهنجي مرشد مخدوم ابراهيم جي زندگيءَ ۽ ڪرامتن بابت فارسي زبان ۾  ”مناقب مخدومين معظمين“  نالي سن 1243هه ۾ لکيو هو. ان ۾ مخدوم ابراهيم جي مرشد خواجه صفي الله نقشبندي ۽ خود مخدوم ابراهيم ۽ سندس اولاد جو قدري تفصيل سان احول آيل آهي. هيءُ رسالو اڻ ڇپيل ۽ قلمي صورت ۾ آهي. مخدوم ابراهيم (مڏئي مرقد) جو وڌيڪ احوال ان ڪتاب تان اختصار ڪري، ان جو سنڌي ترجمو هيٺ درج ڪجي ٿو، ته جيئن اکئين ڏٺي مصنف جو لکيل ۽ هڪ صادق مريد جي قلم مان نڪتل نئين معلومات سامهون اچي:

 ”مشهور آهي ته مخدوم ابراهيم ٺٽي ۾ ڄائو. پاڻ هاشمي نسب حارث بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبدمناف جي اولاد مان آهي. سندس والد جو نالو مبارڪ مخدوم مرحوم عبداللطيف آهي. مخدوم ابراهيم جي والده سڳوري جو نالو بيبي عائشه آهي. بيبي عائشه جي پيءُ جو نالو ابراهيم آهي. هيءُ ابراهيم، حضرت ابوالقاسم نقشبندي جو فرزند آهي.

مخدوم ابراهيم جي ڏاڏي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ سن 1174هه ۾ لاڏاڻو ڪيو ۽ مخدوم ابراهيم جي تعليم جو سلسلو جاري هو. ٻه سال پوءِ سن 1176هه ۾ حاجي صفي الله نقشبندي حج جي ارادي سان حرمين شريفين ويندي، ٺٽي تشريف فرما ٿيو. ان وقت مخدوم ابراهيم جي عمر 14 سال ۽ صفي الله جي عمر اندازاً ويهه ورهيه هئي.

مخدوم ابراهيم ان کان پوءِ پنهنجي والد مخدوم عبداللطيف وٽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لڳو. ڳچ مدت ۾ مروج درسي ڪتاب پڙهي پڄايائين. علم تفسير، حديث، اصول فقـھ فروع، تصوف، معقول ۽ منقول ۾ ڪامل مهارت حاصل ڪيائين. فارغ ٿي پنهنجي پيءُ جي اجازت سان طالبن کي درس پڙهائڻ لڳو. گهڻائي مسلمان جهالت کي ترڪ ڪري، سندس علم جي نور کان روشناس ٿيا. سندس سهڻي صحبت ۽ علمي روشنيءَ جي ڪري سندس اهي متقي ۽ پرهيزگار مثالي شاگرد بنيا.

مخدوم ابراهيم جا ديني علم ۾ گهڻائي ڪتاب ۽ قصيدا لکيا آهن. ننڍپڻ ۽ ڦوهه جواني کان سير سلوڪ پنهنجي ڏاڏي ۽ پيءُ کان حاصل ڪيائين. اهڙيءَ ريت ڏاڏي ۽ پيءُ وٽان کيس تلقين جي طريقي جي اجازت هئي. هن سلسلي ۾ سندس ڏاڏي جو لکيل ڪتاب  ”اتحاف الاڪابر“  آگاهي ڏئي ٿو.

جيتوڻيڪ فيض پنهنجي پيءُ ڏاڏي کان مليو هوس، پر اڳتي هلي جوانيءَ واري شروعاتي دور ۾ ٺٽي کان وٺي ملتان تائين جيڪو به صاحبِ ڪمال بزرگ ٻڌائين ٿي، ته اوڏانهن سندس صحبت لاءِ ڊوڙيو ٿي. آخرڪار سندس والد مخدوم عبداللطيف سن 1189هه ۾ وفات ڪئي.

جيئن ته قاضي القضاة وارو عهدو هن علمي خاندان ۾ هلندو ٿي آيو. اهو قضا جو عهدو سندس والد مخدوم عبداللطيف جي وفات کان پوءِ مخدوم ابراهيم کي سنڀالڻو پيو. پاڻ اهو عهدو ڳچ وقت ميان سرفراز خان عباسي جي وقت کان ميان عبدالنبي جي آخري عهد تائين سنڀاليائين ۽ ديني حدون ۽ شرعي مسئلا نبيريندو آيو.

غالباً اڳتي هلي ميان عبدالنبي عباسي ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جي پاڻ ۾ اڻ بڻت ٿي، ان ڪري ميان عبدالنبي دارالخلافت ڪابل تيمور شاهه کي مدد لاءِ سعيو ڪيو. مخدوم ابراهيم ميان سان وفاداري، همدردي ۽ احسان مڃڻ طور شڪارپور تائين ويو. قدرت کي ٻي ڳالهه منظور هئي. اتي شڪارپور ۾ مخدوم ابراهيم کي حاجي صفي الله جي موجودگي جي پروڙ پئي. جيئن ته مخدوم ابراهيم جي سندس ننڍي هوندي ٺٽي ۾ واقفيت هئي، ان ڪري سلوڪ ۾ ويتر ساڻن تعلق مضبوط ٿيو. ٽن مهينن جي مدت ۾ سلوڪ ۽ طريقت جا مرحلا طئي ڪري، سندس مريد ٿي خلافت حاصل ڪيائين. حاجي صفي الله نقشبندي، مخدوم ابراهيم کي جيڪا خلافت جي سند ۽ اجازت لکي ڏني هئي، اها هن ريت آهي:

فضيلت و ڪمالات دستگاهه، حقائق و معارف آگاهه، مظهر انوار رباني، مولد اسرار سبحاني، اخوي ميان محمد ابراهيم - الله تعاليٰ کيس سلامت رکي - کي سلوڪ طريقت جي پوري ڪرڻ تي کيس ولايت صغريٰ ۽ ڪبريٰ ۽ نقشبندي ۽ قادري حضرات جي تعليم جي طريقي جي اجازت ڏجي ٿي.

موڪلائڻ مهل صفي الله نقشبنديءَ پنهنجي مريد ۽ خليفي مخدوم ابراهيم کي چيو:

اي مخدوم! پاڻ وصال ماڻيئي ۽ اسان کي فراق ڏيو ٿو وڃين!

آخرڪار مخدوم ابراهيم شڪارپور مان مرشد کان اجازت وٺي، پنهنجي شهر ٺٽي پهتو، اڳ ۾ ظاهري تعليم ڏيندو هو، هينئر الله تعاليٰ جي مخلوق کي روحاني تعليم سان مالا مال ڪرڻ لڳو. ماڻهو کانئس فيضياب ٿيڻ لڳا. سندس ڪرامتون ڳڻڻ ۽ ليکي کان گهڻيون آهن.

مخدوم دين اسلام جي واڌاري لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون. امر ونهي جي اجراءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳو. ڪيترا ڪافر سندس هٿ تي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي مسلمان ٿيا.

اڳتي هلي، دين اسلام ۽ شريعت جي نفاذ خاطر وقت جي حاڪمن سان سندس ٽڪر ٿيو ۽ شريعت جي نفاذ کان حاڪمن منهن موڙيو. شريعت جي حڪمن ۾ رڪاوٽون پوڻ لڳيون. پاڻ اول سنتِ نبوي جيان ڪجهه وقت صبر کان ڪم ورتائين. نيٺ ٺٽي مان هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيو. ان ڪري پهريائين ٺٽي مان ڪراچي بندر لڏي ويو. ڪراچيءَ مان ٻيهر مسقط بندر لڏڻو پيو. ان لڏ پلاڻ دوران جيڪي تڪليفون پيش آيون، انهن جو اکين ڏٺو شاهد (هن ڪتاب جو مصنف امين بن هارون ڇتڙائي) به حاضر هو.(1)

انهن حاڪمن (ميرن) جي ظلمن ڪري حضرت مخدوم ابراهيم چوندو هو ته،  ”الله تعاليٰ هنن تڪليفن جي عيوض امداد ڪندو رهي ٿو.“  مطلب ته ڪراچي بندر کان ڪوچ ڪري  ”اربق“  جاءِ، جيڪا مسقط بندر جي مضافات ۾ آهي، پهتا. اتان پنهنجي مرشد حضرت صفي الله سان گڏ حرمين شريفين جي زيارت ڪيائون. ان دوران  ”اربق“  ۾ سنڌ وارن مريدن ۽ جماعتين کيس واپس سنڌ هلڻ لاءِ زور ڀريو.

حاصل ڪلام، سن 1224هه ۾ ضلع ساڪره جي مضافات ۾  ”دها“  جاءِ تي ويٺا هئا ۽ پنهنجي عمر جو حساب پئي ڪيائون ۽ چيائون پئي ته منهنجي عمر 63 سال آهي. پوءِ مون (امين بن هارون) کي فرمايائون ته،  ”تون حساب ۾ خبردار آهين، اچ منهنجي عمر جو حساب ڪر. منهنجي ڄمڻ جي تاريخ حضرت ابراهيم عليـھ السلام جي هن ڪلام موافق جملي مان نڪري ٿي: ربي خلقتني فهو يهدين (پارو 19، سورة شعراء ، رڪوع 4) مطلب ته منهنجي پالڻهار مون کي پيدا ڪيو آهي، اهو ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي.“  هن مان 1162 سال نڪري ٿو، پوءِ حساب ڪيم ته سندن عمر 62 سال ٿي. ان تي کلي مزاح طور فرمايائون ته،  ”هڪ سال جي اسان کي رعايت ڏني اٿئي.“  آخرڪار ان سال آهستي آهستي  ”ننده“  شهر ۾ سيد نور محمد حسيني، جيڪو سندن وڏن خليفن مان ۽ عالم هو، وٽ پهتا ته اتي عارضي نفث الدم (وات مان رت اچڻ) ۾ بيمار ٿي پيا. چند ڏينهن اتي هئا. اتان مهيني صفر ۾ سن 1225هه ۾ ڪڇ ملڪ جي پاسي  ”مڏئي“  شهر جي ارادي سان آيا ۽ مڏئي جي آس پاس  ”سرايـھ“  جاءِ وٽ اچي رسيا.(1)

ڪن فقيرن کان نقل ٻڌل آهي، ته جڏهن مخدوم صاحب سرايـھ وٽ اچي لٿا، ته روز روز ان سرزمين تان گذرندي زمين کي ڏسندا رهندا هئا ۽ چوندا هئا، ته شايد هڪ ولي بزرگ الله تعاليٰ جي اوليائن مان هن زمين ۾ دفن ٿيندو. نيٺ مخدوم ابراهيم ان ئي زمين ۾ دفن ٿيو.

اصل ڳالهه تي اچون ٿا، ته جڏهن مخدوم ابراهيم مڏئي وٽ سنڌ جي سڀني خليفن کي واپس سنڌ وڃڻ جي اجازت ڏني. پاڻ وٽ خليفو محمد فاضل، ساڪن لکپت ملڪ ڪڇ ۽ ميان عبدالرحمان ولد مخدوم عبدالله (غالباً منڌرو) ساڪن زيـھ (نريـھ) ملڪ ڪڇ ۽ چند ٻيا فقير، حضرت جي خدمت خاطر مڏئي شهر ۾ آيا ۽ رهيا. هنن ڏينهن ۾ سندن بيماري وڌي وئي. ان سخت بيماري هوندي به پاڻ مسجد ۾ پنج وقت نماز ادا ڪندا هئا ۽ تهجد نماز به پابندي سان پڙهندا هئا.

آخر امر ته جمعي جي ڏينهن، پهرئين ماه ربيع الاول 1225هه جمعي نماز جماعت سان ادا ڪرڻ کان پوءِ چند فقيرن سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سير ڪيائون. ٽپهري نماز مهل نزع جي حالت ۾ ٽپهري نماز اشارن سان ادا ڪيائون. سج لٿي مهل ساهه الله تعاليٰ جي حوالي ڪيائون.

ماڻهن خليفي محمد فاضل ۽ عبدالرحمان کي وڃي ٻڌايو، جيڪي اڃا شهر ۾ هئا. سندس جسم کي ٻيڙيءَ مان لاهي سرايـھ جي جاءِ تي آندائون. ميان عبدالرحمان حضرت جن کي تڙ ڏياريو. جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ سڀني جي اتفاق راءِ سان ان زمين ۾ کين دفن ڪيو ويو، جتي آخر ۾ پاڻ اها زمين ڏسي ٻڌايو هئائون، ته هڪ اولياء الله هن زمين ۾ دفن ٿيندو.

حضرت جي وفات جي خبر انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ پهچي وئي ۽ هر ٻڍي ۽ جوان کي صدمو پهتو. سندس ولادت جي تاريخ سن 1162هه  ”ربي خلقتني فهو يهدين“  مان نڪري ٿي ۽ سندس وفات جي تاريخ هنن لفظن مان نڪري ٿي:  ”ان ابراهيم احي الدين بجهاده فمات هاجرا“  ً 1225هه. مطلب ته بيشڪ ابراهيم پنهنجي ڪوشش سان دين کي جياريو، پوءِ هجرت ۾ وفات ڪري ويو.

هن مان ظاهر ٿيو ته سندس چيل لفظن موجب عمر مبارڪ 63 سال ٿي. والله اعلم. هي الفاظ ان تي شاهد آهن. سيد غلام علي  ”مائل“  سادات شڪر الاهي سندس وفات جي تاريخ نثر ۾ هن ريت چئي آهي:

”ذهب العلم من حدود ملک السند“

”مطلب ته سنڌ ملڪ جي حدن مان علم کڄي ويو.“ (1)

 ”تڪمله مقالات الشعراء “  جي مصنف، مخدوم ابراهيم مڏئي مرقد جو تفصيلي احوال هن ريت لکيو اهي:

 ”مخدوم محمد ابراهيم (مڏئي مرقد) علم ۾ يگانه روزگار هو. ارشاد ۾ پڻ وقت جو ڀلارو بزرگ هو. سندس زماني ۾ ڪوبه ان جهڙو سنڌ ۾ نه ٿيو. ڪشف ڪرامت جو صاحب هو. سندس حالات ۾ ميان محمد امين ڇتڙائي جو رسالو لکيل آهي. سندس خليفا به گهڻا آهن، پر سندس مريدن جو تعداد ٻه لک آهي. مريدن جي دعوت تي نڪرندو هو. هر شهر يا هر ديهه ۾ جتي به ايندو هو، ته اتي مريد گڏ ٿيندا هئا ۽ جيڪي کانئس تلقين وٺندا هئا، انهن جا نالا لکيا ويندا هئا. هن فقير (تڪلمه جي مصنف) انهن ڪاغذن مان ڪن لسٽن کي ڏٺو ۽ پڙهيو به آهي.

هڪ شخص مخدوم محمد هاشم جي مزار جي زيارت تي آيو ۽ ان جو اهو ارادو به ڪونه هو ته ڪو مخدوم صاحب جي اولاد جي به زيارت ڪندو، مگر جڏهن مخدوم صاحب جي زيارت ڪيائين ته دل ۾ چيائين، رڳو وڏن بزرگن جي زيارت ڪرڻ ۽ سندن اولاد کان ڪنارو ڪرڻ ادب جي خلاف آهي. ان ڪري اهو خيال ڪري ٺٽي شهر روانو ٿيو. خدا جي قدرت! گهڻي مدت کان ان شخص کي سلوڪ جي معاملي ۾ مونجهارو رهندو هو ۽ سندس عقده حل نه ٿي ٿيا. اهو شخص جڏهن مسجد جي دروازي وٽ آيو، اڃا هڪ پير مسجد ۾ اندر داخل ڪيائين ۽ ٻيو پير دروازي کان ٻاهر هوس، ته (مخدوم محمد ابراهيم) جي نظر فيض اثر ان شخص تي پئي. قدرتي طور ان شخص جو سالن جو مونجهارو ۽ سلوڪ جو مشڪل، صالح بزرگ جي هڪ ئي نگاهه سان حل ٿي ويو:

اي لقائي تو جواب هر سوال،
مشکل از تو حل شود بي قيل و قال.

مطلب ته تنهنجو ديدار ئي هر سوال جو جواب آهي ۽ چوڻ کان سواءِ توکان مشڪل آسان ۽ حل ٿي وڃي ٿو.

اهو شخص ڪمال عقيدت سان مريد ٿيو ۽ رفته رفته خلافت به حاصل ڪيائين. ان خليفي جو لقب  ”خليفه پلاس پوش“  آهي.

هڪ ڀيري مخدوم محمد ابراهيم جمعي جي ڏينهن درياءَ تي غسل ڪرڻ ويو. اتي غسل ڪري چادر وڇائي ان تي ويهي رهيو ۽ فقير به غسل کان فارغ ٿيندا، هڪ هڪ ٿي اچي مجلس ۾ ويٺا. مخدوم ابراهيم اهڙي ته جذب جي حالت ۾ هو، جو سندس فيض اهلِ مجلس کي سيراب ڪري رهيو هو. جيڪو مسجد کان نماز لاءِ سڏڻ ٿي آيو، ته اهو به هن روحاني شڪار جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي ٿي پيو. هوڏانهن نماز جو وقت وڃي رهيو هو. ايتري ۾ خليفو احمد خان نظاماڻي هوش ۾ اچي ويو ۽ هي بيت پڙهڻ لڳو:

آج تيري نين ني مسجد مين،
هوش لوڻا هي هر نمازي کا.

ان وقت پاڻ مخدوم ابراهيم به هوش ۾ آيو ۽ ٻين بيخودن کي به هوشيار ڪيائين ۽ فرمايائين ته نماز جو وقت مڪروه نه ٿئي، ان ڪري چڱو آهي ته هتي ٿا نماز پڙهون.

آسمان سجده کند بهر زميني که درو
يک دوکس، يک دو نفس بهر خدا نشيند.

مطلب ته آسمان، زمين واسطي سجدو ڪري، جو ان ۾ هڪ ٻه شخص هڪ ٻه نفس خدا جي واسطي ويٺا.“ (1)

مخدوم ابراهيم پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي وانگر وڏو مؤلف ۽ مصنف به آهي. سندس عربي عبارت ۾ به وڏي رواني آهي. ڇو ته هڪ پاسي سندس تربيت علمي گهراڻي ۾ ٿي، ته ٻئي پاسي عرب ملڪن ۾ به گهڻو گهمندو رهيو. ان ڪري سندس عربيت کي اصليت جو رنگ اچي ويو. مخدوم ابراهيم کي سندس ڏاڏي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جهڙو سڪون ۽ اطمينان هجي ها، ته جيڪر اڃا به تاليفي ذخيرو گهڻو ڇڏي وڃي ها، پر افسوس جو کين سڪون نه مليو. ان دور ۾ ٺٽو علمي لحاظ کان اجڙي چڪو هو. ملڪ جي حڪومت به ڪمزور ٿي وئي هئي، ان ڪري مخدوم محمد ابراهيم جي ڪا به قدرداني نه ٿي سگهي. ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي ڪشالا ڪڍندو رهيو. ويتر نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿي، ورد وظيفا پڙهي ۽ ٻيون رياضتون ڪري پنهنجي صحت به وڃائي ويٺو هو. اها ڳالهه به سندس آڏو حائل ٿي، تڏهن به سندس تصنيف سندس همعصرن مان مخدوم عبدالواحد سيوستانيءَ  (وفات 1224هه) کي ڇڏي، باقي ٻين سڀني کان گهڻي آهي.(1) مخدوم صاحب جا هي ڪتاب يادگار آهن:

- اعناء الواصل

- اماطة اذي العبيد

- تحرير في بيان آخرالظهر

- تطبيب افواه الا خوان في المنع شرب الد خان

- توثيق الا سباق في مسئلة الصداق

- تهذيب البيان

- الحبل المتين في اوصاف خلفاء الراشدين

- رساله في بيان السلسة

- سحق الا غبياء

- سير التقرير في تحقيق مقاصد مسئلة استعمال الحرير

- طريدالحياک مماطرده الخصم بقطع التنباک

- غسل العباک عن تصويب قطع التنباک

- القسطاس المستقيم

- القول الرضي بتصحيح حديث الترمذي

- مفتاح الکلام

- نثر حلاوي المعارف والعلوم

- نشيج الضحيٰ في قص اللحيٰ

- وصول الغنا في تحريم الدفوف مع الجلاجل والغناء

- وعظ الانوار في مسئلة روية القمر يوم الشک في النهار

- هدايت الناس في البقاء الشعر علي الراس

- دماج المغم

مخدوم محمد ابراهيم جا اڪثر ڪتاب مدرسه  ”مظهر العلوم“  کڏه ڪراچي ۾ قلمي صورت ۾ محفوظ آهن، جن جو تفصيلي مطالعو ڪري، مولانا عبدالرشيد نعماني هڪ تحقيقي مقالو بهاولپور جي رسالي  ”الزبير“  جي  ”ڪتبخانه نمبر“  1967ع ۾ شايع ڪرايو آَهي.

مخدوم ابراهيم ڪامل ولين ۽ راسخ عالمن مان هو. طريقت ۾ خواجه صفي الله نقشبندي ڪابلي (المتوفي: 1212هه) جو مريد هو. بلند مقامات تي پهتل هو. حضرت خواجه صاحب کيس پوري خلافت عطا ڪئي هئي. سندس وفات سن 1225هه ۾ ڪڇ ۾ مڏئي بندر ۾ ٿي. سندس مزار تي قبو ٺهيل آهي. جتي سندس مقبرو آهي، اتي جي ماڻهن ۾ مشهور آهي ته ادب جي لحاظ کان ڪوبه پکي قبي ۾ مٿان لنگهندو آهي، ته ان وقت اهو پکي زمين تي ڪريو پوي ۽ مريو وڃي.(1)

درگاهه خياري شريف تعلقي سڪرنڊ جي مرحوم گادي نشين، حضرت پير رفيع الدين خياروي (وفات 17 اپريل 1999) ٻڌايو هو، ته اسان جا مرشد  ”وسين شريف“  لاڙ وارا آهن ۽ اهي وري مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پوٽي مخدوم محمد ابراهيم مڏئي مرقد جا مريد هئا. ٻارهين مهيني مخدوم ابراهيم جي مزار جي زيارت لاءِ، اڃا تائين وسين شريف وارن بزرگن جا پويان مڏئي بندر ويندا آهن.(2)

مخدوم ابراهيم مڏئي مرقد سنڌي، فارسي ۽ عربي ٻولين جو ماهر مصنف ۽ شاعر هو. سنڌيءَ ۾ سندس هيءَ ڪافي دستياب ٿي آهي، جيڪا مولود جي سر ۾ ڳائبي آهي:

چئيج سنيهڙو سڄڻا! ساٿي سيد کي ساري.
1. پانڌي چئيج پرينءَ کي، ميان الله نياپو هي نيئي يار،                    

                      گهايل گوندر ڏينهن گذاري.

2. قيدن ڪٺي آهيان، پڄاڻان پرين يار،
                        وئيو هنجون نت هيءَ هاري.
3. توکي ساريو سپرين، پل پل پور پون يار،
                        محب وڇوڙو مون ماري.
4. عاصي مان ’ابراهيم‘ چئي، ٻاجهه ٻاجهاڻي ڪن ڪا
                          يار، ايندم شال اوتاري.(1)
مناجات واستغاثه

مخدوم محمد ابراهيم مڏئي مرقد، مديني منوره ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد رسول الله جي سامهون زيارت ڪندي هيءَ مناجات وڏي سڪ ۽ سوز سان پڙهي هئي. هن مناجات ۾ حضور جن کي سڪ ۽ سوز مان سڏڙا ۽ پرت مان پڪارون ڪيل آهن. تبرڪ طور هن عربي تضمين سان سندس چيل فارسي مناجات جو هڪ شعر شامل ڪجي ٿو:

اي تو مقبول درگـھ صمدي،
مجتبائي جناب حق ابدي،
مـــــــن که غــــرقم به بحر جرم و بدي،

وي تو محبوب حضرت احدي،
بهر عصاة شافع و سندي،
يـــــــــــــــــــا حبيب الله خـــــــــذ بيـــــدي،

مــــالــعـجزي ســـواڪ مــستندي.(2)

مخدوم ابراهيم جو اولاد: مخدوم ابراهيم کي ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ عبداللطيف نالي هو.

1. سندس وڏي نياڻيءَ جو نالو بيبي عائشه هو. هيءَ بيبي سڳوري ولايت جي صاحبه ۽ والد طرفان کيس نقشبندي سلسلي ۾ اجازت مليل هئي. سن 1243هه ۾ ڪتاب  ”مناقب مخدومين معظمين“  لکجڻ وقت يعني مخدوم ابراهيم جي وفات کان 18 سال پوءِ، بيبي سڳوري حال حيات هئي.

2. سندس ٻي نياڻي مخدوم ابراهيم جي وفات کان پوءِ گذاري وئي هئي.

3. مخدوم عبداللطيف: هيءُ ڀلارو مخدوم ابراهيم جو فرزند ۽ مخدوم محمد هاشم جو پڙ پوٽو آهي. پيءُ جي وفات سن 1225هه کان پوءِ رشد و هدايت جي مسند تي ويٺو. خلق کي ظاهري ۽ باطني رهنمائي ڪرڻ لڳو. عبداللطيف پنهنجي پيءُ مخدوم ابراهيم جي مڏئي شهر ۾ وفات کان پوءِ  ”اربق“  مان لڏي، پنهنجي اباڻي شهر ٺٽي ۾ آيو، سن 1230هه ۾ ٺٽي شهر جي اُتر طرف قديم مسجد ۾ امامت ڪرڻ لڳو. اها مسجد اصل ۾ سندس والد ۽ پڙ ڏاڏي مخدوم محمد هاشم جي ڏينهن جي آهي. ان کي نئين سر تعمير ڪرايائين. مخدوم وڏي محمد هاشم کان وٺي هن وقت تائين ان  ”هاشمي مسجد“  ۾ امامت ڪندا ٿا اچن. عبدالليف ٺٽي ۾ دين متين جي خدمت ڪندو رهيو. ڪيترن ڪافرن کي اسلام سان مشرف ڪري، کين ڪفر جي اونداهيءَ کان ٻاهر ڪڍيائين.

مخدوم عبداللطيف پيءُ جي وفات 1225هه کان چوڏهن سان پوءِ زنده رهيو. 3 جمادي الاول بروز سومر 1239هه تي ٺٽي ۾ وفات ڪيائين. محمد امين بن هارون ڇتڙائي سندس وفات تي هي شعر چيو آهي:

روز دوشنبه بتاريخ سيوم قبل الزوال،
جمادي الاوليٰ از عالم گزيده استقار.
سال وصلش چون زهوش خويش پرسيدم بگفت،
کرده مهان عبداللطيف پير با رحمان جوار.(1)

مخدوم عبداللطيف فن تحرير ۾ يگانو هو.  ”تڪمله مقالات الشعراء“  جي مصنف مخدوم محمد ابراهيم  ”خليل“  جو هيءُ بزرگ نامو هو. مخدوم  ”خليل“  پنهنجي پيءُ کان روايت ڪري ٿو:

 ”مخدوم عبدالطيف ثاني ۽ سندس فرزند عبدالغفور فقهي تحريرون لکندا هئا. هڪڙو بزرگ مسجد جي حجري ۾ ته ٻيو مسجد جي صحن ۾ ويهندو هو. هڪ تحرير لکندو هو، ته ٻيو ان جو جواب ڏيندو هو ۽ آئون جو ننڍيءَ عمر وارو هوس، انهن تحريرن کي کڻي ٻنهي کي پهچائيندو هوس.“ (2)

مخدوم عبداللطيف (ثاني)، قيوم جهان (خواجه صفي الله) کان سلوڪ ۾ تلقين ورتي ۽ خلافت پنهنجي والد مخدوم محمد ابراهيم کان حاصل ڪئي. مخدوم صاحب مڏئي وارن آخر عمر ۾ کيس فرمايو، ته:

“  جي تون گهرين ٿو ته آئون ۽ خدا هڪ هجان ۽ ٻيو ڪجهه نه هجي، ته خليفي نظاماڻيءَ سان صحبت ڪر ۽ جي پاڻ ڏانهن خلق جي رجوعات گهرين ٿو، ته وسين واري خليفي سان ساٿ سنگت ڪر ۽ جي اگهاڙي ترار ٿيڻ گهرين ٿو جو جيڪا به بد دعا يا پٽ پاراتو ڏين سو پورو ٿي وڃي، ته کٿي اوڙهيندڙ خليفي وٽ وڃي ويهه.(3)

مخدوم  ”خليل“  ٺٽويءَ هيءُ قصو به لکيو آهي:

 ”ٺٽي جو هڪ وڏو ماڻهو، جيڪو مخدوم عبداللطيف ثاني جي پيءُ جو مريد به هو. ان هوندي به مخدوم عبداللطيف تي شريعت جي خلاف هڪ ڪوڙي تهمت رکي، ان ڪري کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ان جي حق ۾ بد دعا ڪيائين. خدا جي قدرت! ان شخص کي اچي رت جا اسهال ٿيا. کيس سڌ پئجي وئي ته مخدوم عبدالطيف جي پاراتي جو اثر آهي. سو کين گهڻوئي عرض ڪيائين، پر پاڻ راضي نه ٿيا. نيٺ حضرت معفه وارن سرهندي ڏانهن سفارش جو سائل ٿيو. ان بزرگ مخدوم عبداللطيف کي سفارش ڪئي ته هن کي شفا جو پيالو لکي ڏيو. پاڻ فرمايائين ته اوهان جي چوڻ تي پيالو لکان ٿو، پر جيڪي منهنجيءَ دل ۾ ايندو اهو لکندس. بزرگ معفـھ وارن قبول فرمايو. مخدوم عبدالطيف هي لکيو ته، اي پالڻهار! تون منتقم (بدلو وٺندڙ) آهين. تنهنجو هڪ نالو منتقم به آهي. هن ماڻهوءَ مون کي ڏاڍي تڪليف ڏني آهي. تون ان کان منهنجو انتقام وٺ. جڏهن اهو پيالو حضرت معفه وارن ڏٺو ۽ فرمايو ته مخدوم عبداللطيف ڪڏهن به راضي نه ٿيندو ۽ پاڻ به مخدوم جي ڪري ماٺ ڪري ويا. نيٺ ان ماڻهوءَ جي حالت خراب ٿي وئي. پاڻ کي کٽ تي کڻائي اچي مخدوم جي دروازي تي رکايائين ۽ مخدوم کي گهرايو ويو. پاڻ ان کي ڏسي هيئن فرمائڻ لڳا:

 ”هنئين جا حبيين، سا ميخ مدامي نه لهي!“

اهو چئي موٽي ويا ۽ کين ايڏو ڏک هو، جو اتي پل به نه ويٺا. نيٺ مريض جا مائٽ نااميد ٿي، ان کي موٽائي کڻي ويا ۽ اهو ان مرض ۾ مري ويو.“ (1)

مخدوم عبداللطيف کي چار فرزند هئا: عبدالغفور، عبدالرحمان، عبدالحئي ۽ عبدالله  ”اميد“ . اهي فرزند مخدوم ابراهيم مڏئي مرقد جي حال حياتيءَ ۾ ڄاوا هئا ۽ چئني جي ڄمڻ جي جاءِ بقعه اربق آهي. اهي چارئي پنهنجي ڏاڏي مخدوم ابراهيم جي وفات کان پوءِ پنهنجي پيءُ مخدوم عبداللطيف سان گڏجي ٺٽي شهر ۾ آيا. انهن چئني جو احوال هن ريت آهي:

1. مخدوم عبدالغفور: انهن چئني مان وڏو مخدوم عبدالغفور هو، جنهن جي ولادت سن 1216هه م ٿي. هي اڃا بالغ نه ٿيو هو، ته سڀني علمن ۽ فنن جي تحصيل ڪري چڪو هو. وڏي علم وارو، ظاهر باطن ارشاد ۽ هدايت، طريقت جي تلقين ۽ شريعت جي تدريس ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي مسند سنڀاليائين. هن تعليم پنهنجي والد کان ورتي هئي. هو عربيءَ جو وڏو نازڪ خيال شاعر هو. مخدوم  ”خليل“  ٺٽوي لکي ٿو:

 ”فارسيءَ جو مشهور شاعر گل محمد ’دلخوش‘ ناطق مڪراني هڪ دفعي ڪو مٽيارين ۾ ناراض ٿي پيو. (دلخوش مڪراني، مخدوم عبدالغفور جو همعصر هو ۽ مٽيارين ۾ مخدوم محمد هاشم جي شاگردن جي شاگرد مخدوم عبدالڪريم وٽ پڙهندو هو.) دلخوش ناراضگيءَ ۾ فارسي شعر چيو:

آبرو گر طلبي آب مٽيار مَ طلب،
لقمـھ چرب بجز نان جواري مَ طلب.

مطلب ته جيڪڏهن عزت آبرو طلبين، ته مٽياريءَ جو پاڻي به نه طلب. اتي سٺو ۽ مٺو طعام به رڳو جوار جي ماني آهي، ان ڪري اهو به نه طلب.

اهو بيت جڏهن مخدوم عبدالغفور ٻڌو، ته پاڻ فرمايائين:

آبرو گر طلبي آب مٽياري بطلب،
لقمـھ چرب مجو نان جواري بطلب.

مطلب ته جيڪڏهن عزت آبرو طلبين ته مٽياريءَ جو پاڻي طلب. سٺو ۽ مٺو طعام نه ڳول، جوار جي ماني طلب ڪر.

مخدوم عبدالغفور، مٽياري شهر جي ان ڪري قدرداني ڪئي، جو  اتي مخدوم عبدالڪريم مٽياروي جهڙو فياض موجود هو. مخدوم عبدالڪريم، جو اهو مٽياريءَ جي گلا وارو بيت ٻڌو، ته ان کان خوش نه ٿيا. دلخوش مڪرانيءَ ان ڪري هڪ ٻيو سٺو غزل چيو، جنهن جو مطلع هي هو:

طرفه شهريست مٽياري که بسامان گرَدد،
خالي از شور و شر فتنئه دوران گردد.

جيئن ته هن شعر ۾ مٽياريءَ جي تعريف آهي، ان ڪري مخدوم عبدالڪريم مٽياروي اهو شعر ٻڌي خوش ٿيا.“ (1)

مخدوم عبدالغفور جو هڪ ڪتاب  ”حجم ذيغ العيون في رد مبيح الفسق الفتون“  يادگار آهي.

2. مخدوم عبدالرحمان: مخدوم عبداللطيف جو ٻيو فرزند ميان عبدالرحمان هو. ان جي ولادت سن 1218هه ۾ ٿي. ظاهري علم جو واقف هو. پر ننڍي هوندي کيس هيانچي جي تڪليف هئي، ان ڪري سنهي هاٺيءَ وارو ۽ ڪمزور رهندو هو. اهوئي سبب آهي، جو هو علم حاصل ڪرڻ جي گهڻي محنت ۽ تڪليف برادشت نه ڪري سگهيو. عبدالرحمان جمعي جي ڏينهن 22 شعبان المعظم 1239هه تي پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ ٽئين مهيني ۾ وفات ڪري ويو.

3. عبدالحئي: مخدوم عبداللطيف جو ٽيون فرزند مخدوم ميان عبدالحئي آهي.(1)

4. مخدوم عبدالله  ”اميد“  ٺٽوي: مخدوم عبداللطيف جو چوٿون فرزند، ٺٽي جي مشهور خاندان هاشميه جو چشم و چراغ هو. تعليم پنهنجي والد کان پرايائين. اهڙيءَ طرح باطني فيض ۾ به ڪامل هو. هو وڏو متقي ۽ پرهيزگار هو. تقرير جي فن ۾ وڏي مهارت وارو هو. مخدوم  ”خليل“  ٺٽوي لکي ٿو:

 ”مخدوم عبدالله جي تقرير وڏي متانت سان لبريز هوندي هئي. قاضي ميان عبدالرحيم ٺٽويءَ روبرو ٻڌايو ته ٺٽي شهر وارن جي تقرير جي بلاغت ۽ متانت هاڻي رڳو مخدوم عبدالله جي وجود سان وابسته آهي.“ (2)

مخدوم عبدالله، ”تڪلمه مقالات الشعراء“  جي مصنف مخدوم محمد ابراهيم  ”خليل“  ٺٽويءَ جو مامو پڻ هو:

کس کس ڪو ياد کيجئي، کس کس کو روئيي
کيا کيا نه هوا، آسمان کي انقلاب سي!

مخدوم عبدالله نثر سان گڏ نظم ۾ به وڏي مهارت رکندو هو. سندس تخلص  ”اميد“  هو. هي فارسي شعر ان جو آهي:

جان بي قالب درين عالم رسيدن مشکل است،
طائر روح سبک روحان پريدن مشکل است.
(3)

مخدوم عبدالله جي تاريخ وفات معلوم نه آهي. اندزاً تيرهين صدي هجريءَ جي آخر ڌاري سندس وفات ٿي هوندي!

پير محمد هاشم جان سرهندي لکي ٿو:

 ”مخفي نه رهي ته هينئر مخدوم محمد هاشم جي اولاد مان ڪو به نه رهيو آهي. اسان جي زماني ۾ سندس اولاد مان مخدوم غلام احمد نالي شخص لاولد گذاري ويو آهي. اهڙيءَ طرح مخدوم محمد هاشم جي نسل مان ڪوبه نه رهيو آهي.“ (1)

تازو راقم کي محترم دوست غلام رسول ڏاهري، شاهپور جهانيان واري کان مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا هيٺيان ٽي ڪتاب مطالعي لاءِ مليا:

1. شد النطاق فيما يلحق من الطلاق (عربي)

2. تمام العناية في الفرق بين صريح الطلاق والکناية (عربي)

3. فرائض الاسلام (عربي)

انهن مٿين ڪتابن مان پهرين ٻن ڪتابن تي ڇپائيءَ جو سن 1300هجري ۽ آخري ڪتاب تي سن 1312هجري لکيل آهي. انهن ٽنهي ڪتابن جي آخر ۾، عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ هيٺيون نوٽ لڳل آهي:

 ”هيءَ ڪتاب عالمن ۽ فاضلن جي اڳواڻ، علم معقول ۽ منقول جي جامع ۽ علم جي سمونڊ، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا لکيل آهن... انهن ڪتابن جا مصنف جي هٿ لکيل نسخا، سندس پونير مان مخدوم غلام محمد کان ڇپائي واسطي، مولوي سيد رفيع الدين حسيني قادري جي وساطت سان اسان کي مليا. پوءِ انهن تي زرڪثير خرچ ڪري، حاشيا لکائي ڇاپايا ويا آهن، ته جيئن انهن جو فائدو عالمن ۽ عام ماڻهن کي ٿئي، ۽ دعا خير سان ياد ڪن.“

هوڏانهن  ”مونس المخلصين“  ۾ مخدوم صاحب جي پونير مان آخري شخص جو نالو  ”غلام احمد“  لکيل آهي. راقم جي خيال ۾ اهو ساڳيو ئي هڪڙو  ”غلام محمد“  نالي وارو بزرگ آهي، پر ڌار ڌار لکت يا ڪتابت جي سهو ۾  ”محمد“  ۽  ”احمد“ ، جو فرق رهجي ويو آهي. بهرحال اهو بزرگ مخدوم غلام محمد، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي اولاد مان آخري نشاني هو ۽ سندس وفات مخدوم محمد هاشم جي وفات سن 1174هه کان اٽڪل 138 ورهيه بعد ۾ سن 1312هه کان به پوءِ ٿي آهي. جيئن مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب جي ڇپجڻ وقت سن 1312هه ۾ زندهه هو ۽ پاڻ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ ڏنا هئائين.

ٺٽي جو رهاڪو ۽ صالح شخص، فقير محمد اسماعيل ڪنڀار، جيڪو ويجهر ۾ گذاري ويو آهي، لکي ٿو:

 ”مخدوم صاحب جي خاندان مان آخر ۾ فقط هڪ نياڻي رهي هئي، جا ٺٽي جي عقيلي خاندان جي هڪ فرد عبدالرحيم عقيلي جي گهر ۾ هئي. ميان عبدالرحيم عقيلي جي وفات کان پوءِ اها مائي صاحبه به وفات ڪري ويئي. کيس ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو. مخدوم صاحب جو خاندان اتي اچي ختم ٿيو.“ (1)

راقم پاڻ مخدوم صاحب تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڪيترا دفعا ٺٽي ويو آهي، ته جيئن روبرو ماڳ مڪان ڀيٽي ڏسجن ۽ اتان جي اصل باشندن ۽ اهل علم کان مخدوم صاحب بابت زباني روايتون ۽ اتي عام ۽ مشهور هلندڙ حڪايتون ۽ حقيقتون معلوم ڪجن. ان ڏس ۾  ”شاهجهاني مسجد“  جي خطيب مفتي عبداللطيف سان ملاقات ٿي.  ”مدرسه مجدديه عثمانيه“  جي مهتمم علامه مخدوم عبدالرحمان ميمڻ سان به علمي رهاڻيون ٿيون. سندن ڪتبخاني ۾ مخدوم صاحب جي چند ناياب ڪتابن ڏسڻ جو به موقعو مليو. پاڻ مخدوم صاحب جي اولاد ۽ پونير جي باري ۾، ساڳي فقير محمد اسماعيل ڪنڀار واري ڳالهه جي تصديق ڪيائون. بهرحال ٺٽو ته موجود آهي، پر ٺٽي ۾ مخدوم صاحب جو اولاد هينئر باقي نه رهيو آهي ۽ ٺٽي جي اها اڳواڻي علمي عظمت ۽ روشني به نه رهي آهي:

هر اک مکان کو هي، مکين سي شرف  ”اسد“ !
مجنون جو مرگيا، تو جنگل اداس هي.
***

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
***

خدا رحمت کند، اين عاشقانِ پاک طينت را.


(1) مولوي دين محمد وفائي:  ”تذڪره مشاهير سنڌ“  - جلد 3، ص 28-229

(2) مير علي شير  ”قانع“  ٺٽوي:  ”تحفة الڪرام“ ، ص 566

(1) مخدوم عبدالرحمان:  ”حيات العاشقين“  (سنڌي)، ص 235

(1) ”تذڪره مشاهير سنڌ“  - جلد 3، ص 329

(2) مير علي شير  ”قانع“  ٺٽوي:  ”تحفة الڪرام“ ، ص 566

(1) ”تذڪره مشاهير سنڌ“  - جلد 3، ص 329

(1) راقم جي خيال ۽ تحقيق موجب مخدوم ابراهيم جهڙي خانداني عالم ۽ ڪامل ولي جو پنهنجو ديس ڇڏي هجرت ڪري وڃڻ ۾ به ڪو سياسي عنصر جو عمل دخل ٿي سگهي ٿو. ان جو مثال هي آهي ته هن رسالي ۾ مٿي اهو مختصر احوال اشارتاً گذري آيو آهي، ته سنڌ جي والي ميان عبدالنبي ڪلهوڙي ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جي وچ ۾ پوئين دور ۾ اڻبڻت ٿي هئي. ڪلهوڙن هارايو ۽ ميرن ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي، سنڌ جي حڪومت جون واڳون سنڀاليون هيون. جيئن ته مخدوم ابراهيم وقت جي ڪلهوڙا حڪمرانن جي رعيت، قاضي القضاهِ جي عهدي تي فائز هو. ڪلهوڙن سان خانداني تعلق ۽ ڪلهوڙن جي اسلامي احڪامن جي اجراء لاءِ ڪوشش ۽ اهڙين ٻين ڪن ڳالهين جي ڪري مخدوم ابراهيم کي ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جو طرفدار رهڻو پيو، جڏهن ٽالپر، ڪلهوڙن کي مار ڌاڙ کان پوءِ شڪست ڏيئي حڪمران ٿيا، ته هڪ حڪومت جي ختم ٿيڻ ۽ نئين حڪومت ۽ حڪمرانن جي اچڻ سان سندس تعلقات مٿين سببن ڪري ضرور ڪشيده ٿيڻ لازمي امر هو. ان ڪري مخدوم ابراهيم سياسي ويڙهه کان ڪناره ڪشي ڪري عافيت ان ۾ سمجهي، ته پنهنجو ماڳ مڪان ڇڏي ڪنهن ٻئي هنڌ آزاديءَ سان وڃي دين جو ڪم ڪري. (ليکڪ)

(1) سنڌ جي ماڻهن جي ڪڇ ڏانهن ۽ ڪڇ کان سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ان دور جي هڪ عام ڳالهه به هئي. (ادارو)

(1)  امين بن هارون ڇتڙائي:  ”مناقب مخدومين معظمين“ ، (قلمي فارسي) ص 1-12

(1) مخدوم محمد ابراهيم  ”خليل“  ٺٽوي:  ”تڪمله مقالات الشعراء“  (فارسي)، ص 47-49

(1) غلام مصطفيٰ قاسمي: ٽماهي  ”الرحيم“  - مشاهير سنڌ نمبر 3-4، 1967ع، ص 18

(1) پير محمد هاشم جان سرهندي:  ”مونس المخلصين“  (فارسي)، ص 113

(2) پير صاحب خياروي سان تاريخ 1 مارچ 1987ع تي درگاهه خياري شريف (تعلقه سڪرنڊ) ۾ ملاقات ٿي. هن ملاقات ۾ راقم سان گڏ محترم استاد مولانا ڪريم بخش مگسي، مدرسـھ دارالقرآن ميهڙ ۽ الحاج رحيم بخش  ”قمر“  نوابشاهي مرحوم به موجود هئا. پير صاحب خيارويءَ تازو 17 اپريل 1999ع تي وفات ڪئي آهي.

(1) محمد سومار شيخ:  ”ڪڇ جا شاعر ۽ سنڌي اديب“  (مقالو) روزانه  ”مهراڻ“  ڪراچي، سالگرهه نمبر 15 جنوري 1961ع، ص 65

(2) ماهوار  ”الرحيم“  سنڌي 2-1965ع ص 117

(1) ”مناقب مخدومين معظمين“  (قلمي فارسي)، ص 1-9

(2) ”تڪمله مقالات الشعراء“  (فارسي)، ص 49

(3) ايضاً، ص 50

(1) ”تڪمله مقالات الشعراء“  (فارسي)، ص 51

(1) ”تڪمله مقالات الشعراء“  (فارسي)، ص 264

(1) ”مناقب مخدومين معظمين“  (قلمي فارسي)، ص 11

(2) ”تڪمله مقالات الشعراء“ ، ص 51

(3) ايضاً، ص 51

(1) ”مونس المخلصين“  (فارسي)، ص 113

(1) ”بناء الاسلام“  (سنڌي)، ڏسو مرتب جو مقدمو، ص 41

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org