سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-

صفحو :1

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

تحقيق: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري

 

 

 

انتساب

هيءَ ناچيز علمي سوغات، انتهائي محبت ۽ عقيدت، ادب ۽ احترام سان پنهنجي محترم ۽ محسن عظيم استاد، سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي منسوب ڪندي، سندس برڪت ڀريءَ خدمت ۾ عقيدت ۽ محبت سان پيش ڪريان ٿو.

 

”تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان.“
***

”مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.“
***

”ٿر واريءَ، جر ڦـُـڙا، تـِـر راهين، سر وار،
تهان ئي اپار، ٿورا مون تي سڄڻين.“
(شاهه)

 

                                عبدالرسول قادري

  

 

ملفوظات

چار هزار ڪتاب پڙهيم، انهن مان چار ڳالهيون پسند ڪيم.

1. ته اي منهنجا نفس! خدا تعاليٰ جي عبادت ڪرين ته ڪر، نه ته ان جو رزق نه کاءُ!

2. ته اي منهنجا نفس! جنهن کان خدا تعاليٰ روڪ ڪئي آهي، ان کان پاسو ڪر، نه ته ان جي ملڪ مان نڪري وڃ!

3. ته اي منهنجا نفس! جيڪي ازلي قسمت مان توکي پهچي، ان تي صبر ڪر، نه ته ڪو ٻيو خدا ڳول، جيڪو توکي روزي وڌائي ڏئي.

4. ته اي منهنجا نفس! جي گناهه جو خيال ڪرين، ته ڪا اهڙي جاءِ تلاش ڪر، جتي توکي خدا نه ڏسي، نه ته گناهه نه ڪر!

 

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

 

ڇپائيندڙ پاران

ڪلهوڙا دور ۾ جن عالمن تحريري طور دين جي علمي ۽ تحقيقي خدمت ڪئي، انهن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو نالو نهايت قداور نظر اچي ٿو. هن صاحب جو تعلق سنڌ جي مردم خيز شهر ٺٽي جي مٽيءَ سان هو. مخدوم صاحب جا وڏا اصل ۾ سيوهڻ جا ويٺل هئا، پوءِ لڏي اچي ٺٽي ۾ آباد ٿيا. مخدوم صاحب جو والد ميان عبدالغفور پنهور به پنهنجي دور جو هڪ وڏو عالم هو.

شخصيتون ۽ دور هڪٻئي جا ڄاتل سـُـڃاتل ۽ لازم ملزوم هجن ٿا. ٻين لفظن ۾ شخصيتون ۽ دور هڪٻئي کي جنم ڏين ٿا. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به هڪ دور هو، جنهن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ ديني، علمي ۽ ادبي ميدان ۾ مثالي خدمت ڪئي. توڻي جو هيءُ دور ڏيهي حڪومت جو دور هو، پر پوءِ به سنڌ ۾ فارسي زبان جو غلبو هو. انهن ڏينهن ۾ هڪ عالم جو سنڌي زبان ۾ علم و ادب جي خدمت ڪرڻ تمام وڏي ڳالهه سمجهڻ کپي.

ڪتاب  ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“  اصل ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي سوانح تي پي ايڇ. ڊي لاءِ ڪيل هڪ تحقيقي مقالو آهي. هيءُ تحقيقي مقالو جناب عبدالرسول قادري صاحب  ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“  (سوانح حيات، زمانو ۽ علمي خدمتون) جي عنوان تي سنڌ جي هاڪاري عالم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي رهبريءَ ۾ لکيو ۽ پي ايڇ. ڊي جي اعليٰ سند حاصل ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جهڙي جيد عالم تي لکيل انهيءَ تحقيقي سوانح حيات کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي، ان کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي لائق پڙهندڙ حضرات کي هڪ بيش بها قيمتي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو آهي. اميد ٿي ڪجي، ته هيءُ ڪتاب پڙهندڙ حضرات کي بيحد پسند ايندو.

 

ڄام شورو، سنڌ                                 اعجاز احمد منگي

سومر 3- شعبان المعظم 1427هه                سيڪريٽري

بمطابق 28- آگسٽ 2006ع                 سنڌي ادبي بورڊ


 

 

 

 

 


 

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

سوانح حيات ۽ علمي خدمتون

 

 

پيش لفظ

بـِـسمِ الله الرَحمـٰـنِ الرَحـِـيمِ

الَصَّلواةُ وَالسَّلامُ عَليٰ رَحْـمَـة لـِلـعَالـَمِـيْـنَ.

 

الله تعاليٰ جي ٻاجهه ۽ مٺي مرسل جي رحمت سان سرزمين سنڌ مان هميشـھ پروردگار جا پيارا پهتل ٻانها ۽ محبتي مڻيادار ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن. انهن پنهنجي فيض ۽ برڪت، علم ۽ عمل جي روشنيءَ سان جڳ کي پئي جرڪايو آهي. سنڌ جي انهن عظيم فيض ور ۽ علم پرور انسانن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليـھ  ”شمس العلماء “  ۽  ”قمر المنير“  ٿي اڀريو ۽ چمڪيو، جنهن جي علمي ۽ قلمي فيض ديس پرديس جا وڻ ٽڻ روشن ڪري ڇڏيا.

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي زندگيءَ بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءُ پهريون جامع تحقيقي ۽ ضخيم ڪتاب آهي، جيڪو اصل ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾، پي ايڇ. ڊي (Ph.D) واسطي هيٺئين عنوان سان لکيل ۽ پيش ڪيل تحقيقي مقالو آهي:  ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: سوانح حيات، زمانو ۽ علمي خدمتون“ . هيءُ تحقيقي مقالو موجوده دور جي شمس العلم، استاد محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي رهبريءَ ۾ سنه 1997ع ۾ لکي مڪمل ڪيو ويو.

جيئن ته يونيورسٽي جي امتحاني طريقئه ڪار ۽ تقاضا موجب مواد ۽ حوالن جي گهڻائي، ترتيب ۽ وچ وارن مختلف مرحلن جي ڪري، ٿيسز جي جمع ۽ ترتيب جو علحده نمونو هوندو آهي. هينئر ڪتاب جي ڇپائيءَ وقت مواد کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ، مروج ڪتابي طريقي پٽاندڙ، سموري مواد جي اختصار سان گڏ مواد جي ترتيب پڻ تبديل ڪئي وئي آهي ۽ ان سان گڏ ويجهڙائيءَ ۾ جيڪو نئون مواد مليو آهي، اهو پڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن مخدوم ٺٽويءَ بابت پڙهندڙن کي جامع ۽ مڪمل معلومات ملي ۽ اهلِ علم محققن سان گڏ عام ماڻهو به ڪتاب پڙهي، سولائيءَ سان سمجهي لاڀ پرائي سگهن.

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي زماني، سوانح حيات ۽ ديني علمي خدمتن جي باري ۾ هيءُ جامع تحقيقي ڪتاب آهي، جيڪو  ”سنڌي ادبي بورڊ“  طرفان شايع ٿي رهيو آهي.

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ بابت هيءُ تاريخي، علمي ۽ ضخيم تحقيقي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي، وڏوعلمي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. اميد ته اهلِ سنڌ جي علمي دنيا ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو هيءُ ڪارنامو يادگار رهندو.

ان سان گڏ علم دوست اديبن ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ۽ محترم بشير احمد هيسباڻيءَ جو خلوص دل سان احسان مند آهيان، جن هن ڪتاب جي مواد ۽ طباعت جي سڀني مرحلن ۾ مڪمل رهنمائي ۽ نگراني ڪئي.

ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
ٿر ۾ واري ٿورڙي، تهان گهڻيرا،
ڀلائي ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا.
                          (شاهه)

 

 

طالب العلم

يوم الجمعة

عبدالرسول قادري

9- صفر المظفر 1427هه

ڳوٺ دڙي مگسي، تعلقو سڪرنڊ،

10- مارچ 2006ع

ضلعو نوابشاهه، سنڌ

 

مقدمو

بسم الله الرحمـٰـن الرحيم

 

سب ساراهون رب کي، جو خاوند خلقڻهار،
***

رس رسول رحيم تون، مون کي محمدا،
 ”هاشم“  جهڙي حقير تي، ڪر شفاعت ڪا!
                                  (مخدوم ٺٽوي)

سن 92هه/ 711ع ۾ سنڌ کي محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ عربن فتح ڪري، اسلامي حڪومت جو بنياد وڌو. دراصل، برصغير هند و پاڪ ۽ سنڌ ئي پهريون خطو هو، جتي اسلامي حڪومت جو پايو پيو. اسلامي حڪومت جي قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جا جيڪي به وڏا ۽ اهم مکيه مرڪز هئا، تن ۾ ديني تعليم جي اشاعت ۽ تبليغ لاءِ عالمن جي طرفان ڪوششون ڪيون ويون ۽ سنڌ جي چپي چپي تي مسجدون ۽ اسلامي تعليم- جهڙوڪ: قرآن پاڪ، تفسير، حديث سان گڏ عقلي خواه نقلي علمن جي پڙهائن جو سرشتو رائج ٿيو. عربن سنڌ جي سرزمين کي پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ عربي ٻوليءَ سان تمام گهڻو روشناس ڪرايو، جنهن جا اثرات اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. انهيءَ سموري عرصي ۾ سنڌ اندر وڏا جيد عالم، مفسر، محدث ۽ فقيـھ پيدا ٿيا، جن جي علمي ۽ ديني ڪارنامن کان نه صرف سنڌ پر سموري اسلامي دنيا روشناس ٿي. عرب دور جي خاتمي کان پوءِ، سومرن ۽ سمن جي صاحبيءَ ۾ پڻ علم جي اها روشن شمع سنڌ کي منور ڪندي رهي. سنڌ جي سرزمين کي اهو شرف حاصل آهي ته هتان جي ڀاڳن ڀرئي مٽيءَ مان هر دور ۽ هر زماني ۾ اعليٰ ۽ ارفع انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي علم ۽ قلم، فڪر ۽ فهم، همت ۽ عزم سان پنهنجي وطن جي خدمت ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ ديني تعليم کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خاص طرح سان ڪلهوڙن جو دور، جنهن کي مؤرخن پنهنجي ديسي ماڻهن جي حڪومت سان منسوب ڪيو آهي، ان دور ۾ ٺٽي جو شهر علم ۽ عرفان جو هڪ وڏو مرڪز هو. هتي نه صرف ظاهري علمن کي فروغ ڏيڻ وارا پيدا ٿيا، پر روحانيت جي تعليم سان ڀٽڪيل انسانن جي دلين کي به پنهنجي روحانيت جي شمع سان روشن ڪيائون. ٺٽو، ڪلهوڙن جي دور ۾ عرب جي اسلامي مرڪزن جهڙوڪ: دمشق، بغداد وغيره کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هو. ان دور ۾ ٺٽي شهر ۾ وڏا عالم، مفسر، محدث، فقيـھ ۽ صوفي بزرگ رهندا هئا، جن جا علمي، ادبي، ديني ۽ روحاني ڪارناما اڄ به تذڪرن ۾ موجود آهن. ان دور ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هڪ علمي سج مثل هو، جنهن جي شعاعن سموريءَ سنڌ ۽ عرب دنيا کي منور ڪيو، ٺٽي ۾ جيئن ته ميون ابوالحسن سنڌي، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم ابوالقاسم نقشبندي ۽ ٻيا ڪيترائي وقت جا وڏا جيد عالم هئا، پر انهن سڀني مان مخدوم محمد هاشم وڏي پايي جو عالم ۽ ارفع انسان ٿي گڏريو آهي.

راقم، مخدوم محمد هاشم جي شخصيت کان طالب علميءَ جي زماني کان وٺي ڏاڍو متاثر رهيو آهي. سندس سنڌي تصنيفات ۽ تاليفات کان سواءِ عربي ۽ فارسيءِ  لکيل ڪتابن جو جڏهن باريڪ بينيءَ سان مطالعو ڪيم، تڏهن مون اهو محسوس ڪيو ته سنڌ جي هن بلند پايي عالم جي انهن علمي ۽ ديني شهپارن کي سنڌ جي پڙهيل خواه گهٽ علم وارن ماڻهن تائين پهچائجي. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب تي عربي ۽ فارسيءَ کان سواءِ سنڌيءَ ۾ ڪجهه ننڍا وڏا مضمون ۽ مقالا ۽ ڪتاب پڻ نظر مان گذريا، پر اهي سڀ مختصر هئا. افسوس جو مقام اهو آهي ته برصغير جي عالمن ۽ مصنفن تي ڪافي انداز ۾ علمي ۽ تحقيقي لحاظ کان ڪم ڪيو ويو آهي. پر اسان سنڌ وارن جي اها شوم بختي آهي، جو اهڙن علمي ۽ ادبي گوهرن طرف گهٽ توجهه ڏنو ويو آهي. انهيءَ ڳالهه کي سامهون رکي، مون سڀ کان پهريائين مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ تي علمي ۽ تحقيقي لحاظ کان ڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي لائق ۽ فائق محقق، مشهور اسڪالر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ذڪر ڪيو. ڊاڪٽر صاحب نه صرف منهنجي ان پراڻي دلي خواهش کي پايئه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ همت افزائي ڪئي، پر ان سان گڏ رهبري ۽ رهنمائي ڪرڻ جو به واعدو ڪيو. هونئن به ڊاڪٽر صاحب جن جي شخصيت راقم تي هميشه مهربان پئي رهي آهي. هن کان اڳ سندس ئي هدايتن مطابق، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه بابت مير عبدالحسين  ”سانگيءَ“  جو فارسي ٻوليءَ ۾ تاليف ڪيل ڪتاب  ”لطائف لطيفي“  جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هئم، جو سن 1986ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان شايع ٿيو. ان ڪتاب جو لطيف سائينءَ جي ميلي جي موقعي تي سنڌ جي تڏهوڪي وزير اعليٰ مهورت ڪيو هو. اڳتي هلي، سندس رهنمائيءَ ۾ مخدوم محمد جعفر بوبڪائيءَ جي ڪتاب  ”حاصل النهج“  (فارسي) ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي ڪتاب  ”رشف الزلال“  (فارسي) جو ترجمو ڪيم. پاڻ انهن ٻنهي ڪتابن جو نه صرف مهاڳ لکيائون. پر انهن کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، حيدرآباد طرفان شايع ڪرڻ جو بندوبست به ڪيائون. ازانسواءِ، سندس سعيي سان ئي سن 1996ع ۾  ”منشور الوصيت“  فارسيءَ جو سنڌي ترجمو، ڪلهوڙا سيمينار ڪراچي ۽ 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورد ڄام شوري طرفان شايع ٿيو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان انهيءَ مٿئين ملاقات کان پوءِ، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي شخصيت، علميت، عظمت ۽ ٻين ڪيترين ئي اهڙين فني ڳالهين تي پاڻ ۾ بحث مباحثو ٿيو. آخرڪار، پاڻ مخدوم صاحب تي تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ،  ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: سوانح حيات، زمانو ۽ علمي خدمتون“  جي عنوان سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏنائون. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي لائق اختياريءَ وارن انهيءَ موضوع جي اهميت ۽ افاديت کي محسوس ڪندي، راقم کي پي ايڇ. ڊي (Ph.D) لاءِ تحقيقي مقالي لکڻ جي اجازت ڏني.

جيئن ته آءٌ منڍ ۾، مخدوم صاحب کان اڳ واري دور متعلق ٿوري روشني وجهي چڪو آهيان ۽ ساڳئي وقت اهو به ڄاڻايو اٿم، ته مخدوم صاحب ٺٽي جي عالمن ۾ هڪ وڏو روشن سج هو. مخدوم صاحب نه صرف عالم، مدرس، خطيب ۽ مفتي هو، پر ان سان گڏ هڪ وڏو صاحبِ تصنيف بزرگ، مبلغ ۽ همـھ گير صفتن جو مالڪ هو. سندس علمي، ادبي ۽ ديني شهپارا سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ عربي ۽ فارسي زبانن ۾ آهن. مخدوم صاحب جي انهن علمي تصنيفات جو اهو ڳاڻاٽو ڪرڻ دشوار آهي ته پاڻ پوين لاءِ ڪيترو علمي سرمايو ڇڏيائون، ڇاڪاڻ ته اسان سنڌ جي ٻين ڪيترن عالمن ۽ بزرگن وانگر هن عالم جي ڇڏيل سرمايي کي به هڪ هنڌ محفوظ نه ڪيو آهي. ان هوندي به سنڌ جي مختلف عالمن، جهڙوڪ: مخدوم امير احمد، سيد حسام الدين راشدي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مفتي محمد عبدالله نعيمي - مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي ڪافي تصنيفات کي هڪ هنڌ يڪجاءِ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. انهيءَ لحاظ کان اهو صرف اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن وقت تائين مخدوم صاحب جا ٽن سون کان وڌيڪ ڪتاب سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻولين جي جامي ۾ آهن، جن مان چند ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ اڃا ڪافي قلمي صورت ۾ موجود آهن. مخدوم صاحب جي عربي تصنيفات کي اسلامي دنيا ۾ وڏي قدر ۽ منزلت سان ڏٺو وڃي ٿو. مصر جي مشهور يونيورسٽي  ”جامعـھ الازهر“  ۾ اڄ به مخدوم صاحب جا ڪيترا ڪتاب نصاب طور پڙهايا وڃن ٿا. مخدوم صاحب جو عربيءَ ۾ سيرت تي لکيل ڪتاب  ”بذل القوهِ“ ، جنهن ۾ نبي ڪريم جن جي سيرت تي تاريخ ۽ سن وار نموني ۾ روشني وڌل آهي، هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جو مثال سيرت جي ڪتابن ۾ ملڻ مشڪل آهي.

انهن مڙني ڳالهين کي ذهن ۾ رکي، راقم مخدوم صاحب جي علمي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، سندس تصنيفات ۽ تاليفات جو ڳوڙهو اڀياس ڪري هن تحقيقي مقالي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته جيئن مخدوم صاحب جي انهيءَ ڇڏيل علمي ورثي کي هڪ هنڌ محفوظ ڪيو وڃي ۽ ساڳئي وقت هن موجوده ڏکئي ۽ ڪـَـٺن دور ۾، جتي نوجوان نسل سڌي رستي کان هٽي اوجهڙ رستي ڏانهن راغب ٿي رهيو آهي، من ان مان ڪجهه رهنمائي ۽ روشني حاصل ڪن ۽ صراطِ مستقيم جو رستو اختيار ڪن. منهنجو صرف اهو ئي مقصد آهي ته مخدوم صاحب جي اها ڇڏيل راهه، جيڪا هن پنهنجي دور جي مسلمانن لاءِ استوار ڪئي هئي، اها کانئس پوءِ به قائم ۽ دائم رهي.

مخدوم صاحب پنهنجي دور جي  ”نظم معريٰ“  کان به واقف هو، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ سنڌي نثر اڃا ايترو رواج هيٺ نه هو. سندس دور جا عالم، ڊگهن ڪلمن ۽ الف اشباع واري جامي ۾ ڪتاب تصنيف ڪندا هئا. مخدوم صاحب پڻ پنهنجي سنڌي تصنيفات کي انهيءَ نموني ۾ منظوم ڪيو آهي، جنهن مان اهو بخوبيءَ ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ ان دور جي مروج سنڌي نظم تي به وڏو عبور رکندڙ هو.

راقم جي ڪوشش سان، تازو سنڌ جي نامور عالم ۽ مفسر - مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب، مخدوم صاحب جي لکيل هڪ فارسي ڪتاب  ”مدح نامـھ سنڌ“  جو سنڌيءَ ۾ ترجمو شايع ڪيو آهي. دراصل، عبدالرؤف نالي هڪ افغانيءَ پنهنجي رسالي ۾، سنڌ جي سرزمين ۽ هتان جي رهواسين جي هجو ۾ اخلا قي حدون لتاڙيون هيون. مخدوم صاحب هن جي اعتراضن ۾ آيل من گهڙت الزامن تي عالمانه انداز ۾ روشني وجهي، ردڪد ڏنو آهي. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب نه صرف ديني عالم هو، پر ساڳئي وقت سنڌ جو محافظ ۽ سنڌ جي سرزمين سان محبت رکندڙ هو. مخدوم صاحب پنهنجي انهيءَ مذڪوره ڪتاب ۾ پيار، ميٺاج ۽ وسيع القلبيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي.

مخدوم صاحب کي وقت جي حاڪمن وٽ وڏيءَ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو. سندس دور جي حاڪم، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي طرفان مخدوم صاحب کي پروانو لکي ڏنو هو، جنهن ۾ کيس اهو اختيار ڏنو ويو هو، ته سنڌ ۾ جتي ڪو به غير شرعي، بدعتي، ڪفر ۽ الحاد جو ڪم ٿئي، ته ان کي بند ڪرڻ جو مخدوم صاحب کي پورو اختيار آهي. پاڻ پنهنجي وقت جو قاضي القضاة هو. ٺٽي کان وٺي ويندي اتر سنڌ تائين، عالمن جي ڏنل فتوائن تي جيستائين مخدوم صاحب جي مهر نه لڳندي هئي، تيستائين ان جي ڪا به قانوني حيثيت نه هوندي هئي.

انهن سڀني ڳالهين کي سامهون رکي، راقم مخدوم صاحب جي متعلق مواد ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪي ڪجهه ڇپيل خواه اڻ ڇپيل مواد حاصل ٿي سگهيو، تنهن کي ڪٺو ڪيم. سنڌ جي وڏن وڏن ڪتبخانن ۾ وڃي ڏينهن جا ڏينهن رهي، مخدوم صاحب جي متعلق مواد کي يڪجاءِ ڪيم.ازانسواءِ، سنڌ جا جيڪي به وڏا علمي خانوادا هئا، تن جي درن تي وڃي مخدوم صاحب جي مواد لاءِ صدا هنيم، جن منهنجو نماڻو سـَـڏُ سـُـڻي، پنهنجي علمي ۽ ناياب ڪتبخانن مان سنڌ جي هن گوهرِ ناياب جي متعلق مواد گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏني. اهڙيءَ طرح، مخدوم صاحب جي باري ۾ مواد گڏ ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو. ان کان پوءِ مخدوم صاحب جي متعلق، عنوان جي مناسبت سان مون جيڪا سٽاءَ قائم رکي هئي، ان لحاظ سان انهيءَ گڏ ڪيل مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ شروع ڪيم. انهيءَ گڏ ڪيل خزاني مان جيڪي ڪجهه هٿ آيم - جهڙوڪ: مخدوم صاحب جي شخصيت، خانداني احوال، تصنيفات ۽ تاليفات، سندس دور جي تاريخ ۽ ان سان گڏ سندس استادن ۽ همعصر عالمن ۽ شاگردن جو احوال وغيره، انهن سڀني ڳالهين کي سلسلي وار لکڻ شروع ڪيم. راقم کي جيڪي ڪجهه هٿ اچي سگهيو آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي هن تحقيقي مقالي ۾ سهيڙي ۽ سموهي پيش ڪري رهيو آهيان. دراصل، تحقيقي مقالو لکڻ هڪ وڏو دشوار ڪم آهي. ان جو اندازو اهي اهلِ قلم ئي لڳائي سگهن ٿا، جن هن ڏس ۾ تحقيقي ڪم ڪيو آهي. هاڻي اهو لائق پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي، ته هو منهنجي هن ڪيل پـُـرخلوص محنت کي ڪيتري قدر علمي ۽ ادبي لحاظ سان قبول ڪن ٿا. مخدوم صاحب جي باري ۾ لکيل هيءُ ڪتاب ڪو حرفِ آخر نه آهي. ممڪن آهي ته ڪي اهڙا پهلو ۽ ڪي اهڙيون ڳالهيون رهجي ويون هجن، جي منهنجي مطالعي هيٺ نه آيون هجن. اميد ته منهنجي ان ڪوتاهيءَ کي هن هيڏي ساري ڪيل محنت جي ڀيٽ ۾ درگذر ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته بي عيب فقط ان پروردگار جي ذات پاڪ آهي. سنڌ جي مشهور صاحبِ ديوان شاعر، ميان محمد بخش  ”واصف“  جو قول آهي:

بي عيب فقط آهي خداوند زمن،
سؤ عيب رکي يار ٿو دنيا جو چمن.

هونئن به تحقيقي ۽ علمي دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي ته جيڪي ڪجهه رهجي ويندو آهي، ته آئنده جو عالم ان کي پايئه تڪميل تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهو اصول، ادبي دنيا ۾ هميشه کان رهندو پئي آيو آهي. بهرحال مون جيڪي ڪجهه مخدوم صاحب جي باري ۾ مطالعو ڪيو، پڙهيو ۽ پروڙيو، سوچيو ۽ سمجهيو، ان کي هن تحقيقي مقالي ۾ درج ڪيو اٿم.

هن سڄي علمي ڪشالي ۾ آءُ پنهنجي محسن ۽ مهربان رهبر، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان. جيڪڏهن سندن وقت بوقت رهبري ۽ رهنمائي نه ٿئي ها، ته شايد هيءُ هيڏو سارو ڪم تڪميل جي مرحلي تائين پهچي نه سگهي ها! هن مقالي لکندي ڪيترائي مشڪل مسئلا ۽ سوال اڀرندا رهيا، پر ڊاڪٽر صاحب جي وسيع مطالعي، تجربي، علمي ۽ تحقيقي ڄاڻ ڪري، اهي سڀ آسان ٿي ويا. ڊاڪٽر صاحب جن ان دوران مون کي ڪيترن ئي ناياب قلمي ڪتابن سان پڻ نوازيو، جنهن لاءِ آءُ سندن تهدل ٿورائتو آهيان.

ان کان سواءِ هن تحقيقي مقالي لکندي، منهنجي ٻين به ڪيترن ئي ڪرم فرمائن، عالمن، اديبن ۽ علم دوستن علمي مدد ڪئي، جن جو آءٌ نهايت ئي ٿورائتو آهيان. اهڙن مهربان ۽ علم پرور اڪابرن ۾ علامه مفتي استاد ڪريم بخش مگسي ميهڙ وارو، مرشد  ”سائين سهڻو“  احمد شاهه درگاهه شريف ذاڪري سڪرنڊ، مفتي محمد جان نعيمي ملير ڪراچي وارو، مولوي محمد قاسم سومرو ڪنڊياروي، ڊاڪٽر محمد ادريس السندي - ساڪن ڪنڊيارو، مفتي عبدالرحمان ٺٽوي، مولوي طفيل احمد نقشبندي مڪليءَ وارو، حافظ عبدالله ميمڻ مٽيارين وارو، ڊاڪٽر قريشي حامد علي  ”خانائي“  - ساڪن نواب شاهه، مرحوم الحاج رحيم بخش  ”قمر“  نواب شاهي، استاد عبدالرحمان منگيو - سڪرنڊ، پروفيسر عبدالباري - شاهجهان مسجد ٺٽو ۽ سندس والد بزرگوار مفتي عبداللطيف صديقي - خطيب شاهجهاني مسجد ٺٽو، مولانا محمد ادريس ڏاهري شاهپور جهانيان، مفتي عبدالرحيم شر  ”سڪندري“  شاهپور چاڪر وارو، ڊاڪٽر نواز علي  ”شوق“  - ڪراچي يونيورسٽي، ميڊم ممتاز ڀٽو - چيئرپرسن، مسلم هسٽري شعبو (سنڌ يونيورسٽي)، محترمـھ عزيزه چنـھ- ڊين فيڪلٽي آف اسلامڪ اسٽڊيز (سنڌ يونيورسٽي)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو- ساڪن بدين، پروفيسر محمد قاسم سومرو ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو- جنرل هسٽري شعبو (سنڌ يونيورسٽي)، ميان محمد شفيع بروهي- سينٽرل لائبريري (سنڌ يونيورسٽي)، گل محمد مغل- لائبريرين سنڌالاجي، حافظ حبيب سنڌي- ساڪن چوهڙ جمالي، پير رفيع الدين خياروي- درگاهه خياري شريف تعلقه سڪرنڊ، مخدوم نديم احمد هاشمي ۽ سندس والد بزرگوار مخدوم نيڪ محمد- درگاهه کهڙا شريف، بشير احمد ڪلهوڙو ۽ سيد صبغت الله شاهه- ساڪن راڻيپور، محمد پنهل ڏهر- ساڪن ڏهرڪي، سيد امام راشدي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- ساڪن لاڙڪاڻو، سيد گل محمد شاهه بخاري- ساڪن شهداد ڪوٽ، ڊاڪٽر گل حسن لغاري- پرنسيپال، گورنمينٽ ڪاليج ٽنڊو ڄام، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هالا نوان، علامـھ غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو حيدرآباد، سيد منير احمد شاهه جيلاني ۽ سيد محمد حنيف شاهه - درگاهه ذاڪري سڪرنڊ، ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهري- مهراڻ ڪاليج مورو، حڪيم غلام رسول لاکو شاهپور جهانيان وارو، نفيس احمد شيخ  ”ناشاد“  حيدرآباد، غلام محمد جوهر- ساڪن ميرپور بٺورو، ڊاڪٽر مظهر الدين سومرو- ساڪن سڪرنڊ، محمد صديق منگيو- ساڪن سڪرنڊ، قاضي محمد مراد سيوهاڻي، پير محب الله شاهه راشدي پير جهنڊي وارو، پروفيسر اسرار احمد علوي- درگاهه فقير الله علوي شڪارپور، غلام سرور ڀٽو- ساڪن منصوره هالا، قاضي محمد موسيٰ- ساڪن سونڊا (ٺٽو) عزيز جعفراڻي سجاول، مولوي انور حسين ميمڻ ساڪن ٺٽو، مولوي نذير احمد جمالي سڪندري سڪرنڊ ۽ ابوبڪر شيخ- ساڪن بدين سرفهرست آهن.

خاص طرح سان احسانمند آهيان مهربان استاد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ محسن علم نواز پروفيسر ڊاڪٽر قريشي حامد علي  ”خانائي“ - گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه جو، جن مواد کي ڏسڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪيو. ازانسواءِ، پنهجي نوجوان علم دوست محترم بشير احمد هيسباڻي- ساڪن مهراڻ ڪالوني، نواب شاهه جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجيءَ بئنڪ جي ملازمت جي گوناگون مصروفيتن هوندي به هن تحقيقي مقالي جي صاف ۽ سهڻي ڪاپي تيار ڪرڻ ۽ سٽاءَ قائم رکڻ ۾ مدد ڪئي. مولانا رحيم بخش  ”قمر“  مرحوم ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پڻ مون سان هميشـھ سفر حضر ۾ ساٿ نباهيو. الله سائين سڀني کي شاد ۽ آباد رکي!

هن تحقيقي مقالي جي اهميت ۽ مقصد جي انهيءَ مختصر ۽ مفصل احوال بيان ڪرڻ کان پوءِ، آءٌ اهو ضروري سمجهان ٿو ته هتي پنهنجي پڙهندڙن کي هن مقالي جي مختصر ڄاڻ ڏجي ته جيئن هـُـو اهو چڱيءَ طرح سان محسوس ڪن، ته هن تحقيقي مقالي ۾ ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. دراصل، هيءُ تحقيقي مقالو ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي.

مقالي جو پهريون ڀاڱو مخدوم صاحب جي دور متعلق آهي، جنهن ۾ انهيءَ مکيه عنوان سان لاڳاپيل ٽي باب آهن، جن ۾ مختلف نمونن سان ان دور تي روشني وڌي وئي آهي، ۽ اهي هن ريت آهن: سنڌ جو تاريخي پس منظر، مغل بادشاهن جو سن وار دور، ڪلهوڙا دور جا اهم تاريخي، مذهبي ۽ سياسي واقعا.

ٻئي ڀاڱي ۾ مخدوم صاحب جي سوانح حيات تي مفصل روشني وڌي ويئي آهي. هن ڀاڱي کي چوڏهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ مخدوم صاحب جو خانداني پس منظر، تعليم ۽ تربيت، طريقت جو سلسلو، درس تدريس ۽ شاگرد، ديني خدمتون، سير سفر، بحيثيت شاعر، بحيثيت تنقيد نگار، امتيازي خصوصيتون، ڪتبخانو، وفات ۽ مدفن، اولاد ۽ همعصر جي عنوانن تحت تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي.

هن مقالي جو ٽيون ڀاڱو، جيڪو ائين کڻي سمجهجي ته هن مقالي جي اصل جان آهي، مخدوم صاحب جي لکيل ۽ دستياب ٿيل تصنيفات ۽ تاليفات جي باري ۾ آهي. هن ڀاڱي ۾ مخدوم صاحب جي سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ جي 82 ڪتابن جو تحقيقي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. انهيءَ تجزيي ۾ هر ڪتاب جو پورو نالو، تصنيف جو سال، ڪاتب جو نالو، ڪتابت جو سال، صفحن جو تعداد (هن ۾ صفحي جي ڊيگهه ۽ ويڪر جي ماپ، سٽن جو تعداد ۽ هر سٽ ۾ لفظن جو تعداد ڄاڻايو ويو آهي)، موضوع، متن جي شروعات ۽ خاتمي جون چند سٽون، ڪاتب جو صورتخطي، مجموعي خصوصيات (هن ۾ نسخي جي قدامت ۽ اهميت، ڪتاب ڇپيل آهي يا قلمي صورت ۾ آهي، قلمي صورت ۾ آهي ته ان جا نسخا ڪٿي ۽ ڪهڙن ڪتبخانن ۾ موجود آهن وغيره) ۽ آخر ۾ سڄي ڪتاب ۾ آيل مواد جو نچوڙ ڏنو ويو آهي.

آخر ۾ مخدوم صاحب جا جيڪي به ڪتاب ڇپيل خواه قلمي مليا آهن، يا ان موضوع سان واسطو رکندڙ ڳالهيون دستياب ٿي سگهيون آهن، تن کي ضميمي ۾ ڏنو ويو آهي. ازانسواءِ مخدوم صاحب سان واسطو رکندڙ تاريخي ماڳ ۽ مڪانن جا فوٽوگراف، مخدوم صاحب جي هڪ ناياب مهر (جنهن تي سن 1134هه درج آهي)، سندن هٿ اکر ۽ سندن دستياب ٿيل ڪتابن جا عڪس پڻ شامل ڪيا ويا آهن.

آخر ۾ آءٌ هڪ دفعو وري به پنهنجي محسن ۽ مهربان استاد، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي گوناگون مصروفيتن جي باوجود منهنجي هر وک تي مدد ۽ رهنمائي ڪئي. آءٌ يقين سان چوان ٿو، ته جيڪڏهن الله تعاليٰ جي ٻاجهه ۽ مهربان استاد جي رهبري شامل حاصل نه رهي ها، ته هيءُ تحقيقي ڪم هوند پايئه تڪميل تي پهچي نه سگهي ها!

محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.
                          (شاهه)

 

طالب العلم

ڳوٺ بخشو مگسي (دڙي مگسي)

عبدالرسول  ”قادري“

تعلقو سڪرنڊ،

بن مجنون خان مگسي

ضلعو نواب شاهه، سنڌ.

فارغ التحصيل درس نظامي

يوم الجمعـھ

فاضل عربي ۽ فارسي

13 ذوالقعد 1426 هجري

ايم. اي (فرسٽ ڪلاس)

16- ڊسمبر 2005ع

پي ايڇ. ڊي

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org