ڀاڱو ٻيو
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ
جي سوانح حيات
باب پهريون
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ
جو خانداني پسمنظر
سر زمين سنڌ جي تاريخ ساز خطي کي پنهنجي شاندار
ماضيءَ تي اڄ به فخر آهي. سدا بهار سنڌ جو هيءُ
خطو سرسبز شاداب، سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڀريو گلشن ۽ گلستان
آهي، جنهن مان هميشه علمي ۽ ادبي ٻهڪندڙ ٻوٽا ۽
ٽڙندڙ گل ۽ غنچا ڦٽندا رهيا آهن. انهن خوشبودار
علمي گلن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به هڪ آهي.
مخدوم صاحب جو نالو محمد هاشم، والد جو نالو
عبدالغفور*
۽ ذات جو پنهور هو. پنهورن جو نسب، حارث بن
عبدالمطلب سان وڃي ملي ٿو.(1)
تاريخ ۾ هن قبيلي جو تعلق عرب انساب سان مليل آهي
ته اهي محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا هئا، سنڌ
سان لـَـنئـُـن لائي، هميشه جي لاءِ هتي جا ٿي ويا
۽ سيوهڻ ۾ رهي پيا.(1)
”پنهور“ قوم جي باري ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جو قول آهي:
”پنهور اصل ۾ عرب آهن، پر مال جي پرورش ڪندي
پنهور سڏيا ويا. اسلام جي اوائلي دور کان وٺي
سيوهڻ جي اُتر ۾ آباد ٿيا ۽ سندن اميرن جي رياست
’پنهوارڪي‘ قائم رهي. آخري دور ۾ سندن رياست
’سامتاڻي‘ تائين محدود ٿي، يعني بوبڪ ۽ دادوءَ جي
وچ وارو علائقو.“
(2)
مخدوم محمد هاشم جو نسب نامو هن طرح آهي:
”مخدوم هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمان بن
عبداللطيف بن عبدالرحمان بن خيرالدين السندي
البتورائي ثم البهرام پوري ثم التتوي.“
(3)
مخدوم صاحب جا وڏا پهريائين سيوهڻ ۾ اچي رهيا.
مخدوم صاحب جو والد عبدالغفور پنهور به سيوستان جي
عالمن مان هڪ هو. پاڻ پوءِ زماني جي گردش جي ڪري،
لاڙ طرف ”بٺوري“ ضلعي ٺٽي ۾ اچي رهيو، جتي مخدوم
صاحب تولد ٿيو. لاڙ جو مشهور اديب ۽ محقق، محمد
سومار شيخ لکي ٿو:
”مخدوم*
صاحب جو والد عبدالغفور ’اگهاماڻي‘ ۾ رهندو هو.“
(1)
ممڪن آهي، ته مخدوم صاحب جو والد عبدالغفور، سيوهڻ
مان لاڙ طرف ايندي، پهريائين ڪجهه وقت اگهاماڻي ۾
رهيو هجي ۽ پوءِ مستقل طور ميرپور بٺوري ۾ اچي
رهائش پذير ٿيو هجي. شيخ محمد سومار جي ان مٿئين
روايت جي ٻئي ڪنهن به ڪتاب مان تصديق ڪا نه ٿي
سگهي آهي. مخدوم صاحب خود پنهنجن ڪتابن ۾، پاڻ کي
پنهنجي والد جي رهائش جي نسبت سان ”بٺورائي“ ڪري
لکيو آهي، نه ”اگهاماڻي“ .
مخدوم محمد هاشم تاريخ 10 ربيع الاول 1104هه/19
نومبر 1692ع تي، خميس جي رات، بٺوري ۾ ڄائو.(2)
سندس ولادت جي تاريخ، هيٺئين عربي فقري مان
نڪري ٿي:
”انبت الله نباتا حسنا.“
(3)
1104هه
”سلو انگوران ڀلو“ وانگر ڄمندي ئي سندس پيشانيءَ
۾، بخت جي ياوري ۽ علمي جوت جرڪندي رهي. جيئن ته
سندس والده سڳوري به هڪ پرهيزگار ۽ نيڪ سيرت عورت
هئي، ان ڪري سندس ابتدائي گهرو پرورش به پاڪيزي ۽
علمي ماحول ۾ ٿي. مخدوم صاحب جو والد بزرگوار به
اهلِ علم هو، تنهن ڪري مخدوم صاحب جي ٻالجتي وهي
به خالص علمي نوعيت واري، صاف سٿري ۽ خوش بختيءَ ۾
گذري. بيشڪ اهي والدين به خوش نصيب آهن، جن کي
الله تعاليٰ وٽان اهڙو صالح اولاد عطا ٿئي ٿو، جو
اڳتي هلي مشهور مفسر، محدث، فقيـھ، شاعر ۽ صاحب
علم و قلم بنيو. جنهن جو علمي ڌاڪو، ديس پرديس
تائين وڃي پهتو ۽ علمي دنيا ۾ اڍائي سؤ سالن جي
عرصي گذرڻ کان پوءِ به سندس نالو روشن ۽ زنده آهي.
سندس تصنيفون ۽ تحريرون، اڄ به علمي دنيا ۾ يادگار
آهن.
----
باب ٻيو
تعليم، تربيت ۽ نصاب
مخدوم صاحب جو گهراڻو علم وارو هو. پاڻ علمي ماحول
۾ اک کولي هئائين. ذهن ۽ ذڪاوت قدرتي ڏات آهي.
مخدوم صاحب کي به قدرت ڏات ۽ ڏانءَ جو بخرو عطا
ڪيو هو. سندس والد عبدالغفور، پنهنجي فرزند کي
اعليٰ اخلاق ۽ بنيادي تعليم ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش
ڪئي. پاڻ پنهنجي فرزند کي قرآن مجيد ياد ڪرائي،
حافظِ قرآن بنايائين. مخدوم صاحب فارسي، صرف و نحو
۽ فقـھ جي ابتدائي تعليم به پنهنجي والد وٽ پڙهيو.(1)
ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ٺٽي جو رخ
ڪيائين.
ان وقت ننگر ٺٽو علم ادب جو مرڪز هو. اتي ديني
مدرسا، علم ادب جو زور ۽ شعر و شاعريءَ جو چهچٽو
متل هو. تنهنڪري پاڻ ٺٽي ۾ مخدوم محمد سعيد وٽ
عربي تعليم ۽ درس وٺڻ شروع ڪيائين، ۽ وٽس درسي
نصاب جو وچون ڀاڱو پڙهي پورو ڪيائين. ڇهن مهينن جي
قليل عرصي ۾ اهي سڀ ڪتاب با شرح پورا ڪيائين، جي
رواجي حالت ۾ شاگرد ڇهن سالن جي عرصي ۾ پورا ڪندا
آهن. ٻالڪ جو اهڙو ذهن ۽ ذڪاوت ڏسي، شهر جا وڏا
وڏا عالم عجب کائڻ لڳا ۽ هن ٻار جي عزت احترام ڪرڻ
لڳا. اهڙيءَ طرح سارو شهر به کيس پنهنجي اکين جو
نـُـور سمجهڻ لڳو.(2)
ان کان پوءِ مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي (المتوفي:
1171هه/1758ع) وٽ علم حديث جي تحصيل ۽ باقي ڪتاب
پڙهي پورا ڪيائين، يعني نون سالن جي عرصي ۾ فارسي
۽ عربي علوم جي تڪميل ڪري فارغ ٿيو.(1)
ان دوران سن 1113هه/1702ع ۾ سندس والد عبدالغفور
وفات ڪري ويو. مخدوم صاحب کي اڃا به علم حديث ۽
تفسير ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ جو شوق هو، جيڪا سعادت کيس
سن 1135هه/1722ع ۾ حرمين شريفين جي سفر دوران حجاز
مقدس جي عالمن کان حاصل ٿي. مخدوم صاحب حرمين
شريفين جي سفر دوران حج جي سعادت حاصل ڪرڻ سان گڏ
مڪي شريف ۽ مديني منوره جي مشهور عالمن ۽ محدثن
کان به علمي استفادو ڪيو. پاڻ اتان جي عالمن وٽان
علم حديث، عقائد، اصول، تجويد ۽ فقـھ جو درس
ورتائين ۽ سـَـنـَـدُون حاصل ڪيائين.(2)
ان جو وڌيڪ احوال سندس حرمين شريفين جي سفر ۾
ايندو.
(الف) سنڌ جا استاد
مخدوم صاحب، جن بافيض عالمن ۽ استادن کان علم
پرايو، انهن ۾ سنڌ جا استاد به آهن، ته مڪي شريف ۽
مديني منوره (عربستان) جا بزرگ ۽ محدث به شامل
آهن. هتي پهريائين سنڌ جي استادن جو احوال ڏجي ٿو:
عبدالغفور پنهور: مخدوم صاحب جو پهريون استاد ۽
سندس والد عبدالغفور به اصل ۾ سيوستان جي عالمن
مان هو. پوءِ لاڙ طرف بٺوري ۾ لڏي آيو، جتي مخدوم
صاحب ڄائو. مخدوم صاحب پنهنجي والد وٽ قرآن مجيد
حفظ ڪيو. فارسي، صرف نحو ۽ ڪجهه فقـھ جا ڪتاب به
پنهنجي پيءُ وٽ پڙهي پورا ڪيائين. عبدالغفور جي
وفات ماه ذوالحج 1113هه/مئي 1702ع ۾ بٺوري ۾ ٿي ۽
اتي ئي دفن ٿيو.(3)
حضرت عبدالغفور هڪ ڀلو ۽ برگزيدو عالم هو.
پنهنجي وقت جو يڪتا ۽ يگانو عالم هو. سندس ضمير
روشن ۽ دماغ اعليٰ هو. نانءُ ۽ نيڪي گهڻي هيس.(1)
مخدوم محمد سعيد ٺٽوي: هن بزرگ جي زندگيءَ جو
احوال گمناميءَ جي گوشي ۾ گم آهي. بس ايترو معلوم
ٿي سگهيو آهي ته هن ڀلاري اُستاد وٽ مخدوم صاحب
ٺٽي ۾، علمي نصاب جو وچون ڀاڱو پڙهيو هو. ( ”بذل
القوهِ“ - عربي - ڏسو مقدمـھ ص 6)
مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي: هيءُ بزرگ، مخدوم صاحب جو
ٽيون استاد ۽ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي اولاد
مان هو. سندس نسب هن ريت آهي: ضياءُ الدين بن
ابراهيم بن هارون بن عجائب بن الياس صديقي.
مخدوم ضياءُ الدين جو وڏو ڏاڏو مخدوم الياس آب
داڻي جي ڇـِـڪَ ڪري، سنڌ ۾ ”ورياه“ ڳوٺ ۾ اچي
رهيو. مخدوم ضياءُ الدين جو ڏاڏو هارون، ورياه مان
لڏي ٺٽي ۾ آيو. مخدوم ضياءُ الدين ٺٽي ۾ سن
1091هه/1680ع ۾ ڄائو. پاڻ ٺٽي جي مشهور عالم مخدوم
عنايت الله (المتوفي: 1114هه/1702ع) کان تعليم
حاصل ڪئي هئائين. باوجود وڏيءَ علميت جي، فقيريءَ
جي راهه جو سالڪ ۽ نهايت نوڙت وارو هو. پنهنجي
همعصرن ۾ وڏي هدايت ۽ ڪافي فيض سان زندگي گذاري،
سن 1171هه/1758ع ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.(2)
رحمت الله ٺٽوي: محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي
ٿو:
”مخدوم محمد قائم ۽ مخدوم محمد هاشم ٻئي علامه
رحمت الله ٺٽويءَ جا شاگرد هئا.“
(3)
ڊاڪٽر بلوچ جي انهيءَ مٿئين حوالي مان ظاهر ٿئي ٿو
ته مخدوم صاحب، علامه رحمت الله جو شاگرد هو.
ليڪن، ڪتابن جي ورق گرداني ڪرڻ کان پوءِ هن روايت
جي تصديق ڪانه ٿي سگهي آهي. ”تحفـةِ الڪرام“ ۾
به مخدوم رحمت الله جي شاگردن ۾، مخدوم صاحب جو
نالو آيل ڪونهي. البت، مخدوم محمد قائم جو نالو
سندن شاگرديءَ ۾ آيل آهي. مخدوم محمد قائم وري
مخدوم صاحب جو همعصر ۽ علمي مسائل ۾ مدِ مقابل هو.(1)
محمد معين ٺٽوي: هن بزرگ کي مخدوم صاحب جي همعصرن
۾ به شامل ڪيو ويو آهي. البت مولانا دين محمد
وفائي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ”الوحيد“
مخدوم محمد معين ٺٽويءَ کي مخدوم صاحب جو استاد
ڪري لکيو آهي.
مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو:
”حضرت مخدوم محمد هاشم حديث جي سـَـنـَـدَ (مخدوم
محمد معين) کان حاصل ڪئي، مگر پوءِ بعض خيالات جي
اختلافن ڪري ٻنهي بزرگن جا پاڻ ۾ تحريري مناظرا به
رهيا.“
(2)
روزنامه ”الوحيد“ ۾ آهي:
”مخدوم محمد هاشم شروع ۾ علامه (مخدوم محمد معين)
جو شاگرد هو، مگر پوءِ پاڻ ۾ سخت مناظرا به رهين.“
(3)
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو:
”مخدوم محمد هاشم پنهنجو هڪ رسالو ’ڪشف الغطاء‘
مخدوم محمد معين جي رسالي ’قرة العين‘ جي رد ۾
لکيو آهي، جتي مخدوم معين کي پنهنجو اُستاد ۽ شيخ
سڏيو اٿس.“
(4)
مٿين سڀني حوالن جي برعڪس، اعجاز الحق قدوسيءَ
”تذڪره صوفياءِ سنڌ“ ۾، مخدوم محمد معين کي وري
مخدوم محمد هاشم جو شاگرد ڪري لکيو آهي.(1)
ان کان سواءِ مخدوم صاحب جي پوٽي مخدوم ابراهيم
پنهنجي ڪتاب ”القسطاس المستقيم“ ۾ لکيو آهي:
”بيشڪ مخدوم محمد معين، حديث جو علم، مخدوم محمد
هاشم کان حاصل ڪيو هو.“
(2)
مطلب ته علامه قاسميءَ جو ”ڪشف الغطاء “ وارو
حوالو به اهم آهي، ته مخدوم صاحب جي پوٽي جو
”القسطاس المستقيم“ وارو حوالو پڻ وزندار آهي.
بهرحال، ٺٽي جي علمي ۽ هڪ شهر ۾ رهڻ ڪري، ٻنهي
بزرگن جو پاڻ ۾ موافقت يا مخالفت جو تعلق ضرور
رهيو آهي. انهيءَ اختلاف جي پيش نظر، مخدوم محمد
معين جو احوال، مخدوم صاحب جي استادن بجاءِ سندس
همعصرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
مخدوم عنايت الله ٺٽوي: هن بزرگ کي به قدوسيءَ
مخدوم صاحب جو استاد ڪري لکيو آهي.(3)
جيئن ته ”تحفـةِ الڪرام“ ۾ مخدوم عنايت الله
جي رڳو ٻن شاگردن جا نالا آيل آهن. هڪ مخدوم ضياءُ
الدين ۽ ٻيو مخدوم محمد معين.(4)
سندس شاگردن ۾ مخدوم محمد هاشم جو نالو ئي آيل
ڪونهي. ان ڪري پڪ سان چئي نه ٿو سگهجي ته اهو بزرگ
به ڪو مخدوم صاحب جو استاد هو. البت، ايترو ضرور
آهي ته مخدوم صاحب جو استاد ضياءُ الدين ٺٽوي،
مخدوم عنايت الله جو شاگرد ضرور هو.
(ب) عربستان جا استاد
مخدوم صاحب سنڌ ۾ علم پرائڻ کان پوءِ، سن
1135هه/1723ع ۾ حرمين شريفين جي زيارت تي ويو هو،
جتي پاڻ علم حديث ۾ هيٺين بزرگن کان علمي استفادو
۽ سندون حاصل ڪيائين. هتي حرمين شريفين جي انهن
بزرگن جو احوال ڏجي ٿو:
شيخ عبدالقادر حنفي مڪي: هيءُ بزرگ ابوبڪر صديقي
حنفي مڪيءَ جو فرزند، محدث محمد طاهر گجراتيءَ جي
اولاد مان هو. شيخ عبدالقادر مڪي فصاحت، بلاغت،
علم و فضل ۽ فقـھ ۾ ممتاز حيثيت جو مالڪ هو. حرمِ
مڪي مڪرمـھ جو مفتي ٿي رهيو. سندس تصنيف ”فتاويٰ
قادريـھ“ چئن جلدن ۾ يادگار آهي. سندس وفات سن
1138هه/1726ع ۾ ٿي.(1)
شيخ عيد بن علي مصري: شيخ عيد بن علي النمرسي جي
زندگيءَ جو احوال معلوم ٿي نه سگهيو آهي. البت،
ايترو معلوم آهي ته سندس تعلق عرب ملڪ مصر سان هو.
سندس وفات جو سن 1140هه/1728ع آهي ۽ شافعي ۽ ازهري
مشهور آهي.
شيخ ابو طاهر محمد مدني: هن ڀلاري بزرگ جي والد جو
نالو ابراهيم ڪوراني مدني هو. شيخ ابو طاهر پنهنجي
والد کان خرقو ڍڪيو ۽ ٻين کان به فيض پرايائين.
پاڻ مجتهد جي حيثيت رکندو هو. هميشه علم ۾ مشغول
رهندو هو. سلف صالحين جي صفتن سان سينگاريل هو.
پاڻ ڪنهن به علمي ڳالهه يا مسئلي ۾ جيستائين غور و
فڪر نه ڪندو هو ۽ ڪتاب ڏسي تحقيق نه ڪندو هو، ته
جواب نه ڏيندو هو.(2)
تمام نرم دل ۽ گريه زاريءَ ۾ مصروف رهندو هو. سندس
وفات رمضان المبارڪ سن 1145هه/فيبروري 1733ع ۾ ٿي.
ياد رهي ته ابو طاهر مدني، مخدوم صاحب جو استاد
آهي، ته شاهه ولي الله جو به استاد رهيو آهي.
مخدوم صاحب سن 1135هه/1723ع ۾ حرمين شريفين جي سفر
دوران ابو طاهر مدنيءَ کان علمي استفادو ڪيو هو ۽
شاهه ولي الله دهلوي اٽڪل ست اٺ سال پوءِ سن
1143هه/1731ع ۾ حرمين شريفين ويو هو ۽ هن به ابو
طاهر مدنيءَ کان علم حاصل ڪيو هو.
هن وضاحت جو مقصد هيءُ آهي، ته پروفيسر اسد الله
ڀٽي پنهنجي هڪ مقالي ۾ مخدوم صاحب کي شاهه ولي
الله دهلويءَ جو شاگرد ڪري لکيو آهي. ان کان وڌيڪ
عجب اهو آهي ته مخدوم صاحب اهو علم ۽ فيض شاهه ولي
الله دهلويءَ کان مديني منوره ۾ حاصل ڪيو هو.(1)
جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته مخدوم صاحب حرمين
شريفين جي سفر تي سن 1135هه/1723ع ۾ ويو هو ۽ شاهه
ولي الله دهلوي ان کان ست اٺ سال بعد ۾ سن
1143هه/1731ع ۾ حرمين شريفين ويو هو.(2)
پوءِ اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته مخدوم صاحب، شاهه
ولي الله دهلويءَ کان علم ۽ فيض حاصل ڪيو هو؟
جيتوڻيڪ مخدوم صاحب مديني منوره ۾، شاهه ولي الله
دهلويءَ کان اڳ ۾ ويو هو ۽ شاهه ولي الله ست اٺ
سال بعد ۾ مديني منوره پهتو. پوءِ ڪيئن ٿو ثابت
ٿئي ته مخدوم صاحب، شاهه ولي الله دهلويءَ سان
مديني منوره ۾ ملاقات ڪئي ۽ کانئس علم ۽ فيض
پرايو. هوڏانهن ستن اٺن سالن جي وچ وارو عرصو ٻنهي
جي ملاقات جي ئي نفي ڪري رهيو آهي، ته پوءِ شاگردي
۽ فيضيابي ڪيئن ٿي ثابت ٿئي؟
بهرحال، حقيقت هن ريت آهي ته مخدوم صاحب، شاهه ولي
الله دهلويءَ جو شاگرد ڪونهي. باقي ٻئي بزرگ، ابو
طاهر مدنيءَ جا جدا جدا وقتن تي شاگرد ضرور هئا.
مخدوم امير احمد ته ائين به لکيو آهي:
”لم يثبت الي الان لقاء هما ولا مڪاتبهما“
(1)
يعني: مخدوم صاحب جي شاهه ولي الله سان خط و ڪتابت
به ڪانه هئي ۽ اڄ تائين سندن ملاقات به ثابت ڪانه
ٿي آهي.
جديد تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته، مخدوم صاحب
مديني شريف ۾ علم قراء ت شيخ علي بن عبدالملڪ
الداروي المالڪي (المتوفي: 1145هه/1733ع) وٽ پڙهيو
هو.
ازانسواءِ، علم فقـھ ۽ حديث علامـھ شيخ محمد بن
عبدالله مغربي فاسي مدني مالڪي (وفات
1141هه/1729ع) وٽ پڙهيو هو.*
(ج) مخدوم صاحب جي دور جو تعليمي نصاب
اسلام جي شروعاتي دور کان هر هڪ استاد ۽ عالم،
مفسر ۽ محدث، فقيـھ ۽ صوفي پنهنجي تجربي، مطالعي ۽
مشاهدي پٽاندڙ درس تدريس، اصلاح ۽ تبليغ جو سلسلو
جاري رکندو پئي آيو آهي. برصغير، خاص ڪري سنڌ ۾،
مغلن جي عهد کان وٺي ميرن جي صاحبيءَ تائين عربي،
فارسي ۽ سنڌي ديني تعليم جو نصاب ٿوري ڦيرگهير سان
غالباً ساڳيو رهيو. ان ڏس ۾ ”درس نظامي“ جي
بانيءَ نظام الدين سهالوي (1088هه/1677ع -
1161هه/1748ع جون ڪوششون قابل قدر آهن. پر جيئن
ته ”درس نظاميءَ“ جو باني به مخدوم صاحب جو
همعصر آهي، ان ڪري مخدوم صاحب جو سنڌ ۾ ”درس
نظاميءَ“ کان اڳ ۾ هلندڙ نصاب سان واسطو رهيو
هوندو. غالباً ”درس نظامي“ ۾ شامل نصاب، اڳ ۾
هلندڙ نصاب وانگر لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. البت، ”درس
نظامي“ ۾ جزوي ڦيرڦار سان منطق ۽ حڪمت جي ڪتابن
جو اضافو ضرور ٿيو، جيڪو اڃا تائين مدرسن ۾ جاري
آهي.
هندستان ۾ شاهه ولي الله دهلوي (1114هه/1702ع -
1176هه/1762ع) مخدوم صاحب جو همعصر ۽ مديني جي
عالم ابو طاهر مدني جي ڪري استاد ڀائي آهي. شاهه
ولي الله جو به ساڳئي دور ۽ نصاب سان واسطو پيو.
ان دور جو نصاب هيٺين يارهن فنن ۾ ورهايل آهي.
ممڪن آهي ته ان نصاب ۾ چند ڪتابن جي مٽاسٽا به ٿيل
هجي، پر سراسري طور ”درس نظامي“ ۾ شامل منطق ۽
حڪمت جي چند ڪتابن کان سواءِ جيڪو اسان به پڙهيو
آهي، اڃا تائين ديني مدرسن ۾ مشهور ۽ مقبول آهي.
هن نصاب ۾ جيڪي ڪتاب شامل درس آهن، انهن جو وچور
هيءُ آهي:
(الف) علم صرف: 1. ميزان 2. منشعب 3. صرف مير 4.
پنج گنج 5. زبده 6. فصول اڪبري 7. شافيـھ
(ب) نحو: 1. نحو مير 2. شرح ماة عامل 3. هدايـةِ
النحو 4. ڪافيـھ 5. شرح جامي
(ج) منطق: 1. صغريٰ 2. ڪبريٰ 3. ايساغوجي 4. تهذيب
5. شرح تهذيب 6. ققطبي 7. مير قطبي 8. سلم العلوم
(د) حڪمت: 1. ميبذي 2. صدرا 3. شمس بازغـھ
(هه) رياضي: 1. خلاصـة الحساب 2. تحرير اقليدس 3.
تشريح الافلاڪ 4. رساله قوشجبـھ 5. شرح چغمني
(و) بلاغت: 1. مختصر المعاني 2. مطول
(ز) فقھ: شرح وقايـھ 2. هدايـة
(ح) اصول فقـھ: 1. نورالانوار 2. توضيح 3. تلويح
4. مسلم الثبوت
(ط) ڪلام: 1. شرح عقائد نسفي 2. شرح عقائد جلالي
3. مير زاهد 4. شرح مواقف
(ي) تفسير: 1. جلالين 2. بيضاوي
(ڪ) حديث: مشڪواة المصابيح
(1)
عجب آهي، ته هن سڄي نصاب ۾، سنڌ جي ڪنهن به سنڌي
عالم ۽ مصنف جو لکيل ڪتاب شامل نه آهي. البت، سنڌ
۾ مخدوم صاحب جي زماني کان ڪجهه اڳ ۽ خود مخدوم
صاحب جي دور ۾، عالمن اهو محسوس ڪيو ته ابتدائي
تعليم مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ ڏني وڃي. ان ڪري ”درس
نظاميءَ“ کان پهريان سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل منظوم
بنيادي ديني ڪتاب مڪتبن ۾ پڙهائجڻ لڳا، ته جيئن
ٻارن جي تعليمي مهارت ۽ معلومات پڪي پـُـختي ٿئي ۽
اڳتي وڏي نصاب لاءِ به رهنما ثابت ٿئي.
سنڌ جي تاريخ ۾ ميان نور محمد، ميان غلام شاهه ۽
ميان سرفراز جي وقت، ڪلهوڙن جو بهترين خوشحالي،
تعليمي ۽ روحاني ترقيءَ جو دور هو. سندن دور ۾
سڀني وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مدرسا قائم ٿي چـُـڪا هئا،
جتي ديني ۽ دنيوي تعليم عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾
ڏني ويندي هئي. ميان نور محمد ڪلهوڙي،
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کي وڏو قاضي ۽ شريعت جو
نگران مقرر ڪيو... ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز
درويش صفت ۽ علم دوست حڪمران هئا. عالمن ۽ عارفن
جي قدردانيءَ ۾ ڪونه گهٽايائون. جيئن ته ڪلهوڙا
شروع ۾، مغلن جي نائب جي حيثيت سان گڏ پيڙهي به
پيڙهي سنڌ جا حاڪم پڻ هئا، تنهنڪري سمجهجي ٿو ته
مرڪزي حڪومت جي پيرويءَ ۾ پڻ ڪلهوڙا حڪومت مدرسن
جي امداد جاري رکي هوندي. پراڻن مدرسن، خانقاهن ۽
درگاهن لاءِ جاگيرون وقف ڪيون. عوام به هر سال فصل
۽ ديرن تي مدرسن جو حصو ٻاهر ڪڍندو هو، جنهن جو
رواج اڄ تائين ڳوٺن ۾ موجود آهي.(1)
اڳتي هلي، انگريزن جي دور تائين، ان نصاب جا اهڃاڻ
۽ آثار پائدار ۽ نمايان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. رچرڊ برٽن،
سنڌ جي انهيءَ سڄي تعليمي تاريخ ۽ نصاب بابت تفصيل
سان ذڪر ڪيو آهي. هـُـو لکي ٿو:
”مسلمانن جي تعليم جو سرشتو هن ريت آهي. طالب کي
پهريان مڪتب ۾ الحمد شريف (قاعده) جا اکر سڃاڻڻ
سيکاريا ويندا آهن. ان کان بعد ٽيهون پارو (ع م)
پڙهايو ويندو آهي. ان سان گڏ اکرن لکڻ جي مشق به
جاري رهندي آهي. مڪتب ۾ پهرئين سال کان پوءِ مڪمل
قرآن مجيد پڙهائبو آهي. ان دوران شاگرد کي مادري
سنڌي زبان جو اڀياس شروع ڪرايو ويندو آهي. مادري
سنڌيءَ زبان جا هي بنيادي ڪتاب شاگرد کي اول پڙهڻا
پون ٿا: نورنامو، تفسير هاشمي، سيف الملوڪ، ليليٰ
مجنون، حڪايت الصالحين، وفات نامو، معراج نامو ۽
سئو مسئلا.
جڏهن ٻار قرآن مجيد ۽ مادري سنڌي ٻوليءَ ۾ مهارت
حاصل ڪري ٿو، ته ان کان پوءِ باقاعدي فارسي تعليم
ڏني ويندي آهي. فارسيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب باترتيب
پڙهايا ويندا آهن: دو وايو، ٽوايو، چشم چراغ،
ڪريما، ناگهان، تاريخ انشاء ، گلستان، بوستان،
ديوان حافظ، جامي، سڪندر نامه، مثنوي رومي ۽
شاهنامه فردوسي.“
مادري زبان ۾ مهارت ۽ فارسيءَ ۾ قابليت کان پوءِ،
عربي ڪتابن جو درس شروع ٿئي ٿو. ان ۾ هيٺيان ڪتاب
اچي وڃن ٿا:
صرف نحو: ميزان الصرف، قسم دويم عقد، زبده، ماة
عامل، صرف زرادي، شافيـھ، نحو ضريري، هدايـةِ
النحو، ڪافيـھ، شرح جامي، شرح جامي عبدالحڪيم، شرح
جامي عبدالغفور.
منطق: ايساغوجي، قال اقول، شمـھ، نيم روزي،
يڪروزي، شمسيـھ، قطبي، زبده، تهذيب ۽ سلم.
فقـھ: وقايـھ، هدايـةِ.
تفسير: جلالين، مدارڪ، بيضاوي، اصمعي، ڪشف جواهر ۽
حـُـسيني.
معاني بيان: تلخيص، مختصر، مطول.
تجويد: جزري
عروض: نصاب الصبيان
طب: طب يوسفي، ميزان الطب ۽ تحفـةِ المومنين“ .(1)
”درس نظامي“ ۽ برٽن جي مرتب ڪيل نصاب ۾ ٿورو
گهڻو فرق ضرور آهي. پر سراسري طور ان دور جي
تعليمي نصاب جي جهلڪ نمايان معلوم ٿئي ٿي ۽ ان دور
جي تعليمي تاريخ تي پڻ مختصر روشني پوي ٿي. اهڙيءَ
ريت اسان اهو چئي سگهون ٿا ته مغلن، ڪلهوڙن ۽
ٽالپرن جي دور کان وٺي انگريزن جي دور تائين، اهو
نصاب ٿوري گهڻي ڦير گهير سان مروج هو ۽ اڃا تائين
مدرسن ۾ جاري آهي. ان نصاب جي موجوده شڪل، جزوي
مٽاسٽا سان ”درس نظامي“ واري موجود آهي ۽ شاهه
ولي الله دهلويءَ وانگر مخدوم صاحب جو به ان
تعليمي نصاب سان واسطو رهيو آهي.
انهيءَ مٿئين بحث مان اهو ظاهر آهي ته مخدوم صاحب
پاڻ به اهو درس پڙهيو ۽ پنهنجي لائق شاگردن کي به
اهوئي درسي نصاب پڙهايو هوندو.
----
باب ٽيون
طريقت جو سلسلو
(روحاني رهبر ۽ مرشد)
مخدوم صاحب ظاهري تعليم پرائڻ کان پوءِ، ٺٽي جي
مشهور نقشبندي بزرگ حضرت ابوالقاسم نقشبنديءَ جي
خدمت ۾، تلقين ۽ بيعت وٺڻ لاءِ عرض ڪيو. نقشبندي
بزرگ فرمايو ته، ”منهنجي سامهون مون کان تلقين
وٺندڙ مـُـريدن جون صورتون پيش ڪيون ويون، انهن ۾
تنهنجي تصوير ڪانه هئي.“ اهو جواب ٻـُـڌي، مخدوم
صاحب عرض ڪيو ته، ”مون کي اها جڳهه ٻـُـڌايو، جتي
منهنجو مرشد آهي.“ نقشبندي بزرگ فرمايو ته، ”تون
سيد سعد الله قادري سـُـورت بندر واري جي خدمت ۾
وڃ!“
(1)
انهيءَ ڪري مخدوم صاحب، حرمين شريفين جي سفر کان
موٽندي، سن 1136هه/1723ع ۾ ”سورت بندر“ ۾،
روحاني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ قادري سلسلي جي بزرگ
سيد سعد الله سـُـورتيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. اتي
هڪ سال عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهيو ۽ خلافت جو
خرقو ڍڪي، اجازت جي سـَـنـَـد وٺي، ماه صفر المظفر
1137هه/آڪٽوبر 1724ع ۾ پنهنجي ماڳ ٺٽي موٽي آيو.(2)
جيتوڻيڪ مخدوم صاحب، مريد ۽ دست بيعت ته سيد سعد
الله قادريءَ جو هو، پر ابوالقاسم نقشبندي ٺٽويءَ
سان به عقيدت رکندو هو. ان ڪري انهن ٻنهي بزرگن جو
احوال ڏجي ٿو:
ابوالقاسم نقشبندي:
ابوالقاسم نورالحق ٺٽوي، درس ابراهيم جو فرزندهو.
درس ابراهيم وڏن کان شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ
جي گهراڻي جو مريد هو. ابوالقاسم شروع ۾ قرآن مجيد
ياد ڪري، ظاهري علمن کان فارغ ٿيو. ٺٽي جي مشهور
بزرگ مخدوم آدم نقشبندي (المتوفي: 1066هه/1656ع)
سندس قابليت ۽ لياقت ڏسي، کيس حڪم ڪيو ته باقي
منزلون وڃي شاهه سيف الدين (المتوفي:
1098هه/1687ع) ولد عروة الوثقيٰ خواجـھ محمد معصوم
(المتوفي: 1080هه/1669ع ولد شيخ احمد امام رباني
مجدد الف ثاني سرهنديءَ (المتوقي: 1034هه/1642ع)
جي خدمت ۾ پوريون ڪري.
ان سلسلي ۾، ابو القاسم سنڌ مان سنبري ”سرهند“
پهتو. شاهه
سيف الدين جي مٿس گهڻي مهرباني ٿي. ظاهري ۽ باطني
علمن جي مٿس پالوٽ ٿي. جڏهن رچي ريٽو ٿيو ته شاهه
سيف الدين چيس ته، ”سنڌ ۾ وڃي، نقشبندي طريقي کي
رواج ڏيار!“ ابوالقاسم، مرشد جي اجازت سان واپس
ٺٽي آيو ۽ اچي ”نقشبندي“ سلسلي جي روحاني
درسگاهه کوليائين. پنهنجي ڪامل مرشد، شاهه سيف
الدين جي ارشاد موجب، سنڌ ۾ نقشبندي طريقي کي زور
وٺايائين. وقت جا وڏا وڏا علماء به سندس معتقد ۽
مريد ٿيڻ لڳا. سندس نقشبندي فيض جو اثر هر هنڌ
ٻـُـرڻ لڳو ۽ پاڻ ”ابوالقاسم نقشبندي“ جي نالي
سان مشهور ٿيو. ٺٽي اچڻ سان پاڻ ڪيترن ڀٽڪيل
انسانن جو تعلق الله تعاليٰ سان جوڙيائين. وڏا
بدڪار ۽ گنهگار هميشه لاءِ توبهه تائب ٿي، سلوڪ جي
رستي تي هلڻ لڳا. ايتري قدر، جو سندس فيض جو پرتوو
سنڌ کان ٻاهر به پري پري تائين وڃي پهتو. سيد گل
شاهه دهلوي ۽ ميان محمد صديق، دهليءَ جي بادشاهه
جو وزير به اچي کانئس فيضياب ٿيا ۽ سندس خدمت ۾
رهي، زندگيءَ جا پساهه پورا ڪيائون. سورت بندر ۾
به سندس خليفا مشهور هئا.
عمر ڪوٽ، ٿر جي پاسي جو ميان ابوالحسن خشت وارو
طالب به الله وارن جي مجلسن ۾ پيو ايندو ۽ چلا
ڪڍندو هو. اهو به ابوالقاسم نقشبنديءَ جو نالو
ٻـُـڌي، سندس خدمت ۾ آيو ۽ چئن پنجن ڏينهن ۾ فيض
پرائي، خلافت ماڻيائين. پاڻ چوڻ لڳو:
”اِتي جي هڪ گهڙي، ٻين سڀ ڄمار!“
يعني: سڄي ڄمار حق جي طلب لاءِ ڪوشان رهيس، پر هن
نقشبندي درگاهه ۾ چند ڏينهن ۾ ڪامياب ٿيس.
اُن زماني ۾، جيڪي حق جا طالب سرهند شريف ويندا
هئا، ته انهن کي هڪ ئي جواب ملندو هو ته،
”ابوالقاسم نقشبندي ٺٽويءَ ڏانهن رجوع ڪريو.“
مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ کان جن بزرگن فيض
پرايو، انهن مان ڳچ مشهور نالا هي آهن: مخدوم محمد
معين ٺٽوي، محمد مقيم ولد سعدالله ساڪن قريه
جهيجا، ميان يعقوب سمو ساڪن قريه ڪبر، شيخ يحيٰ
عرب (هن مديني منوره ۾ نقشبندي سلسلي کي وڌايو)،
سيد سلطان شاهه هندي، ميان حبيب مشهور ميت پوٽو،
ميان عبدالولي اگهمي، حاجي ڪمال اُڍيجو، مخدوم
ضياءُالدين دانشمند معروف ٺٽوي، ميان نور محمد
سهار، سيد محمد ناصر شڪر الاهي شيرازي، سيد
عبدالله شيرازي، مخدوم عنايت الله بصير واعظ ٺٽوي،
مير مرتضيٰ رضوي، سيد رحمت الله شيرازي، ميان
عبدالباقي ساڪن اگهمي و متعلوي، عبدالرحيم سومرو،
مخدوم مئيڏنو نصرپوري، درس بلال ساڪن پراڻ، ميان
محمد ڏوهٽو مخدوم آدم نقشبندي.
ابو القاسم نقشبندي علمي خواه عملي ڪمالات سان هڪ
وڏي ۾ وڏو قال ۽ حال جو صاحب مشائخ پيدا ٿيو، جنهن
هڪ دنيا کي بي انداز فيض رسايو. هن جي صحبت گمراهن
کي هدايت جي شاهراهه تي آڻيندي هئي. سندس ڪرامتون
۽ مناقب، تحرير ۽ تقرير جي انداز کان ٻاهر آهن.
انهن جي ظهور جي هڪ دنيا شاهه آهي. هن خاندان جا
خادم به وڏي علم ۽ يقين ۾ مشهور آهن.
ايڏي علم ۽ عمل جو مالڪ بزرگ، 7 شعبان المعظم
1138هه/10 اپريل 1726ع تي هن فاني دنيا مان رحلت
فرمائي ويو. سندس مزار تي جيڪو ڪتبو لکيل آهي، ان
جو تاريخ وارو شعر هيءُ آهي:
بسال وصل او هاتف بفرمود،
ابوالقاسم سراسر نور حق بود.(1)
1138هه
شيخ محمد اعظم ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب ”تحفـةِ
الطاهرين“ (1190هه/1776ع) ۾ مخدوم ابولقاسم
نقشبنديءَ جي شان ۾، قلم کي هن ريت هلايو آهي:
”ميان ابوالقاسم نقشبندي فيض ۽ ڪشف جو صاحب، خدا
پرستن ۽ عارفن جو اڳواڻ، معرفت، يقين ۽ سلوڪ جو
وڏو سالڪ هو. قلم کي ڪهڙي طاقت؟ زبان کي ڪهڙي مجال
آهي، جو سندس سهڻيون صفتون ۽ وڻندڙ خوبيون بيان
ڪري سگهن! سندس ذات ملائڪ صفت، رحمت جو ڪڪر ۽ سج
هئي، جو جهانَ اُن جي ذات مان فيض پئي ورتو ۽
هزارين ماڻهو، سندس فيض واري نظر سان اهلِ دل بنجي
ويا ۽ حقي ذڪر جي ذريعي، حقيقت جي درجي تي وڃي
پهتا. سندس ڪرامتون سج کان وڌيڪ روشن آهن.“
(2)
”مڪليءَ“ جي تاريخي قبرستان ۾، هزارين الله
وارا، اهلِ دل بزرگ مدفون آهن. انهن مان شيخ جيئو
”مڪليءَ جو ڏيئو“ (چراغِ مڪليءَ) مشهور آهي. پر
ابوالقاسم نقشبندي ”ولايت جو سج“ يا ”خورشيدِ
مڪلي“ جي لقب سان مشهور آهي.(3)
مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ کي ٻه فرزند ٿيا: هڪ
ميان ابراهيم ۽ ٻيو مخدوم فيض محمد، جي پڻ سندس
قبرستان ۾ مدفون آهن.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ تي تحقيق جي سلسلي ۾،
مڪليءَ جو قبرستان چند ڀيرا ڏٺو ويو آهي. اُتي
مخدوم صاحب جي مزار جي ويجهو، اُتر طرف، ابوالقاسم
نقشبنديءَ جي مزار مبارڪ جي به زيارت ڪئي ويئي. هن
وقت سندس ڪنهن عقيدتمند، سندس تـُـربت جي مٿان هڪ
عاليشان چوکنڊي نـُـما ٽن قـُـبن وارو چبوترو
ٺهرايو آهي. ان سان گڏ، هن جي مريد مخدوم محمد
معين ٺٽويءَ جي قبر به سندس پيرانديءَ کان موجود
آهي. جنهن کي پڻ نئين سر پڪو ڪيو ويو آهي.
سيد سعدالله قادري سورتي:
سيد سعدالله بن غلام محمد سلوني 1099هه/1688ع ۾
سلون ۾ ڄائو. اتي ئي پرورش لڌائين. حرمين شريفين ۾
وڃي علم حاصل ڪيائين. پوءِ هندستان موٽي آيو. فارغ
التحصيل ٿي، درس تدريس ۾ مشهور ٿي ويو. هر علم ۾
يگانو هو. توريت ۽ انجيل جو به ڄاڻو هو. پنهنجي
وقت جو ”فخرالعلماء “ هو. طريقت ۾ سيد عبدالشڪور
جو مريد هو. سندس طريقت جو سلسلو، اٺن واسطن سان
سيد عبدالقادر جيلاني (المتوفي: 561هه/1166ع) سان
وڃي ٿو ملي:
”سيد سعدالله مريد هو سيد عبدالشڪور جو، اهو مريد
هو شاهه مسعود الاسفرائني جو، اهو مريد هو شيخ علي
حسيني جو، اهو مريد هو شيخ جعفر احمد الحسيني جو،
اهو مريد هو سيد ابراهيم جو، اهو مريد هو شيخ
عبدالله الحسيني جو، اهو مريد هو شيخ عبدالرزاق
جو، اهو فرزند ۽ مريد هو سيد عبدالقادر جيلاني
بغدادي رحھ جو“
سيد سعد الله قادري، پورب کان حرمين جي زيارت ۽ حج
لاءِ حاضر ٿيو ۽ اتان موٽندي سورت ۾ سڪونت اختيار
ڪيائين. ان ڪري کيس ”سورتي“ به سڏيو وڃي ٿو.
سورت، هندستان ۾ گجرات ضلعي جو هڪ شهر آهي. پاڻ
گهڻن ڪتابن جو مصنف به آهي، جهڙوڪ: ڪشف الحق،
حاشيـة الحڪمـة، حاشيـة يمين الوصول فقـھ آداب
البحث منطق، تحفـة الرسول، ثبوت مذهب شيعـھ ۽ شرح
چهل بيت مثنوي.
سندس وفات 27 جمادي الاول 1138هه/3 مارچ 1726ع تي
سورت ۾ ٿي.(1)
”حدائق الحنفيـھ“ ۾، کيس يارهين صديءَ جي علماء ۾
شمار ڪيو ويو آهي ۽ سندس وفات جو سال 1038هه
ڄاڻايو ويو آهي(2)
، جو صحيح نه آهي.
سيد سعد الله قادريءَ کي ٽي فرزند هئا: عبدالعلي،
عبدالولي ۽ عبدالله.
----
”بذل القوهِ“ (عربي) مقدمو ص 7
|