سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-4

صفحو :4

باب چوٿون

مخدوم محمد هاشم جو درس تدريس جو مشغلو

دارالعلوم هاشميه جو قيام

مخدوم صاحب ٺٽي مان علمي تحصيل کان پوءِ، پنهنجن اباڻن ڪکن يعني بٺوري واپس آيو. ان دوران سندس والد حضرت عبدالغفور وفات ڪري ويو هو. ڪجهه ڏينهن ترسڻ بعد، مخدوم صاحب بٺوري کي ڇڏي، ڀرپاسي جي هڪ ڳوٺ  ”بهرام پور“  ۾ اچي رهيو. ڪنهن به تحريري يا زباني روايت مان اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ته مخدوم صاحب ٺٽي مان تعليم پرائي اچڻ کان پوءِ، پنهنجي ڳوٺ بٺوري ۾ مدرسي کولڻ ۽ درس تدريس ڏيڻ جي بدران، بهرام پور ۾ ڇو وڃي ديني تعليم جو سلسلو شروع ڪيو؟ البت، پاڻ بهرام پور کي سگهوئي خيرباد چئي، ٺٽي ۾ ڇو آيو ۽ ڪهڙي سبب جي ڪري ٺٽي ۾ اچي مدرسو کولي رهڻ لڳو؟ ان جا سبب تحريري صورت ۾ هن ريت ملن ٿا:

1.  ”الوحيد“  ۾ آهي، ته هتي (بهرام پور) ۾ اچڻ سان پاڻ ديني تعليم ڏيڻ لڳو ۽ ساڳئي وقت دين جي اشاعت ۽ ترويج لاءِ وعظ ۽ تقريرن جو سلسلو به شروع ڪيائن، مگر انهيءَ ڳوٺ جي پيرن ۽ فقيرن کي مخدوم صاحب جون نصيحتون ۽ شريعت جي پابندي راس نه آئي: تنهنڪري لاچار ٿي، ٺٽي ۾ هجرت ڪري اچي ويٺا.(1)

2. مخدوم صاحب بهرام پور ۾، ماڻهن کي بدعتن ۽ غير شرعي ڪمن کان روڪڻ لڳا، مگر اتي جا ماڻهو اعليٰ هستيءَ جو قدر سـُـڃاڻي نه سگهيا. شايد قدرت کي به اهو منظور هو، انهيءَ ڪري پاڻ اتان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو.(1)

3. بهرام پور ۾ مدرسو ۽ ديني تعليم شروع ته ڪيائون، پر ايڏي وڏي علامه شخص کي هڪ وسيع ماحول جي ۽ وڏي پيماني تي ديني حق ادا ڪرڻ جو ارادو هو. تنهن کي هن ننڍڙي ڳوٺ ۾، اهو مقصد پورو ٿيندو مشڪل نظر آيو. تنهن لاءِ پاڻ اتان اهل عيال سميت لڏي ٺٽي هليا آيا. اُتي  ”مسجد خسرو“  (دابگران واري مسجد) جي قريب هڪ زبردست مدرسي جو بنياد رکيائون ۽ پنهنجي دلي خواهش مطابق ڪم ڪرڻ لڳا.(2)

پهريان ٻئي سبب به پنهنجيءَ جاءِ تي صحيح آهن، پر منهنجي خيال ۾ هيءُ ٽيون سبب مناسب ۽ واجبي معلوم ٿئي ٿو.

جيئن ته ٺٽو ان وقت علم ادب جو مرڪز هو ۽ مخدوم صاحب خود علمي مزاج جو صاحب هو، تنهنڪري مخدوم صاحب لاءِ ٺٽي جو شهر هر لحاظ کان موزون هو. پاڻ هتي ديني اشاعت، درس حديث، تصنيف تاليف ۽ اسلام جي واڌاري لاءِ مشغول ٿي ويو. مخدوم صاحب ٺٽي ۾ اچڻ سان، پنهنجي علمي آفتاب ذريعي خلق خدا ۽ حق جي طالب علمن جي رهنمائي ڪرڻ لڳو. ٺٽي شهر جي  ”اگر محلي“  ۾، سندس مدرسو  ”دارالعلوم هاشميه“  هو.(3) سندس علمي عظمتن جو شعاع پري پري تائين پهچڻ لڳو. جنهن ۾ ڪيترا علم جا پروانا سندس خدمت ۾ حاضر ٿي، علم جي روشني حاصل ڪرڻ لڳا.  ”قال الله“  ۽  ”قال رسول الله“  جي صدا، ٺٽي ۽ پوريءَ سنڌ ۾ گونجڻ لڳي.

مخدوم صاحب، ننگر ٺٽي جي ٻن مسجدن ۾ درس تدريس توڙي دين جي تبليغ جاري رکي. هتي انهن ٻنهي مسجدن جو مختصر تعارف ڏجي ٿو:

1. مدرسي واري هاشمي مسجد:

هيءَ مسجد، مخدوم صاحب جي پاڙي ۾ هئي، جتي سندس درس جو سلسلو هلندو هو. انهيءَ مدرسي واريءَ مسجد مان سـَـوَن مسلمانن فيض پرايو. ڏاڍي برڪت ۽ خير واري مسجد هئي. انهيءَ مسجد ۾، مخدوم صاحب پنهنجيون ڪيتريون ئي لازوال تصنيفون مڪمل ڪيون. دين جي خدمتگاري، انهيءَ مسجد مان موصوف ويٺي ڪئي. انهيءَ مسجد مان ئي هن دين متين جي فروغ ۽ استقامت لاءِ، سنڌ جي حاڪمن ڏانهن خـَـطَ لکيا. اهائي مسجد سڳوري هئي، جنهن ۾ ويهي، انهيءَ عظيم شخصيت فقهي مسئلن مطابق فتوائون جاري ڪيون، جن سنڌ ۾ اسلامي قاعدي قانون کي جـِـلا بخشي.

مخدوم صاحب جو دستور هو، ته پاڻ پنهنجي انهيءَ مسجد ۾ هر روز ٽپهريءَ جو حديث سڳوريءَ جو درس ڏيندو هو. مخدوم صاحب کان پوءِ، سندس فرزند مخدوم عبداللطيف پنهنجي والد جي مسند تي ويهي، ساڳئي برڪت واري شغل کي جاري رکيو. مخدوم عبداللطيف جڏهن سن 1187هه/1773ع ۾ ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي فائز ٿي ويو، تڏهن سندس فرزند ميان ابراهيم اها خدمت بجا آڻڻ شروع ڪئي، تاوقتيڪه هو بزرگ (مخدوم ابراهيم) ٺٽي مان لڏي ڪراچيءَ ويو. اتان پوءِ مستقل طرح ڪڇ جي مڏئي شهر ۾ وڃي ويٺو. انهيءَ مسجد ۾.صبح جي وقت، مخدوم صاحب وڏي جي وقت کان مدرسو قائم ٿيندو هو، ۽ ٽپهريءَ بعد فقط حديث جو درس ڏنو ويندو هو. اها مسجد ٽالپر حڪومت تائين موجود هئي.* جنهن بعد ٺٽي ۾، نه مخدوم صاحب جو ڪو اولاد رهيو، نه مدرسو باقي رهيو ۽ نه ڪو حديث جي درس ڏيڻ وارو رهيو. انا لله و انا اليـھ راجعون! سڀ شيءِ فنا آهي. بقا فقط الله جي ذات کي آهي.(1)

2. جامع خسرو (دابگران واري مسجد):

ٻي مسجد، جنهن ۾ مخدوم صاحب هر جمعي جي صبح تي وعظ فرمائيندو هو. کانئس پوءِ، سندس فرزند عبدالطيف به پيءُ وارو طريقو قائم رکندو آيو. ان کان پوءِ مخدوم ابراهيم (جنهن کي عام طرح  ”مڏئي مرقد“  سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هـُـو پوءِ ڪن سببن ڪري ٺٽي مان لڏي وڃي مڏئي ۾ رهيو ۽ اُتي فوت ٿيو.) انهيءَ مسجد ۾ وعظ ڪندو هو.

 ”جامع خسرو“  کي  ”دابگران واري مسجد“  به چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها مسجد  ”دابگران جي محلي“  ۾ هئي. هن وقت نه اهو محلو آهي، نه اُن جا مڪين موجود آهن. محلي ۽ ماڻهن جي نه هئڻ ڪري ڪو نماز پڙهڻ وارو ڪونه رهيو. اهڙيءَ طرح مسجد زبون ٿي ويئي. هن وقت آثار قديمه جو محڪمو مسجد جي سنڀال ڪري ٿو.* مسجد جي محراب تي هيءُ ڪتبو، هڪ سٽ ۾ موجود آهي.

 ”بسم الله الرحمـٰـن الرحيم. محمد رسول الله والذي معـھ اشداء علي الکافر و رحماء بينهم 997هه.“

مسجد جي جوڙجڪ ۽ ڪاشيءَ جي ڪم جي رٿا لاجواب آهي. خاص ڪري اندريون محراب پٿر جي اُڪر جو بهترين نمونو آهي.(2)

مخدوم صاحب جا شاگرد

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هڪ برک عالم، جيد فاضل، بهترين مـُـدرس ۽ استاد هو. سندس علم ۽ مدرسي جي هاڪَ سموريءَ سنڌ، هند، عرب و عجم ۾ مشهور هئي. پاڻ سموري زندگيءَ احڪامِ شريعت جي پابندي، تصنيف ۽ تاليف سان گڏ ديني علوم جو درسُ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ڏيندو رهيو. ان ڪري سندس ڪيترا شاگرد عالم فاضل، فقيـھ، محدث ۽ مفسر ٿي فارغ ٿيا. انهن مان گهڻن جا نالا تاريخ جي صفحن تان مٽجي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته زمانو گذري ويو ۽ مخدوم صاحب جي علمي سج جي شعاع ۽ عظمت جي آڏو انهن علمي ستارن جو سوجهرو ۽ نالو گهٽ مشهور ٿي سگهيو. اهوئي سبب آهي، جو سندس شاگردن جي ڪا سلسليوار فهرست موجود نه آهي. خوش قسمتي سان ڪن تاريخي تذڪرن ۾، سندس ڪن شاگردن جا نالا محفوظ رهجي ويا آهن ۽ انهن جو جيڪو احوال دستياب ٿي سگهيو آهي، اهو هتي ڏجي ٿو:

1. سيد شهمير شاهه مٽياروي: هيءُ سيد سڳورو، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي عزيزن مان هڪ وڏو عالم، فاضل ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد هو.(1) شاهه صاحب سـُـنت جي زنده رکڻ ۽ اسلامي مقدمن جي حمايت ۾، تمام گهڻو مبالغو ڪندو هو. سدائين انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهندو هو ۽ هر ديني ڪم لاءِ طالب علمن جي جماعت وٺي، دين جي تقويت لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪندو هو.(2) سندس وفات سن 1177هه/1763ع ۾ ٿي.

2. مخدوم مئيڏنه نصرپوري: مخدوم مئيڏنو نصرپوري، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد هو.(3) مخدوم مئيڏنو ٻارهين صدي هجريءَ ۾، وڏو ڪامل ۽ فقـھ جي فن جو جامع، تيز ۽ متبحر عالم ٿي گذريو آهي. فقـھ جي علم ۾ گهڻن عالمن کان وڌيڪ ماهر هو. ڪيترا ڏکيا مسئلا، بنا ڪنهن هٻڪ ۽ رنڊڪ جي حل ڪري ڇڏيندو هو. سندس مدرسي مان ڪيترائي علم جا شائق پروانا پڙهي نڪتا. علمي لياقتن سان گڏ سڀني ڪماليتن ۾، خلق الله ۾ مشهور سالڪ ٿي گذريو آهي.(1)

هيءُ ڀلارو بزرگ، عالم، فقيـھ ۽ صوفي، نصرپور ۾ مخدوم روح الله کان پوءِ، صاحبِ قضا ۽ فتويٰ جو مالڪ بڻيو. سندس معاصرين مان مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي، مخدوم محمد صادق گچيرائي ۽ مخدوم عثمان متعلوي آهن، جن سان هن بزرگ جا بعض فقهي مسئلن تي ردڪد ۽ مناظرا رهيا آهن.

مخدوم مئيڏنو مريد هو مخدوم محمد امين ڊاسوڙي واري جو. مخدوم مئيڏنو تمام ٻڍاپڻ ۾، سن 1181هه/1767ع ۾ هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو. کيس نصرپور ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو.(2)

3. مخدوم عبدالرحمان: هيءُ ڀلارو شاگرد، مخدوم صاحب جو وڏو فرزند هو. فقـھ ۽ حديث جي علم جو وڏو ماهر هو. مخدوم صاحب جي وفات کان پوءِ، جهوناڳڙهه هليو ويو ۽ وفات به اُتي ئي اندازاً سن 1181هه/1768ع ۾ ڪيائين.

4. سيد محمد صالح شاهه جيلاني گهوٽڪيءَ وارو: هيءُ جيلاني سيد، مخدوم صاحب جو شاگرد هو. سيد محمد صالح شاهه جو والد حضرت موسيٰ شاهه وري مخدوم صاحب جو همعصر هو. سيد محمد صالح شاهه سن 1122هه/1710ع ۾ ڄائو. سندس ڪـُـنيت  ”ابوجمال“  ۽ لقب  ”متقي“  هو.

سيد محمد صالح شاهه ٻارهين صديءَ جي وڏي محدث، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان تعليم پرائي. هن خاندان وٽ اڃا تائين  ”صحيح بخاري“  جو اهو قلمي نسخو موجود آهي، جنهن تي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، سيد محمد صالح شاهه کي علم کان فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي هٿ اکرين سند فراغ ۽ اجازت فرمائي آهي.

هيءُ سيد سڳورو، شريعت ۽ طريقت جو صاحب ۽ ڪامل ولي هو. سندس وفات اربع جي ڏينهن، 11 شوال المڪرم 1182هه/17 فيبروري 1669ع تي ٿي. سندس مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي.(1)

5. مخدوم ابوالحسن صغير ٺٽوي مدني: سندس نالو غلام حسين بن محمد صادق نقشبندي آهي. هن بزرگ کي  ”صغير“  ان ڪري چيو وڃي ٿو، ته جيئن ابوالحسن ڪبير کان جدا سڃاڻپ ۾ اچي. ياد رهي ته سنڌ ۾ ابوالحسن جي نالي سان چار بزرگ مشهور ٿي گذريا آهن. انهن جو احوال، مخدوم صاحب جي همعصرن ۾ ايندو. ابوالحسن صغير اصل ۾ ٺٽي جو ويٺل هو ۽ مخدوم صاحب کان علم حاصل ڪيو هئائين. پر پوءِ قسمت سانگي مدينه منوره ۾ وڃي رهيو. اتي به سنڌ جي عالم، محمد حيات مدنيءَ جي وفات کان پوءِ، سندس جاءِ تي پڙهائيندو رهيو.

ابوالحسن صغير جا هيءُ ڪتاب يادگار آهن: شرح نخبـة الفڪر، حواشي الدرالمختار، مختار الانوار ۽ رجال مسند احمد بن حنبل وغيره. سندس وفات رمضان المبارڪ 1187هه/نومبر 1773ع ۾ مديني منوره ۾ ٿي ۽ جنت البقيع ۾ دفن ٿيو.(2)

6. مخدوم عبداللطيف: هيءُ بزرگ، مخدوم صاحب جو ٻيو نمبر فرزند ۽ شاگرد هو. علم ۽ فضل ۾ وڏو ڪامل هو. سنڌ جي حاڪم، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾، سن 1187هه/1773ع ۾ قاضي مقرر ٿيو هو. سندس وڌيڪ احوال، مخدوم جي اولاد جي بيان ۾ ڏنو ويو آهي.

7. شاهه فقير الله علوي شڪارپوري: هن بزرگ جا وڏا  ”جلال آباد“  (افغانستان) ويجهو  ”حصارڪ“  ۾ رهندا هئا. سندس ولادت سن 1100هه/1689ع ۾ حصارڪ جي ويجهو هڪ ڳوٺ  ”روتاس“  ۾ ٿي. ظاهري علوم افغانستان ۽ هندستان جي عالمن کان حاصل ڪيائين. حرمين شريفين جي محدثن کان به فيض حاصل ڪيو هئائين. پاڻ بار بار حرمين جي سفر تي ويندو هو، طريقت ۾ محمد مسعود پشاوري ۽ محمد سعيد لاهوريءَ کان خلا فت جو خرقو ڍڪيائين. جوانيءَ ۾ اصل وطن ڇڏي، سير سفر ڪندو رهيو. آخر سن 1150هه/1737ع ۾ سنڌ ۾  ”شڪارپور“  کي پنهنجو وطن ڪري ويهي رهيو. فقير الله علويءَ، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان حديث، فقـھ ۽ طريقت جي سلسلن، اوراد ۽ اذڪار وغيره ۾ اجازت حاصل ڪئي هئي.(1) ديني علوم ۽ تصوف ۾ ڪامل هو. هميشه هدايت ۽ تلقين جو شغل جاري رکيائين. وقت جا وڏا امير سندس معتقد هوندا هئا، جهڙوڪ: احمد شاهه ابدالي والي افغانستان، نصير خان بروهي والي قلات، محبت خان بلوچ والي مڪران، ميان سرفراز ڪلهوڙو والي سنڌ وغيره. پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جو شاعر به هو. بهترين ڪتبخانو پڻ هئس. پاڻ گهڻائي ڪتاب لکيا هئائين، جيئن ته: مڪتوبات شريف، فتح الجميل، براهين نجات، فيوضات الاهيه، طريق الارشاد، منتخب الاصول، وثيقـةِ الاڪابر، قطب الارشاد، فتوحات الغيبيـةِ، قصيده مبروره، ڪتاب الازهار، فوائد فقير الله طب و اوراد، محمود الاوراد، شرح قصيده بانت سعاد، ملفوظات، مجموعه ملفوظات و عمليات، شرح مثنوي بعض ابيات وغيره. الحاج فقير الله 3 صفر المظفر 1195هه/29 جنوري 1781ع تي شڪارپور* ۾ وفات ڪئي.(1) سندس مزار مرجع خاص و عام آهي.

8. مخدوم عبدالله منڌرو نرئي وارو: هيءُ بزرگ ذات جو منڌرو، بدين تعلقي ۾  ”مانڌر“  واري ايراضيءَ ۾ رهندڙ هو. ننڍي هوندي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان تعليم ورتائين، پوءِ ڪن اڻ ٽر سببن جي ڪري  ”مانڌر“  مان لڏي، ڪڇ ملڪ هليو ويو ۽ اتي  ”نرئي“  نالي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو، پر اُتي به هن کي نه سـَـٺو ويو. لاچار اتان به لڏي، هڪ ٻئي ڳوٺ  ”سريءَ“  (تعلقو ابڙاسو) ۾ وڃي رهيو. ڪڇ جو راجا به سندس معتقد هو. مخدوم عبدالله جو اولاد ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. سندس ڪتابن جو وڏو ذخيرو، سندس پوين وٽ ڪڇ ۾ رهجي ويو.(16) سندس تصنيفن مان هيٺيان ڪتاب يادگار آهن: ڪنزالعبرت، قمرالمنير، بدرالمنير، نورالابصار، خزينه اعظم، تفسير يوسف، هفت بهشت، غزوات، خزينـھِ الابرار، شجاعت سيد الانام، خلفاءِ راشدين، سنڱ نامو، ايمان مجمل ۽ مفصل، نڪاح جي ترتيب ۽ ورثو.(2) سندس مزار ڪڇ طرف، ڳوٺ  ”سٿريون“  تعلقي نرئي ۾ آهي.(3)

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر يار محمد، مخدوم عبدالله جي ولادت جو سن 1150هه/1737ع ڄاڻايو آهي. البت، سندس وفات جي سن کان اهي خاموش آهن.

رچرڊبرٽن، مخدوم عبدالله جو لکت ۾ پهريون ڀيرو احوال آندو آهي. هن به سندس ولادت ۽ وفات جي سال جي چٽائي ڪانه ڪئي آهي. هـُـو لکي ٿو:

 ”مخدوم محمد هاشم کان پوءِ، ٻيو سنڌيءَ جو مشهور نثر نگار مخدوم عبدالله ناڙي وارو هو. هـُـو اٽڪل ٽيهه سال ٿيا، ته سٿري ۾ گذاري ويو.“ (1)

برٽن، مخدوم عبدالله جي وفات جو سال وضاحت سان ڪونه لکيو آهي. پر ايترو اشارو ضرور ڪيائين، ته هن ڪتاب لکجڻ کان ٽيهه سال اڳ ۾ گذراري ويو آهي. برٽن اهو ڪتاب سن 1268هه/1851ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اٺ نوَ سال بعد ۾ لکيو هو. ڪتاب جي هن سال مان برٽن جي لکت موجب ٽيهه سال ڪڍبا، ته پوءِ سن 1238ع/1821ع بيهندو، جنهن کي مخدوم عبدالله جي وفات جو سال قرار ڏئي سگهجي ٿو. مخدوم عبدالله جي ولادت ۽ وفات جي سنن جي حساب ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته مخدوم عبدالله جي عمر هجري سن مطابق 88 سال ۽ عيسوي سن مطابق 84 سال ٿئي ٿي. اها عمر قرين قياس به آهي.

هن سڄي بحث جو نتيجو اهو نڪري ٿو، ته مخدوم عبدالله جي ولادت جو سن 1150هه/1737ع آهي ۽ سندس وفات اندازاً سن 1238هه/1821ع ۾ ٿي. هن حساب سان مخدوم عبدالله حياتيءَ جون 84 يا 88 بهارون ماڻي. هن دنيا مان گذاري ويو.

رهيو سوال ته مخدوم عبدالله جو سنڌ جي تاريخ ۾ بنهه گهٽ احوال ملي ٿو. ان جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو، ته هـُـو سنڌ کان پاسيرو ۽ پرڀرو ڪڇ طرف وڃي رهيو هو. ان ڪري تذڪره نويسن کي سندس احوال نه ملي سگهيو، يا مليو ته بنهه گهٽ. والله اعلم.

9. مخدوم عبدالخالق ٺٽوي: هيءُ بزرگ، مخدوم صاحب جو پيارو شاگرد ۽ مريد هو. ٺٽي جو رهاڪو هو. مخدوم صاحب جي درسگاهه هاشميه ۾ نائب معلم طور تعليم به ڏيندو هو. ان هڪ ڪتاب  ”مطلوب المومنين“  نالي سنڌي نظم ۾ تحرير ڪيو هو، جيڪو پوءِ مخدوم صاحب درست ۽ منظور ڪرڻ فرمايو. اهو ڪتاب سن 1157هه/1744ع ۾ لکجي تيار ٿيو. مخدوم عبدالخالق ڪتاب ۾، پنهنجي محسن استاد ۽ رهبر جو ذڪر هن طرح ادب سان ڪيو آهي.

جڏهن نسخو هن ناقص جواچي تمام ٿئو،
تڏهن منجهه خدمت مرشد پنهنجي وٺي آءٌ ويو،
جو عالم عارف ڪامل، زاهد زماني جو،
حاجي محمد هاشم نالو جنهن جو، مولوي مشهور ڪيو،
راتو ڏينهان رحمت رب جي، شال شامل سيڻن هوءِ،
سين اهل اولاد سندن ۽ مـِـڙن مـُـحبنئو.(1)

مخدوم عبدالخالق ٺٽويءَ سن 1157هه/1744ع ۾ هيءُ ڪتاب اسلامي احڪامن بابت خاص طرح طالبن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ تصنيف ڪيو. انهيءَ جو مواد اصل مصنف  ”طبراني“  جي عربي ڪتاب  ”الطريقـة ِ المحمديـةِ“  تان کنيائين ۽ سنڌيءَ ۾ آندائين، ته جيئن شاگرد سولي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهي ۽ سمجهي سگهن:

اڪثر هن سنڌي ۾ جيڪي درج ٿيو،
سو ’طريقـة المحمدي‘ ڪنان ميڙي مون لکيو،
ڪارڻ طلب طالبين هي رسالو لکيوم،
’مطلوب المومنين سنڌي‘ نالو تنهن رکيوم،
سنڌي وائي سهکي سڀيئي پروڙين،
عاصي عبدالخالق کي دُعا مانَ ڪرين.(1)

مخدوم عبدالخالق جي پـُـٽ مخدوم محمد  ”سورة الملڪ“  جو منظوم سنڌي ترجمو محرم 1193هه/جنوري 1779ع ۾ جوڙي راس ڪيو، جنهن جو قلمي نسخو برٽش ميوزيم لائبرريءَ ۾ آهي. ان جي شروعات هن ريت آهي:

ساراهجي ته صاحب کي، جنهن قادر مـُـڪو قرآن،
مٿي مير محمد ڪارڻي، جو شافع سڀ جهان.(2)

مخدوم عبدالخالق جيئن ته مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو پيارو شاگرد ۽ مريد هو، ان ڪري پاڻ ضرور مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾، قرب جوار ۾ دفن ٿيل هوندو! ان سلسلي ۾ هن وقت مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مزار ۽ قبرستان جي خادم، محمد نور جوکيي (عمر 65 سال) کان پـُـڇا ڪئي ويئي، ته هـُـو مخدوم عبدالخالق جي مزار جي نشاندهي ڪري ۽ اسان جي رهنمائي ڪري. پر هـُـن مخدوم عبدالخالق جي قبر کان لاعلمي ڏيکاري!

10. مخدوم نور محمد نصرپوري: مخدوم نور محمد، سنئون سڌو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد هو. ان لحاظ کان هن بزرگ جو اسلامي علوم ۾ وڏو مرتبو هو. هن بزرگ جو مشهور شاگرد، مخدوم محمد عثمان مٽياروي به هڪ وڏو محدث ٿي گذريو آهي. مخدوم محمد عثمان جا ٻه همعصر مشهور آهن: هڪ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي ۽ ٻيو مخدوم ابراهيم ٺٽوي، جيڪو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو پوٽو پڻ آهي.(1)

مخدوم نور محمد مشهور عالم، محدث ۽ صوفي هو. علم هيئت ۽ نجوم جو ڄاڻو هو. فقهي فضليتن ۽ علمي ڪماليتن ۾ پنهنجي وقت جو وڏو رهبر هو. ڪجهه عرصو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي به سرفراز رهيو.

11. شيخ الاسلام مراد سيوهاڻي: شيخ مراد انصاري، سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ سندس لقب  ”شيخ الاسلام“  هو. پاڻ پنهنجي اهل اولاد سميت سنڌ مان هجرت ڪري، عرب ديس ۾ وڃي رهيو. شيخ مراد سيوهاڻي، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي شاگردن مان آهي.  ”قصيده برده شريف“  جي مخدوم صاحب کان اجازت حاصل ڪئي هئائين. مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو:

 ”مراد سيوهاڻي انصاريءَ جي حضرت خضر عليـھ السلام سان به ملاقات رهندي هئي ۽ وٽانئس تصوف جو خرقو به ڍڪيو هئائين. وفات وقت پنهنجي پـُـٽ شيخ حسن سنڌيءَ کي چيائين، ته اِجهو خضر عليـھ السلام مون کان موڪلائڻ آيو هو ۽ کيس تنهنجي پارت ڪئي اٿم، ته تنهنجي آئيءَ وقت امداد ڪندو رهي. مراد سيوهاڻيءَ جو فرزند شيخ حسين سنڌي سيوهاڻي ۽ پوٽو شيخ محمد عابد سنڌي مدني به وڏا بزرگ ۽ محدث ٿي گذريا آهن.“ (2)

12. عزت الله ڪيريو: عزت الله ڪيريو،  ”چوٽيارين“  جو رهاڪو هو ۽ مخدوم صاحب جو سنئون سڌو شاگرد هو. وٽس چوٽيارين مان هلي، ٺٽي ۾ وڃي پڙهيو هو. عزت الله، مخدوم صاحب جي همعصر بزرگ ميين محمد مـُـبين چوٽيارويءَ جو ڀائٽيو هو. عزت الله کي پنهنجي چاچي ميين، محمد مـُـبين، ٺٽي ۾، مخدوم صاحب وٽ تعليم پرائڻ لاءِ موڪليو هو. ان سلسلي ۾، ميين محمد مـُـبين پنهنجي ڀائٽيي کي مخدوم صاحب ڏانهن سفارشي ۽ پارت جو خـَـطُ به لکي ڏنو هو، ته منهنجي ڀائٽيي کي مدرسـھ هاشميـھ ۾ اوهان پاڻ پڙهائجو... اهو خط اڃا تائين چوٽياروي بزرگن جي پوين وٽ عبدالحڪيم نالي شخص وٽ مديني منوره ۾ موجود آهي.

عزت الله عالم فاضل هو. حج به ڪيو هئائين ۽ پنهنجي استاد مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ سان سندس خط و ڪتابت به هوندي هئي. عزت الله سٺو ڪاتب به هو، پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي چاچي جي ڪتبخاني لاءِ ڪتاب اُتاريندو هو.(1)

13. حافظ آدم طالب علم (ٺٽوي؟): حافظ آدم، مخدوم صاحب جو شاگرد هو. مخدوم صاحب جي وصال ڪرڻ بعد، مخدوم صاحب کي جن ڀلارن بزرگن غسل ڏياريو هو، انهيءَ خدمت ۾ حافظ آدم طالب علم به شامل هو.(2)

14. نور محمد ”خسته“  ٽکڙائي: هيءُ شاعر ٻارهين صدي هجريءَ جي وچ واري دور جو آهي ۽  ”وسي شهمير شاهه“  ٽکڙ جو ويٺل هو. هن بزرگ، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي درسگاهه ۾ تعليم ورتي هئي. سندس ولادت ۽ زندگيءَ جا مفصل حالات معلوم نه ٿي سگهيا آهن.  ”خسته“  جي فارسي گاڏڙ سنڌي ڪلام جو نمونو هي آهي:

تابر افگندي از رخِ تو نقاب.
حشر ٿيو، آفتاب لايو تاب.
آن منم کز تصادمِ هجران،
روز شب ٿو رهان بي خور و خواب.
ڪشتيءَ عمر من به بحر غمت،
لهر لوڏن هـَـڻي ڪئي غرقاب.
تابشِ حسن بيمثال سندئي،
بره ڏيئي وري ڪيو بيتاب.
 ”خسته“  و خوار منجهه ’وسي’ مون جيئن،
نيست ديگر کسي شيخ و شاب.(1)

جديد تحقيق موجب مخدوم صاحب جي هنن ٽن شاگردن جا نالا وڌيڪ ملي سگهيا آهن:

1. شيخ عبدالحفيظ بن درويش العجيمي المڪي.

2. سيد عبدالرحمان بن محمد اسلم الحنفي المڪي.

3. محمد بن محمد اشرف بن آدم السنڌي النقشبندي. (بحواله  ”اللؤلؤ المکنون في تحقيق مد السکون“  - عربي - تحقيق: قاري عبدالقيوم السندي المڪي، 1999ع، ص 18، ڇپيل ڪراچي)

 

----


(1) روزنامه  ”الوحيد“ ، سنڌ آزاد نمبر، ص 33

(1) ”بناء الاسلام“  (سنڌي، مرتب: محمد يوسف  ”شاڪر“  ابڙو، ڏسو مقدمو ص 7

(2) ايضاً، مرتب: فقير محمد اسماعيل ٺٽوي، ڏسو مقدمو ص 34

(3) ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر:  ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ، ص 238

* نوٽ: مخدوم صاحب جي انهيءَ گهر ۽ مدرسي واري مسمار ٿيل مسجد کي تازو هن وقت مخدوم صاحب جي خدمتگار محمد علي بروهيءَ (عمر 75 سال) نئين سر جديد نموني تعمير ڪرايو آهي. انهي مسجد جو امام مولوي انور حسين ميمڻ آهي. جيڪو مدرسـھ مجدديـھ عثمانيھ، ميمڻ محله، ٺٽي ۾ عربيءَ جو استاد پڻ آهي. اسان 29 ڊسمبر 1992ع تي مسجد جو معائنو ڪيو ۽ فوٽو پڻ ڪڍيو. (ليکڪ)

(1) سيد حسام الدين راشدي:  ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ، ص 106

* نوٽ: هن وقت انهي تاريخي مسجد  ”جامع خسرو“  جو محل وقوع، ٺٽي کان سجاول ويندڙ روڊ جي لڳ اوڀر طرف آهي ۽ فن تعمير جو هڪ بهتر نمونو آهي. اها تاريخي مسجد هن وقت تمام جهوني آهي. ان جو مٿيون وچون گنبذ شهيد ٿي چڪو آهي. سندس سارسنڀال محڪمـھ اُثار قديمـھ جي حوالي آهي. اسان 29 ڊسمبر 1992ع تي انهيءَ مسجد جو روبرو معائنو ڪيو. مولوي انور حسين ميمڻ به راقم سان گڏ هو. (ليکڪ)

(2) ايضاً، ص 89، 102

(1)  مولوي دين محمد وفائي:  ”لطيف اللطيف“  (سنڌي)، ص 91

(2) ”تحفة الڪرام“  (سنڌي)، ص 242

(3) قاضي محمد اڪرم نصرپوري:  ”اِمعان النظر“  (عربي)، مرتب: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڏسو مقدمو ص 11

(1) ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ، ص 197

(2) ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ، جلد 2، ص 187، 188

(1) مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي:  ”جيلاني سيد سنڌ ۾“  (مقالو،)، ٽماهي  ”الرحيم“  سنڌي، نمبر 2 - 1967ع، ص 20 - 25 (تلخيص)

(2) ”بذل القوهِ“  (عربي) ڏسو مقدمو ص 47

(1) ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ، ص 256، 266

* نوٽ: شڪارپور سنڌ جو تاريخي شهر آهي. ڪنهن وقت هن شهر جو واپار ڪابل ۽ قنڌار تائين هلندڙ هو. شڪارپور شهر کي عالم پناهه ڏنل هئي، جنهن کي اٺ دروازا هئا: 1. لکي در 2. هزاري در 3. هاٿي در 4. خانپوري در 5. ڪرن در 6. واڳڻو در 7. سيوي در ۽ 8. نوشهرو در. (ليکڪ)

(1) ”الوحيد“ ، سنڌ آزاد نمبر ص 36، 37

(2) ڊاڪٽر غلام علي الانا:  ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ ، ص 36

(3) مخدوم عبدالله:  ”ڪنز العبرت“ ، مرتب: علامـھ قاسمي، ڏسو مقدمو ص ح

(1) امداد علي سرائي:  ”قدم ڪاپڙين جا“ ، ص 130

(1) مخدوم عبدالخالق ٺٽوي:  ”مطلوب المومنين“ ، ص 181

(1) مخدوم عبدالخالق جو هڪ ٻيو ڪتاب  ”ميت جي ڇوٽڪاري لاءِ دعا جو رسالو“  جي نالي سان برٽش ميوزيم ۾ موجود آهي. ان جي شروعات هن ريت ٿيل آهي:

ساراهجي سو ڌڻي، جو جياري ۽ ماري.

(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، ص 403)

(2) ايضاً، ص 395

(1) ٽماهي  ”الرحيم“  حيدرآباد سنڌ، نمبر 3 - 4، 1967ع، ص 30

(2) دين محمد وفائي:  ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ، جلد 3، تلخيص 48 - 252

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:  ”درسگاهه چوٽياريون“  (مقالو)، ڏسو ماهوار  ”پيغام“  ڪراچي، آگسٽ - سيپٽمبر 1980ع، ص 13

(2) مخدوم عبدالطيف ٺٽوي:  ”مناقب مخدوم محمد هاشم“  (قلمي فارسي)، ص 2

(1) اسد ٽکڙائي:  ”تذڪره شعراء ٽکڙ“ ، ص 18

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org