14. محمد احسن خان ٺٽوي:
محمد احسن خان وڏي انسانيت ۽ فضيلت جو صاحب هو.
شاهي عهديدار هو. ٺٽي جي جواهر خانن جي خدمت سندس
حوالي هوندي هئي. سن 1185هه ۾ اولاد يادگار ڇڏي
گذاري ويو. سندس نسب جو سلسلو هن ريت آهي: محمد
احسن بن محمد عاقل بن محمد مراد بن شيخ محمد امين
بن مخدوم عثمان بن مخدوم بهاؤالدين بن ميان سڄڻ
صديقي اصل ساڪن اُچ.(1)
محمد احسن ٺٽويءَ جي باري ۾ مير علي شير ”قانع“
ٺٽويءَ جو قول آهي:
محمد احسن ڪلام الله جو حافظ، عربيءَ ۾ تحصيل ڪيل،
درس تدريس ۾ مشغول رهندڙ ۽ حسن اخلاق وارو آهي.
ٺٽي شهر ۾ هر ماڻهو سندس حسن اخلاق جو قائل آهي.
اڳين بزرگن جي طريقي تي هلندڙ، سڀني ماڻهن سان
سلوڪ، تواضع، اخلاص، باطن جي صفائي ۽ دل جي
سچائيءَ سان هلندڙ آهي. جيتوڻيڪ سندس طبيعت شعر
چوڻ ڏانهن مائل ڪانهي، پر ڪڏهن ڪڏهن غزل وغيره
چوندو آهي.(2)
15. مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو:
هيءُ ڀلارو ڪامل بزرگ هو. سندس والد جو نالو
عبداللطيف هو. محمد زمان 21 رمضان المبارڪ 1125هه
تي ڄائو. ننڍپڻ ۾ قرآن مجيد پنهنجي پيءُ وٽ پڙهيو.
فارسي ۽ عربي مولوي محمد صادق نقشبنديءَ وٽ ٺٽي ۾
پڙهيو. طريقت جي سلسلي ۾ خواجه ابوالمساڪين محمد
نقشبنديءَ کان خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. سندس
لقب ”سلطان الاولياء “ مشهور آهي.
مخدوم محمد زمان جو فيض سنڌ، هند ۽ عرب تائين
پهتو. سنڌ جو عظيم صوفي سرتاج شاعر، حضرت شاهه
عبدالطيف ڀٽائي به وٽس زيارت واسطي ويو هو. شاهه
صاحب سندس خادم کي چيو ته خواجه صاحب کي اطلاع
ڪري، ته سيد جي ساڻس ملاقات ٿئي. خواجه صاحب
فرمايو، ته شاهه صاحب کي چئو، ته ٿورو ترسي ته آءٌ
پاڻ سندس استقبال لاءِ اچان ٿو. شاهه صاحب خادم
کان پڇيو، ته ڪهڙو ڪم ٿي ڪيائون. خادم چيو، ته
خاموش ويٺا هئا. شاهه صاحب فرمايو، ته انهيءَ شغل
مان واندو ٿي ڪٿي ٿو اسان ڏانهن اچي، اُٿ ته پاڻ
هلي ملونس. شاهه صاحب، خواجه صاحب جي سامهون اچي
فرمايو ته:
سامي سفر هليا، ڪو پروڙي پنڌ،
جني هيٺانهان ڪنڌ، آءٌ نه جيئندي ان ريءَ!
خواجه صاحب جواب ۾ فرمايو ته:
ڪين آهين ڪين ٿئين، وڃي ڪين ڪماءِ،
لاڳاپا لوڪ جا، لا سين سڀ لهراءِ،
سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
شاهه صاحب ورندي ڏني:
قلم وهي ويو ڪانهن، سرتيون ڪنهن سهاڳ لئي،
انگ اڳي ئي لکيو، اُت نه پهچي ٻانهن،
ڪنهن کي ڏيان دانهن، پرين مون سين هيئن ڪيو.
خواجه صاحب وراڻو ڏنو:
ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنين جي هٿ ۾،
ميٽي انگ اڳيون، واري ٻيو لکن،
پنو سو پاڙهن، جنهن مان پسن پرين کي.
ان کان پوءِ شاهه صاحب پڇيو، ته فنا کان پوءِ ڇا
آهي؟ ان بابت ڪو پتو آهي. پاڻ فرمايائون، ته ان
فنا کان اڳ ۾ ڇا آهي؟ شاهه صاحب اهو جواب ٻڌي
خاموش رهيو ۽ ارادو ڏيکاريائين ته بيعت ڪري. مگر
خواجه صاحب فرمايو، ته اسان نقشبندي طريقي وارن وٽ
راڳ ڳائڻ حرام آهي، سواءِ ڪن خاص حالتن جي. شاهه
صاحب فرمايو، ته مون سڄي ڄمار سرود سماع ۾ صرف ڪئي
آهي، هينئر ان جو ڇڏڻ محال آهي. پوءِ هڪ ٻئي سان
ڪجهه وقت رهاڻ ڪري، شاهه صاحب روانو ٿيو. خواجه
صاحب موڪلائڻ وقت هڪ اجرڪ پاکر شاهه صاحب کي ڏني.
مخدوم محمد زمان ڇنڇر جي ڏينهن 4 ذوالحج سن 1188هه
تي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان 14 سال پوءِ وفات
ڪئي. سندس وفات جو سال قرآني آيت ”رضي لھ قولاً“
مان نڪري ٿو. سندس جاءِ نشين لائق فرزند گل محمد
مسند نشين ٿيو.(1)
مخدوم محمد زمان شاعر به هو. سندس شعر جو نمونو
هيءُ آهي:
صاحب سيد خلقيو، جڏهن جاءِ نه ماءِ،
’ليس کمثلھ شيءُ’، حسن حد نه ڪاءِ،
نڪو وصل وچ ۾، نه ڪو وچ وچا،
ظاهر ڏٺائين ذات ۾، صورت سنديس شاهه،
سرور ڪئو سجدو، آڻي ايمانا،
’المومن مراة المومن’، لوڪا ڳال لڪاءِ،
ڪنجون قرف ٿئا، همه هٿ حبيب جي.
16. مخدوم عبدالرحيم گوهوڙي:
حضرت گرهوڙي صاحب ظاهري خواه باطني علوم جو جامع
هو. مجاهد ۽ مناظر اسلام هو. کيس مطالعي جو تمام
گهڻو شوق هوندو هو. ڊاڪٽر دائودپوٽي جو خيال آهي،
ته گرهوڙي صاحب جو جنم سن 1152هه ۾ خيرپور رياست
جي شهر ”راڻي پور“ ۾ ٿيو.(1)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب گرهوڙي صاحب
کپري تعلقي جي ڳوٺ ”واڙ“ ۾ ڄائو هو ۽ مڱرين جي
”موسيجا“ پاڙي مان هو.(2)
گرهوڙي صاحب جي والد جو نالو سعدالله هو. ديني علم
مخدوم محمد هاشم جي همعصر ۽ چوٽيارين جي بزرگ ميين
محمد مبين ڪيرئي کان حاصل ڪيائين. تصوف جي نقشبندي
سلسلي ۾، لنواري واري بزرگ سلطان الاولياء مخدوم
محمد زمان کان بيعت ڪئي هئائين. پاڻ هميشه دين
اسلام جي خدمت ۾ مصروف رهندو هو. آخري وقت ۾ هڪ
هندو جوڳيءَ سان جهاد ڪندي شهيد ٿيو. اهو واقعو سن
1192هه ۾ ٿيو. سندس وفات جو سال ”بحق خلوت گزيده“
مان نڪري ٿو. گرهوڙي صاحب مصنف ۽ شاعر به هو. سندس
هيٺيان ڪتاب يادگار آهن:
- فتح الفضل
- شرح ابيات سنڌي
- گل نما (فارسي)
- مڪتوبات (فارسي)
- مجموعه رسائل (سنڌي). هن مجموعي ۾ ڪـُـل ٻارنهن
رسالا آهن، جي فقھ ، تصوف ۽ اخلاقيات جي موضوع تي
آهن.
گرهوڙي صاحب جي ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڪنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال،
حاصل جنين حال، آءٌ نه جيئندي ان ري.
***
لوڪ لهوارو لڏيو، اوڀر آديسين،
سڄڻ سـَـيـُـون ڪن، لوڪ ليکي ونگويون،
***
لنءُ تهين سين لاءِ، جنهن لنءُ لڳي لعل ٿئين،
ٻي سين لنءُ م لاءِ، متان ڪس لڳي ڪارو ٿئين.
17. ميون محمد مبين چوٽياري:
هيءُ ڀلارو بزرگ، وڏو عالم ۽ مخدوم صاحب جو همعصر
هو ۽ ٺٽي ۾ پڙهيو به هيو. ميون محمد مبين ڪيريو
ساند پوره ٿرائي چوٽياروي (درسگاهه چوٽياري جو
باني) هو. سندس شجرو هن ريت آهي: ميون محمد مبين
بن مجاهد بن اوڀايو عرف جاهد بن زفر خيرالدين بن
صاحب.
محمد مبين جي ولادت اندازاً سن 1100-1110هه ڌاري
چوٽياري جي ماڳ تي ٿي. ميون ٺٽي ۾ پڙهيو. ان وقت
چوٽيارين کان ٺٽي ڏانهن واٽ نصرپور وٽان هئي. ميون
نصرپور وٽان لنگهندو هو ۽ مبين شاهه عنات رضويءَ
وٽ به ويندو هو. ميون اندازاً 40-1135هه واري عرصي
۾ ٺٽي مان تعليم پوري ڪري، موٽي اچي پنهنجي ماڳ
چوٽياري ۾ رهيو. درسگاهه چوٽياريءَ جو بنياد
رکيائين ۽ شادي ڪيائين ۽ اولاد وارو به ٿيو. ميون
مبين چوٽيارين ۾ لڳ ڀڳ پنجاهه سال درسگاهه ۾ ديني
تعليم ڏيندو رهيو. سندس وفات تاريخ 5 محرم سن
1196هه ۾ ٿي، يعني مخدوم صاحب جي وفات کان 22 سال
کن بعد ۾. کيس موجوده ڳوٺ چوٽياري جي مقام ۾ دفن
ڪيو ويو، جتي سندس مزار زيارت گاهه آهي. سندس وفات
جي سال جو تاريخي مادو هيٺين عبارتن مان نڪري ٿو:
عامل مخلص امين محمد مبين... 1196هه
استقامھ محمد مبين... ... .... 1196هه
ميون مبين علم سان گڏ حلم جي گڻ سان به سينگاريل
هو. نهايت نوڙت ۽ تواضع وارو بزرگ هو. پنهنجو نالو
هميشه ”مسڪين محمد مبين“ ڪري لکندو هو. کيس عربي
توڙي فارسيءَ تي دسترس هئي. فقھ ۾ سندس مطالعو
وسيع هو. فقھ حنفيءَ کان سواءِ ٻين فقهن کان به
باخبر هو. عربي گرامر تي به عبور حاصل هوس. سندس
شاگرد ته گهڻا هئا، پر انهن مان مشهور مخدوم
عبدالرحيم گرهوڙي آهي، جيڪو هڪ ئي رانجهو لکن جو
مـَـٽُ هو. چوٽيارين جي ڪتبخاني ۾ مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جو بياض، گرهوڙي صاحب جي هٿن جو لکيل اڃا
تائين موجود آهي.
ميون محمد مبين ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي همعصر هئا.
غالباً ساڳين استادن وٽ پڙهيا ۽ ساڳئي وقت
دستاربندي به ڪيائون. ٻنهي جي هڪ ٻئي سان خط و
ڪتابت هئي. ميون محمد مبين، مخدوم صاحب ڏانهن فقهي
مسئلن ۽ ڪتابن گهرائڻ بابت خط لکندو رهندو هو.
ميين مبين پنهنجي ڀائٽي عزت الله کي هڪ خط ڏنو،
جنهن ۾ مخدوم صاحب کان ڪن فقهي مسئلن جا جواب ۽
ڪتاب ”برهان“ جي طلب ڪيل آهي. مخدوم صاحب ان خط جو
جواب، عزت ۽ احترام جي لقبن سان ڏنو آهي. ميين
مبين ڏانهن مخدوم صاحب جي لکيل خط جو نچوڙ هن ريت
آهي:
”سائين منهنجا! اوهان وڏي عنايت فرمائي جيڪي
مسئلا مون ڏي لکيا، مون انهن جا جواب ائين لکيا
جيئن منهنجي ناقص ذهن ۾ آيا... اسان وٽ ڪتاب
”البـُـرهان“ جو فقط ٻيو جلد موجود آهي، مگر قلمي
لکيل نسخو ايترو ته ضعيف آهي، جو اوهان تائين
اُڌاري طور اماڻڻ ممڪن ناهي. البت جيڪڏهن هت ان کي
لکايو، ته اهو اسان لاءِ ڌڻيءَ جي فضل سان سولو
ٿيندو.“
(1)
18. سيد محمد بقا شاهه شهيد:
سيد محمد بقا شاهه، سنڌ ۾ راشدي خاندان جو باني،
سيد علي مڪيءَ جي اولاد مان ٻارهين صدي هجريءَ جو
مشهور بزرگ آهي. هيءُ سيد سڳورو وڏو ڪامل ولي هو.(1)
سندس ولادت جو شرف رسول پور عرف ننڍي سائدي کي
مليو، جتي 1 شعبان المعظم 1135هه تي تولد ٿيو.
سندس روحاني نسبت سيد عبدالقادر حسني جيلاني ثاني
۽ حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ واري بزرگ
سان هئي. هيءُ سيد سڳورو سموري زندگي حق ۽ هدايت
جو پيغام پهچائيندو رهيو.(2)
63 ورهين جي ڄمار ۾، واٽ ويندي ڪن چورن کيس مٿي تي
ڪتابن جي ڀري ڏسي، ملڪيت سمجهي، ڀـُـل کان شهيد
ڪري وڌو، سندس شهادت سن 1198هه ۾ ٿي ۽ کيس شيخ طيب
جي ڳوٺ ۾ دفن ڪيائون. سندس وفات جي قطعه تاريخ هن
ريت آهي:
چو سيد محمد بقا شد شهيد،
حلاوت ز رحمت الاهي چشيد.
بسي بود نافع بهر خاص و عام،
کزو زود طالب خدا شد رسيد.
خرد سال تاريخ او در دلم،
بگفتا بدرجھ شهادت رسيد.
1198هه
پاڻ سنڌي شعر به چيو اٿائين. سندس شعر جو نمونو
هتي ڏجي ٿو:
سڄڻ ڪه سارئين، آءٌ ساريان صحي،
اديون آريجن جا، پڇان روز پهي،
ويندي ڪيچ ڪهي، جيئنديس ڪين جتن ري.
***
جي ڪهان ته ڪوڪ نه نڪري، صبر آءٌ نه سهان،
اکيون لايو پـِـر کي ، ويٺي سـُـور سهان،
ڪنهن کي ڪين چوان، ته ڪنهن پر اُڪنڊي آهيان.(1)
وفات کان پوءِ سندس فرزند سيد محمد راشد ”روضي
ڌڻي“ هدايت ۽ رشد جي مسند تي ويٺو ۽ فيض عام ڪرڻ
لڳو. هن وقت تائين سندس نالي ”راشدي“ سيد مشهور
آهن. موجوده پير صاحب پاڳارو شاهه مرادن شاهه،
راشدي خاندان ۽ گاديءَ جو چشم و چراغ آهي.
19. مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي:
هن باب ۾ هڪ اهڙي بزرگ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جنهن
جو واسطو خود مخدوم صاحب جي دور ۽ شهر سان آهي.
اهو آهي مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي. هن شخصيت جي ڪري
اڄ اسين ڪلهوڙن جي دور جي سنڌ جي تمدني، سياسي ۽
ادبي تاريخ معلوم ڪرڻ جا اهل ٿيا آهيون. مير علي
شير جو تعلق ٺٽي جي شڪر الاهي سادات سان آهي. سن
1140هه/1727ع ۾ ڄائو ۽ سن 1203هه/1788ع ۾ ٺٽي ۾
وفات ڪيائن. مير ”قانع“ ڪجهه وقت ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي جي درٻار ۾ سرڪاري مؤرخ پڻ ٿي رهيو، ليڪن
هيءُ عهدو سندس طبيعت جي خلاف هو. ان ڪري نوڪري
ڇڏي اچي ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول ٿيو. هڪ دفعو
سير سفر لاءِ سنڌ کان ٻاهر سورت ويو ٿو ڏسجي. باقي
سڄي زندگي سنڌ ۾ گذاريائين. اڪثر بيشتر ڪلهوڙن جي
سرڪاري مرڪزن، جهڙوڪ: خداآباد، محمد آباد، مراد
آباد ۾ پڻ نظر اچي ٿو.
مير ”قانع“ جملي 42 ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا، جن
مان اڪثر ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ تذڪري سان تعلق رکڻ
ڪري پوءِ جي عالمن لاءِ تحقيق جو بنيادي ذريعو
بنيا. ”قانع“ جي لکيل ڪتابن جي لسٽ هيءَ آهي:
1. ديوان علي شير
2. مثنوي شمئه از قدر حق
3. مثنوي قضا و قدر
4. نو آئين خيالات
5. مثنوي قصئه کامروپ
6. ديوان فال غم
7. ساقي نامه
8. واقعات حضرت شاهه
9. چهار منزلھ
10. تزويج نامئه حسن و عشق
11. اشعار متفرقه
12. صنايع و تاريخ
13. بوستان بهار
14. مقالات الشعراء
15. تاريخ عباسيه
16. تحفة الڪرام
17. اعلانِ غم
18. زبدة المناقب
19. مختارنامه
20. نصاب البلغاء
21. مثنوي ختم السلوک
22. طومار سلاسل گزيده
23. شجره اطهر اهلبيت
24. معيار سالڪانِ طريقت
25. روضة الانبياء
26. زينت الاخلاق
27. غوثيه
28. نصاب نامه
29. ميزان الافڪار
30. تهذيب طباع
31. سرفراز نامه
32. حديقة البلغاء
33. مثنوي ڪان جواهر
34. ميزان فارسي
35. رساله معما مع شرح
36. بياض محڪ الشعراء
37. ديوان اشعار
38. قصائد و منقبت
39. انشاي قانع
40 ۽ 41 ......... (نامعلوم)
42. لب تاريخ ڪلهوڙه(1)
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ متعلق سڀ کان پهريون ڪتابي
احوال پڻ مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب
”مقالات الشعراء “ ۾ آندو آهي. ياد رهي ته مير
”قانع“ ، مخدوم صاحب جي وفات کان چند ڏينهن اڳ
هيءُ لاثاني تذڪرو ”مقالات الشعراء “ لکي پورو ڪيو
هو. مخدوم صاحب جي وفات کان ست سال پوءِ، هن ”تحفة
الڪرام“ لکي پورو ڪيو، جنهن ۾ پڻ مخدوم صاحب بابت
قدري تفصيلي احوال آيل آهي. بهرحال، مير علي شير
”قانع“ ٺٽوي، مخدوم صاحب جي دور ۽ شهر جو اکين ڏٺو
شاهد هو.
20. مخدوم روح الله بکري:
هيءُ ڀلارو جامع علوم منقول و معقول، حاوي معالم
فروع و اصول، پنهنجي زماني ۾ صلاحيت ۽ تقويٰ سان
مشهور و معروف هو. سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد
ڪلهوڙو سندس بيحد معتقد هو. کانئس دعا گهرائڻ جو
هميشه احتياج ڏيکاريندو هو.
مير ”قانع“ ٺٽوي لکي ٿو:
”مون کي مخدوم روح الله سان سن 1166هه ۾ محمد
آباد م ملاقات ٿي، جو اتي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي
دعا ڪرڻ لاءِ تشريف فرما ٿيا هئا.“
(1)
مخدوم روح الله جي صوفي شاهه عنايت الله (شهادت
1130هه) سان پس غائبانه محبت هئي. شاهه عنايت الله
جو هڪ فارسي خط مخدوم روح الله جي نالي لکيل محفوظ
آهي، جنهن ۾ سندن محبت ۽ عقيدت ظاهر ٿئي ٿي. مخدوم
روح الله جي وفات ٻارهين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ ۾
ٿي.(2)
21. مولوي محمد حسين:
مولوي محمد حسين، مخدوم صاحب جو همعصر هو. سن
1177هه/1763ع ۾ فارسي ڪتاب ”قصص النبياء “ جو
”سيرِ بـُـستان“ جي نالي سان سنڌي نظم ۾ ترجمو
ڪيائين.(1)
22. مخدوم محمد مقيم ٻيلائي:
مخدوم محمد مقيم، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو همعصر
ٻارهين صدي هجريءَ جي عارفن مان آهي. محمد مقيم
ولد مخدوم ميان سعد الله قادري (سنڌي لاڙي) اصل
ديهه ”لڪڙيءَ“ جو ويٺل آهي، جا بٺوريءَ پرڳڻي ۾
هئي. محمد مقيم ٺٽي ۾ علوم حاصل ڪري، ان کان پوءِ
ٺٽي جي مشهور عارف ڪامل، خواجه ابوالقاسم
نقشبنديءَ کان بيعت وٺي، تصوف جي منزل طي ڪري،
ڪماليت جو صاحب ٿيو. ٺٽي مان علم پرائي، فيض حاصل
ڪري اچي ڳوٺ ٻيله سيد يعقوب شاهه ۾ مقيم ٿيو. سندس
والد وڏو پرهيزگار ۽ تقويٰ جو صاحب هو.
محمد مقيم وڏو عالم، واعظ ۽ صاحب ڪرامت حضوري بزرگ
هو. کيس غيب مان روزينو ملندو هو. جوانيءَ جي
زماني ۾ هميشه جمعي جي ڏينهن حديث جو ڪتاب کولي
عام ماڻهن کي وعظ ڪندو هو، پر پوئين دور ۾ ماڻهن
جي بي توجهيءَ ڪري وعظ ڪرڻ بنهه بند ڪري ڇڏيائين.
سندس وفات جي تاريخ معلوم ڪانهي، پر مولانا دين
محمد وفائيءَ کيس ٻارهين صدي هجريءَ جي مشاهيرن ۾
شمار ڪيو آهي.
مولانا دين محمد وفائيءَ لکي ٿو:
”ٺٽي جي شهر ۾ ڪنهن هندوءَ، پيغمبرِ خدا
ﷺ جي صحابين سڳورن کي گاريون ڏنيون، جنهن تي ڏاڍو شور مچي ويو.
مخدوم محمد هاشم جو زمانو هو. هن صاحب هندوءَ کي
قتل ڪرائڻ جي فتويٰ ڏني ۽ هوڏانهن مخدوم صاحب جو
همعصر وڏو عالم مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي ۽ ٺٽي جا
ٻيا علماءَ، هندوءَ کي تعزير ڏيڻ جي راءِ ڏنائون.
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت هئي. مخدوم محمد
هاشم جيڪا قتل جي فتويٰ ڏني هئي، حاڪم ان موجب حڪم
جاري ڪيو ۽ ٻئي ڪنهن به عالم کان ڪجهه پڇيائين به
ڪونه.
مخدوم ضياءُ الدين جو هڪ وڏو نامور عالم هو، تنهن
کي انهيءَ واقعي جو ڏاڍو افسوس ٿيو ته وقت جي حاڪم
اسان کان ڇو نه پڇيو؟ انهيءَ تشويش دور ڪرڻ جي
ارادي سان لڪڙي جي ڳوٺ مخدوم محمد مقيم وٽ لنگهي
آيو. کيس سموري ماجرا ٻڌائيندي چيو ته حاڪم اسان
کان ڇو نه پڇيو؟ فقط مخدوم محمد هاشم جي چوڻ تي
هندوءَ کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. هوڏانهن شريعت موجب
ان کي فقط تعزير ڏيڻو هو. هاڻي اوهان هن مسئلي جي
حق يا ناحق جو فرق حضور رسول
ﷺ جن کان سمجهي، پوءِ اسان کي ٻڌايو ته سچ ڇا آهي؟
مخدوم مقيم چيو ته حاضر، ان شاء الله سڀاڻي اوهان
کي جواب ڏيندس. جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو ته مخدوم ضياءُ
الدين کي چيائين ته حضور رسول الله
ﷺ
جن فرمايو ته، ”ڌيءَ کي مارجي، ته نـُـنهن اک
رکي.“ ازانسواءِ، حضور رسول الله
ﷺ
جن اوهان تي گناهه جي چٽي رکي آهي. جنهن تي گناهه
لاهڻ لاءِ مخدوم ضياءُ الدين فقيرن کي کاڌو
کارايو، مگر گناهه معاف نه ٿيو. ان کان پوءِ ٻئي
دفعي ڪفارو ڏنو يعني کاڌو کارايو، پر اڃا به ٽئين
دفعي جو حڪم ٿيو، جنهن کان پوءِ مخدوم محمد مقيم
فرمايو، ته هاڻي گناهه معاف ٿي ويو.“
(1)
23. مولانا عبدالرزاق:
مولانا عبدالرزاق ۽ علي اڪبر (مصنف: حصن الاموال)
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا همعصر هئا.(2)
مولانا عبدالرزاق جو قديم سنڌيءَ ۾ ”ميت جو
وقت وارڻ“ بابت هڪ رسالو مشهور آهي.
”ميت جو وقت وارڻ“ هڪ اصطلاح آهي، جو ڪن سنڌي
فقيهن، فقهي اصطلاح ”اسقاط“ جي مطلب کي سنڌيءَ ۾
ظاهر ڪرڻ لاءِ واضح ڪيو آهي. اسقاط جو مطلب آهي،
ڪن شرعي ذميدارين جي ادائگيءَ ۾ رهجي ويل ڪوتاهين
جو ڪنهن حيلي سان پورائو ڪرڻ. هن رسالي ۾ هن قسم
جي حيلي ڪرڻ جو طريقو سيکاريو ويو آهي. مؤلف، ميت
جي نمازن ۽ روزن وغيره جو فديو ڪٿڻ وقت پنهنجو
نالو ۽ ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ هنن لفظن ۾
ڄاڻايا آهن:
عاصي عبدالرزاق کي ايءَ آئي منجهه پروجا
ڪيم تحقيق تنهن جو توري ٽڪن ساڻ
ويهين ماه ذي القعد جي ستهٺين سالا
اڪارهين سئن مٿي ٿيا ڪنا هجرت حبيبا.
مصنف هيءُ رسالو 20 ذوالقعد 1167هه تي لکي پورو
ڪيو. پر عبدالرزاق ڪير هو؟ اهو معلوم ٿي نه سگهيو
آهي. البت، وقت وارڻ جي فديي معين ڪرڻ لاءِ جا
تحقيق ڪئي ويئي آهي، ان ۾ شهدادپوري، روپاهي ۽
ساندڪن جي ماڻهن جا نالا ورتا ويا آهن، جنهن مان
گمان پيدا ٿئي ٿو ته مؤلف شهدادپور کان روپاهه
تائين وچئين لاڙ جو رهندڙ هو.
سنڌ جا اڪثر فقيھ هن راءِ (اسقاط) جي تائيد ڪندڙ
آهن ۽ سنڌي ڪتابن ۾ ڪيترن ئي اهڙن حيلن جو ذڪر ڪيل
آهي. مخدوم محمد هاشم ٺتويءَ به ميت جي وقت وارڻ
لاءِ حيلي متعلق هڪ فارسي رسالو لکيو آهي، جنهن ۾
اهڙي حيلي ڪرڻ کي درست قرار ڏنو اٿس. ان رسالي جو
نالو ”فتح الکلام في کيفية اسقاط الصلواة والصيام“
آهي.(1)
مولانا عبدالرزاق جي باري ۾ مير علي شير ”قانع“
ٺٽوي صرف ايترو لکي ٿو:
”عبدالرزاق، محمد قيوم جو فرزند آهي، جيڪو مشهور
معرفت ماڻهو هو. عبدالرزاق ۽ سندس ٻه پٽ ميان محمد
۽ محمد حفيظ، سورت بندر ۾ گذاري ويا.“
(2)
24. علي اڪبر:
علي اڪبر، مخدوم صاحب جو همعصر غالباً ٺٽي جي
آسپاس لاڙ پٽ جو رهاڪو هو. سندس سنڌي ٻولي ۾ ”حصن
الاموال“ نالي هڪ ننڍڙو رسالو لکيل ۽ مشهور آهي.
هن رسالي ۾ زڪواة، خراج، عشر ۽ صدقة الفطر وغيره
جا مسئلا بيان ٿيل آهن. هيءُ رسالو ذوالـحج 1162هه
جو لکيل آهي. فطري ۽ زڪواة جا احڪام بيان ڪندي،
مصنف ٺٽي جي مروج ماڻن جو ذڪر ڪيو آهي. ان مان
ظاهر آهي ته مصنف ٺٽي جي انتظامي حدن جو رهندڙ هو.(3)
علي اڪبر جي باري ۾ ”تحفة الڪرام“ وارو صاحب لکي
ٿو:
”علي اڪبر بن ميان محمد حافظ بن مخدوم بايزيد.
ميان علي اڪبر پيءُ جي جاءِ تي ويهي نالو ڪڍيو ۽
حياتيءَ جو عرصو پورو ڪري گذاري ويو. اولاد ڪونه
ڇڏيائين.“
(4)
25. مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي:
مخدوم محمد ابراهيم، هالن پراڻن جي ڀٽي خاندان جي
بزرگن مان هو ۽ مخدوم عبدالرؤف جو سڳو ڀاءُ هو.
هيءُ شريعت جو صاحب هو. ان وقت مذهبي مسئلا، جي
عربي ۽ فارسيءَ ۾ ئي هوندا هئا، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ
جو چاهه ۽ ذوق سنڌ جي علمائن ۾ گهڻي قدر هو. مخدوم
ابراهيم به پراڻي سنڌي نظم ۾ هڪ ڪتاب لکيو آهي،
جنهن جو نالو آهي: ”مخدوم ابراهيم جي سنڌي“
مخدوم صاحب پنهنجي سنڌيءَ ۾ اهي 350 ضروري مسئلا
لکيا آهن، جن جي ڄاڻ هر مسلمان لاءِ ضروري آهي.
مخدوم ابراهيم جي سنڌيءَ ۾ سندس همعصر علمائن جي
تصنيفات وارو ڏوهيڙو ڪم آيل آهي. هن ڏوهيڙن جي
ترتيب اها ساڳي رکي آهي، جهڙي مخدوم محمد هاشم جي
ڪتاب ”زادالفقير“ جي ترتيب آهي.(1)
مخدوم ابراهيم، سنڌي ٻوليءَ ۾ موزون شاعريءَ جي
ابتدا ڪندڙ ۽ نعت گو شاعر، مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ
جو ننڍو ڀاءُ هو. سندس ولادت سن 1102هه/1690ع ۾
ٿي. ان حساب سان هو مخدوم محمد هاشم جو همعصر ۽
عمر ۾ ان کان ٻه سال وڏو هو.(2)
مخدوم ابراهيم غالباً ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ کان
متاثر ٿي، پنهنجي علائقي وچولي سنڌ هالا طرف ديني
مسئلن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ تبليغ خاطر منظوم ڪيو.
26. محمد پناهه ”رجا“ ٺٽوي:
هينئر مخدوم صاحب جي انهن همعصر ۽ واقفيت وارن
شاعرن جو ذڪر آهي، جن مخدوم صاحب جي وفات تي فارسي
زبان ۾ قطعه تاريخ چيا، جن مان مخدوم صاحب جي وفات
جو سن 1174هه نڪري ٿو. انهن ۾ پهريون ٺٽي جو مشهور
شاعر محمد پناهه ”رجا“ ٺٽوي آهي.
محمد پناهه جو تخلص ”رجا“ آهي. شعر ۾ ابوتراب ڪامل
جو شاگرد هو. طبيعت جي لطف ۽ فڪر جي جدت جي ڪري
شعر ۾ سهڻا نڪتا ڳولي ڪڍندڙ، تاريخ ڪڍڻ ۾ عجيب فڪر
جو ڌڻي، نمڪين ماڻهو ۽ مجلس جو مور آهي. فقيرن ۽
الله وارن سان عقيدت رکندڙ آهي. ٺٽي جي اندر شاعرن
۾ غنيمت آهي. سنڌ جي وزير مير لطف الله عرف مير
متاري وٽ عزت جي زندگي گذاريائين. شاهه عبداللطيف
جو بيحد معتقد هو. هن جو فارسي ڪلام ”مقالات
الشعراء “ ۾ گهڻو آيل آهي.(1)
27. غلام علي ”مداح“ ٺٽوي:
غلام علي ”مداح“ ٺٽوي، ٺٽي جي مشهور شاعر محمد
محسن جو پٽ هو. سندس ولادت سن 1145هه ۾ ٿي. سندس
پيءُ ”محسن“ ٺٽويءَ هڪ سجع تيار ڪئي، جنهن مان
سندس پٽ جو نالو ۽ تاريخ ولادت حاصل ٿئي ٿي:
غلام علي بي بدل يافتم = 1145هه
”مداح“ خوش فڪر، رنگين طبع ۽ سخن جي مشق سان گڏ
عربي علم ۾ به ڀرپور ڪوشش ڪئي. شعر و شاعريءَ ۾
مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ سان صحبتون رهيس. پيءُ
جي وفات کان پوءِ، پنهنجي پيءُ جي نالي کي شاعريءَ
جي ذريعي زنده رکيو اچي.(1)
”مداح“ گهڻو ڪري ميان سرفراز خان ڪلهوڙي وٽ سندس
صاحبزادگيءَ جي زماني ۾ رهندو هو ۽ سندس شاعريءَ ۽
ٻين علمن ۾ استاد هو. سندس ڪماليت جو اندازو
هيٺئين تاريخي قطعي مان ڪري سگهجي ٿو، جيڪو سيد
نجم الدين محي الدين ثاني ڪشميريءَ جي فرزند نصير
الدين ابوبڪر جي ولادت تي لکيو اٿس. ”مداح“ پنهنجي
شاعرانه طبع آزمائي ۽ قابليت جو جوهر ڏيکاريندي،
هيٺين چئن خانن جي دائري ۾ ٻه بيت لکيا آهن، جن کي
جتان به هيٺان مٿان، اُبتو سبتو پڙهيو وڃي، ته وزن
۽ شعر به پورو بيهندو ۽ ماده تاريخ به هر پهلو کان
حاصل ٿيندو. اهو ٻن شعرن وارو دائرو هيءُ آهي:
اقدم و اعلم
فائق نامي
نيک بهادر
اعـــبــــــد اطــــــــــــــهـــر |
اوثق عادل
واصل اقدس
نافع کامل
حـــــــاکـــــم اکــبر |
عاقل اکمل
مدرک واطيب
سيد وارجع
اصــــــــدق اوفــــي |
پر دل دانا
ازهمھ والا
موقن اعطي
مــنعـم
و مــولي |
|
|
|
”مداح“ جون نظمون، نعتون، قصيدا ۽ غزليات بي شمار
آهن. سندس وفات جي تاريخ معلوم ڪانهي. پر مير علي
شير ”قانع“ ٺٽويءَ جي تصنيف ”تحفة الڪرام“ جي لکجڻ
(1182هه) تائين به زنده هو.(1)
28. محمد رفيع ٺٽوي:
محمد رفيع پنهنجي حياتي جهان آباد ۾ گذاري، خانيءَ
جي خطاب جو شرف حاصل ڪيو. احمد شاهه جي ڳڙٻڙ کان
پوءِ راجپوتانه ۾ رهڻ لڳو. وري وڪيل جي حيثيت ۾
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ ٿورو عرصو ٺٽي ۾
رهيو ۽ واپس موٽيو. نيٺ ٻيهر ٺٽي ۾ اچي سڪونت
اختيار ڪيائين. هيءُ تقويٰ ۽ فضيلت جي زيور سان
سينگاريل، مفتيءَ واري عهدي تي ڀاءُ جو جانشين
آهي.(1)
29. مرزا غلام علي بيگ ٺٽوي:
مرزا غلام علي ”مومن“ ، الله وردي بيگ گاذرونيءَ
جو پوٽو، هڪ لياقت ۽ انسانيت ڀريو نوجوان ۽ تازو
شاعر آهي. شيخ قمرالدين جي خدمت ۾ بادشاهي لشڪر ۾
رهندو هو. هاڻي سنڌ جي والي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي
جي حاضريءَ جو خاص خدمتگار آهي.(2)
30. محمد رحيم ٺٽوي:
محمد رحيم ٺٽوي شاعر آهي. سندس اڪثر شاعري هجو ۽
هزل جي طرز واري آهي. شايد ان کان سواءِ ٻي شاعري
به چيل اٿس.(3)
-------
”تحفة الڪرام“ (سنڌي)، ص 599
|