باب ستون
مخدوم صاحب بحيثيت شاعر
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ
جو وڏو ماهر ۽ شاعر هو. سندس سوين ڪتاب ان جو ثبوت
آهن. انهن ڪتابن مان اڪثر عربي ۽ فارسي نثر ۾ آهن.
جيئن ته مخدوم صاحب وڏو نثري مصنف هو، ان ڪري هن
شاعريءَ ڏانهن گهٽ توجهه ۽ گهٽ وقت ڏنو. ليڪن،
پوءِ به خوش - قسميءَ سان سندس عربي، فارسي ۽ سنڌي
شعر موجود آهي. البت، مخدوم صاحب جو سنڌي ٻوليءَ ۾
گهڻو شعري مواد موجود آهي.
(الف) عربي شاعري:
مخدوم صاحب کي عربي زبان تي ڪامل عبور حاصل هو. هن
نثر سان گڏ عربي نظم ۾ به قلم هلايو. شاعري دراصل
دلي جذبن جو اظهار ۽ اندر جو اڌمو آهي. مخدوم صاحب
عاشق رسول
ﷺ
هو. ان ڪري غالباً سفر حرمين دوران روضئه رسول تي
حاضريءَ وقت عربيءَ ۾ عقيدت جو اظهار ڪيو.
مخدوم صاحب جي هن وقت تائين جيڪا عربي شاعري
دستياب ٿي آهي، اهو ڪو وڏو دفتر ته ڪونهي، البت،
ٻنهي جهانن جي سردار نبي
ﷺ
جي محبت ۽ شان ۾ چند قصائد محفوظ رهيا آهن.
1. مخدوم صاحب ”قوت العاشقين“ نالي هڪ ڪتاب لکيو
آهي، جنهن جي پهرئين حصي ۾ ”قصيده برده“ جي تتبع
تي عربي قصيدو آڻي ۽ ان جو سنڌي نظم ۾ شرح به لکيو
آهي. هن عربي قصيدي ۾ 41 شعر آهن. اهو عربي قصيدو
۽ ان جو سنڌي ترجمو ۽ شرح پڙهڻ سان دل کي سرور ملي
ٿو. عشقِ رسول جو درياءُ موجزن ٿئي ٿو. هن قصيدي ۾
رسول الله
ﷺ
کي پڪارون ڪيل آهن.
2. مخدوم صاحب جو حضور
ﷺ جن جي شان ۾ مختصر عربي قصيدن جو مجموعو ”ثمانيـةِ قصائد صغار
في مدح النبي
ﷺ “ موجود آهي، جنهن ۾ اٺن مان اسان کي ڇهه عربي قصيدا دستياب
ٿي سگهيا آهن. جن جو تفصيلي ذڪر ۽ تعارف ڪتابن
واري باب ۾ درج آهي. هيءَ عربي شاعري به عشقِ رسول
جي رنگ ۾ رڱيل آهي.
مخدوم صاحب جي عربي شاعري جيتوڻيڪ ٿوري موجود آهي،
پر اها عربي شاعري نهايت پڪي پختي، قافيي، رديف ۽
لفظن جي جڙاوت سان سينگاريل آهي. عربي ٻولي ميٺاج
واري، سليس ۽ وڻندڙ استعمال ٿيل آهي، جنهن مان
عربي ٻولي ۽ شاعريءَ تي سندس مهارت جو پتو پوي ٿو.
تازو مولوي معروف مٽيارويءَ جي ڪتبخاني مان مخدوم
صاحب جو هڪ ڪتاب ”ڪفايـةِ القاري“ دستياب ٿيو
آهي. اسان جي سامهون اڳ ۾ مخدوم صاحب جي عربي
شاعريءَ جا چند قصيدا موجود هئا، پر خوش قسمتيءَ
سان هيءُ نئون دستياب ٿيل سڄو رسالو عربي ٻوليءَ ۽
نظم ۾ آهي. هيءُ رسالو علم تجويد بابت جـُـڙيل
آهي. هن ۾ هڪ هزار کن عربي شعر موجود آهن. رسالي
جي شروعات مخدوم صاحب جي نالي سان نظم ۾ هن ريت
آهي:
قال اقل الخلق محمد هاشم،
دام لـھ لطف من الله عاصم.
هن مان ظاهر آهي ته مخدوم صاحب عربي ٻوليءَ جو به
وڏو شاعر هو ۽ علم تجويد جهڙي ڏکئي فن تي به عربي
نظم ۾ سمجهاڻيون ڏنيون اٿس. ممڪن آهي ته سندس ٻيو
عربي شعر جو مواد به اڻ لڀ ۽ گمنام ڪتبخانن ۾
محفوظ هجي!
هيٺ نموني طور مخدوم صاحب جي ڪتاب ”قوت
العاشقين“ تان عربي شعر ترجمي سميت ڏجن ٿا، ته
جيئن مخدم صاحب جي عربي شعر جي رواني ۽ ادبي چاشني
سامهون رهي:
(1) اغني يا رسول الله حانت ندامتي،
اغثني يا حبيب الله قامت قيامتي.
[يا رسول الله! ندامت جو وقت ڀرجي آيو آهي. رَسُ
يا حبيب الله! قيامت قائم ٿي رهي آهي. ]
(2) اغثني يا شفيع المذنبين جميع هم،
تفرقت في داماءِ کثرت شامتي.
[مون رَسُ تون اي شافع گنهگارن جا، جيڪي جيڪي
سمورا ئي صغيرن توڙي ڪبيرن گناهن سان گنهگار آهن،
منهنجي رت ۾ پکڙيل ٿي آهي شامت ڪثرت سان.
]
(3) اغثني مستغيثا، مذنبا متذللا،
ضعيفا نحيفا من وفور و خامتي.
[مون تي پهچ، جو آئون توکي پهچڻ لاءِ پـُـڪاري
رهيو آهيان. هڪڙو گنهگار ذليل ڪيل شخص جو بلڪل
ضعيف نٻل آهي، پنهنجي زياده لڙي پوڻ ڪري هوا جي هر
جهـُـوٽي اڳيان نميو پوي. ]
(4) فطال العمر قد ضيعت في طرب،
و فرط عيش و احتساء مدامة.
[پوءِ عمر ڊگهاري ٿي، پر ساري خوشين ۾ ضايع ٿي ۽
نهايت حد کان زياده عيش ۾ وئي ۽ خسيس هميشگي ۾. ]
(5) عناکب نسيان نسجن عليٰ قلبي،
لذالڪ تاسي النفس کان علامتي.
[منهنجي قلب ۾ ويساري جي ڪوريئڙن ڄارا اُڻي ڇڏيا
آهن، اهوئي سبب آهي جو نفس جي مايوسي ۽ نااميدي
منهنجي علامت آهي.
]
(6) مررت بمعوج الطريق غوايـةِ،
اطعت عدو لا يريد استقامتي.
ُبي عقلي ۽ ضلالت سان ڏنگي راهه تي هليو آهيان ۽
اهڙي دشمن جي اطاعت ڪئي اٿم، جو منهنجي سڌي بيهڻ ۽
بيهارڻ جو ڪوبه ارادو نٿو رکي.
]
(7) توطنت موماة المهالک انما،
سوي جنابڪ يا فياض ليست عصامتي.
[مون اچي وطن بنايو انهن جڳهن کي، جي هلاڪ ڪرڻ
واريون آهن ۽ گرم اُڃ واريون جايون آهن. هاڻي
تحقيق تنهنجي بارگاهه ڌاران مون کي ڪابه بچاءَ جي
ڳلي ۽ پناهه جي جاءِ ڪانه رهي آهي. يا فياض! تون
ئي بچاءِ ۽ پناهه ڏي!
]
(8) اغثني يا غياث المستغيث فانني،
لڪثرت او زاري تکسر قامتي.
[فرياد سڻ اي فرياد ڪندڙ جا فرياد ٻـُـڌي اچڻ
وارا! جو تحقيق ته آئون يا رسول الله
ﷺ گهڻي بار ڏوهن ۽ گناهن ڪري منهنجي بيهڪ ۽ چيلهه ٽٽي پئي آهي.]
(9) فخذ بيدي يا شفيع الخلق انني،
عليٰ شفا جرف هار رايت مقامتي.
[پوءِ مون کي منهنجي هٿ ۾ پڪڙ اي سائين خلق جا
شافع! ڇا لاءِ تحقيق مون ڏٺو آهي ته منهنجو مقام ۽
جڳهه دوزخ جي ڪناري تي پهتل آهي.]
(10) فانت الذي سماک ربي محمداً
واعطاڪ غفرانا و دار المقامـة.
[تون ئي اهو نبي آهين، جنهن کي رب نالو رکيو
تنهنجو محمد
ﷺ
ڪري ۽ توکي عطا ڪيائين غفران گناهن جي معافي ۽
نيڪيون ۽ مقام محمود ۽ مقام شفاعت اسان لاءِ.]
(11) واعطيت کوثراً والشمس والضحيٰ،
و فتحاً مبيناً و نصراً و نور
کرامة.
[” توکي ڪوثر عطا ڪيو ويو ۽ سورة انا اعطيناڪ
الکوثر ۽ والشمس والضحيٰ ۽ فتح انا فتحنا سورة ۾
بيان ٿيل ۽ مددگار سورة اذا جاءَ ۾ آيل ۽ نور
ڪرامت جو.
]
(12) وانت الذي اُوليت قرباً و رفعة،
ونلت منالا فوق کل مکانة.
[ تون اهو آهين جو قرب ۽ بلندي درجات ۽ بلندي
مڪانات ۾ اوليٰ ٿيو آهين ۽ تون اهڙي ڏات کي رسيل
آهين، جا سڀ درجات ۽ مڪان جي مٿان آهي.]
(13) اتيت ببرهان و حجة ساطع،
تبصر عميا في سحام ظلامة.
[آئين تون دليلن سان ۽ مٿاهين حجت سان، جنهن ڪري
انڌا ڏسندڙ ٿيا پنهنجي قسمت ۽ نصيب ۾ جو هو اسان
مان هئا، جن کي دشمن وٽان ئي دليل مليا.]
(14) اضاء بڪ الاکوان من کل جانب،
فيا نورالله نور سحامتي.
[هي ڪـُـن ۽ ڪون جا عالم هر طرف کان تنهنجي نور
کان روشن آهن. پوءِ اي الله جا نـُـور! منهنجي
سواد (ڪاراڻ) کي روشن ڪر!]
(15) فيا مصطفيٰ الکونين و يا خير مرسل،
لعمرڪ لا ادري سواڪ زعامتي.
[پوءِ اي ڪونين جا مصطفيٰ يا اي مرسلن ۾ نيڪ مرسل!
تنهنجي عمر سڳوريءَ جو قسم ته آئون پنهنجو قصو
توکان سواءِ ڄاڻان ئي ڪونه.]
(16) فلولاڪ ما خلقت سبع الطباق ولا،
سبع الجنان و لا ناحت حمامتي.
[جيڪڏهن تون نه هجين ها، ته جيڪر نه خلقيم ست طبقا
آسمانن ۽ زمينن جا ۽ نه ست دوزخ ۽ بهشت ۽ نه ڪي
اها ڳيري ئي منهنجي پـُـڪاريندڙ هجي ها!
]
(17) بخ! لڪ الخير يا طيب طيبـة،
تطيب من تهوي لطيب شمامة.
[اي پاڪ خوشبوءِ وارا! توکي خيرمبارڪ آهي، جو جنهن
شخص به تنهنجي خوشبوءِ سنگهڻ جو ارادو ڪيو، ته اهو
به خوشبوءِ وارو ٿي ويو.
]
(18) و توجت يا فخري بتيجان قربـة،
تقيک هاجرة طلة غمامة.
[اي منهنجا صاحبِ فخر! تو الاهي قرب جو تاج پاتو
آهي ۽ تو تي سخت منجهند جي گرميءَ ۾ ڪڪرن جي ڇانوَ
هميشه مٿان ٿيندي رهي ٿي.
]
(19) جبينک مصباح کواکب زينة،
لال تلا لان عند بسامة.
[تنهنجي پيشاني يا سيدا! روشني ڪندڙ مصباح آهي يا
ستارا جن جو چمڪو وڃي ئي ڪونه. ڄڻ موتي آهن، جي
جڙاءَ وقت چمڪو ڪري رهيا آهن.
]
(20) محبتک يا محبوب قد شغفت قلبي،
فياليت قبري في جوار تهامة.
[اي محبوب! تنهنجي محبت منهنجي قلب ۾ پوريءَ طرح
جڙجي چڪي آهي. پوءِ افسوس! جيڪر قبر منهنجي تهامة
جي آس پاس هجي!
]
(21) فيا فراق رسول فارقني،
ان العيون عيون من مدامع دامة.
[اي رسول الله جا فراق! پوءِ مون کان هاڻي جدا نه
ٿيءُ، ڇاڪاڻ ته اکيون سي اهي اکيون آهن، جي هميشه
ڳوڙهن ڳاڙڻ ڪري هڪ چشمون پاڻي جو ٿيل آهن.
]
(22) اتيتک ارجو يا حبيب بشارهِ،
و يا من لـھ البشريٰ بفوز سلامة.
[يا حبيب! تو وٽ بشارت جي اميد ۾ آيو آهيان ۽ تون
اهو شخص آهين، جنهن کي بشارت فوز سلامتي جي مليل
آهي، ۽ مان به ان مان فوز عظيم (وڏي ڪاميابي) کي
پهچندس.
]
(23) فجودک يا قمقام عم برية ،
فانت الذي تشفي ضرير سقامتي.
[پوءِ تنهنجي سخا عام خلق تي آهي. اي جنهن جو
معاملو الله تعاليٰ جمع ڪيو آهي ۽ ان سان عصبيت
ٻڌي آهي، پوءِ تون اهوئي آهين جنهن سان منهنجي هي
انڌي بيماري شفاياب ٿي سگهي ٿي. ]
(24) ظلمت ظلما کثيراً و کنت ظلوماً،
جهولاً ذهولاً، لا دريت امانتي.
[مون گهڻا ظلم ڪمايا آهن، جو آهيان مظلوم ۽ جهول ۽
عقل ۾ ڪم. پنهنجي مليل امانت جو قدر نه ڄاتم ۽ ان
کي حاصل نه ڪيم.
]
(25) فيا نبي الهاشمي شفاعة،
لـِـهـَـاشـِـم و غريق في بحار
غرامة.
[پوءِ نبي الهاشمي! عرض ڪريان ٿو شفاعت جو، جا ٿئي
مون هاشم نالي واسطي، جو ٻڏل آهي فرضن جي قرض جي
بحرن عميقن ۾.
]
(26) فوا حسرتا! فرطت فيما امرتـھ،
و شمرت ذيلا لا قتران وثامة.
[پوءِ هاءِ افسوس ۽ حسرت! جو ان ۾ جيڪي تو مون کي
امر فرمايو، تنهن ۾ نهايت گهڻو گهٽ وڌ هليو آهيان
۽ ور کڻي هم قرين شيطانن لاءِ بيٺو آهيان گڏ ڪرڻ
لاءِ. ]
(27) عليک صلواة الله يا کوکب الهديٰ،
و يا قمر العرفان شمس شمامة.
[اي نيڪ ستارا هدايتن جا! توتي الله جون صلواتون،
سلام ۽ رحمتون هجن شال! اي غالب ٿيڻ وارا دلين جي
زڪي پردي جي سج تي ٻڪ غلبي جا حاصل ڪندڙ، تو تي
الله جون صلواتون ۽ سلام هجن شال! ]
(28) عليک من الله السلام سلامة،
مادام اهل الخير في دار السلامة.
[توکي الله طرفان سلام ۽ سلامتيون هجن شال!
جيستائين اهل خير جا دارسلامت يعني جنتن ۾ جڳهه
وٺندڙ آهن. ]
(29) سلام عليٰ من سار بالصدق والصفا،
خليفة حق خير اهل الا عانة.
[سلام انهيءَ تي جو هليو هجرت تي صدق ۽ صفائيءَ
سان، جو خليفو مددگارن نبي
ﷺ
جي اهل خير جو حقي واجبي هو.]
(30) رفيق رسول الله في الغار انما،
لـھ الغاية القصويٰ بنيل فخامة،
[حضرت صديق رضي الله عنـھ، رسول الله جن سان وقت
هجرت جي غار ۾ هم شريڪ هو ۽ ان ۾ سندس لاءِ نهايت
وڏو بخشش جو ڀاڱو آهي.]
(31) فلا لسان لنا نحصي فضائلـھ،
فبالرسول لـھ سر الباطنة.
[پوءِ اسان کي زبان ڪانهي، جو ان جا فضائل ڳڻي
شمار ڪري سگهون. پوءِ رسول الله
ﷺ
سان سندن راز هوندو هو. يعني بلڪل گهرو ۽ گهاٽو.
]
(32) و بعد عليٰ بدرِ هوالبحر في العطا،
بـھ عمارة عدل واهتداء ديانة.
[ان بعد اهو چوڏهينءَ جو چنڊ، (حضرت عمر) جو سمنڊ
وانگر عطا ۾ مشهور هو، جنهن جي ڪري عدل جي عمارت ۽
ديانت ۽ هدايت جي عمارت تيار ٿي.
]
(33) اکرم بـھ انـھ معمار مملکة،
و کان لـِـدِين الله مثل دعامة.
[ان جي عزت ڪر، ڇا لاءِ جو اهو اسلام جي مملڪت جو
معمار هو، ۽ پڻ اهو الله جي دين لاءِ مثل هڪ دعوت
ڏيندڙ جي هو.
]
(34) مکارم اخلاق لـھ ليس تحصر،
فان لـھ فضلاً و خير الخزانة.
[هن جي نيڪ اخلاقن ۽ لڇڻن کي ڪوئي ڳاڻيٽو نه آهي،
ڇا لاءِ ته هن لاءِ الاهي فضل آهي ۽ خزانا خير جا
شامل حاصل آهن.
]
(35) کذالڪ عليٰ عثمان ثم عـَـلـِـي
لهم،
جلالة قدر و اعتلاء مکانة.
[اهڙيءَ طرح حضرت عثمان ۽ حضرت علي رضي الله عنهما
آهن. انهن لاءِ به جلالت قدر ۽ مٿانهون مڪان ۽
درجو آهي.]
(36) بنورهما قدبان بنيان حکمة،
بقهرهما خذلان اهل الاهانة.
[سندن ٻنهي جي نور سببان بيشڪ ظاهر ٿيا اڱرين وارا
سـَـنڌ حڪمت جا ۽ انهي ٻنهي جي غلبي ڪري اهل تحقير
۽ اهانت جا، الاهي مدد ۽ نصرت کان محروم ٿيل آهن.
]
(37) فحسبهم شرفا اعطاه خالقهم،
جواهر نور في عقود العمامة.
[پوءِ انهن جي شرف موجب انهي ڏنا سندن خالق جواهر
نور جا پڳ جي عقدن ۾.
]
(38) سلام عليٰ نورين کل منهما،
مجامع احسان و حسن و سامة.
[سلام آهي ٻنهي نورن مان هر هڪڙي تي، جي جامع
احسان ۽ حسن جا جلويدار آهن.
]
(39) و بعد عليٰ باقي الصحابـھ کلهم،
دوام عين و غين وقاف و لامة.
[” انهيءَ بعد باقي ڪل اصحاب تي صلواتون ۽ سلام
تيستائين هميشه هجن، جيستائين ع غ ۽ ق ۽ لام آهي،
يعني جيستائين قلم لوح تي لکي رهيو آهي ۽ سج ڪڪرن
جي اوٽ ۾ هلي رهيو آهي. ]
(40) فمن ذا الذي مدح النبي و آلـھ،
لکن للعشاق ميل الملامة.
[پوءِ اهو ڪير آهي، جو نبي
ﷺ ۽ سندس آل جي مدح ڪري سگهي ٿو؟ ليڪن عاشقن کي اصل لاڙو ئي
ملامت ڏي آهي، تنهن ڪري نٿا مـُـڙن.
]
(41) لفضل رسول الله ليس لـھ حصر،
لسان کل فصيح في قيود سامة.
[بيشڪ، فضل رسول الله جو اهڙو آهي، جنهن جو ڳاڻيٽو
ڪونهي، ڇا لاءِ ته هر هڪ فصاحت واري جي زبان رکيل
قيمت ۾ قيد پيل آهي، يعني خاص انداز کان زياده هلي
نٿي سگهي.
]
(ب) فارسي شاعري
مخدوم صاحب جي دور ۾ فارسي شاعريءَ جو زور هو. سنڌ
اندر سوين فارسي گو شاعر موجود هئا. خود ٺٽي ۾ به
ڪئين صاحبِ ديوان شاعر رهندا هئا. هڪ طرف ڪلهوڙا
حڪمرانن جي اڳين حاڪمن وانگر درٻاري ٻولي فارسي
هئي، ته ٻئي طرف نادري ۽ ابدالي اثر رسوخ به سنڌ ۾
قائم هو. سنڌ ۾ ايران جي شاعرن جي قدرشناسي ۽ آمد
به گهڻي هئي هئي، ان ڪري سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو
چالامان گهڻو وڌيل هو. هن دور ۾ سوين ديسي توڙي
پرديسي فارسي گو شاعر سنڌ ۾ عام جام ڏسجن ٿا، جيڪي
اڪثر وقت بوقت حاڪمن جي ثناخواني ۽ قصيده گوئي
ڪري، پنهنجي پيٽ جي دوزخ جي آگ پيا اُجهائيندا
هئا.
ٻئي طرف ساڳئي دور ۾ مخدوم صاحب خود وقت جي حاڪمن
کي اسلام جي دعوت جو پيغام به پهچايو، پر پاڻ
پنهنجي خالق ۽ مالڪ رب العالمين جي دين اسلام ۽
الله جي رسول
ﷺ
جي شريعت جي ترويج ۽ خدمت ۽ و عظ و نصيحت، درس و
تدريس ۽ تصنيف و تاليف م ايترو ته مشغول رهيو، جو
کيس اهڙي ساراهه جو محتاج نه بنايو. هو فقط شريعت
جي سربلنديءَ لاءِ رات ڏينهن مصروف رهيو. قال الله
۽ قال رسول الله ۾ مشغول.
مخدوم صاحب، صاحبِ ديوان ۽ پيشه ور شاعر ڪونه هو،
پر کيس عربيءَ وانگر فارسي ٻوليءَ تي به دسترس
هئي. فارسي نثر ۾ سندس گهڻا ڪتاب لکيل آهن. کيس
عربي شاعريءَ وانگر فارسي شاعريءَ جي به ڄاڻ هئي.
مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي فارسي شاعريءَ جي سلسلي
۾ پنهنجي ڪتاب ”مقالات الشعراء “ فارسي ۾ مخدوم
صاحب جي فقط هڪ فارسي رباعي مثال طور شامل ڪئي
آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب فارسي
شعر به چيو آهي.
مخدوم صاحب جي همعصر علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي
امامن سڳورن جي شهادت تي روڄ راڙو ڪرڻ، پٽڻ ڪٽڻ ۽
مٿي ۾ مٽي وجهڻ کي جائز قرار ڏنو. ان ڏس ۾ هن هڪ
فارسي رباعي هن ريت چئي:
اي واعظِ خوش کلام شيرين پيغام،
منبر بسواد قير گون کن به تمام،
با روء سيـھ خاک بسر فاش بگو،
در تعزيت حسين صبر ست حرام.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي شريعت جي لحاظ کان صبر ۽
تحمل، رضا تي راضي رهڻ، رسول الله
ﷺ جي پيروي ڪرڻ ۽ ”ان الله مع الصابرين“ تي زور ڏنو. مخدوم
صاحب مٿئين فارسي رباعيءَ جو جواب پنهنجي چيل وري
هن فارسي رباعي ۾ ڏنو:
اي عاشق صادق محب خوش نام،
در تعزيت حسين کن حزن تمام،
با سوز دلت اشک همين ريز زچشم،
ليکن ندهي رازِ محبت به عوام.(1)
مطلب ته اي سچا عاشق ناميارا دوست! حضرت امام حسين
عليـھ السلام جي دردناڪ واقعي تي غم ڀلي ڪر، دل جي
سوز سان نيڻن مان نير وهاءِ، پر محبت جو راز عوام
کي نه ڏي.
”مقالات الشعراء “ ۾ مخدوم صاحب جي آيل رباعي ته
ادبي حلقن ۾ مشهور آهي. البت وڌيڪ فارسي شاعري
بابت عصري ۽ پوءِ وارا ادبي ڪتاب خاموش هئا. راقم
ان ڏس ۾ جستجو جاري رکندو آيو. تازو خود مخدوم
صاحب جي فارسي قلمي ناياب نثري ڪتابن ۾ فارسي
شاعري جو دفتر دستياب ٿيو آهي، جيڪو ٻن فارسي
ڪتابن ۾ ضمناً شامل آهي: هڪ ”رشف الزلال“ ۽ ٻيو
”مدح نامه سنڌ“
1. مخدوم صاحب ٻپهري نماز جي وقت تي تحقيق ڪندي
سنڌ ۾ اصلي پاڇي بابت فارسي نثر ۾ ”رشف الزلال في
تحقيقي فيء الزوال“ نالي هڪ ڪتاب سن 1133هه ۾
لکيو هو. هن رسالي ۾ مخدوم صاحب جا يارهن فارسي
شعر پاڇي جي سمجهاڻي بابت چيل آهن. مخدوم صاحب سنڌ
۾ اصلي پاڇي بابت ٻن سالن تائين تحقيق ۽ تجربو
ڪيو. ان دوران جيڪو نتيجو نڪتو، ان جو نچوڙ يارهن
فارسي شعرن ۾ سمايل آهي.
مثال:
بشنو بيان سايه اصلي ملک سندهه،
تاگويمت عليٰ حده در جمله ماهها.
[مطلب ته سنڌ ملڪ جي اصلي پاڇي جو بيان ٻـُـڌ.
سڀني مهينن جي پاڇي جو سمورو احوال توکي ٻڌايان
ٿو. ]
2. اهڙيءَ ريت مخدوم صاحب جي فارسي شاعريءَ جا هڪ
سئو کن نوان شعر دستياب ٿيا آهن، جيڪي سندس هڪ ٻئي
فارسي ڪتاب ”مدح نامه سنڌ“ ۾ موجود آهن. اها
فارسي شاعري الله تعاليٰ جي حضور ۾ مناجات،
رسول الله جن
ﷺ
جي شان ۾ شعر ۽ صدائن تي مشتمل آهي. مخدوم صاحب
”مدح نامه سنڌ“ ۾ پنهنجي نالي محمد هاشم سان گڏ
تخلص طور ”گنهگار“ ۽ ”مسڪين گدا“ جا لفظ
استعمال ڪيا آهن.
”مدح نامه“ ۾ فارسي شعرن جي مواد جو وچور هن ريت
آهي:
(الف) |
توحيد |
2 شعر |
(ب) |
رسالت |
14 شعر |
(ج) |
علم |
1 بيت |
(د) |
گناهن جي بخشش |
9 بيت |
(هه) |
پاڻ سڳورن جو اخلاق |
5 بيت |
(و) |
حضور جن کي پڪارون |
26 بيت |
(ز) |
مناجات |
5 بيت |
(ح) |
مناجات |
37 بيت |
|
|
|
|
هي جملي 99 فارسي شعر آهن. ممڪن آهي ڳولا ڦولها
ڪجي ته اڃا به زياده مخدوم صاحب جي فارسي شاعريءَ
جو ذخيرو ملي وڃي. ان حوالي سان مخدوم صاحب جي
سوانح جا ڪي نوان گوشا سامهون اچن ۽ ان سلسلي ۾
اسان جي رهنمائي پڻ ٿئي. نموني طور هتي مخدوم صاحب
جي دستياب فارسي شاعريءَ جا ڳچ شعر ترجمي سميت درج
ڪجن ٿا:
توحيد ۽ رسالت
خداوند زمين و آسمانها،
بود روزي رسان جمله جهانها.
[زمين ۽ آسمانن جو مالڪ، سڀني جهانن وارين شين کي
روزي پهچائيندڙ آهي.
]
خلائق رابود از لطف او کام،
همه علم ازو دارد سرانجام.
[ساري مخلوق کي ان جي مهرباني سان مراد حاصل ٿيندي
آهي. سڄو جهان ان کان ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهي. ]
محمد گوهر درج رسالت،
محمد اختر برج رسالت.
[حضرت محمد
ﷺ رسالت جي درج بند ٿيل دٻي جا گوهر آهن.
حضرت محمد
ﷺ
جلال جن برج جا ستارا آهن. ]
محمد سرور سالار دين است،
محمد رحمت للعالمين است.
[حضرت محمد
ﷺ دين جو سردار ۽ سالار آهن. حضرت محمد
ﷺ جهانن جي لاءِ رحمت آهن.
]
چار يار
بجان و دل مطيع چار يارم،
بوصف و نام شان هريک شمارم.
[دل ۽ ساهه سان چئن يارن جي تابعداري ڪندڙ آهيان.
هر هڪ کي نالي ۽ وصف سان بيان ڪريان ٿو. ]
امير المومنين ابوبڪر صديق،
که علم دين و دانش کرد تحقيق.
[مومنن جو امير حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنـھ،
جو دين جي علم ۽ ڄاڻ جي تحقيق ڪيائين. ]
عمر آن بادشاهه عدل و انصاف،
که از عدلش غبار ظلم شد صاف.
[حضرت عمر رضي الله عنـھ عدل ۽ انصاف وارو
بادشاهه، جو ان جي عدل سان ظلم جو غبار صاف ٿيو. ]
بود عثمان حياؤ حلم را کان،
نهاده حق حيا در شان عثمان.
[حضرت عثمان رضي الله عنـھ حياء ۽ بردباريءَ جي
کاڻ هو. الله تعاليٰ حياء حضرت عثمان رضي الله
عنـھ جي شان ۾ رکيو آهي.]
شـھ مردان که تيغ ذوالفقارش،
علي المرتضيٰ دلدل سوارش.
[مردن جو بادشاهه جنهن جي تلوار ذوالفقار هئي،
حضرت علي المرتضيٰ رضي الله عنـھ آهي، جيڪو دلدل
تي سوار هوندو هو.]
حضورﷺ جن کي پڪارون
من درد مندم حضرتا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
پاره شد بهر خدا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي حضرت آءٌ درد وارو آهيان، اي مصطفيٰ
ﷺ
منهنجي دانهن ٻـُـڌ. ٽڪرا ٽڪرا ٿيل آهيان، اي
مصطفيٰ
ﷺ
خدا واسطي منهنجي دانهن ٻـُـڌ. ]
بيشک توئي محبوب حق، فرمان برت جمله طبق،
در حکم تو ارض وسما، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اوهان بنا شڪ جي الله تعاليٰ جا محبوب آهيو. سڀئي
طبقا اوهان جا فرمانبردار آهن. زمين ۽ آسمان اوهان
جي حڪم ۾ آهن. اي مصطفيٰ
ﷺ
منهنجي دانهن ٻـُـڌ. ]
هستي تو شاهه دو جهان، هم شافع اين امتان،
اي دوست رب العليٰ، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اوهان ٻنهي جهانن جا بادشاهه آهيو. هنن اُمتين جي
شفاعت ڪندڙ به آهيو. اي مٿاهينءَ جي رب جا دوست!
اي مصطفيٰ
ﷺ
منهنجي دانهن ٻـُـڌ.]
جمله جهان جن و بشر، هم اين و آن زير و زبر،
از بهر تو آهو گواه، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[سڀئي جهان، انسان ۽ جن، هيءَ ۽ اهي هيٺ ۽ مٿي
اوهان لاءِ هرڻيون به شاهد آهن، اي مصطفيٰ
ﷺ منهنجي دانهن ٻـُـڌ.
]
از عرش تا زير زمين، هر چيز هم روح الامين،
بهر تو شد اي اصفيا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[عرش کان وٺي زمين جي هيٺئين حصي تائين سڀ شيون،
روح الامين جبرئيل عليـھ السلام به اوهان جي لاءِ
اي ڀلا پيدا ٿيو، اي مصطفيٰ
ﷺ
منهنجي دانهن ٻـُـڌ. ]
هم تو شفيع المذنبين، هم رحمت للعالمين،
اي مرتضيٰ اي مجتبيٰ، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اوهان گنهگارن جي شفاعت ڪندڙ، پڻ جهانن لاءِ رحمت
آهيو. اي برگزيده ۽ اي ڀلا اي مصطفيٰ
ﷺ منهنجي دانهن ٻـُـڌ.
]
جزتو وسيله نيست کس، بهر خدا فرياد رس!
سلطان تخت اجتبا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اوهان کان سواءِ ڪو وسيلو نه آهي، خدا جي واسطي
دانهن ٻـُـڌ. اي ڀلائيءَ جي تخت جا بادشاهه! اي
مصطفيٰ
ﷺ منهنجي دانهن ٻـُـڌ.
]
اي گوهردرج حيا، و اي اختر برج وفا،
برهان تخت اصطفا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي حياءَ جي صندوق جا گوهر ۽ وفاداريءَ جي برج جا
ستارا، ڀلائيءَ جي تخت جا دليل، اي مصطفيٰ
ﷺ منهنجي دانهن ٻـُـڌ.
]
اي رهنمائي مومنان، اي حاجت روائي مسلمان،
مکرم معظم مهتديٰ، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي مومنن کي واٽ ڏيکاريندڙ، مسلمانن جي حاجت پوري
ڪندڙ عزت وارا، تعظيم وارا، هدايت جا صاحب، اي
مصطفيٰ
ﷺ
منهنجي دانهن ٻـُـڌ. ]
اي بهتر از بهتران، و اي مهتر از مهتران،
اي اتقيا و مرتجيٰ، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي ڀلن کان ڀلا، اي سـُـٺن کان سـُـٺا، اي
پرهيزگارن ۾ اميد رکيل، اي مصطفيٰ
ﷺ
منهنجي دانهن ٻـُـڌ. ]
اي دستگير افتادگان، اي چاره بيچارگان،
بدرالدجيٰ شمس الضحيٰ، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي ڪريلن جو هٿ وٺندڙ ۽ بيچارن جا سهارا،
اونداهيءَ ۾ چمڪندڙ چوڏهينءَ جا چنڊ، ڪچڙي منجهند
جا سج، اي مصطفيٰ
ﷺ
منهنجي دانهن ٻـُـڌ. ]
اي ميوه باغ امان، اي طوطيءَ سبع مثان،
اي صاحب نور الهديٰ، فرياد رس يا مصطفيٰ
[اي امت جي باغ جا ميوا، اي قرآن ڪريم جا طوطا، اي
هدايت جي نور جا صاحب، اي مصطفيٰ
ﷺ منهنجي دانهن ٻـُـڌ.
]
نور نهال دولتي، نور بهار ملتي،
اي حرمت باغ صفا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اوهان دولت جي وجود ۽ ملت جي بهار جا نـُـور آهيو
۽ اي صفائي جي باغ جي عزت، اي مصطفيٰ
ﷺ منهنجي دانهن ٻـُـڌ.
]
منصور ممدوح بدر، صادق خبر نيکو سـِـيـَـر،
خورشيد حق احسن لقا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[بدر جي جنگ ۾ مدد ڪيل، ساراهيل ڳالهه جا سچا،
سهڻي سيرت وارا، حق جا سج، سهڻي ديدار وارا، اي
مصطفيٰ
ﷺ منهنجي دانهن ٻـُـڌ.]
اي مقصد اقصيٰ همم، عالي مقام ذي الڪرم،
اي دردمندان را دوا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي همتن جي نهايت جا مقصد، مٿانهين مقام وارا ڪرم
جا صاحب، اي درد وارن دردن جي دوا، اي مصطفيٰ
ﷺ منهنجي دانهن ٻـُـڌ.
]
اي شاهه اسرار قدم، وي ماه انوار حکم،
برعاصيان لطف خدا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي قديم اسرارن جا بادشاهه ۽ اي حڪمتن جي نور جا
چنڊ، گنهگارن تي الله جا لطف، اي مصطفيٰ
ﷺ منهنجي دانهن ٻـُـڌ.
]
اي نور صدق جان و دل، نور حديقه آب و گـِل،
اي صاحب جود و سخا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي ساهه ۽ دل جي سچائيءَ جا نور، پاڻي ۽ مٽي جي
باغ جا نور، ڪرم ۽ سخاوت جا صاحب، اي مصطفيٰ
ﷺ منهنجي دانهن ٻـُـڌ.
]
اي روشني عاصيان، نور خدا بر تو عيان،
اي نص ختم انبياء ، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي گنهگارن جي لاءِ روشني، تنهنجي اڳيان الله
تعاليٰ جو نور ظاهر آهي. اي دنيا تي نبين جي اچڻ
جي ختم ٿيڻ جا نص، اي مصطفيٰ
ﷺ
منهنجي دانهن ٻـُـڌ. ]
بهر ابوبکر تقي، بهر عمر شاهه نقي،
از بهر عثمان ذوالحيا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[حضرت ابوبڪر صديق پرهيزگار جي واسطي، حضرت عمر
شاهه صفائي واري، حضرت عثمان حياء واري جي واسطي،
اي مصطفيٰ
ﷺمنهنجي
دانهن ٻـُـڌ. ]
بهر علي المرتضيٰ، بهر حسن ذوالمجتبيٰ،
بهر حسين شـھ ڪربلا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[حضرت علي المرتضيٰ جي واسطي، حضرت امام حسن ڀلاين
جي صاحب جي واسطي، ڪربلا جي شاهه حضرت حسين جي
واسطي، اي مصطفيٰ
ﷺمنهنجي
دانهن ٻـُـڌ. ]
حرمت همـھ اصحابها، حرمت همـھ احبابها،
لطفي بحال زار ما، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[سڀني اصحابن سڳورن رضي الله عنهم ۽ سڀني پيارن جي
مـُـهابي، اسان جي ڏکويل حالت تي ڪو لطف فرماءِ،
اي مصطفيٰ
ﷺمنهنجي دانهن ٻـُـڌ.
]
اي حضرت سيد رسل، و اي مهدي و هادي سـُـبل،
و اي ختم سورة اصفيا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي حضرت رسولن سڳورن جا سردار ۽ اي هدايت وارا حق
جي واٽن ڏي هدايت ڪندڙ ۽ اي ڀلارن جي سورة جي
پڄاڻي، اي مصطفيٰ
ﷺ
منهنجي دانهن ٻـُـڌ. ]
ملک و فلک از نور او، صافين شد مسرور او،
و اي آفرينش را سزا، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[ملائڪ ۽ آسمان اوهان جي نور مان آهن ۽ اي پيدا
ٿيڻ جا سبب، اي مصطفيٰ
ﷺمنهنجي
دانهن ٻـُـڌ. ]
اي نور حق پيدا ز تو، اي ديده دل بينا ز تو،
اي مالک هر دو سريٰ، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي اها ذات، حق جو نور اوهان مان ظاهر آهي ۽ دل
جي نگاهه اوهان جي صدقي روشن آهي. اي ٻنهي جهانن
جا مالڪ، اي مصطفيٰ
ﷺ
منهنجي دانهن ٻـُـڌ. ]
باغ فصاحت را کلي، اي مرشد پير ولي،
بهر تو شد ارض و سما، فرياد رس يا مصطفيٰ!
[اي فصاحت جي باغ جا گل، پيرن ۽ ولين جا مرشد،
اوهان لاءِ زمين ۽ آسمان پيدا ٿيا. اي مصطفيٰ
ﷺمنهنجي دانهن ٻـُـڌ.
]
اين ”هاشم مسکين گدا“ ، گفته ثنا بي انتهيٰ،
يا مرحبا يا مرحبا، فرياد رس يا مصطفيٰ!ّ
[هن ”هاشم مسڪين گداگر“ ثنا چوڻ ۾ پنهنجي طرفان
انتها ڪئي آهي. مرحبا، اي مصطفيٰ
ﷺمنهنجي
دانهن ٻـُـڌ!]
(ج) سنڌي شاعري
مخدوم صاحب جي مادري ٻولي سنڌي هئي، ان ڪري سندس
سنڌي شاعري عربي ۽ فارسي ڪلام کان زياده آهي. سندس
سنڌيءَ ۾ لکيل سڀ جا سڀ ڪتاب سنڌي نظم ۾ آهن.
مخدوم صاحب جي دور ۾ سنڌي نثر لکڻ جو رواج بنهه
ڪونه هو ۽ جيڪڏهن هو، ته به تمام گهٽ ۽ هينئر اڻ
لڀ آهي. تنهنڪري پاڻ جيڪي ڪتاب لکيائين، سي سڀ
جهوني نموني واري سنڌي نظم ۾ آهن. ان کان سواءِ
مخدوم صاحب جي دور کان اڳ جا ڪي منظوميا هئا، يا
خود ٺٽي جي عالمن: ميون ابولحسن ۽ ميان ضياءٌ
الدين ٺٽوي به سنڌي نظم ۾ رسالا جوڙيا هئا. جن ۾
ديني مسئلن کي آسان نموني ۾ سمجهايو ويو هو.
تنهنڪري مخدوم صاحب به نو مسلم ۽ عام ماڻهن جي
فائدي، سهنجائي، ڀلائي ۽ سمجهاڻيءَ خاطر سنڌي نظم
۾ ڪتاب لکيا. سندس عربي ۽ فارسي ڪتاب ته عالمن ۽
فاضلن جي اکين جو نور ۽ دل جو سررو بنيا. باقي عام
ماڻهن لاءِ سندس منظوم سنڌي ڪتاب ايتري قدر ته
مقبول ٿيا، جو مدرسن ۽ مڪتبن ۾ ابتدائي طور پڙهايا
ويندا هئا. اڃا تائين هر جاءِ تي مخدوم صاحب جي
انهن منظوم سنڌي ڪتابن جو پڙاڏو ۽ اثر جاري آهي.
مخدوم صاحب جي زماني ۾ ڊگهن نظمن جو رواج پيو. جن
کي ”نظم معريٰ“ يا ”ڪبت“ واري شاعري چيو ويندو
آهي، جنهن ۾ اڪثر الف اشباع وارو قافيو استعمال
ٿيندو آهي. مخدوم صاحب جي شاعري ان نوعيت واري
آهي، جنهن ۾ اصطلاح ۽ محاورا لاڙي سمايل آهن.
مخدوم صاحب جا سنڌي نظم ۾ ڊزن کان وڌيڪ ڪتاب لکيل
آهن. انهن ڪتابن تي تبصرو ۽ تعارف ڪتابن واري باب
۾ آيل آهي. هيٺ مخدوم صاحب جي نموني طور سنڌي
شاعري درج ڪجي ٿي:
هئي هئي حياتي ڏينهڙا تو وساري ويا
عمر گذري عيش ۾ هاريئي هميشا
اجل اوڏو آئيو جيئڻ جاءِ نه ڪا
ووءِ ووءِ وتين ويسرو اسونهن اڀاڳا
سنجهي صبوح سمهين اٿين اويلا
توکي تات نه تند جي ڪتڻ جي نه ڪرا
جن ڪتيو ڪالهه هي سرها سي ٿيا
جتي محشر ماڳ ۾ لکين لک مڙندا
دائما دنيا نه رهي باقي منجهه بقا
جيڻ جال نه نبهي آدم جي ويا
ساٿي سمر ڪر تون ساري سفر لاءِ
ڀانئين جان ڀاڳ مڙان مهندا محمدا!
***
ٻر ٻر ٻڏو جندڙو ڏوهن ڏار مڪا
گوندر مٿي هينئڙي وڌي وڻ ٿيا
هئي هئي هنجون هاريان ڳاڙيان ڳل ڳوڙها
مون کي وسيلو ناهه ڪو توريءَ رحيما
سک نه ساريان سپرين طاقت توارا
ٻڏندي ٻاڪاريان دانهون ڪريان دردا
سڻي سڏ سوالي جا سٻاجها ٻاجهاء
هادي ڪر ”هاشم“ ڏونهن نظر مهر منجها
پلؤ پکيڙي پنڻو مهندا محمدا!(1)
(د) مخدوم صاحب ۽ شاهه لطيف جي سنڌي شاعري:
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي هڪڙي
دور جا چمڪندڙ چنڊ آهن. مخدوم صاحب عالمن جو اڳواڻ
هو، ته شاهه صاحب صوفين جو سرواڻ آهي. مخدوم صاحب
علم ۽ قلم جي ذريعي سنڌ واسين جي خدمت ٿي ڪئي، ته
شاهه صاحب الاهي اسرار پنهنجي ڪلام ۾ سمائي، سنڌ
وارن کي حق جو پيغام ٿي پهچايو ۽ غافلن کي بيدار
پئي ڪيو.
جيئن ته مخدوم صاحب ۽ شاهه صاحب ٻئي شاندار شاعر ۽
قوم جا همدرد ۽ گهڻگهرا هئا. ٻنهي پنهنجي علم ۽
قلم، فڪر ۽ فهم ذريعي سنڌ کي واسيو، سـُـرهو ۽
سـَـرهو ڪيو. ٻنهي شاعرن جو تعلق اهڙي دور سان
آهي، جنهن دور ۾ سنڌي ٻولي اُسري نـِـسري رهي هئي.
اڳتي هلي الف - بي جي نئين ترتيب سان سنڌي ٻولي
نظم ۾ شاهوڪار بني. اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌي ويجهي وڻ ٿي.
گلن ٻوٽن سان سينگارجي ثمر آور ثابت ٿي. ادبي
تاريخ ۾ اهو ڪلهوڙن جو دور هو، جنهن کي سنڌي
ٻوليءَ جو ”سونهري دور“ سڏيو وڃي ٿو. ان دور جي
اڪثر سنڌي شاعرن جي ٻولي، فني سٽاءَ ۽ اصطلاحن
محاورن ۾ هڪجهڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
ان علم پرور دور ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي نج سنڌي
شاعري ۽ ادبي ٻوليءَ جو شهنشاهه ٿي اُڀريو. اهڙيءَ
ريت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي سنڌي شاعري ۽ ٻولي به
ڏاڍي ٻاجهاري آهي. مخدوم صاحب لاڙ جي دُن يعني
علمي شهر ٺٽي ۾ ٿي رهيو، ته وري حضرت شاهه صاحب
اُتر جي ڀيٽ ۾ لاڙ کي ويجهو هو. کيس لاڙ سان لنئون
لڳل هئي. پاڻ هميشه لاڙ تان ڀيرا ڪندو رهيو هو.
سندس ڏاڏي شاهه عبدالڪريم بـُـلڙيءَ واري جي زيارت
گاهه ”بـُـلڙي“ ۾ آهي. پاڻ ملتان مان ڪاشي آڻائي
سندس روضو مبارڪ ۽ ان سان گڏ مسجد به جوڙائي
هئائين. شاهه صاحب جون لاڙ ۽ خاص ڪري ٺٽي جي اهل
الله درويشن سان جهجهيون روح رهاڻيون رهنديون
هيون. اهوئي سبب آهي جو شاهه جي ڪلام ۽ ٻوليءَ تي
لاڙ جو سوايو اثر رهيو آهي. ٻئي طرف مخدوم صاحب به
لاڙ ۽ ٺٽي جي عالمن جو اڳواڻ ۽ شاعرن جو سرواڻ هو.
پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جو زبردست عالم هوندي به، ان
وقت سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي محسوس ڪندي، پنهنجي
مادري زبان ۾ ٻارهن ڪتاب لکيائين.
شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ جي ٻولي عوامي ۽ نج ادبي
رنگ جي آهي. مخدوم صاحب ديني مسئلن کي سنڌي ٻوليءَ
۾ سموهيو، پر ان سان گڏ شاهه صاحب وانگر سنڌي
ٻوليءَ ۾ ادبي چاشني ۽ عوامي رنگ به رچائيندو آيو.
هڪ طرف شاهه صاحب رات ڏينهن سير سفر ڪري، وطن جي
واهڻن ۽ وانڍن، وسندين ۽ شهرن جو گهرو مطالعو ڪري
مشاهدو ٿي ماڻيو. مختلف طبقن ۽ ڌنڌن وارن ماڻهن
سان ملي ٻوليءَ جو خزانو محفوظ ٿي ڪيو ۽ ٻوليءَ کي
مايدار ٿي بنايو. ٻئي طرف مخدوم صاحب جنهن جو عربي
۽ فارسي جي ڀرپور دور ۽ ٺٽي جهڙي علمي شهر سان
واسطو هو. رات ڏينهن وعظ نصيحت، درس تدريس سان گڏ
فتويٰ نويسي، عام ماڻهن جا فيصلا ۽ ديني مسئلا به
حل ڪندو هو. وقت جي عالمن سان علمي ۽ قلمي مقابلا
به جاري رکندو آيو. مخدوم صاحب ٽن سون کان وڌيڪ
عربي ۽ فارسي ۾ ڪتاب لکيا. عربي ۽ فارسي جو شاعر
به هو. ايڏين مصروفيتن هوندي ۽ رات ڏينهن عربي ۽
فارسي ٻولي سان واسطو رکڻ جي باوجود ان دور جي ۽
شاهه لطيف جهڙي ٺيٺ سنڌي نموني ۾ شاعري ڪرڻ کي
ادبي ڪرامت چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ اهو مشڪل مسئلو
آهي ته نج مذهبي شاعريءَ ۾ به ادبي رنگ ڀرڻ ۽
ٻوليءَ کي رس ڀريو ۽ ميٺاج وارو بنائجي، پر مخدوم
صاحب گهڻي حد تائين ان ۾ ڪامياب ويو آهي. ان فرق ۽
لاڙي جي ڪري شاهه صاحب ۽ مخدوم صاحب جي سنڌي شاعري
۽ ان ۾ ڪتب آندل ٻوليءَ جي ڀيٽ ڪري نٿي سگهجي. ان
دور ۾ يا پوءِ ڪو شاعر شاهه صاحب سان برميچي نه
سگهيو آهي.
پر تنهن هوندي به مخدوم صاحب نظم ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙا
لفظ جڙيا ۽ پويا آهن ۽ ڪيترين جاين تي سـِـٽون
سمايون آهن، جي هوبهو شاهه لطيف جي ٻوليءَ جون
سڪون ٿيون لاهين ۽ ان دور جي ٻاجهاري ٻوليءَ جي
عڪاسي ٿيون ڪن. لفظن ۽ معنيٰ جو مفهوم به جزوي ڦير
ڦار سان هوبهو شاهه لطيف جي شعرن سان ملي جلي ٿو.
شاهه لطيف:
چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
مخدوم صاحب:
بڇڙن ڪم بڇڙايون، چڱايون چڱن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
شاهه لطيف:
ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
ڀلائيون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻينديس ڪيترا.
مخدوم صاحب:
تنين مٿو ناه ڪو، اپر اڳانجها،
ڳڻي ڳڻيان ڪيترا، ڪنڌي جنين نه ڪا.
شاهه لطيف:
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر،
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
مخدوم صاحب:
سڄڻ صورت سهڻو، سرهو سڀنئا،
جوت نه ذري جيتري، چنڊ چوڏهين ماه،
ڏسي منهن محبوب جو، تارا شرمئا،
سج، چنڊائي سهڻو، خاصو خير وريٰ.
شاهه لطيف:
مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،
اي آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.
مخدوم صاحب:
مهڙ مڙني مرسلين، مشفق مجتبيٰ،
لال لاکيڻو لکڻين، نبي نور هديٰ.
شاهه لطيف:
ستر ڪج ستار، آئون اگهاڙي آهيان،
ڍڪج ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.
مخدوم صاحب:
عيب منهنجا ڍڪئين، ستر ساڻ سچا،
اوگڻ ڪج مَ پڌرا، آگا عاصين جا.
شاهه لطيف:
جڏهانڪر ٿيام، ساڃاء سپرين سين،
تڏهانڪر تر جيترو، ويل نه وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
مخدوم صاحب:
سڄڻ رهيام روح ۾، اندر اوتارا،
آهيم سهد سرير ۾، گهڻو اپارا.
هي چند مثال شاهه صاحب جي رسالي (مرتب: غلام محمد
شاهواڻي) ۽ مخدوم صاحب جي ڪتاب ”قوت العاشقين“
مان ورتا ويا آهن. جيڪڏهن مخدوم صاحب جي سڀني سنڌي
تصنيفات مان شاهه صاحب جي رسالي سان تقابلي مطالعو
ڪجي، ته گهڻوئي هڪ جهڙو لفظي ۽ معنوي مواد سامهون
اچي سگهي ٿو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي اهڃاڻن
بابت اضافو پڻ ٿي سگهي ٿو.
----
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: ”قوت العاشقين“
(سنڌي)، مرتب: خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ص 4 -
6
ايضاً ”مدح نامـھ سنڌ“ (فارسي) مترجم:
مولانا محمد ادريس ڏاهري، شاهه پور جهانيان
|