صفحو : 20

باب-

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

سيڪشن؛  شخصيات

 

 

تصحيح المدرک في ثبوت اسلام الذمي بقولھ انا مثلک

هيءُ رسالو ”تحقيق المسلک“ جو اختصار آهي، جنهن م 12 صفحا آهن ۽ صفحي جي ڊيگهه نوَ انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 24 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 18 لفظ آهن. ڪاتب ۽ ڪتابت جو سال نامعلوم آهي. فارسي طرز تحرير ۾ هيءُ رسالو تمام پراڻي ڪاغذ تي لکيل آهي. وچ مان ۽ ڪٿي ڪٿي اڏوهيءَ جو کاڌل آهي. ان ڪري پڙهڻ مهل صحيح عبارت ۾ مونجهارو ٿئي ٿو. مصنف ذميءَ جي اسلام آڻڻ جي باري ۾ تمام تحقيق سان 51 دليل ڏئي مسئلي کي واضح ڪيو آهي. مخدوم صاحب جو هن مسئلي بابت اصل ۾ ”تحقيق المسک“ نالي رسالو لکيل آهي. رسالي جي آخر ۾ ساڳئي مسئلي بابت عربي ۽ فارسيءَ ۾ متفرق عبارتون لکيل آهن. اهي عبارتون ستن صفحن تي پکڙيل آهن. انهن مان هڪ جاءِ تي هيءَ عبارت تحرير ٿيل آهي: ”هذا تحرير الفقير الي الله تعاليٰ محمد هاشم...“

هيءُ رسالو پير محب الله شاهه جهنڊي واري جي ڪتبخاني ۽ مدرسھ مجدديھ نعيميھ - ملير ڪراچي ۾ موجود آهي. راقم وٽ ”مدرسھ مجدديه نعيميھ “ واري نسخي جو عڪس آهي.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب جي دور ۾ شايد حڪومت ۽ شرعي عالمن طرفان ڪي اهڙا لفظ مقرر ٿيل هوندا هئا، جو جيڪڏهن ڪو ذمي ڪافر اهي لفظ چوندو هو، ته ان تي اسلام جو حڪم جاري ٿي ويندو هو. مخدوم صاحب به هن رسالي ۾ انهيءَ مسئلي تي گفتگو ڪئي آهي. پاڻ مقدمي ۾ لکي ٿو:

 ”هيءُ مختصر رسالو ’تصحيح المدرک في ثبوت اسلام الذمي بقولھ انا مثلڪ ‘ (آئون تو جهڙو آهيان) اسلام جي ثبوت جو دليل آهي. اصل ۾ هيءُ رسالو منهنجي (هن ئي مسئلي بابت لکيل) وڏي ڪتاب ’بتحقيق المسلک في ثبوت اسلام الذمي بقولھ انا مثلڪ ‘ جو خلاصو ۽ نچوڙ آهي. مون هيءُ رسالو تاريخ 13 محرم سن 1160هه ۾ لکڻ شروع ڪيو.“

 

النور المبين في جمع اسماء البدريين

هيءُ رسالو جيتوڻيڪ ضخامت ۾ ننڍو آهي، پر مواد جي لحاظ سان جامع آهي. مخدوم صاحب محنت ڪري بدر جي جنگ ۾ شامل اصحابن سڳورن جي الف - بي وار مڪمل لسٽ ڏني آهي. صفحن جو تعداد 23، صفحي جي ڊيگهه ساڍا نوَ انچ ۽ ويڪر ست انچ آهي. هر صفحي ۾ 17 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 13 لفظ آهن. جيئن ته رسالي ۾ ڪاتب جو نالو ۽ سن لکيل ڪونهي، ان ڪري خبر نه ٿي پوي ته هيءُ نسخو ڪيترو آڳاٽو آهي. البت رسالي ۾ استعمال ٿيل پنو بادامي ٿي ويو آهي ۽ اکرن جي صفائي ۽ بيهڪ مان لڳي ٿو، ته هيءُ رسالو خود مخدوم صاحب جي هٿ جو لکيل يا سندس وقت جي ڪنهن ماهر ڪاتب جو لکيل آهي. هن رسالي جا قلمي نسخا سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي لائبريري ڄام شوري ۾ موجود آهن. قدامت ۽ صحت جي اعتبار کان سنڌي ادبي بورڊ وارو نسخو بهترين آهي. راقم هن ڪتاب ”النورالمبين“ جو سنڌي ترجمو ۽ شرح لکي، 2004ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور مان شايع ڪرايو آهي.

مواد جو وچور:

بدر جي جنگ اسلامي تاريخ جو بنيادي، اهم ۽ عظيم الشان واقعو آهي. بدر جي لڙائيءَ واري جاءِ مديني منوره کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. دراصل، اهو هڪ کوهه جو نالو آهي، جيڪو هڪ سردار - بدر بن حارث نالي کوٽايو هو. ان ڪري هن سڄي واديءَ جو نالو ”بدر“ مشهور ٿي ويو.

بدر جي لڙائي 17 رمضان المبارڪ سن 2 هجريءَ تي لڳي هئي. هجرت کان پوءِ مڪي جي ڪافرن مديني تي ڪاهه ڪرڻ جون تياريون ڪيون. هڪ هزار جنگي جوان هٿيارن پنهوارن سان سهي سنبري، مديني منوره تي ڪاهي آيا. هيڏانهن ٻنهي جهانن جي سردار وٽ 313 اصحابي سڳورا هئا، جيڪي سڀ سـِـرُ تريءَ تي رکي، بچاءَ لاءِ نڪتا هئا. ڪافرن جو لشڪر مسلمانن کان ٽيڻو هو. وٽن هڪ سئو گهوڙا ۽ ست سؤ اُٺ هئا. مسلمانن وٽ فقط ٻه گهوڙا ۽ چند اُٺ هئا. الله تعاليٰ هيڻن ۽ ايمان وارن جو همراه ٿيو. مسلمان ڪامياب ٿيا. ڪافرن جا ستر ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ سندن سردار ابو جهل به ماريو ويو ۽ ستر ماڻهو قيد ٿيا.

مسلمانن مان رڳو چوڏهن ماڻهو، الله جي دين ۽ سندس نبي سڳوري جن جي ساٿ مان شهيد ٿيا. اهڙيءَ ريت ٿوريءَ فوج ۽ جنگي سامان جي کوٽ جي باوجود الله تعاليٰ مسلمانن کي ڪاميابي ڏني ۽ جنگي ساز و سامان ۽ اسلحي سان سينگاريل ڪافرن جي ٽيڻي فوج کي شڪست ملي. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجو واعدو پورو ڪيو.

بدر جي جنگ ۾ 313 مسلمان شريڪ ٿيا هئا. هن جنگ ۾ 84 مهاجر مسلمان ۽ 229 مديني شريف جي انصارن بهرو ورتو هو.(1)

مخدوم صاحب، هن رسالي ۾ جنگ بدر ۾ سڀني 313 شريڪ ٿيندڙ مسلمانن جي الف - بي واري مڪمل فهرست ڏني آهي. انهن اصحابن سڳورن جي نالن سان گڏ اڪثر سندن ڪـُـنيت به ڏني ويئي آهي، ڇو ته عربن ۾ نالي سان گڏ ڪـُـنيت جو عام رواج آهي. خود اسان جو پيارو نبي حضرت محمد به ”ابوالقاسم“ جي ڪـُـنيت سان مشهور آهي.

مخدوم صاحب هن رسالي جو پس منظر بيان ڪندي، مقدمي ۾ لکي ٿو:

 ”حمد ۽ صلواة کان پوءِ فقير محمد هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمان سنڌي ٺٽوي چوي ٿو ته جڏهن مون امام بخاري رحمة الله عليھ کي ڏٺو، ته ان اصحابن سڳورن مان بدر جي اصحابن جا نالا مبارڪ پنهنجي ’جامع الصحيح ‘ ۾ برڪت طور گڏ ڪري درج ڪيا آهن. حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلويءَ به ’مشڪواة شريف ‘ جي شرح ۾ لکيو آهي، ته صحيح بخاريءَ ۾ بدري اصحابن سڳورن جي نالن پڙهڻ وقت بيشڪ دعا قبول ٿئي ٿي. امام بخاريءَ جنگ بدر ۾ شامل سڀني اصحابن جا نالا مبارڪ ڪونه آندا آهن. ان ڪري مون ارادو ڪيو ته هن رسالي ۾ بدر جي سڀني اصحابن جا نالا مڪمل طور تي ڪٺا ڪريان، ته جيئن الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ مون لاءِ ثواب ۽ ڀلائيءَ جو ڪارڻ بنجن. اهو ڪم 21 ذوالقعد سن 1161هه تي شروع ڪيم ۽ هن رسالي جو نالو ’النورالمبين في جمع اسماء البدريين ‘ رکيم.

خاص توجھ طلب ڳالهه هيءَ آهي ته اڪثر نسخن ۾ جن بدري اصحابن جو ذڪر امام بخاريءَ ڪيو آهي، انهن ۾ پياري پيغمبر جن جي ذات گراميءَ کان سواءِ 44 ڄڻن جو ذڪر آهي. باقي هڪ نسخي ۾ 45 ڄڻا ٿين ٿا، جو انهن ۾ حضرت عتبھ بن مسعود الهزلي، حضرت عبدالله بن مسعود جي ڀاءُ جو نالو وڌايو ويو آهي. پر مون سڀني بدري اصحابن جو سربستو بيان ڪيو آهي، جن جو تعداد 313 آهي، جيڪي حروف المعجم جي ترتيب تي لکيا اٿم. مون اهي نالا به درج ڪيا آهن، جيڪي امام بخاري پڻ آندا آهن، ته جيئن حروف معجم مان انهن جي پڙهڻ ۾ سهولت ٿئي. البت ايترو آهي ته مون انهن نالن تي ’خ ‘ حرف جي نشاني لڳائي آهي، ته جيئن اهي ٻين کان نشانبر ٿي بيهن ۽ ٻي ڳالهه اها ته مون هرهڪ اصحابي سڳوري جو نالو ۽ ان سان گڏ سندس ڪـُـنيت پڻ آندي آهي. انهن اصحابن جي شروعات نالي سان ڪئي اٿم، پر جيڪڏهن مون کي ڪنهن اصحابي سڳوري جونالو نه ملي سگهيو آهي، ته پوءِ ان جي ڪـُـنيت کي ئي بنياد بنائي شروعات ڪئي اٿم.“

مخدوم صاحب مقدمي ۾ ڪتاب لکڻ جو سبب ۽ تفصيل لکڻ کان پوءِ الف - بي وار بدر جي 313 اصحابن سڳورن جا نالا نمبر وار لکيا آهن، ته جيئن بدري اصحابن جي نالن مبارڪن پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ۽ محقق کي نالي ڳولڻ ۾ دشواري نه ٿئي.

مخدوم صاحب اهو تفصيل به لکيو آهي ته بدري اصحاب ٽي قسم آهن. هڪڙا مڪي شريف مان هجرت ڪري آيل مهاجر يعني قريش ۽ انهن جا حـَـليف يا غلام آهن. ٻيا وري مديني منوره جا انصار. انصارن جا وري ٻه ٽولا هئا. اوس ۽ انهن جا حليف. مخدوم صاحب نالن واري لـِـسٽ ۾ اها به ڄاڻ ڏني آهي، ته هر هڪ اصحابي سڳورو انهن ٽنهي قسمن مان ڪهڙي قسم سان واسطو رکي ٿو. بهرحال، مخدوم صاحب جو هيءُ علمي ۽ شاندار تحقيقي ڪارنامو آهي.

------

 

القول الانور في حڪم لبس الاحمر

مخدوم صاحب هي رسالو تاريخ 16 ذوالحج 1163هجري تي لکيو، جنهن ۾ 23 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه ٻارهن انچ ۽ ويڪر ست انچ آهي. هر صفحي ۾ 28 کان 31 سٽون آهن ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 18 کان 21 لفظ آهن. ڪاتب ۽ ڪتابت جو سال نامعلوم آهي. راقم وٽ ڪتاب خانه ڳڙهي ياسين واري قلمي نسخي جو عڪس آهي. هيءُ رسالو گهڻا سال اڳ مولوي محمد ابراهيم ياسينيءَ رفاه عام پريس لاهور مان ڇپرايو هو. هن رسالي جا ڇاپي نسخا سنڌ جي اڪثر جهونن ڪتب خانن ۾ موجود آهن.

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ قرآن شريف، تفسير، حديث، اصول حديث، فقھ ، اصول فقھ ، علم ڪلام وغيره جي هڪ سئو کان وڌيڪ ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، جن مان مخدوم صاحب جي علمي عظمت کي سلام ڪرڻو ٿو پوي ته 23 صفحن جي ننڍڙي رسالي ۾ هڪ مسئلي تي ايترن ڪتابن جو مواد سامهون رکي، هيءُ مختصر ۽ جامع نسخو جوڙيو ويو آهي.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب حمد ۽ صلواة کان پوءِ هن رسالي ۾ نج ڳاڙهي ڪپڙي پائڻ بابت لکيو آهي:

 ”امام اعظم ابو حنيفه رحمة الله عليھ جي مذهب ۾ صحيح مڃيل قول موجب مردن لاءِ نج ڳاڙهو ڪپڙو پائڻ مڪروه تحريمي آهي.“

مخدوم صاحب حديثن مان ثابت ڪيو آهي ته حضور جن ڳاڙهي ڪپڙي پائڻ کان مردن لاءِ منع ڪئي آهي. ڳاڙهي ڪپڙي پائيندڙ کي حضور جن سلام جو جواب نه ڏنو آهي. ڳاڙهو ڪپڙو شيطان کي پسند آهي. پاڻ سڳورن ان کان بچڻ جو حڪم ڏنو آهي.

مخدوم صاحب ڳاڙهي ڪپڙي پائڻ جي ڪراهت جي ثبوت ۾ ٻن قسمن جا دليل ڏنا آهن: هڪ حديث ۽ ٻيو فقھ . حديث ۾ اها ڪراهت ٻن قسمن جي آيل آهي. پهريون قسم ڳاڙهي ڪپڙي بابت مطلق آهي. ٻيو قسم خاص ڪري گيڙو رنگ ۽ ڪپڙي جي باري ۾ آهي.

مخدوم صاحب حديث جي سلسلي ۾، حضرت جابر بن سمرة رضي الله عنھ جي روايت به آندي آهي. راوي چوي ٿو ته مون رسول الله کي چانڊوڪي رات ۾ ڏٺو. کين ڳاڙهو وڳو پهريل هو. پوءِ مون (آسمان جي) چند کي به ڏٺو پئي ۽ (مديني جي چنڊ) رسول الله جي منهن مبارڪ کي به پئي ڏٺم. پر مون کي حضور جن جو مـُـنهن مبارڪ چنڊ کان به وڌيڪ سهڻو ڏسڻ ۾ پئي آيو.

انهيءَ حديث مبارڪ مان ظاهر طور اهو معلوم ٿئي ٿو ته حضور جن کي ڳاڙهو وڳو پهريل هو. پر ان جو شارحن اهو صحيح جواب ڏنو آهي ته حضور جن کي اهو پهريل وڳو نج ڳاڙهو ڪونه هو، پر ان کي رڳو ڳاڙهيون ليڪون هيون. مخدوم صاحب به لکيو آهي ته برابر اهو ڪپڙو نج ڳاڙهو ڪونه هو، پر ڳاڙهين ليڪن وارو هو.

مخدوم صاحب، ”مواهب اللدنيھ “ ۽ ”شرح شمائل“ علي قاري مڪي جي حوالي سان لکيو آهي:

 ”حضور جن کي اهي پاتل ڪپڙا يمن جا هئا. انهن ڪپڙن تي ڳاڙهين ليڪن سان گڏ سايون ۽ ڪاريون ليڪون به هيون ۽ نج ڳاڙهو ڪپڙو ڪونه هو. جيئن اسان جي ملڪ سنڌ ۾ ٺٽي جي مشهور ڳاڙهين ليڪن سان گڏيل ’لنگي ‘ جو ڪپڙو ٺهيل هوندو آهي. اهڙيءَ ريت اهو به ائين رڳو ڳاڙهين ليڪن وارو ڪپڙو هو ۽ خالص ڳاڙهو مڪ ڪپڙو ڪو نه هو.“

مخدوم صاحب حديث جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ اصول حديث جي پيش نظر، حديث جي روايت ۽ سـَـند تي محدثانه جرح ڪندي لکي ٿو:

 ”هن حديث جي سند ضعيف آهي. هن حديث جي سند ۾ القاسم ليساري، ابراهيم بن هارون ۽ يحيٰ بن ابي طالب راوي آهن. اهي ٽئي راوي مجهول آهن. خبر مجهول غير مقبول هوندي آهي. اصول حديث جي ڪتابن موجب خبر مجهول ضعيف آهي ۽ ضعيف روايت شرعي احڪام ۾ حجت نه هوندي آهي. حافظ ذهبي ’ميزان ‘ ۾ وضاحت سان لکيو آهي ته يحيٰ بن ابي طالب، هارون بن موسيٰ ۽ يحيٰ ضعيف راوي ۽ ڪوڙا آهن.“

مخدوم صاحب کي علم حديث وانگر فقھ تي به ڪامل دسترس هئي. پاڻ فقھ جي عبارتن جو نچوڙ هن ريت ڏنو آهي:

 ”ڳاڙهو ڪپڙو مردن کي پائڻ مڪروه تحريمي آهي.“

مخدوم صاحب هن مسئلي ۾ ٻين فقيهن جو موقف به بيان ڪيو آهي، پر اڳتي هلي انهن جو ڀرپور رد به ڪيو اٿس، مثال طور: ابوالمڪارم، ”فتاويٰ قاضي خان“ جي حوالي سان نقل ڪيو هو، ته ڳاڙهي ڪپڙي پهرڻ ۾ ڪابه ڳالهه نه آهي. شمس الدين القهستاني، الزاهدي جي حوالي سان لکيو هو ته ڳاڙهي ڪپڙي پائڻ ۾ ڪوبه خوف نه آهي.

مخدوم صاحب وٽ اهي ٻئي ڪتاب موجود هئا. انهن ڪتابن جو لفظ لفظ ڪري پڙهيو هئائين. ان ڪري پاڻ ڪامل فقيھ جي حيثيت ۾ ابوالمڪارم ۽ القهستاني تي علمي چوٽ ڪندي لکي ٿو:

 ”انهن ٻنهي ڳاڙهي ڪپڙي جائز هجڻ جي عبارت مٿين ڪتابن تان نقل ڪئي آهي. گهڻي تحقيق کان پوءِ اهي جائز هجڻ جا لفظ ئي انهن ڪتابن ۾ موجود نه آهن، ته پوءِ سندن اهي اوٽ تي حوالا ڏيڻ ڪنهن به طرح صحيح ۽ دليل نه آهن.“

مخدوم صاحب ان باري ۾ اهلِ علم کي به اپيل ٿو ڪري ته جيڪڏهن اهي لفظ انهن ڪتابن ۾ موجود هجن، ته ڪو اسان کي ٻڌائي ته الله تعاليٰ ان کي اجر ڏيندو ۽ اسان ان جا شڪرگذار رهنداسون.

اهڙيءَ ريت مخدوم صاحب اڳتي هلي لکي ٿو:

 ”هائو، ڪن ماڻهن ’ملتقط ‘ ۽ ’مجمع الفتاويٰ ‘ جي حوالي سان به ساڳي ڳالهه ڳاڙهي ڪپڙي جي جواز ۾ آندي آهي، پر جيئن ته اهي ٻئي ڪتاب اسان جي ملڪ سنڌ ۾ موجود نه آهن ته جيئن اسان انهن کي ڏسي ۽ هن ڳالهه کي ڀيٽي ڏسون. ممڪن آهي ته اهي حوالا به ابوالمڪارم ۽ القهستاني جي مٿين حوالن وانگر اوٽ تي هجن، تنهن ڪري ان ڳالهه کي ڪو وزن ڪونهي. جيڪڏهن اسان اهو کڻي مڃون ته ٻنهي يا ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ اها جواز جي ڳالهه آهي، ته به ان ۾ شڪ ناهي ته اها ڳالهه غير مختار ۽ ظاهر روايت جي خلاف آهي.“

مخدوم صاحب اڳتي هلي امام ابو حنيفه، امام مالڪ ۽ امام احمد بن حنبل رحمة الله عليهم جي حوالي سان تحرير ڪيو آهي، ته مردن کي ڳاڙهو ڪپڙو پهرڻ مڪروه تحريمي آهي. البت، امام شافعي رحمة الله عليھ جو موقف الڳ بيان ڪري، ان جا جواب به ڏنا اٿائين.

مخدوم صاحب رسالي جي آخر ۾ فقھ حنفي جي مشهور درسي ڪتاب ”نورالايضاح“ جي مصنف، حسن بن عمار بن علي شرنبلالي (994هه - 1069هه) تي علمي چوٽون ڪيون آهن، جو هن ڳاڙهي ڪپڙي پائڻ جي جواز ۾ هڪ رسالو لکيو هو. مخدوم صاحب شرنبلالي جي رسالي جي باري ۾ لکي ٿو، ته ان جو دارومدار ٽن ڳالهين تي آهي ۽ پاڻ انهن ٽن ڳالهين جي جواب سان گڏ ڇهه ٻيا جواب ڏئي، شرنبلالي جي تحرير کي رد ڪيو اٿائين.

مخدوم صاحب جو هن رسالي ۾ تحرير جو انداز عالمانه ۽ سوالن جوابن جو طريقو محققانه آهي، جنهن مان مخدوم صاحب جي قرآن فهمي، علم تفسير، علم حديث، اصول حديث، فقھ ، اصول فقھ ۽ علم ڪلام جي ڀرپور ڄاڻ ۽ علمي مهارت جو پتو پوي ٿو.

 

------

 

رفع النصب لتکثر التشهدات

 

في صلواة المغرب

مخدوم صاحب هيءُ رسالو بروز خميس 11 جمادي الاول 1164 هجري تي لکيو، جو ڇهن صفحن تي ڦهليل آهي. صفحي جي ڊيگهه تيرهن انچ ۽ ويڪر ست انچ آهي. هر صفحي ۾ 21 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 16 لفظ آهن. هن رسالي تي ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سال ته لکيل ڪونهي، پر رسالي جي آخر ۾ ٻن صفحن تي سوال جواب ۽ شرعي تحرير - مخدوم صاحب جي پوٽي - مخدوم ابراهيم بن عبداللطيف بن محمد هاشم ٺٽويءَ جي نالي لکيل آهي. سوال ڪندڙ جو نالو سليمان بن عبدالله بن صالح بن مفرح لکيل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي پوٽي جي وقت ۾ ڪتابت ٿيو آهي. البت رسالي جي منڍ ۾ بسم الله جي مٿان لکيل آهي ته، ”قابلناه بالاصل“ ، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي اصل دستخط قلمي نسخي تان ڀيٽي لکيو ويو آهي، جيتوڻيڪ هيءُ دستياب نسخو ڪتابت کڻي پوءِ ٿيو آهي. ان ڪري هن نسخي جي صحت ۽ اهميت ظاهر آهي. راقم کي هن رسالي جو عڪس قاسميھ لائبريري ڪنڊياري مان مليو. هيءُ رسالو سنڌالاجي لائبريري ڄام شوري، ڪتبخانه ڳڙهي ياسين ۽ درسگاه منصوره ۾ محفوظ آهي.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ عجيب مسئلو بيان ڪيو آهي. سانجهي نماز ۾ جيترا ڀيرا به تشهد يا التحيات پڙهڻ ممڪن ۽ واقع ٿي سگهي، انهن جو تفصيل ڏنو آهي. حمد ۽ صلواة کان پوءِ مخدوم صاحب لکي ٿو:

 ”هيءُ رسالو آهي، جنهن ۾ مون سانجهيءَ نماز ۾ جيترا ڀيرا تشهد يا التحيات پڙهڻ ممڪن ٿي سگهن، انهن جو تعداد گڏ ڪيو آهي. امام ابو حنيفھ ۽ امام ابو يوسف جي قول تي سانجهيءَ نماز ۾ تشهد پڙهڻ جو تعداد 79 ڀيرا ممڪن آهي. البت امام محمد جي قول تي 160 ڀيرا سانجهيءَ نماز ۾ تشهد پڙهڻ ممڪن آهي، جيئن ان جو تفصيل بيان ٿيندو. مون هيءُ رسالو خميس جي ڏينهن 11 جمادي الاول 1164هه تي لکڻ شروع ڪيو ۽ هن رسالي جو نالو ’رفع النصب لتکثر التشهدات في صلواة المغرب ‘ رکيو ويو.“

مخدوم صاحب پهريان فقھ جي مشهور ڪتاب ”بحرالرائق“ جي حوالي سان سانجهي نماز ۾ 11 ڀيرا التحيات پڙهڻ جو مثال به ڏنو آهي. ان کان پوءِ مڪمل تفصيل ڏئي رسالو پورو ڪيو آهي.

ساڳئي بحث، عنوان ۽ مسئلي تي مخدوم صاحب هڪ رسالو ”بهز المنکب اليٰ تکثير التشهدات في صلواة المغرب“ هن کان اڳ ۾ تفصيل سان لکيو هو، جنهن جو حوالو پاڻ هن رسالي ”رفع النصب“ جي آخر ۾ ڏنو اٿائين.

هن رسالي ۾ آيل تفصيل ڏسڻ ۽ مسئلي کي سمجهڻ لاءِ وڏيءَ مٿاڪـُـٽ ۽ دماغي ورزش ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

------

الحجة القوية في حقيقة القطع بالافضيلة

مخدوم صاحب جي هن دستياب قلمي نسخي ۾ 79 صفحا آهن. هر صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 13 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 10 لفظ آهن. ڪاتب جي صورتخطي وچولي ٿلهي قلم سان صاف ۽ وڻندڙ آهي.

هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي ٻن عربي ڪتابن جو نچوڙ آهي ۽ مخدوم محمد معين ٺٽوي جي ڪتاب ”الحجة الجلية في رد من قطع بالافضيلة “ جو رد آهي. مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ قرآن، حديث، فقھ ، اصول، ڪلام ۽ رجال جي ڪتابن جا اڪثر جابجا حوالا ڏنا آهن. پر افسوس جو ڪتاب جو هيءُ نسخو 79 صفحي کان پوءِ آخر تائين ناقص آهي. ان ڪري ڪاتب ۽ ڪتابت جو سن معلوم ٿي نه سگهيو آهي. پر ڪاغذ ۽ اکرن جي بيهڪ مان لڳي ٿو ته هيءُ نسخو ويجهي دور جو ڪتابت ٿيل آهي. مخدوم صاحب جي هن رسالي ”الحجة القوية “ جو قلمي نسخو، حافظ عبدالله ولد مولوي محمد معروف مٽياري واري جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. راقم کي اتان هن نسخي جو عڪس مليو آهي. هن رسالي جا قلمي نسخا پير سرهندي، اوريئٽل ڪاليج ۽ نيشنل ميوزيم لائبررين ۾ موجود آهن.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب پنهنجي همعصر عالم - مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي گهڻن ڪتابن جو رد لکيو آهي. هيءُ ڪتاب به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن ۾ چئني خليفن جي ترتيب بابت بحث ٿيل آهي. مخدوم صاحب مقدمي ۾ هن رسالي تصنيف ڪرڻ جو مقصد ۽ نچوڙ بيان ڪندي تحرير ڪيو آهي:

 ”مون پهريائين هن سلسلي ۾ وڏو ڪتاب ’السنة النبوية في حقيقة القطع بالافضلية‘ لکيو هو. ان کان پوءِ انهيءَ ڪتاب جو اختصار ’الطريق الاحمدية في حقيقة القطع بالافضيلة ‘ نالي سان لکيم ۽ هيءُ موجوده رسالو انهيءَ وچئين رسالي جو خلاصو آهي ۽ هن خلاصي جو نالو آهي: ’الحـُـجة القوية في حقيقة القطع بالافضيلة . ’

انهن ٽنهي رسالن لکڻ جا ٻه مقصد آهن:

1. اهلِ سنت جماعت جي تحقيق، قرآن عظيم ۽ نبي جي حديث مبارڪن مان حضور جن جي چئني خليفن جي ترتيبوار فضيلت ۽ حقيقت ظاهر ڪرڻ. يعني ’افضل البشر کلهم بعدالانبياء عليهم الصلواة والسلام ابوبکر ثم عمر ثم عثمان ثم علي رضي الله عنهم. ‘ مطلب ته الله تعاليٰ جي نبين سڳورن کان پوءِ سڀني انسانن ۾ ابوبڪر ڀلو آهي، پوءِ عمر، پوءِ عثمان، پوءِ علي. الله تعاليٰ انهن کان راضي ٿيو.

2. اهلِ سنت ۽ هنن خليفن جي ترتيب ۾ مخالفت ڪندڙ ۽ رافضين جي موافقت ڪري حضرت علي المرتضيٰ کي سڀني خليفن کان افضل سمجهندڙ ڪن همعصر عالمن ’الحجة الجليلة في رد من قطع بالافضلية ‘ نالي ڪتاب لکيو آهي. منهنجي هن ڪتاب جو ٻيو مقصد رافضين جي تائيد ڪندڙ همعصر (مخدوم محمد معين ٺٽوي) جي هن ڪتاب جو رد ڪرڻ آهي.

مون هيءُ رسالو 17 شعبان 1164هه ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن رسالي ۾ مقدمو، ٻه فصل ۽ خاتمي ۾ ڇهه فائدا آهن. ان ۾ شڪ نه آهي ته بيشڪ حضرت علي رضي الله عنھ وڏين فضيلتن ۽ مناقبن جو صاحب آهي. هو امت جو اڪابر آهي، السابقون الاولون مان آهي، الله تعاليٰ جي صالح ٻانهن ۾ ڀلو آهي، نيڪن صالحن مقربن مان آهي. سندس گهڻيون ئي فضيلتون ۽ ڀلايون آهن، پر خليفن سڳورن جي ترتيب جيئن مٿي بيان ٿي، حضرت عليءَ جو انهن ۾ اهوئي نمبر آهي. ان ڏس ۾ عقل يا اجتهاد جو دخل ڪونهي. نبي طرفان ئي اها ترتيب ۽ امر واقع آهي.“

مخدوم صاحب پنهنجي هن رسالي ”الحجة القوية “ ۾ همعصر جو اشارو ته ڪيو آهي، پر نالو نه ورتو آهي. اصل ۾ اهو اشارو مخدوم صاحب جي وڏي همعصر ۽ رنگين طبيعت واري عالم - مخدوم محدم معين ٺٽويءَ ڏانهن آهي ۽ ”الحجة الجلية “ ان جو ئي ڪتاب لکيل آهي.

بهرحال، هيءُ علمي بحث مخدوم صاحب پنهنجي رسالي ۾ آڻي، علمي تحقيق جا واهڙ وهايا آهن ۽ ڀرپور حوالن سان پنهنجو اندازِ تحرير ۽ اهلِ سنت جو دفاع ۽ حق ثابت ڪيو آهي. افسوس ته هيءُ رسالو آخر ۾ ناقص آهي.

تازو نيشنل ميوزم ڪراچيءَ مان هن ئي موضوع تي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو وچون رسالو ”الطريقته الاحمديھ “ دستياب ٿيو آهي. سهڻي ڪتابت سان 229 صفحن تي مشتمل اهي ۽ ڪاتب جو نالو ۽ سال هي آهي: محمد اسماعيل افغان، 1333هجري.

هيءُ ڪتاب مناظر اسلام مفتي عبدالرحيم سڪندري، مدرسھ صبغة الهديٰ شاهه پورچاڪر ضلعي سانگهڙ وارو ايڊٽ ڪري رهيو آهي.

 

------


(1) محمد بن جرير الطبري:  ”تاريخ طبري“  (اردو) جلد-1، ص 153 کان 205 (تلخيص)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org