سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-6

صفحو :6

 

باب ڇهون

سير ۽ سفر

حرمين شريفين جو سفر

مخدوم صاحب جو پهريون سفر، سندس ٻالجتي ۽ ننڍي وهيءَ ۾ پنهنجي وطن بٺوري کان ٺٽي شهر ۾، علم پرائڻ واسطي هو. سندس ٻيو وڏو ۽ اهم حرمين شريفين جو سفر، حج جي سعادت حاصل ڪرڻ سان گڏ وڌيڪ علمي تحصيل خاطر هو. سندس ٽيون سفر به روحاني تعليم ۽ مرشد وٺڻ خاطر، حرمين شريفين مان واپس موٽندي، سورت بندر طرف ٿيو. ان کان پوءِ پاڻ مختلف وقتن تي ديني تبليغ واسطي سنڌ جو سير سفر به ڪيو اٿن.

مخدوم صاحب تقريباً ايڪٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن حج ادا ڪرڻ لاءِ سنبريو، مخدوم صاحب عاشقِ رسول ۽ عالم باعمل هو. ان ڪري هميشه ڪعبـة الله ۽ ديارِ حبيب جي زيارت لاءِ عشق ۽ محبت، سڪ ۽ سوز جو درياءُ سندس دل ۾ ڇوليون هڻي رهيو هو.پاڻ سن 1135هه/1723ع ۾ حج جي سفر لاءِ ٺٽي مان اُسهيو. مخدوم صاحب جي هن سفر جو مقصد حرمين شريفين جي زيارت، ديني علوم، يعني علم حديث، تفسير ۽ قراءت جي مڪمل تحصيل ۽ تڪميل حاصل ڪرڻ پڻ هو.

حقيقت به ائين آهي ته هر عاقل بالغ مسلمان تي استطاعت هوندي، حج ادا ڪرڻ ۽ علم جي طلب ڪرڻ لازمي آهي. حج گناهن کي ميٽي ٿو ۽ علم جي عظمت کي حضور جن عبادت کان به افضل قرار ڏنو آهي. طالب علم ۽ عالم جي قلم جي مـَـسُ کي به شهيد جي رت کان وڌيڪ پاڪ ۽ افضل فرمائي، مسلمانن کي طلبِ علم جي لازوال لگن عطا فرمائي آهي.

مخدوم صاحب کي الاهي علمي عطا، پنهنجي ذهين طبيعت ۽ عربي ٻوليءَ تي مڪمل عبور هو. ان ڪري وقت اچڻ تي هـُـو ديارِ حبيب وڃڻ لاءِ روانو ٿيو. ان وقت سندس عمر ايڪٽيهه سال هئي. ان دور ۾ حج جو سفر اڻانگو ۽ مشڪل هوندو هو. اڄ جهڙيون سهولتون ميسر نه هيون ۽ اهو به معلوم نه آهي، ته مخدوم صاحب اهو سفر ڪهڙي رستي سان طئي ڪيو هوندو؟

مخدوم صاحب حرمين شريفين ۾ حج ادا ڪرڻ سان گڏ اڳوڻي علمي جذبي ۽ دلي شوق سان اتي جي عالمن ۽ استادن کان علم حديث ۽ ٻين علمن ۾ اجازت ۽ سـَـنـَـدُون حاصل ڪيون. مخدوم صاحب مڪي شريف ۽ مديني منوره ۾ جن بزرگن ۽ استادن کان علمي استفادو ڪيو، تن جو ذڪر پاڻ پنهنجي ڪتاب  ”اتحاف الاڪابر“  ۾ ڪيو اٿائين.

مخدوم صاحب سفر حج جو احوال بيان ڪندي، پنهنجي ڪن ڪتابن جي حاشيي تي لکيو آهي:

 ”کيس جمعي جي رات، 12 تاريخ رجب المرجب سن 1136هه تي مديني منوره ۾ حضرت رسول الله جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو.“ (1)

مخدوم صاحب جي علمي عظمت ۽ عشقِ رسول جي ڪري، سنڌ ۾ هيٺيون واقعو به عام زبان زد ۽ مشهور آهي:

 ”حرمين شريفين جي سفر دوران مخدوم صاحب جڏهن مديني منوره ۾ رسول الله جن جي روضي مبارڪ تي حاضري ڏني ۽ سلام پڙهيو، ته روضي مبارڪ مان حضور جن طرفان کيس سلام جو جواب مليو ۽ ائين کيڪاريو ويو ته ’ڀلي آئين محمد هاشم ٺٽي وارا!‘ ڇو ته محمد هاشم نالي وارا ٻيا ماڻهو به حرم رسول الله ۾ حاضر ۽ موجود هئا.“ (1)

جيتوڻيڪ مٿئين واقعي جو احوال  ”تحفـة الڪرام“  يا ٻين تاريخي ڪتابن ۾ آيل ڪونهي، پر هيءُ واقعو سڄي سنڌ ۾ ايترو ته مشهور آهي، جو ان جو انڪار به ڪري نه ٿو سگهجي ۽ تواتر جي حد تائين پهتل آهي.

ان کان سواءِ مخدوم صاحب جي همعصر بزرگ حضرت شاهه ولي الله دهلوي به حرمين شريفين جي سفر دوران اهڙن واقعن، فيض برڪت ۽ مشاهدن جو ذڪر پنهنجي ڪتابن ۾ ڪيو آهي. هو لکي ٿو:

 ”جنهن وقت آئون مديني منوره ۾ حاضر ٿيس ۽ روضي مبارڪ جي زيارت کان مشرف ٿيس، ته مون رسول الله جو روح مبارڪ ظاهر ظهور ڏٺو. اهو ڏسڻ نه رڳو عالمِ ارواح ۾، بلڪ عالمِ مثال ۾ هنن ظاهري اکين جي قريب هو. آئون سمجهي ويس ته هيءُ جو عوام ۾ مشهور آهي، ته رسول الله نماز ۾ حاضر ٿئي ٿو ۽ ماڻهن جي امامت ڪرائي ٿو وغيره ذالڪ. هي سڀ انهيءَ دقيقي جون ڳالهيون آهن... مون نبي کي سندن اصلي صورت ۾ بار بار گهڻا دفعا ڏٺو آهي.“ (2)

مشهور آهي ته شاهه ولي الله دهلويءَ اها به دعويٰ ڪئي آهي، ته مون کي خود رسو الله سالڪ بنايو آهي ۽ پاڻ منهنجي تربيت فرمائي آهي. ان لاءِ آئون ڪنهن واسطي کان سواءِ رسول الله جو شاگرد آهيان.

 ”سنن ابوداؤد“  ۾ حديث مبارڪ به آهي:

 ”ان الله حرم علي الارض ان يا کل اجساد الانبياء فنبي الله حي يرزق“ (1) يعني: الله تعاليٰ زمين تي حرام ڪري ڇڏيو آهي، ته اها نبين سڳورن جي جسم کي نه کائي. الله تعاليٰ جا نبي زنده آهن، انهن کي رزق ڏنو وڃي ٿو.“

بهرحال، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ سان ڀليڪار واري روايت ۽ شاهه ولي الله دهلويءَ جي مڪاشفات ۽ زيارت واريون روايتون، سڀ انهيءَ دقيقي جون ڳالهيون آهن. ادب ۽ عشق، سوز ۽ محبت جون علامتون ۽ اهڃاڻ آهن.

مخدوم صاحب ڏانهن ڪعبـةِ الله جي طواف وقت عورتن ۽ مردن کي جدا جدا طواف ڪرڻ جو واقعو به منسوب آهي، پر  ”تحفـةِ الڪرام“  ۾ اهو واقعو مخدوم آدم ٺٽويءَ ڏانهن منسوب ٿيل آهي.(2)

مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو:

( ”مخدوم صاحب جي علمي ڪمال ۽ ديني خدمت ڪري) عام ماڻهن ۾هيءُ به رواج آهي، ته گذريل زماني ۾ شرعي يا ديني، ڪو وڏو معاملو، ڪنهن دين جي عالم هٿان ٿي گذرندو آهي، ته ان کي گهڻو ڪري مخدوم محمد هاشم ڏانهن منسوب ڪندا آهن.“ (3)

بهرحال، انهن عام مشهور روايتن ۽ واقعن مان مخدوم صاحب جي علمي عظمت، شرعي خدمت ۽ ديني اهميت جي ڀليءَ ڀت پروڙ پوي ٿي ۽ سندس مقبوليت ۽ عالمانه وقار ۽ ڪردار جي نشاندهي به ٿئي ٿي.

رچرڊ برٽن، مخدوم صاحب جي حج جي سفر تي هن ريت روشني وڌي آهي:

 ”هن هندستان ۽ عربستان جو سير ڪيو. عربي ۽ فارسي ٻوليون ۽ فقـھ چڱيءَ طرح سکيو. چون ٿا ته مسافريءَ دوران هن عيسائي پادرين سان ڪيترا مناظرا ڪيا ۽ سندن مذهب جي خلاف رسالا پڻ لکيا.“ (1)

برٽن جو اهو اقتباس تمام قيمتي آهي، جنهن مان اندازاو ڪري سگهجي ٿو ته مخدوم صاحب جو هيءُ سمورو سفر مڪمل طور علمي ۽ ديني هو. دين جي خدمت سفر ۾ به جاري رهي. برٽن جي حوالي مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو، ته مخدوم صاحب مفسر، محدث ۽ فقيـھ هجڻ سان گڏ  ”مناظرِ اسلام“  به هو.

جيئن مٿي گذري آيو ته مخدوم صاحب حج ادا ڪرڻ لاءِ خبر ناهي ته ڪهڙي رستي سان سفر اختيار ڪيو هو؟ البت، مخدوم صاحب جي دور جي همعصر بزرگ، شاعر ۽ عاشقِ رسول مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هالائيءَ به ٻارهين صديءَ هجريءَ ۾ ٻه ڀيرا حج واسطي عربستان جو سفر ڪيو هو. هن پنهنجي سفر جو ذڪر، سنڌي شاعريءَ جي صنف  ”مولود“  ۾ ڪيو آهي ته هـُـو هالا شهر کان نڪري، ڪٿان ڪٿان ٿيندو، سفر ڪري حرمين شريفين پهتو هو. سندس مولودن مان ان دور جي سفر جي منزلن جو اندازو ۽ ڪن شهرن جا نالا به ظاهر ۽ معلوم ٿين ٿا. ممڪن آهي ته ان وقت اهوئي رستو ڀلي پار وڃڻ جو هو، ۽ مخدوم صاحب به ٺٽي مان نڪري، اڳتي ساڳيون منزلون طئي ڪري، ديارِ حبيب ۾ پهتو هجي! مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هالائيءَ جو مولود هن طرح آهي:

        مـُـنارا مير مـُـرسل جا، ڏسان شل ڏيهه سڀ ڏوري!
1.      هلي هالا، مٽيان ميسا، اُنڙپور کي ڇڏيان اوري،
        مٽياريءَ جي مـُـهاڳي کان ڇڏيان مانجهو گهليون گهوري.
2.      کهو ۽ ڪوٽڙي ڪوٽ ۽ سـُـنڊا کوکر وڃان سوري،
        ننگربندر ۽ باگاڻا، ڪراچيءَ کا وڃان ڪوري.
3.      مخو مسقط، مطر مربات ۽ مڪلا مٽيان موري،
        حدوده مان هلان هل سان، جدي ۾ جاءِ وهان جوڙي.
4.      هلان جدي مان مڪي، صفا مروه وڃان ووڙي،
        ڪريان ڪعبي طواف ۽ حجراسود کي مان چوري.
5.      پيان پاڻي سندو زم زم، ڇڏيان احرام اُت ڇوڙي،
        مديني مير سان موليٰ! ٿـَـڪـِـي نيئي ميڙ ڪنهن ٿوري.
6.      مديني خاڪ کي سرمو ڪري پايان ڀتر ڀوري،
        سـِـسـِـي  ”عبدالرئوف“  اڳيان قريشيءَ جي رکان ڪوري.(1)

 

سورت بندر:

مخدوم صاحب حـرمين شريفين جي سفر تان موٽندي مرشد جي تلاش ۾ هندستان آيو ٿو ڏسجي، جتي پاڻ حضرت سيد سعدالله قادري (المتوفي 1138هه/1726ع) سورت بندر واري جو مريد ٿيو. کانئس قادري سلسلي ۾ خلافت جو خرقو حاصل ڪري، سن 1137هه ۾ واپس ٺٽي موٽي آيو.

ڀٽ شاهه:

مشهور آهي ته مخدوم صاحب دين جي آبياريءَ لاءِ هر وقت ڪوشان رهندو هو. جتي ڪو دين جي خلاف بدعت جو ڪم ٻڌندو هو، ته هلي وڃي ان بدعت جي ڪم کي بند ڪرڻ جو سعيو ڪندو هو. مير عبدالحسين  ”سانگي“  لکي ٿو:

 ”هڪ ڀيرو ناميارا عالم حضرت شاهه صاحب وٽ آيا. انهن جو اڳواڻ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هو، جنهن جو لقب ’مخدوم‘ آهي. انهن عالمن جي اچڻ جو مقصد اهو هو ته حضرت شاهه صاحب پنهنجي مجلس ۾ راڳ ۽ سرود وڄائيندو هو، ان کي روڪڻ واسطي آيا، جو اهو ڪم شريعت جي خلاف آهي. جڏهن شاهه صاحب عالمن ۽ زاهدن جي اچڻ جو ٻڌو ته پنهنجي فقيرن کي فرمايائون ته تنبورن کي کڻي اندر جاءِ  رکن ۽ پاڻ فقيرن جي وچ ۾ اچي ويٺا، جيئن تارن ۾ چنڊ چمڪندو آهي. جڏهن اهي عالم ۽ زاهد آيا ۽ قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪيائون، ته حضرت شاهه صاحب انهن عالمن سان تمام سهڻي نموني پيش آيو ۽ اڳواٽ انهن کان مسئلو پڇيائون، ته هڪڙو وڻ هجي ۽ ان مان عام فائدو حاصل ٿئي. پاڻيءَ کان سواءِ سڪڻ لڳي ۽ پاڻي به گندو ۽ ناپاڪ هجي. اهو پليد پاڻي وڻ کي ڏجي يا ڇڏي ڏجي، ته ڀلي سڪي وڃي؟ عالمن يڪ زبان آواز ڏنو، ته ان ۾ ڪو حرج ڪونهي، جو پليد پاڻي وڻ کي ڏجي، وڻ سائو ٿئي (۽ ان وڻ جو فائدو عام ٿئي). جڏهن عالمن مسئلو حال ڪيو ته تنبورا جيڪي اندر پيا هئا، سي ازخود وڄڻ لڳا. ڄڻ ته انهن کي ڪو وڄائي رهيو آهي.

عالمن کي سازن وڄائڻ تي ڪاوڙ آئي ته هيءَ ڪهڙي شرافت آهي، جو شريعت جي خلاف رستو اختيار ڪيو ويو آهي! اسان ته خاص انهن جي روڪڻ لاءِ آيا آهيون ۽ فقير اندر ساز وڄائڻ ۾ مصروف آهن. حضرت شاهه صاحب انهن کي اجازت ڏني، ته اندر وڃي جنهن کي ڏسن ۽ شرعي حڪم جاري ڪن، شريعت جي صاحبن جلدي وڃي ڏٺو ته جاءِ کي رڳو هڪ دروازو هو ۽ پاڻ اتان داخل ٿيا. جاءِ کي ٻي ڪابه دري وغيره ڪانه هئي. چارئي طرف بند آهن ۽ تنبورا ازخود وڄي رهيا آهن. اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا ۽ حضرت شاهه صاحب کان ان جو سبب پڇيائون. حضرت شاهه صاحب فرمايو ته جڏهن اوهان کان مسئلو پڇيم، ته اوهان جائز ڪيو. پوءِ الله تعاليٰ جي حڪم سان تنبورن وڄڻ شروع ڪيو. جيئن ته منهنجي دل ۾ حقيقي محبت جو وڻ آهي. سرود جي آواز کان اهو سائو ٿئي ٿو.“ (1)

مولانا دين محمد وفائيءَ پنهنجي ڪتاب  ”لطف اللطيف“  ۾ اها ساڳي روايت آندي آهي، پر ان راويت جي صحيح هجڻ جي تصديق نٿو ڪري. هو لکي ٿو:

 ”هونئن به ملڪ ۾ اهو واقعو، عام طرح، ورهين کان وٺي مشهور آهي. پوءِ سچو آهي يا ڪوڙو، ان جو علم الله کي آهي.“ (2)

مرزا قليچ بيگ به لکيو آهي:

 ”پر سازن جو وڄڻ، سا اها ڳالهه برخلاف آهي.“ (3)

بهرحال، مير عبدالحسين  ”سانگي“  جي مٿئين روايت ۾ شڪ ۽ پڪ جو مسئلو، تحقيق طلب آهي. البت، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ملاقات ثابت آهي.

جناب سائين جي. ايم. سيد لکي ٿو:

 ”شاهه صاحب، مخدوم محمد هاشم سان ٻه ٽي دفعا مليو ٿو ڏسجي.“ (4)

خانبهادر محمد صديق ميمڻ به شاهه صاحب جي ملاقاتن جو ذڪر ڪيو آهي. البت، سندس بيان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب ڀٽ تي ڪونه آيو هو. خود شاهه صاحب وٽس ٺٽي ويندو هو.(1)

پراڻ:

ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياهه سان گڏ  ”هاڪڙو“  نالي پاڻيءَ جو وهڪرو به سنڌ جي اوڀرندي حصي کي پنهنجي شاخن وسيلي آباد ڪندو هو. اروڙ کان هيٺ هاڪڙي جون شاخون هيون. انهن شاخن مان  ”پراڻ“  نالي ٻه شاخون هيون: هڪ اُتر پراڻ ۽ ٻي اولهه پراڻ. اترئين پراڻ جي ساڄي ڪپ تي ونگاه، سندري، علي بندر ۽ اولهندي پراڻ تي سومرن جو پهريون تخت گاه  ”ٿري“  اگهاماڻي ۽ ڏيرڪ جا وڏا شهر هئا.

هاڪڙي ۽ پراڻ جا اهڃاڻ ماموين جي بيتن، ميون شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ به آيل آهن. مثال طور:

هاڪ وهندو  ”هاڪڙو“ ، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.
                                   (ماموئي فقير)

جم وهجو ماڻهوئا، ننگر جي آڌار،
 ”پراڻا“  پرار، نوان اڏجو نجهرا.
                                   (ماموئي فقير)

وٺا پٽ  ”پراڻ“  جا، اڪڙي سامارو،
وڌي گاهه وڏو ٿيو، موهه ۾ موچارو.
                        (ميون شاهه عنايت رضوي)

سارنگ سينگاري، وڄون وسڻ آئيون،
برسي ڀٽاري، ڀريا پٽ  ”پراڻ“  جا.(1)
                                        (شاهه)

مخدوم صاحب ڪنهن ديني مسئلي جي سلسلي ۾ پنهنجي شاگردن سميت  ”پراڻ“  جي پٽ پڻ ويو ٿو ڏسجي، جتي  ”دل“  قوم مان  ”ڪاڇيلا“  پاڙي جا بزرگ کيس مليا هئا. اهي بزرگ، ٻه ڀائر: درس عثمان ڪاڇيلو ۽ درس احمد ڪاڇيلو هئا. مخدوم صاحب انهن سان روحاني رهاڻيون ڪري واپس ٺٽي آيو ۽ چيو:

 ”پراڻ جا پير، جهڙا ٻڌاسون، تهڙا ڏٺاسون.“ (2)

مٽياري:

مٽياري سنڌ جو آڳاٽو شهر آهي. مٽياري شهر اصل ۾  ”چانگ“  قوم آباد ڪيو هو. اهي محمد بن قاسم سان گڏ سن 93 هجري ۾ سنڌ ۾ لشڪر سان گڏجي آيا هئا. شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جا وڏا بزرگ پهريائين  ”هاله ڪنڊي“  ۾ هئا. ان بعد  ”متعاله“  مان  ”متعلوي“  (مٽياري) ۾ آيا، جتان پوءِ  ”بلڙي شريف“  ۾ ۽ آخر ۾  ”ڀي پور“  ۾ رهيا. مٽياري اصل ۾ چانگن جو ڳوٺ هو، پر پوءِ ساداتن جي هتي اچڻ ۽ رهڻ ڪري سندس نالي پٺيان  ”متعلوي“  سڏجڻ لڳو، جيڪو پوءِ اڳتي هلي عام اُچار ۾  ”مٽياري“  مشهور ٿي ويو.(3)

مٽياري، ساداتن سڳورن ۽ ڀلارن بزرگن سان ڀرپور شهر آهي. هتي گهڻا اهل دل بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آهن. سخي سيد رڪن الدين متعلوي به انهن ڪامل بزرگن مان آهي. پاڻ مخدوم ساهڙ لنجار جو مريد ۽ خليفو هو. حضرت مخدوم نوح رحه سان به سندس ملاقاتيون رهيون آهن. سيد رڪن الدين سخي پنهنجي وقت جو ڪامل ولي ۽ نهايت سخي بزرگ هو. سيد رڪن الدين هڪ دفعي دعويٰ ڪئي ته منهنجي مسجد مٽيارين واري سڀني مسجدن جي مهندار آهي. ان ۾ جيڪو شخص پنج وقتي نماز پڙهندو، ان تي قيامت ڏينهن شفاعت ڪندس. انهيءَ بشارت سببان حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ان جي پوٽي مخدوم ابراهيم مڏئي واري به سفر جي تڪليف سهي اچي سخي (رڪن الدين) بادشاهه جي مسجد شريف ۾ نماز جا پنج وقت پڙهيا.(1)

انهيءَ مٿئين حوالي مان معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب ٺٽي مان هلي خاص سيد رڪن الدين سخي جي قول کي سچو سمجهي، مٽياري شهر ۾ اچي سيد جي مسجد ۾ نماز جا پنج وقت پڙهيا ۽ سيد سخي جي مزار جي زيارت ڪئي. مخدوم صاحب جي پيروي ڪندي، سندس پوٽو مخدوم ابراهيم به مٽياري ۾ آيو ۽ مسجد ۾ نماز پڙهي ۽ زيارت ڪئي.

کهڙا:

شهر کهڙا، رياست خيرپور ۾ گهڻي وقت کان علمي مرڪز رهيو آهي. هتي مخدومن جو خاندان آباد آهي. هن خاندان جي نسب جو سلسلو حضور پاڪ جن جي چاچي حضرت عباس رضه سان وڃي ملي ٿو. هن خاندان جو مورث اعليٰ محمد ابراهيم ٽين صدي هجري جي شروعات ۾ عباسي خليفي معتصم بالله جي دور ۾ ديني تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو ۽  ”نيرون ڪوٽ“  (حيدرآباد) جي اتر ۾  ”ڪلور“  نالي هڪ ٽڪر تي اچي رهيو ۽ سن 348هه/959ع ۾ وفات ڪيائين. هن بزرگ جي اولاد مان اسد الله، اڪبر جي زماني ۾ سنڌ جو قاضي القضاة مقرر ٿيو. اڳتي هلي اسدلله، رياست خيرپور جي حدن ۾ کهڙن جي ويجهو  ”پپري“  نالي ڳوٺ ۾ رهيو. سندس وفات 966هه/1559ع ۾ ٿي. مخدوم اسد الله جو پڙ پوٽو مخدوم عبدالخالق  ”پپريءَ“  کي ڇڏي اچي  ”کهڙن“  ۾ رهيو. اڄ تائين سندس خاندان اتي رهاڪو آهي.(1)

ڪلهوڙن جي دور ۾ هن خاندان جو بزرگ مخدوم عبدالرحمان شهيد مشهور ٿي گذريو آهي. هو وڏو عالم ۽ ديني خدمتگار هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه، مخدوم عبدالرحمان شهيد جو گهاٽو دوست هو.(2)

سنڌ ۾ کهڙن جا بزرگ ۽ عالم، دين جي خدمت ڪندا رهيا آهن. مخدوم صاحب جي دور ۾ مخدوم عبدالرحمان مشهور بزرگ هو. هو حق گو ۽ حق تسليم ڪندڙ هو. اتر سنڌ ۾ گهوٽڪيءَ جو بزرگ حضرت پير موسيٰ شاهه ۽ مخدوم عبدالرحمان شهيد، مخدوم صاحب جا همعصر ۽ دوست هئا.

زباني روايت موجب مخدوم صاحب کهڙن ۾ به آيو هو. هڪ دفعي مخدوم عبدالرحمان جي مجلس ۾ ٻن ماڻهن ڪو شرعي معاملو اچي پيش ڪيو، جنهن تي پاڻ شرعي فيصلي جو جواب ڏنائون. ان ڪچهريءَ ۾ هڪ عالم ويٺو هو، تنهن چيو ته توهان جو فيصلو صحيح نه آهي، پر مسئلو هن طرح صحيح آهي. انهيءَ تي مخدوم کهڙائيءَ فرمايو ته بيشڪ حڪم ائين آهي، جيئن توهان فرمايو. پوءِ انهيءَ وقت هڪ دستار گهرائي ان عالم شخص کي ڏنائون. ان وقت مجلس ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ حضرت پير موسيٰ شاهه لوءِ صاحبان گهوٽڪيءَ وارو به موجود هئا.(3)

هن روايت مان ظاهر آهي ته مخدوم صاحب ننگر ٺٽي مان هلي، کهڙن جي شهر ۾ پنهنجي همعصر دوست مخدوم عبدالرحمان شهيد کهڙائيءَ وٽ علمي مجلس ۽ رهاڻ لاءِ آيو هو ۽ شهر کهڙا ۾ ان شرعي فيصلي واري مجلس ۾ مخدوم صاحب ويٺل هو.

راقم 27 مارچ 1993ع تي ڳوٺ کهڙا ۾ مخدوم عبدالرحمان شهيد جي زيارت ڪئي ۽ روبرو ماڳ مڪان وڃي ڏٺو. درگاهه کهڙا جي موجوده گادي نشين مخدوم نيڪ محمد ٻڌايو، ته مخدوم محمد هاشم ٺٽي مان مخدوم عبدالرحمان شهيد وٽ آيو هو ۽ مسجد ۾ اچي رهيو هو. شاهه عبدالطيف ڀٽائي به کهڙن ۾ آيو هو ۽ اها جاءِ به اڃا سلامت آهي، جتي شاهه صاحب رهيو هو. گادي نشين ٻڌايو ته مخدوم محمد هاشم، مخدوم عبدالرحمان جو دوست هو. مخدوم صاحب قلمي قرآن شريف ۽  ”دلائل الخيرات“  به مخدوم عبدالرحمان کي سوکڙي طور ڏنا هئا.

مخدوم نيڪ محمد مهرباني فرمائي مخدوم صاحب طرفان سوکڙي طور ڏنل قرآن مجيد ۽  ”دلائل الخيرات“  قلمي جي زيارت به ڪرائي ۽ پڻ ”تذڪره مخاديم کهڙا“  قلمي فارسي جي زيارت به ڪرائي. اهي سڀ قلمي ۽ ناياب شيون وٽن اڃا تائين محفوظ ۽ صحيح سلامت حالت ۾ موجود آهن. مخدوم نيڪ محمد تازو نومبر 1993ع ۾ وفات ڪري ويو. هينئر سندس لائق ۽ عالم فرزند، مخدوم نديم احمد هاشمي (فاضل منهاج القرآن) گادي نشين آهي.

نانگو شاهه (بدين):

مخدوم امين عرف سيد نانگو شاهه، لاڙ پٽ ۾ بدين طرف درويش ٿي گذريو آهي. درويش مستجاب الدعوات ۽ مجذوب حال فقير هو.  ”گلشن اولياء “  ۾ سندس ڪرامتون ذڪر ڪيل آهن. سيد نانگو شاهه ڪڏهن ڪڏهن جوش ۾ اچي رقص به ڪندو هو. بدن جو تمام ڏٻرو، هڏن جي مـُـٺ هوندو هو. بدن تي هميشه هڪ رلي ويڙهيل هوندي هئس، جا ڏاڍي ٿلهي ۽ ڳري هوندي هئي ۽ رقص وقت محبت جي غلبي کان ايڏا ٽپا ڏيندو هو، جو رليءَ سميت ماڻهن مٿان پيو ورندو هو. سندس وفات جو سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر حالات مان ظاهر آهي ته هو ڪلهوڙن جي زماني جو ٻارهين صدي هجريءَ جي درويشن مان آهي.(1)

نانگو شاهه اصل ۾ شاهه عنايت رضوي جي مسلڪ جو هو، پر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو به همعصر ۽ دوست هو. نانگو شاهه ڀلارو درويش هو، وٽس شاهه ڀٽائي به گهڻو تڻو رهندو هو. پاڻ نانگي شاهه کي ڏسي چيو:

جياسون جو جوڙ ٿي، نانگو ڏٺوسون نت،
جن جو چوچو هئڙو چـِـت، کلي سو باغ ٿيو.

نانگو شاهه دنيا جي مامري سان وابسته نه هو. سنئون سڌو الک سان لاڳاپيل هو. هـُـن  ”نفي“  کي  ”امر“  سان اثبات ڪري ڇڏيو هو. رات جو جاڳي ارتو اوتيندو هو. سندس ماڳ مڪان ديهه ۽ تپو نانگاڻي، تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾، لاکاٽ جي ڀلاري ڀونءَ ۾ واقع آهي.

جيتوڻيڪ مخدوم صاحب ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي واقفيت ۽ ملاقاتون ته ٺٽي ۾ ٿينديون رهنديون هيون، پر مخدوم صاحب هڪ دفعي ديني تبليغ ۽ بدعتن بند ڪرڻ جي سلسلي ۾ بدين طرف لاکاٽ لڳ ماتلي نانگي شاهه جي اوتاري ويو هو. اتفاق سان اتي اڳ ۾ محمد امين عرف نانگي شاهه جي اوتاري تي نانگو شاهه ۽ شاهه ڀٽائي ويٺا هئا. ٻنهي مخدوم صاحب جي مرحبا ڪئي. مخدوم صاحب، نانگي شاهه ۽ ڀٽائي صاحب سان ڪي سوال جواب ۽ رهاڻ ڪري ٺٽي واپس موٽي آيو.(2)

سيوهڻ:

مخدوم صاحب جو سيوهڻ سان اباڻو تعلق رهيو آهي. سندس والد عبدالغفور پنهور اصل ۾ سيوهڻ جو رهاڪو هو، پر پوءِ زماني جي گردش ڪري لاڙ طرف بٺوري ۾ اچي رهيو، جتي مخدوم صاحب پڻ ڄائو. سيوهڻ قديمي شهر آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ سيوهڻ کي قدامت ۽ قلندر لال شهباز (المتوفي: 673هه) جي ڪري وڏي اهميت حاصل رهي آهي.

سن 1989ع ۾ بي. بي. سي لنڊن جي نمائندي رضا علي عابديءَ سنڌو درياءَ جو سفر ڪيو هو. ان اهو سفر، جتان سنڌو درياءَ نڪري ٿو، شروع ڪري ويندي سنڌو درياءَ جي ڇوڙ يعني ڪيٽي بندر تائين ڪيو هو. اهو سفر نامو پوءِ  ”شير درياءَ“  جي عنوان سان روزنامه سنڌي اخبار  ”عوامي آواز“  ڪراچي ۾ به ڇپيو آهي. ان دريائي سفر جي سلسلي ۾ رضا علي عابدي سيوهڻ ۾ به آيو هو ۽ سيوهڻ جي شهرين ۽ درگاهه قلندر شهباز جي خدمتگار مجاورن کان معلومات حاصل ڪئي ۽ انٽرويو ورتو هئائين.

ان سفرنامي مان خبر پئي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي والد جي اصلي شهر ۾ آيو هو. سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي درگاهه تي دستوري ڌمال ته وڄندي هئي، پر ڌمالي فقير شريعت جو خيال نه ڪندا هئا. ٻيو ته ٺهيو، پر فرض نماز پڙهڻ مهل به ڌمال وڄائيندا رهندا هئا. مخدوم صاحب جي سيوهڻ ۾ اچڻ ۽ سندس چوڻ تي ڌمالي فقيرن فرض نماز پڙهڻ وقت ڌمال وڄائڻ بند ڪئي. مخدوم صاحب جي ڪوشش ۽ سعيي جي ڪري فرض نماز مهل ڌمال بند ڪرڻ جو سلسلو اڄ تائين هليو ٿو اچي. هينئر به ڌمالي فقير فرض نماز پڙهڻ وقت ڌمال وڄائڻ بند ڪري ڇڏيندا آهن.(1)

ڌامراهه (لاڙڪاڻو):

ڌامراهه، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ قديم ڳوٺ آهي ۽ لاڙڪاڻي کان ستن ميلن جي مفاصلي تي لاڙڪاڻو- رتوديرو روڊ تي واقع آهي. ڌامراها ذات اصل م پنهور آهن ۽ ڌامراها، پنهور جو مک پاڙو آهي. مخدوم صاحب به اصل ۾ ذات جو پنهور هو، پر ديني خدمت جي ڪري  ”مخدوم“  سڏيو ويو.

لاڙڪاڻي طرف مشهور روايت هلندڙ آهي:

 ”مخدوم صاحب ڌامراهن ۾ آيو هو ۽ هتي هڪ مسجد ۾ رهيو هو. هن وقت ڪوبه ماڻهو ڌامراها ڳوٺ ۾ ان بابت وڌيڪ معلومات ڏيڻ وارو ڪونهي.“ (1)

هن سلسلي ۾ وڌيڪ تحقيق ڪندي، محترم بدر ڌامراهه تفصيل سان لکي ٿو:

 ”مخدوم صاحب واقعي هن تاريخي ڳوٺ ڌامراها ۾ آيو هو. هن وقت ڳوٺ جي ڀر ۾ هڪ پراڻي مسجد زبون حالت ۾ موجود آهي. مخدوم صاحب ان مسجد ۾ اچي رهيو هو. اها مسجد هن وقت ’سيدن جي مسجد‘ سڏبي آهي. ڳوٺ جا جهونا ماڻهو ٻڌائيندا هئا ته هن مسجد ۾ قلمي قرآن مجيد ۽ ڪتاب گهڻا پيل هوندا هئا. ڪنهن وقت سخت برسات جي ڪري مسجد ڊهي پئي ۽ اهي قلمي ڪتاب ۽ قرآن مجيد ڀـِـڄـِـي شهيد ٿي ويا. اها جهوني مسجد ’مخدوم محمد هاشم ٺٽوي‘ جي نالي به مشهور هئي.“ (2)

مخدوم صاحب جي ڌامراها ڳوٺ ۾ اچڻ جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا:

هڪ جيئن ته مخدوم صاحب ذات جو پنهور هو ۽ ڌامراها پنهور جو مکيه پاڙو آهي، ان ڪري مخدوم صاحب مٽي مائٽي ۽ سڱابنديءَ خاطر ڌامراهن ۾ آيو هجي.

ٻيو هيءُ ته ديني خدمت، تبليغ ۽ امرنهي جي اجراء لاءِ آيو هجي.

بهرحال، انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ تحريري احوال ڪونه ٿو ملي. هن پوئين ويجهي دور ۾ ڌامراها ڳوٺ جا ٻه اڪابر مشهور ٿي گذريا آهن:

1. رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو (المتوفي: 1339هه)

2. مولوي عبدالرحمان ڌامراهو (المتوفي: 1348هه)

نصرپور:

مدرسه مجدديه عثمانيه ننگر ٺٽي جي مهتمم ۽ مفتي عبدالرحمان ٺٽويءَ ٻڌايو، ته مخدوم صاحب سنڌ ۾ گهڻن ماڳن مڪانن جو سفر ڪيو هو. ان سلسلي ۾ نصرپور به ويو هو. روايتن مطابق نصرپور ۾ سندس شاگرد مخدوم مئيڏنو ۽ مخدوم نور محمد نصرپوري رهندا هئا.(1)

نصرپور سنڌ جو تاريخي ۽ مردم خيز شهر آهي. سلطان فيروز شاهه سن 751هه/1350ع ۾  ”نصر“  نالي هڪ امير کي ساڱري جي ڪناري تي قلعي ٺاهڻ جو حڪم ڪيو هو. اهڙيءَ طرح هيءُ شهر آباد ٿي، سندس نالي پوئتان  ”نصرپور“  سڏجڻ لڳو. درياءَ جي هيٺان هجڻ ۽ باغات جي ڪثرت کان شهر تفريح گاهه بنجي پيو. اڳتي هلي درياءَ جي رخ ڦيرائڻ ڪري، شهر جو اوج گهٽجي ويو.(2)

راقم گهڻن ڪتابن جا ورق ورايا، پر اهو حوالو لکت ۾ ملي نه سگهيو آهي ته مخدوم صاحب نصرپور جو سفر ڪيو هو. البت، تاريخ ۾ ايترو احوال آيل آهي، ته مخدوم صاحب جي مدرسي هاشمي جا پڙهيل ٻه شاگرد مخدوم مئيڏنو ۽ مخدوم نور محمد شهر نصرپور جا رهاڪو هئا. ممڪن آهي ته مخدوم صاحب پنهنجن فاضل شاگردن وٽ نصرپور آيو هجي، يا ديني تبليغ جي ڪري نصرپور جو سفر اختيار ڪيو هجي!

شڪارپور ۽ گهوٽڪي:

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو:

 ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي تعليم ۽ تبليغ جي سلسلي ۾ اتر سنڌ ۾ به آيو هو.“ (1)

ان ڏس ۾ ايترو يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته اتر سنڌ ۾ مخدوم صاحب جو شاگرد شاهه فقير الله علوي شڪارپور ۾ رهائش پذير هو. گهوٽڪيءَ ۾ مخدوم صاحب جو همعصر سيد موسيٰ شاهه جيلاني ۽ سندس فرزند سيد محمد صالح شاهه گهوٽڪيءَ وارو، مخدوم صاحب جو شاگرد رهاڪو هئا.

جڏهن ته مخدوم صاحب سيوهڻ، ڌامراها ۽ کـُـهڙن ۾ آيو آهي، ان ڪري اهو قرين قياس آهي ته مخدوم صاحب شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ به پنهنجي همعصر بزرگن ۽ شاگردن وٽ آيو هجي!


(1) ”الوحيد“ ، سنڌ آزاد نمبر، ص 33

(1) ”قصص الاولياء سنڌ“  (قلمي سنڌي)، ص 124

(2) شاهه ولي الله دهلوي:  ”فيوض الحرمين“  (مترجم)، ص 81 - 84

(1) امام ابو داؤد سجستاني:  ”سنن ابو داؤد“  (مترجم) جلد 1، ص 399

(2) ”تحفة الڪرام“ ، ص 454

(3) دين محمد وفائي:  ”لطف اللطيف“ ، ص 86

(1) ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“  (مترجم)، ص 79

(1) مخدوم عبدالرؤف ڀٽي:  ”مولود شريف“ ، ص 95

(1) مير عبدالحسين  ”سانگي“ :  ”لطائف لطيف“  (فارسي)، ص 100

(2) ”لطف اللطيف“ ، ص 84

(3) مرزا قليچ بيگ:  ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ، ص 87

(4) جي. ايم. سيد:  ”پيغام لطيف“ ، ص 55

(1) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي:  ”قوت العاشقين“ ، مرتب: محمد صديق ميمڻ، ڏسو مقدمو ص 1

(1) مير اصغر حسين  ”اصغر“ :  ”وٺاپٽ پراڻ جا“ ، ص 1

(2) محمد سومار شيخ:  ”مخدوم محمد هاشم ۽ ڪاڇيلا“  (مقالو)، مهراڻو پبليڪيشن ٿرپارڪر، ص 96

(3) مير عبدالحسين  ”سانگي“ :  ”لطائف لطيفي“ ، مترجم: عبدالرسول قادري، ص 54

(1) ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ، جلد 2، ص 41 - 339

(1) مخدوم الله بخش کهڙائي:  ”تذڪره مخاديم کهڙا“  (قلمي فارسي) ص 1 - 15 (اختصار)

(2) ٽماهي  ”مهراڻ“  سوانح نمبر 3 - 4، 1957ع، ص 1 - 8

(3) زباني روايت مخدوم نيڪ محمد کهڙائي، گادي نشين درگاهه کهڙا شريف

(1) ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ، جلد 3، ص 70 - 267

(2) محمد سومار شيخ:  ”لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا“ ، ص 72 - 73

(1) رضا علي عابدي:  ”شير درياءَ“  (مقالو) مترجم: گل حسن ڪرمتي، روزانه  ”عوامي آواز“  ڪراچي، قسط 17، 1 ڊسمبر 1991ع

(1) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لاڙڪاڻويءَ جو راقم ڏي خط، تاريخ 16 جون 1992ع ۽ 18 آگسٽ 1992ع

(2) محترم بدر ڌامراهي جو راقم ڏي خط، تاريخ 16 ڊسمبر 1992ع

(1) بروايت مفتي عبدالرحمان ٺٽوي، مهتمم مدرسـھ مجدديـھ عثمايھ، ميمڻ محله، ٺٽو سنڌ

(2) ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ، ص 194 - 193 ايضاً  ”تاريخ معصومي“  (مترجم سنڌي)، ص 87

(1) ”قوت العاشقين“ ، مرتب: ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، ڏسو مقدمو ص 9

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org