الحجة القوية في الرد عليٰ من قدح في الحافظ ابن
تيميھ
هن قلمي رسالي جو عڪس، راقم کي مدرسھ مجدديھ
نعيميھ - ملير، ڪراچي مان دستياب ٿيو. ٻئي ڪنهن به
ڪتب خاني مان ان جو ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي. 19
صفحن جو هيءُ رسالو به مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي
رد ۾ لکيل آهي. هن رسالي جي تصنيف ٿيڻ جو سال
ڄاڻايل نه آهي. البت، جيئن ته مخدوم محمد معين سن
1161 هجري ۾ وفات ڪئي، ان ڪري هيءَ رسالو ضرور ان
سال کان اڳ لکيو ويو هوندو. رسالي جي عربي ٻولي
نهايت ادبي ۽ عالمانه نوعيت جي آهي، ڇو ته سندس
مخاطب به مخدوم محمد معين جهڙو چوٽيءَ جو عالم ۽
مصنف هو. مخدوم امير احمد عباسيءَ جي تحقيق ۽
فهرست موجب هن رسالي جو مٿيون نالو مناسب ۽ موضوع
مطابق آهي.
رسالي ۾ صفحا 19، صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽ ويڪر ڇهه
انچ آهي. هر صفحي ۾ 21 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور
15 لفظ آهن.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب جي هن رسالي جو پس منظر هيءُ آهي ته
اڳئين دور ۾ ڪنهن رافضين مان ”منهاج الڪرامة في
معرفة الامامھ “ نالي ڪتاب لکي، اهلِ سنت جي خلاف
ڪيئي مسئلا گهڙي، انهن تي بهتان مڙهيا. اسلامي
اصولن ۽ حق انصاف کي ڇڏي، اهلِ سنت جماعت تي الزام
تراشيون ڪيون. انهيءَ ڪري ستين صدي هجريءَ جي
مشهور مصنف، تقي الدين حافظ ابن تيميھ هڪ ڪتاب
”منهاج الاستقامھ “ لکيو، جنهن ۾ رافضين جي لکيل
ڪتاب ”منهاج الڪرامھ “ ۾ رافضين ۽ انهن جي من گهڙت
مسئلن جو ڀرپور تعاقب ڪيل هو، جنهن ۾ هن سختيءَ
کان به ڪم ورتو هو.
مخدوم محمد معين ٺٽويءَ وري ڇا ڪيو، جو اهلِ سنت
جي خلاف رافضين جي حمايت ۾ ابن تيميھ جي ان رسالي
’منهاج الا ستقامھ‘ تي به اعتراض ڪيا. ابن تيميھ
کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ۽ کيس ”تقي الدين“ جي
بجاءِ ”شقي الدين“ سڏيو.
جيئن ته ان وقت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي اهلِ سنت
جماعت جو سرواڻ هو، ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ بلند پايي
جو محقق، مصنف ۽ نقاد به هو. هن اهلِ سنت جماعت جي
حمايت ۾ لکيل ابن تيميھ جي رسالي تي ڪيل اعتراضن
جو نوٽيس ورتو ۽ ابن تيميھ رافضين جي خلاف، جيڪي
مسئلا ۽ جواب لکيا هئا، انهن جي تائيد ۾ ”الحجة
القويھ “ نالي هيءُ رسالو لکيو. مخدوم صاحب
جيتوڻيڪ ابن تيميھ جو هم خيال ۽ مقلد ڪونه هو، پر
جيئن ته هن رافضين جي مسئلن ۾ حق ۽ انصاف کان ڪم
وٺي، اهلِ سنت جي فائدي ۾ رسالو لکيو هو، تنهنڪري
مخدوم صاحب ان حق ۽ انصاف جي تقاضا ۽ بنياد تي ۽
حمايت خاطر ابن تيميه جي رسالي تي ڪيل اعتراضن جا
ڀرپور جواب ڏئي هيءُ رسالو جوڙيو، جنهن ۾ رافضين
جو رد ۽ اهلِ سنت جي حمايت آهي.
ابن تيميھ ، جن مسئلن ۾ رافضين تي علمي تنقيد ڪئي
آهي، اهي هن ريت آهن:
1. امام غائب، امام مهدي
2. امامن سڳورن لاءِ روئڻ پٽڻ
3. ٻارهن امامن جي معصوميت نبين سڳورن جهڙي مڃڻ
4. خلافت راشده تي اجايا اعتراض
5. حضرت علي المرتضيٰ جي افضليت
6. حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت خاتون فاطمة الزهريٰ
جو اختلاف ظاهر ڪرڻ وغيره.
بهرحال، مخدوم صاحب هن رسالي ۾ عالمانه انداز ۾
بحث ڪري، انهن سڀني مسئلن جو صحيح جواب ڏنو آهي ۽
حق ۽ انصاف کي سامهون رکي، اهلِ سنت جماعت جو صحيح
موقف ظاهر ڪيو آهي.
ام القريٰ يونيورسٽي مڪي شريف جي اسسٽنٽ پروفيسر
ڊاڪٽر قاري عبدالقيوم سنڌي هيءُ ڪتاب عربي ۾ ايڊٽ
ڪري سال 1423هه ۾ مطبع الصفا مڪة المڪرمة مان شايع
ڪيو آهي.
------
ثمانية قصائد صغار في مدح النبي
ﷺ
هيءُ قلمي نسخو تمام جهونو آهي، پر ان جي تصنيف جو
سال ۽ ڪتابت جو دور وغيره معلوم ڪونهي. رسالي ۾ 28
صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه ست انچ ۽ ويڪر پنج انچ
آهي. هر صفحي ۾ 10 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 10
لفظ آهن. راقم کي هن قلمي نسخي جو عڪس، مدرسھ
مجدديھ نعيميھ - ملير، ڪراچيءَ مان مليو. مٽياري،
ٺٽي ۽ ڳڙهي ياسين جي ڪتب خانن ۾ هيءُ رسالو موجود
آهي. ڪتاب ۾ مخدوم صاحب جي نالي ”ٺٽوي“ جي بجاءِ
محمد هاشم ”ٺٺئي“ لکيل آهي.
مواد جو وچور:
هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي عربي شاعريءَ جو مجموعو
آهي، جنهن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار، حضرت محمد
ﷺ
جي شان ۽ ساراهه ۾ قصيدا چيل آهن. هن مجموعي جو نالو مخدوم صاحب
جي تصنيفات جي لسٽ ۾ خمسھ قصائد (پنج قصيدا) ۽
ثمانية قصائد (اٺ قصيدا) لکيو ويو آهي، پر هن
مجموعي ۾ ڇهه عربي قصيدا موجود آهن. ان کان علاوه
مخدوم صاحب جي سنڌي ڪتاب ”قوت العاشقين“ ۾ 41 شعرن
تي مشتمل عربي قصيدو پڻ شامل آهي. اهڙيءَ ريت جملي
ست قصيدا دستياب ٿيا آهن. ممڪن آهي ته ڪنهن
ڪـُـهني بياض ۾ مخدوم صاحب جو اٺون قصيدو به محفوظ
هجي، جنهن لاءِ جاکوڙ جاري آهي.
مخدوم صاحب رباني عالم ۽ عاشقِ رسول
ﷺ
هو. ان ڪري هنن دستياب عربي قصيدن ۾ حضور
ﷺ
جن جي عشق ۽ زيارت، فراق ۽ وصال، شان ۽ ساراهه ۾
صدائون ڪيل آهن ۽ بار بار پاڻ سڳورن تي درود ۽
سلام جي ورکا ڪيل آهي.
خدوم صاحب هنن قصيدن ۾ پنهنجي نالي سان گڏ ”عبد
ضعيف“ جي نسبت ڪئي آهي. جيئن آخر ۾ چوي ٿو:
عبد ضعيف هــــــــاشم في حب احمد فـــــاحـم
وحبيبنا يحمي الـحميٰ صلوا عليھ وســلمـــوا.
هنن قصيدن مان هڪ قصيدو سنڌي ترجمي ۽ شرح سان حافظ
عبدالرزاق مهراڻ سڪندري، مڪتبھ حزب الاحناف پوليس
لائن سانگهڙ مان 1426هه - 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي.
شرح جو نالو آهي ”نسيم الڪاظمھ “
موهبة العظيم في ارث حق
مجاورة الشعر الکريم
سنڌ ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد
ﷺ
جن جا وار مبارڪ ٻن هنڌن تي محفوظ آهن: هڪ لاڙ پٽ
شاهبندر ۾، ٻيو اتر سنڌ روهڙي شهر ۾. روهڙيءَ ۾
موجود وار مبارڪ درياءَ جي ڪنڌيءَ تي قديم جامع
مسجد جي ڀر ۾ مقبري اندر محفوظ آهي. راقم کي
انهيءَ وار مبارڪ جي زيارت جو شرف حاصل آهي.
حضور
ﷺ
جن جي وار مبارڪ جي زيارت ڪندڙ ماڻهو عقيدت ۽ محبت خاطر اتي
پيسا ڏوڪڙ به ڏين ٿا. اهي پيسا اتي جا خدمتگار
مجاور کڻن ٿا. اڳتي هلي درگاه وار مبارڪ جي
خدمتگار مجاورن ۾ ان ملندڙ نذراني تي ملڪيت ۽
وراثت حقداري جو سوال پيدا ٿيو. خود مخدوم صاحب جي
دور ۾ اهو سوال کانئس پڇيو ويو. مخدوم صاحب کان اڳ
۽ پوءِ جي عالمن به انهيءَ مسئلي بابت مختلف
تحريرون لکيون آهن.
مخدوم صاحب وار مبارڪ بابت، سوال جواب جي صورت ۾
”موهبة العظيم“ نالي عربي ۾ رسالو لکيو. پاڻ حمد ۽
صلواة کان پوءِ لکي ٿو:
”پنهنجي پالڻهار غني جي رحمت جو محتاج فقير محمد
هاشم پٽ عبدالغفور پٽ عبدالرحمان سنڌي ٺٽوي چوي
ٿو، ته مون هيءُ رسالو نالي ”موهبة العظيم في ارث
حق مجاورة الشعر الکريم“ مرتب ڪيو آهي. مون کان
سال 1155 هجري ۾ حضرت نبي
ﷺ
جن جي وار مبارڪ جي محافظت ۽ مجاورت جي حق ۾ ورثي
جاري ٿيڻ بابت سوال پڇيو ويو. پوءِ مون چيو هائو
ان ۾ ورثو ٿيندو.
وري محافظت جي حق ۾ صحت الدعويٰ ذڪر ڪيل جو سوال
ڪيو ويو. مون چيو هائو ان ۾ دعويٰ صحيح ٿئي ٿي.
پوءِ سوال ڪيو ويو ته باسون ۽ هديا جيڪي وار مبارڪ
جي مجاورن کي زيارت ڪندڙ ڏين ٿا، ڇا اهو (مال)
سڀني مجاورن ۽ محافظن جو حق آهي. ڇا اهو انهن جي
درميان ورهايو ويندو؟ مون چيو هائو. اهو سڀني جو
حق آهي ۽ حصي رستي سڀني ۾ مال ورهايو ويندو.
پوءِ سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن انهن مجاورن مان ۽
محافظ خدمتگارن مان ڪو هڪڙو ڄڻو حفاظت ۽ خدمت
وغيره جي متولي ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ٿو ۽ اهو ارادو
ٿو رکي ته سڀني ورثي وارن جي رضامنديءَ کان سواءِ
ئي سڀ ڪجهه خاص سندس ئي قبضي ۾ هجي. ٻئي جو ان ۾
ڪجهه به نه وڃي. ڇا اهو سڀ ڪجهه انهي دعويٰ ڪندڙ
متولي واسطي صحيح آهي؟ پوءِ مون چيو ته اهو ان
لاءِ صحيح ۽ حق نه آهي، پر اسلام جا والي ۽ دين
محمد عليھ السلام جا حامي ان کي انهيءَ قبضي ۽
اڪيلي حقداريءَ ۽ وراثت کان منع ڪن ۽ روڪين.“
اسان کي ”موهبة العظيم“ جو چئن صفحن جو مواد
دستياب ٿيو آهي. ان ۾ مخدوم صاحب جي مٿئين عبارت
کان سواءِ عربي ۽ فارسي ۾ ڪيترن عالمن جون عبارتون
۽ صحيحون ڪيل آحن. غالباً آهن پوءِ جي عالمن جا
نالا آهن، جيئن: مخدوم عبدالواحد سيوستاني، محمد
مقبول رضوي، محمد حسين هالائي، محمد واصل، عثمان
عفي عنه، محمد متعلوي ۽ عثمان متعلوي.
انهيءَ مٿئين دستياب ٿيل مواد مان اهو معلوم ٿئي
ٿو ته مخدوم صاحب جو اصل ۾ هڪ ضخيم رسالو تحرير
ٿيل آهي. اها اڻ پوري عبارت ان رسالي جو هڪ اقتباس
آهي. ان ڪري وار مبارڪ جي مسائل بابت مخدوم صاحب
جي مڪمل تحقيق جي پروڙ نه ٿي پئجي سگهي. بهرحال،
جو ڪجهه مواد ملي سگهيو آهي، ان جو ترجمو مٿي ڏنو
ويو آهي. مزيد تلاش جاري آهي. هن رسالي جا نسخا
همايون شريف ۽ ڪتب خانه سرهندي مٽياري ۾ ٻڌجن ٿا.
راقم کي ’موهبة العظيم‘ جي چئن صفحن جو قلمي مواد
ڊاڪٽر مولوي محمد ادريس سومري السنديءَ، ڪتب خانه
درگاه الله آباد - ڪنڊياري جي ڪنهن قلمي بياض مان
فوٽو اسٽيٽ وٺي تحفي طور موڪليو.
------
شرح صفة الروضھ
مخدوم صاحب جي قلمي ڪتابن جي تلاش ڪندي، قبرستان ۽
ڳوٺ شيخ احمد شيخاني لڳ ڪنڊياري وڃڻ ٿيو. اتي
استاد محمد اشرف وٽ سندس وڏن جي قلمي ذخيري مان
مخدوم صاحب جو ناياب قلمي رسالو ”شرح صفة الروضھ “
دستياب ٿيو. هن رسالي جا ٻه قلمي نسخا آهن. هڪ خود
مخدوم صاحب جو دستخط نسخو، ٻيو اصل تان اتاريل
نسخو. مخدوم صاحب واري دستخط نسخي ۾ ڏهه ورق آهن.
زماني جي گردش ڪري ان جا ابتدائي ورق کٽل آهن. اصل
تان اتاريل نسخو قدري زياده آهي، جو 44 صفحن تي
مشتمل آهي ۽ ٿلهي قلم سان سادي ڪتابت ۾ موجود آهي.
جيتوڻيڪ ان جي منڍ ۾ گهڻو اضافو آهي، پر پوءِ به
ابتدائي صفحا کٽل آهن.
الله تعاليٰ جي نيڪ ۽ صالح ٻانهن وٽ حضور
ﷺ
جن تي درود شريف پڙهڻ ۽ برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ، امام
جزوليءَ جي مرتب ڪيل ڪتاب ”دلائل الخيرات“ کي پڙهڻ
جو گهڻي وقت کان معمول هلندو پيو اچي. ”دلائل
الخيرات“ ۾ امام جزولي حزب الاول کان اڳ ۾ ”صفة
الروضھ “ بابت بحث ڪندي لکيو آهي:
”هيءَ وصف ان روضي مبارڪ جي آهي، جنهن ۾ رسول
الله
ﷺ
جن دفن ٿيل آهن. ان جا دوست ابوبڪر ۽ عمر رضي الله
عنهما مدفون آهن، روضي مبارڪ ۾ دفن ٿيل ڀلارن جي
ترتيب هن ريت آهي: روضي مبارڪ جي وچ تي نبي
ﷺ
جن آرامي آهن. ان جي پاسي کان پٺيان ابوبڪر دفن
ٿيل آهي، ان جي پيرن کان عمر فاروق پوريل آهي.“
(1)
مخدوم صاحب ان بحث کي سامهون رکي، دليلن، حوالن ۽
مشاهدي سان ثابت ڪري اصل صحيح صورت، شرح ۽ حاصل
ڪلام هن ريت تحرير ڪيو آهي:
”مٿي جيڪي ست يا نون قبرن مبارڪن جون ڪيفيتون
ڪتابن لکيون آهن پنهنجي جاءِ تي، پر منهنجي تحقيق
هيءَ آهي ته حضرت ابوبڪر جو مٿو نبي
ﷺ
جن جي ڪلهي مبارڪ جي سامهون آهي. حضرت عمر جو مٿو،
حضرت ابوبڪر جي ڪلهي برابر آهي (۽ پيرن جي سامهون
نه آهي) هي ئي ڪيفيت مشهور ترجيح واري ۽ صحيح آهي.
هينئر قبرون مبارڪ هن ئي ڪيفيت تي جڙيل آهن.“
مخدوم صاحب انهيءَ وضاحت کان پوءِ ٽنهي پاڪ قبرن
جو صحيح نموني ۾ نقشو به ڪڍيو آهي، ته جيئن اصل
حقيقت ۽ ڪيفيت سمجهڻ ۾ سهنجائي ٿئي ۽ ”دلائل
الخيرات“ جي مرتب جي سهو سامهون رهي.
بهرحال، مخدوم صاحب جو هيءُ رسالو گويا ”دلائل
الخيرات“ جي ’صفة الروضھ ‘ واري باب يا عنوان جو
شرح آهي. ”دلائل الخيرات“ وارو اصل متن ڳاڙهي مس
سان ۽ مخدوم صاحب جو شرح ڪاري مس سان لکيل آهي.
مخدوم صاحب جو نالو ”شرح صفة الروضھ “ ۾ ٻه دفعا
هن ريت آيل آهي:
1. ڪتبھ الضعيف الراجي شفاعة النبي العربي الفقير
محمد هاشم بن عبدالغفور السندي التتوي جمع الله
تعاليٰ بينھ و بين رسولھ المدني
ﷺ
2. محمد هاشم عفي عنھ
ڪتبھ الضعيف مان ظاهر آهي ته اهو خود مخدوم صاحب
جي هٿين اکرين لکيل قلمي نسخو آهي. اسان وٽ مخدوم
صاحب جا هٿ اکر محفوظ آهن، جن کي ڀيٽڻ سان اهو
معلوم ٿيو ته برابر هيءُ قلمي نسخو مصنف جو دستخط
تحرير ٿيل آهي.
مخدوم صاحب مٿئين عبارت ۾ پاڻ کي نبي عربي
ﷺ
جن جي شفاعت جو اميدوار ڪري لکيو آهي ۽ دعا ڪئي
آهي ته الله تعاليٰ شال رسولِ مدني
ﷺ
جن سان ملائي!
هن قلمي نسخي جا اکر موتين جي داڻن جهڙا سهڻا آهن.
البت، قلمي نسخي جا اول آخر ناقص هجڻ ڪري، لکت ۽
ڪتابت جو سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. راقم کي هن
خوبصورت رسالي جي ٻنهي نسخن جا عڪس ڊاڪٽر مولوي
محمد ادريس سومري السندي ڪنڊياري واري کان تحفي
طور مليا. مخدوم صاحب جي هن رسالي جو نالو ڪنهن به
فهرست ۾ آيل ڪونهي ۽ بلڪل نئين دريافت آهي. هيءُ
رسالو ٻئي ڪنهن به ڪتب خاني ۾ موجود ناهي.
مخدوم صاحب رسالي جي آخر ۾ ”بعض تعريف المؤلف“ جي
عنوان سان ”دلائل الخيرات“ جي مرتب امام جزوليءَ
جي مختصر سوانح حيات هن ريت لکي آهي:
ابو عبدالله محمد بن سليمان الجزولي السملالي.
سندس والد جزولھ قبيلي جي امير ماڻهن ۾ شمار ڪيو
ويندو هو. امام جزولي جو آبائي وطن ضلع سوس ملڪ
بربر افريقه ۾ واقع هو. سندس تعليم مدينه فاس ۾
ٿي. فاس، مراڪش ۾ واقع آهي. علم پرائڻ کان پوءِ
پاڻ پڙهائڻ لڳو. مدينھ فاس مان ڇڏي ريف ۾ آيو. اتي
شيخ محمد بن عبدالله کان باطني علم حاصل ڪيائين.
چوڏهن سال برابر عبادت ۽ رياضت ۾ گوشه نشين ٿي
رهيو. ان کان پوءِ ماڻهن جي رشد و هدايت لاءِ ڪوشش
ڪرڻ لڳو. ٻارهن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن سندس هٿ تي
بيعت ڪئي ۽ گناهن کان توبھ تائب ٿيا.
امام جزولي ڪتاب الله ۽ سنتِ نبوي جو نهايت عامل ۽
پابند هو ۽ ڪثرت سان درود ۽ وردن وظيفن پڙهڻ ۾
مشغول رهندو هو. ان دوران کيس درود شريف جا ظاهري
فائدا ۽ برڪتون مشاهدي ۾ آيون. انهن کان متاثر ٿي
”دلائل الخيرات“ ڪتاب مرتب ڪيائين، جنهن ۾ حديث
پاڪ جي ڪتابن مان درود ميڙي چونڊي هن ڪتاب ۾ شامل
ڪيائين. ”دلائل الخيرات“ اڃا تائين اڪثر اولياء
الله برڪت خاطر پڙهندا اچن ٿا ۽ سندن عمل ۾ آهي.
امام جزولي تصوف ۾ ”حزب الفلاح“ ۽ ”حزب سبحان الله
الدائم لايزال“ نالي ڪتاب به لکيا.
امام جزولي جي وفات سجدي جي حالت ۾، تاريخ پهرين
ربيع الاول
870 هجري ۾ سوس ملڪ بربر ۾ ٿي. 77 سالن کان پوءِ
مراڪش جي بادشاهه سندس مڙهه کي سوس مان ڪڍرائي،
مراڪش ۾ آڻي دفن ڪرايو ۽ مٿس عاليشان قبو جوڙايو.
سندس قبر تي درود شريف گهڻو پڙهيو وڃي ٿو.
------
حاشيه درود حاضري
حضور نبي
ﷺ
جن تي درود ۽ سلام پڙهڻ، الله تعاليٰ جو حڪم آهي ۽ هر مسلمان
لاءِ سعادت ۽ برڪت آهي. ان ڏس ۾ درود شريف جو
بهترين ڪتاب ”دلائل الخيرات“ (از: محمد بن سليمان
الجزولي - وفات: 870هه) جڳ مشهور آهي. هر دور ۾
علماء ۽ صلحاء ان کي پڙهندا آيا آهن. مخدوم صاحب
ان جو شرح به لکيو آهي.
”دلائل الخيرات“ جي نموني ۾ لکيل ”درود حاضري“
اصل ۾ عبدالسلام بن بشيش جو تحرير ٿيل آهي. ان ۾
درود جا سهڻا صيغا سمايل آهن. ”قطب الارشاد“ ۾
حضرت فقير الله علوي شڪارپوريءَ ”درود حاضري“ جي
ليکڪ کي ”عارف بالله، قطب الڪامل ۽ سيدي“ جي سهڻن
لقبن سان سڏيو آهي. پاڻ لکي ٿو ته:
”مون کي درود حاضري پڙهڻ جي اجازت شيخ محمد هاشم
ٺٽوي ڏني آهي.“
(1)
مخدوم صاحب جهڙيءَ طرح ”دلائل الخيرات“ ۾ آيل صفة
الروضة جو شرح لکيو آهي. اهڙيءَ ريت ”درود حاضري“
تي به حاشيا لکيا آهن ۽ مختلف نسخا سامهون رکي، ان
جي تصحيح ڪئي آهي.
هن رسالي تي اڪثر حاشيه عربيءَ ۾ لکيل آهي، البت
چئن هنڌن تي فارسيءَ ۾ به حاشيه تحرير ٿيل آهن.
مخدوم صاحب حاشيي تي هڪ هنڌ محمد عارف صديقي حنفي
ٺٽوي جو نالو به لکيو آهي. ”درود حاضري“ جي مختلف
اٺن جاين تي مخدوم صاحب جو نالو لکيل آهي. ڪٿي
مخدوم محمد هاشم عفي عنھ ۽ ڪٿي رڳو مخدوم لکيل
آهي.
هن رسالي جي ضخامت 36 صفحا آهي. صفحي جي ڊيگهه 6
انچ ۽ ويڪر چار انچ آهي. رسالو خوبصورت عربي طرز
تحرير ۾ تمام وڻندڙ ۽ خوشخط لکيل آهي. هيءُ رسالو
نئون دستياب ٿيو آهي. ڪنهن به فهرست ۾ هن حاشيه جو
نالو آيل ڪونهي. هن رسالي جو دستياب قلمي نسخو
قاسميھ لائبرري ڪنڊياري ۾ محفوظ آهي. راقم کي
ڊاڪٽر مولوي محمد ادريس سومري السنديءَ ان جو عڪس
سوکڙي طور موڪليو، جو راقم جي ڪتب خاني ۾ موجود
آهي.
------
ڪفاية القاري
هن رسالي تي ڪاتب جو نالو ۽ سن وغيره لکيل ڪونهي،
پر پنو تمام پراڻو ۽ بادامي رنگ جو ٿي ويل آهي. هن
رسالي جو قلمي نسخو مولوي محمد معروف مٽياروي جي
ڪتب خاني ۾ سندس فرزند حافظ عبدالله، پيش امام ڪوٽ
واري مسجد، مٽياري وٽ موجود آهي. راقم وٽ ان قلمي
نسخي جو عڪس محفوظ آهي. هن رسالي جو ٻيو نسخو ڪٿي
به ملي نه سگهيو آهي ۽ هيءُ واحد اڻ ڇپيل نسخو
آهي.
هن رسالي ۾ 20 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽
ويڪر ڇهه انچ آهي، ۽ هر صفحي ۾ 19 سٽون ۽ هر سٽ ۾
13 لفظ آهن.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب علم قراء ت ۽ تجويد بابت جيڪي به ڪتاب
لکيا آهن، اهي سڀ نثر ۾ آهن، البت، هيءُ رسالو
عربي نظم ۾ مثنوي جي طرز تي جوڙيل آهي. بنيادي طور
تي هن رسالي ۾ قرآن پاڪ پڙهندڙ قاريءَ کي قرآن پاڪ
پڙهندي، ڪن لفظن جون مشڪل ادائگيون، ٽڪاڻا يا
اشتباه سامهون اچن ٿا، انهن جي سليس سمجهاڻي ڏنل
آهي. اها سمجهاڻي باب وار الف - بي ۽ سورت وار
سمجهايل آهي. مخدوم صاحب مقدمي ۾ وضاحت ڪندي لکي
ٿو:
”هيءُ رسالو ’ڪفاية القاري‘ ڄڻ ته پڙهندڙ لاءِ
موتي پويل ۽ جڙيل آهن. قرآن ڪريم جي تلاوت ڪندي
قاريءَ کي جيڪي لفظن ۽ مبني حرفن وغيره ۾ اشتباه
اچن ٿا، انهن جي آسانيءَ خاطر معجم حرفن تي هيءُ
رسالو مرتب ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ سمجهائڻ خاطر
قاعدا ۽ قانون به آندا ويا آهن.“
جيتوڻيڪ اڳ ۾ اهو سمجهيو پئي ويو، ته مخدوم صاحب
جي عربي شاعري چند نعتيه قصيدن تي مشتمل آهي ۽ اهي
قصيدا حضورﷺ
جن جي شان ۾ چيل آهن، پر هن منظوم عربي ڪتاب
”ڪفاية القاري“ جي دستياب ٿيڻ مان ظاهر آهي ته
مخدوم صاحب رڳو مختصر قصيدا نه، پر تجويد جهڙي
مشڪل فن ۾ بهترين ۽ طويل عربي نظم ۾ هيءُ ڪتاب
لکي، عربي شاعريءَ ۾ پنهنجو علمي مقام ۽ عربي
ٻوليءَ تي عبور ۽ مرتبو حاصل ڪيو آهي.
مخدوم صاحب پنهنجو نالو محمد هاشم شعر ۾ هن ريت
آندو آهي:
قال اقل الخلق محمد هاشم
دام لھ لطف من الله عاصم.
ڪتاب جو نالو هن شعر ۾ سمايل آهي:
سميتها ”کفاية القاري“ بعد ما
وجدتها متئمما مکملا.
ڪفاية القاري جو مواد 746 شعرن تي پکڙيل آهي. هن
موجوده قلمي نسخي ۾ ايترا عربي شعر آهن. ممڪن آهي
ته ڪنهن ٻئي نسخي ۾ زياده شعر هجن ۽ لکت جو سال ۽
ڪاتب جو نالو به ملي وڃي. بهرحال ”ڪفاية القاري“
جي دستيابي مخدوم صاحب جي عربي شعر و شاعري جي ڏس
۾ تمام وڏو علمي انڪشاف ۽ اضافو آهي.
تازو معلوم ٿيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالقيوم سنڌي، هيءُ
ڪتاب عربي ۾ ايڊٽ ڪري، مڪھ مڪرمھ مان شايع ڪري
رهيو آهي.
------
|