سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-

صفحو : 25

 

 حاشيھ شاطبيه

مخدوم صاحب قراء ت ۽ تجويد بابت مڪمل صورت ۾ ڳچ ڪتاب لکيا آهن، پر هيءُ مشهور درسي ڪتاب ”شاطبيه“ جو حاشيو ۽ شرح آهي. جيتوڻيڪ ”شاطبيه“ جا حاشيا ۽ شرح ڪيترن عالمن لکيا آهن. مخدوم صاحب هيءُ حاشيو عربيءَ ۾ لکيو آهي. هيءُ قلمي نسخو لڳ ڀڳ ٻن سؤ صفحن تي پکڙيل آهي. صفحي جي ويڪر پنج انچ ۽ ڊيگهه اٺ انچ آهي. متن جي شروعات کان اڳ ۾ متن جي فهرست آيل آهي، فهرست کان پهريان مخدوم صاحب جن ڪتابن تان مواد ورتو آهي، ”شاطبيه“ جي انهن 13 عربي ۽ فارسي شرحن جي لسٽ درج ڪئي ويئي آهي.

شاطبيه جو متن عربي شعرن سان شروع ٿئي ٿو. مخدوم صاحب ان متن تي عربي ٻوليءَ ۾ حاشيه لکندو، تعليقات ۽ شرح ڪندو ويو آهي. مخدوم صاحب شاطبيه جي پهرئين صفحي تي تحقيق ڪندي لکي ٿو:

 ”هي شاطبيه جي رموز تي دلالت ڪندڙ مفرد يا مرڪب چوڏهن بيت آهن. انهن مان پهريان ست بيت شاطبيه جو ڪلام نه آهي، پر ٻئي ڪنهن جا ملحق آهن. باقي ٻيا بيت اصل شاطبي جو ڪلام آهي. فتدبر - محمد هاشم عفي عنھ “

اهڙيءَ ريت مخدوم صاحب شرح دوران منجهيل علمي مسئلن ۽ نڪتن جي ويو آهي وضاحت ڪندو ۽ ڪا ڪنهن اڳوڻي شارح کان سهو ٿي آهي، ته ان تي تنقيد ۽ اصلاح به ڪئي اٿس. مشهور مصنف علي قاري مڪي (وفات 1014هه) به شاطبيه جو شرح لکيو هو. مخدوم صاحب ان جو ڪيترين جاين تي رد ڪيو آهي.

 ”شاطبيه“ جو مصنف ابوالقاسم بن فيره بن خلف بن احمد شاطبي اندلسي آهي. شاطبه، اندلس ۾ هڪ شهر جو نالو آهي. امام شاطبي 538هجري ۾ شاطبه ۾ ڄائو. پهريائين پنهنجي وطن ۾ ابوعبدالله محمد بن ابي العاص نفري جي خدمت ۾ رهي، قراء ت تجويد جي فن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. مختلف استادن کان علم حديث پرايائين. ڪتاب سيبويه، ڪامل مبرد ۽ ادب الڪاتب ابن قتيبھ ۾ قابليت ۽ عبور ماڻيائين. علم پرائڻ کان پوءِ اسڪندريھ رستي حج ادا ڪرڻ جي ارادي سان روانو ٿيو. جڏهن امام شاطبي قاهره پهتو ته علم جي پياسن طالبن جو وٽس هجوم گڏ ٿيڻ لڳو. مصر جي حڪمران قاضي فاضل کيس قاهره جي مدرسھ فاضلية جو شيخ مقرر ڪيو. امام شاطبي پڙهائي جي ميدان ۾ شيخ القراة جو صدر نشين ٿي ويو. ان دوران پاڻ هيٺيان چار قصيدا لکيائين: (1) حرز الاماني (2) عقليه اتراب القصائد (3) ناظمة الزهر في علوم الفواصل (4) قصيده داليه.

امام شاطبي قرآن، حديث، لغت ۽ تجويد ۾ سـَـند جي حيثيت رکندو هو. ان سان گڏ عابد زاهد ۽ وڏو متقي پرهيزگار به هو. سندس مشهور ڪتاب ”شاطبيه“ عربي شعر ۾ تجويد تي بهترين ڪتاب آهي. ان جي مقدمي ۾ 94 شعر ۽ متن ۾ 1079 شعر آهن. اهڙيءَ طرح، ڪـُـل 1173 شعر ڪتاب ۾ آهن.

امام شاطبي جي وفات 28 جمادي الثاني 590 هجري تي ٿي. کيس قاضي فاضل جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اهو قبرستان مقطم جبل جي دامن ۾ زيارتگاهه آهي.

مخدوم صاحب جو ”حاشيه ۽ شرح شاطبيه“ جو اصل قلمي نسخو مولوي محمد ابراهيم وٽ مدرسھ باب الاسلام ٺٽي شهر ۾ محفوظ آهي. هن نسخي جو ٻيو اتارو ڪٿي به ڪونه ٿو ٻڌجي. غالباً هيءُ واحد قلمي نسخو آهي. مولوي محمد ابراهيم جو چوڻ آهي ته هن قلمي نسخي تي مخدوم صاحب جي مهر به لڳل هئي، پر هن وقت مهر وارو ورق نسخي ۾ موجود ڪونهي. جيڪڏهن مهر دستياب ٿئي ها، ته هوند قلمي نسخي جي قدامت ۽ سنه تحرير بابت به احوال سامهون اچي ها!

راقم جي ڪتب خاني ۾ مولوي محمد ابراهيم، مدرسھ باب السلام ٺٽي واري قلمي نسخي جو مڪمل عڪس موجود آهي ۽ قابل ديد آهي.

هن قلمي نسخي جي زيارت ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ راقم سان مولوي طفيل احمد نقشبندي مڪليءَ وارو به گڏ هو.

 

------

 

حاشيه مقدمة الجزري

مخدوم صاحب علم قراء ت تجويد بابت چند رسالا لکيا آهن. هيءُ رسالو اصل ۾ اسلامي دنيا جي مشهور قاري امام ابوالخير شمس الدين محمد جزري جي ڪتاب ”مقدمة الجزري“ جو عربيءَ ۾ حاشيه ۽ شرح آهي. مخدوم صاحب امام جزري جي رسالي جا ٻه شرح عربي ۽ فارسي ۾ الڳ الڳ تحرير ڪيا آهن. هيءُ عربي حاشيو 43 صفحن تي مشتمل آهي. صفحي جي ڊيگهه ڏهه انچ ۽ ويڪر ست انچ آهي. وچ ۾ اصل متن ۽ ڪاغذ جي چئني پاسن کان گهاٽو حاشيو تحرير ٿيل آهي. ڪٿي ڪٿي مخدوم صاحب حاشيي تي پنهنجو نالو به لکيو آهي.

حاشيه لکجڻ جو سال، ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو ڪٿي به لکيل ناهي. حاشيي تي وڏي محنت ٿيل آهي. مخرجن جي ادائگي ۽ سمجهاڻيءَ لاءِ مخدوم صاحب وات ۽ ڏندن جو نقشو به حاشيي ۾ ڏنو آهي، ته جيئن اهو آساني سان معلوم ٿي سگهي ته ڪهڙو حرف ڪٿان ۽ ڪيئن نڪري ۽ ادا ٿئي ٿو.

مخدوم صاحب جو هيءُ عربي حاشيو مولوي محمد معروف لائبرري، مٽياري ۾ موجود آهي. راقم کي ان جو عڪس اتان مليو. هن حاشيي جو ٻيو قلمي نسخو علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي حيدرآباد جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.

مقدمة الجزري جي مصنف جو مختصر احوال:

امام جزري اٺين/ نائين صدي هجريءَ جو مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس پورو نالو امام ابوالخير شمس الدين محمد بن محمد بن محمد علي بن يوسف بن عمر جزري شافعي آهي. سندس ولادت 25 رمضان المبارڪ سنه
751 هجري ۾ دمشق ۾ ٿي. تعليم پرائي فاضل بنيو ۽ اسلامي دنيا ۾ قراء ت جو امام مڃيو ويو. پاڻ وڏو عابد، زاهد ۽ عاشقِ رسول
هو. سندس ڪتابن جو تعداد 39 آهي. سندس مشهور ڪتابن ۾ جزري، النشر في قراء ة العشر ۽ حصن حصين آهن. امام جزري جي وفات 833 هجري ۾ ٿي ۽ شيراز ۾ دفن ٿيو.(1)

------

 

ڪشف الرمز عن وجوه الوقف علي الهمز

هيءُ عربي رسالو قلمي صورت ۾ مدرسھ مجدديھ نعيميھ - ملير، ڪراچي جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي. سيد شجاعت علي قادري ڪراچي واري انهيءَ قلمي نسخي جي مطالعي کان پوءِ هيءُ عبارت تحرير ڪئي آهي ته:

 ”ظاهر ۾ ته هيءَ رسالو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي تصنيفات مان آهي، پر عجب آهي ته مخدوم صاحب حسب دستور ٻين ڪتابن وانگر منڍ ۾ پنهنجو نالو نه آندو آهي.“

هن رسالي جو نسخو ٻئي ڪنهن ڪتب خاني ۾ معلوم ٿي نه سگهيو آهي. راقم وٽ مدرسھ ملير واري قلمي نسخي جو عڪس موجود آهي. هن رسالي ۾ 15 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه نوَ انچ ۽ ويڪر ست انچ آهي. هر صفحي ۾ 23 سٽون ۽ سراسري طور 12 کان 15 لفظ آهن.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب قراء ت تجويد بابت چند رسالا لکيا آهن. هيءُ رسالو ”ڪشف الرمز“ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن رسالي ۾ علم قراء ت جي امام حمزه جا حرف ”همزه“ بابت مختلف اصول بيان ڪيل آهن. مخدوم صاحب همزه بابت تفصيل هن ريت آندو آهي، ته ان جا چار نوع آهن:

النوع الاول: همزو مبتدا حقيقي هجي، جيئن: آدم، ايمانا ۽ اوحيٰ.

النوع الثاني: همزو متوسطة حقيقي هجي، جيئن: يؤمنون، ياء مرون، کاء س، باء س، الذئب ۽ بئر. ان جا 9 قسم آهن.

النوع الثالث: همزو متوسطة حڪمي هجي. هن جا ٻه وجھ آهن.

النوع الرابع: همزو متطرفة هجي، ان جا 19 مقام آهن.

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ اهو به ٻڌايو آهي، ته امام حمزه ڪوفي سان علم قراء ت ۾ همزه جي چئن نوعن مان مشهور قراء ت جو راوي ۽ ڄاڻو - هشام رڳو چوٿين ۽ آخري نوع ”همزة المتطرفھ “ سان متفق آهي. بهرحال، مخدوم صاحب امام قراء ت- حمزه ڪوفي جو حرف ”همزه“ بابت تفصيل ۽ مذهب بيان ڪري، نهايت سهڻي وضاحت ڪئي آهي.

------

 

حاشيھ خلاصة الحساب

مخدوم صاحب جي ڪتابن جي لسٽ تي نظر ڪجي ٿي ته پاڻ گهڻ پهلو شخصيت نظر اچي ٿو. حساب ۽ رياضي هڪ مشڪل فن آهي. مخدوم صاحب کي انهيءَ فن ۾ به وڏي ڄاڻ هئي. کيس نه فقط ڄاڻ حاصل هئي، پر هو ان فن ۾ به ماهر نظر اچي ٿو. بهاؤالدين عاملي جو رياضيءَ م ”خلاصة الحساب“ نالي ڪتاب مشهور آهي ۽ نهايت مشڪل ڪتاب آهي. مخدوم صاحب انهيءَ ڪتاب جو بهترين حاشيو ۽ شرح لکيو آهي، جيڪو 53 صفحن تي مشتمل آهي. خلاصة الحساب جي حاشيي جي اڪثر هنڌن تي مخدوم صاحب جو نالو هن ريت تحرير ٿيل آهي: ”محمد هاشم رحمھ ربھ “ .

آخر ۾ ڪاتب جو نالو، خير محمد ولد محمد حفيظ، ساڪن هاله ڪنڊي لکيل آهي.ڪتابت جي تاريخ 18 رجب بروز سومر سنه 1190 هجري لکيل آهي. انهيءَ سال مان اهو ظاهر آهي ته هيءُ حاشيو مخدوم صاحب جي اصل قلمي نسخي تان اتاريل آهي ۽ مخدوم صاحب جي وفات 1174هه کان رڳو 16 سال پوءِ جو نقل ٿيل آهي.

مخدوم صاحب حاشيي ۾ تفصيل سان وضاحت طلب هنڌن تي ونڊ، ضرب، جوڙ ۽ ڪٽ جا نقشا ۽ نمونا به ڏنا آهن ۽ وضاحت سان علمي بحث به ڪيو آهي. هيءُ حاشيو عربي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي.

هن ڪتاب جو اصل قلمي نسخو علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي حيدرآباد جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي. راقم کي ان جو عڪس مڪتبه قاسميھ ڪنڊياري جي ذريعي مليو. هر صفحي جي ڊيگهه نـَـوَ انچ، ۽ ويڪر ساڍا پنج انچ آهي ۽ اڃان تائين ڪٿي به نه ڇپيو آهي.

راقم کي تحقيق دوران ”حاشيھ خلاصة الحساب“ جو هڪ ٻيو ناقص قلمي نسخو، مڪتبه معروفيه مٽياري مان حافظ عبدالله ميمڻ وٽان دستياب ٿيو، جو 15 صفحن تي ڦهليل آهي. هن نسخي تي ڪتابت جو سال ۽ ڪاتب جو نالو لکيل ڪونهي، پر خاص ڳالهه اها آهي ته حاشيي تي مخدوم صاحب جي فرزند، مخدوم عبداللطيف جو نالو به تحرير ٿيل آهي. اڪثر حاشيي جي جاين تي هي لفظ لکيل آهن: ”من استاد الاعظم محمد هاشم مدظلھ “ . انهيءَ عبارت مان اهو ظاهر آهي، ته هيءُ نسخو مخدوم صاحب جي فرزند مخدوم عبدالطيف جي مطالعي هيٺ رهيو آهي. اهو به ممڪن آهي ته هيءُ نسخو خود مخدوم عبداللطيف جي هٿ جو لکيل هجي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي والد ۽ محسن استاد کي ”استاد الاعظم“ ۽ ”مدظلھ “ جي لفظن سان ياد ڪري رهيو آهي. افسوس آهي ته هن قلمي نسخي جا فقط پهريان 15 صفحا دستياب ٿي سگهيا آهن ۽ آخر ۾ نسخو نامڪمل آهي.

 ”خلاصة الحساب“ جو اصل مصنف محمد بن حسين بن عبدالصمد الحارثي العاملي الهمداني آهي. سندس لقب بهاؤالدين ۽ شيخ بهائي آهي. بهاؤالدين عاملي تاريخ 17 محرم الحرام 953هه/1548ع ۾ جبل عامل شام ۾ ڄائو. پنهنجي پيءُ عبدالله يزدي، علي ۽ افضل قائني کان علم پرايائين. شاهه عباس صفوي جي عهد ۾ اصفهان جو قاضي ٿي رهيو. سير سفر ۾ القدس، دمشق، مصر ۽ حلب به ويو.

بهاؤالدين عاملي جي وفات 13 شوال المڪرم 1031هه/20 آگسٽ 1622ع تي ٿي ۽ کيس طوس ۾ دفنايو ويو. هو شاعر به هو ۽ اهل تشيعة جو پوئلڳ هو. سندس گهڻا ڪتاب لکيل آهن. فارسي ٻوليءَ ۾ سندس لکيل هڪ رسالو ”صرف بهائي“ درس نظامي ۾ پڙهايو وڃي ٿو.(1)

توجه طلب ڳالهه اها آهي ته بهاؤالدين عاملي شيعي مذهب جو هو ۽ مخدوم صاحب اهلِ سنت جو اڳواڻ هو. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب جا اهل تشيعة سان اختلافي مسئلن تي سخت قلمي مناظرا به رهيا آهن، پر هن مان سندس علمي وسيع القلبي ظاهر ٿئي ٿي. خلاصة الحساب هڪ علمي ڪتاب هو، ان ڪري مخدوم صاحب علمي اهميت ۽ عام فائدي خاطر ان جو سهڻو ۽ علمي حاشيو ۽ شرح لکيو.

 

------

 

الطـِـراز المـُـذَهب في ترجيح

الصحيح من المذهب

جيتوڻيڪ هن رسالي ۾ مخدوم صاحب جو نالو ۽ تصنيف جو سن لکيل ناهي، پر مخدوم امير احمد ”بذل القوة“ (عربي) جي مقدمي (ص 30) ۾، هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي تصنيفات ۾ شامل ڪيو آهي. 24 صفحن جو هيءُ رسالو عربي ٻوليءَ ۾، ٿلهي قلم سان لکيل آهي. صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽ ويڪر پنچ انچ آهي. هر صفحي ۾ 17 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 8-10 لفظ آهن. ڪتابت نهايت سادي ۽ ڪچي آهي. پهريون صفحو وچولي قلم سان ۽ باقي 23 صفحا ٿلهي قلم سان عربي طرز ۾ تحرير ٿيل آهن.

اهڙيءَ ريت حسبِ دستور ڪتابت جو سن ۽ ڪاتب جو نالو به لکيل ڪونهي، پر هن رسالي سان گڏ مخدوم صاحب جو هڪ ٻيو رسالو ”ارشاد الظريف“ به ساڳئي ٿلهي قلم ۽ طرزِ تحرير سان ڪاتب جو لکيل آهي. ان جي آخر ۾، ڪاتب پنهنجو نالو هن طرح لکيو آهي: ”بيده عبده المسکين سيد شاهه عباس ساڪن شهر ٺلاه ملک سند“

مخدوم صاحب جي انهيءَ رسالي جو هيءُ واحد قلمي نسخو آهي، جيڪو پير محب الله شاهه راشدي، درگاهه پير جهنڊي جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. راقم کي هن قلمي نسخي جو عڪس، پير صاحب جي فرزند - پير ميان قاسم شاهه راشديءَ جي مهرباني سان مليو.

مخدوم صاحب حنفي مذهب جي متقدمين ۽ متاخرين مشائخ عالمن جي ڪن مسئلن ۾ اختلاف کي سلجهائڻ خاطر هيءُ رسالو لکيو آهي. مخدوم صاحب حسبِ دستور عالمانه انداز ۾، هن ننڍي رسالي ۾ به 23 ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. مخدوم صاحب جي لفظن ۾ هن رسالي جو نچوڙ هن ريت آهي:

 ”هيءُ رسالو مون امام ابو حنيفه جي پيروي ڪندڙ مقلدن، هن زماني جي طالب علمن لاءِ لکيو آهي. جيڪي بعض فقهي مسئلا حنفي مذهب جي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيا ويا آهن ۽ انهن مسئلن ۾ پوئين دور جي مشائخن يعني مشائخ المتاخرين جو ظاهر روايت ۾ اختلاف آهي. اهڙيءَ طرح متقدمين ۽ متاخرين ۾ جيڪو اختلاف واقع آهي، مون انهن جو مذهب جي قاعدن موجب اصول ۽ فروع کي واضح ڪري، ڪافي شافي جواب ڏنو آهي. اصولي طور الڪتاب، السنھ ، الاجماع ۽ القياس موجب اختلاف کي حل ڪيو آهي. امام ابو حنيفه ۽ سندس شاگردن جا به ڪن مسئلن ۾ اختلاف رهيا آهن، پر اهي اختلاف اجتهادي آهن. امام ابوحنيفه جي تحقيق جو سلسلو رسول الله جن تائين هن ريت پهچي ٿو: امام ابو حنيفه، علقمھ جو شاگرد آهي. علقمھ ، عبدالله بن مسعود جو شاگرد آهي. عبدالله بن مسعود، رسول الله جن جو شاگرد آهي. امام ابوحنيفه ٻن واسطن سان حضور جن جو شاگرد آهي ۽ حضور جن شريعت محمدي جا سرواڻ آهن.“

اصل ڪتاب ۾ امام ابو حنيفه جو سلسلو ٻن واسطن سان آيل آهي. پرامام ابو حنيفھ جي سوانح نگارن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته امام ابو حنيفھ جي ت جحقيق جو سلسلو هنن چئن واسطن سان حضور جن تائين پهچي ٿو: ابو حنيفھ ، حماد، ابراهيم نخعي، علقمھ ، ابن مسعود، رسول الله .

ممڪن آهي ته مخدوم صاحب وٽ اهڙو ڪو حوالو هجي يا ڪاتب کان سهو ٿي هجي. والله اعلم!

بهرحال، فقھ حنفي جي ڪن اجتهادي مسائل ۾ اڳئين ۽ پوئين دور جي عالمن جي اختلاف کي سمجهڻ بابت، هن زماني جي طالب علمن ۽ مشائخ عالمن لاءِ هيءُ رسالو نهايت ڪارآمد آهي.

 

------

 

ارشاد الظريف اليٰ طور التصنيف

مخدوم صاحب جو هيءُ ست ورقي رسالو ساڳئي پير جهنڊي جي ڪتب خاني ّ۾، اڳئين رسالي ”الطراز المذهب“ وانگر گڏ هڪ مجموعي جي آخر ۾ محفوظ آهي. هن رسالي جي تقطيع ۽ ڪاتب به ساڳيو سيد شاهه عباس ٺلاه وارو آهي. هن ناياب رسالي ۾ چوڏهن صفحا آهن. مخدوم امير احمد ”بذل القوة“ جي مقدمي (ص 30) ۾، هن رسالي ”ارشاد الظريف“ کي مخدوم صاحب جي تصنيفات ۾ شامل ڪيو آهي.

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ هڪ محقق استاد ۽ مڃيل مصنف جي حيثيت سان، هڪ نئين سيکڙاٽ ۽ عام مصنف جي رهنمائي ڪندي، تصنيف تاليف، شرح ۽ تفسير ۽ تحقيقي ڪتاب لکڻ جا طور طريقا، قاعدا ۽ قانون تحرير ڪيا آهن، ته مصنف کي پهريائين ڪتاب ۾ بسم الله، الله تعاليٰ جي حمد و ثنا ۽ رسول الله تي صلواة سلام لکڻ سان شروع ڪرڻ گهرجي. حمد ۽ صلواة کان پوءِ ڪتاب لکڻ جو مقصد بيان ڪجي. ڪتاب کي باب وار ورهائي، پوءِ سهوليت خاطر هر هڪ باب ۾ مختلف ننڍا ننڍا فصل، الڳ عنوانن سان آڻي ڳالهه کي پـُـر اثر، عام فهم ۽ مقصد کي چٽو ڪجي.

مخدوم صاحب ليکڪن جي تحرير ۽ تصنيفات کي پڪو پختو ڪرڻ ۽ محققانه بنائڻ لاءِ رهنمائي ڪندي، خاتمي ۾ لکي ٿو:

 ”مؤلف جي مٿان هي ذميواري پوي ٿي، ته ڪتاب لکڻ مهل هو ڪچي ڦڪي ڳالهه، رطب و يابس، ڪمزور ۽ ضعيف روايت کي سمجهي، پروڙي پرکي، ڇنڊڇاڻ ڪري، صحيح ۽ مستند روايتون آڻي، ڪتاب ۾ شامل ڪري ۽ مشهور محققن مصنفن جي ڪتابن جا حوالا ڏئي، پنهنجي تصنيفات کي وزنائتو بنائجي. غير معروف، اڻ ڄاتل هٿ ٺوڪيل مصنفن ۽ ڪتابن جي حوالي کان پاسو ڪجي. ڇو ته خبر ناهي غير معروف مصنف ۽ ڪتاب عادل ۽ محققانه آهن، يا لئي مان لٺي ڀڃي مصنف ٿيا آهن.

بهرحال، تحقيق کي هر حال ۾ سامهون رکي، روايت کي درايت تي پرکي، قرآن جي تفسيرن ۽ حديث جي رواين روايتن کي درايت جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، مواد کي پوءِ ڪتاب ۾ شامل ڪجي.

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ تصنيف، تاليف ۽ شارح جو فرق به بيان ڪيو آهي. مطلب ته پنهنجي فن ۾ هيءُ ننڍو رسالو ”ارشاد الظريف“ نهايت مختصر، جامع ۽ نون عام ليکڪن جي رهنمائيءَ لاءِ تمام ڪارائتو آهي.

 

 

------

 

 

الحجة الجلية في مسئلة سـُـور الا جنبيھ

هن عربي رسالي ۾ ڇهه صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ، ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 11 سٽون ۽ هر هڪ سٽ ۾ سراسري طور 8 لفظ آهن.

اصل ۾ هيءُ رسالو قاضي غلام محمد هالائي جي ڪتب خاني ۾ هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. ان مجموعي مان ڊاڪٽر محمد ادريس السنديءَ سن 1420 هجري ۾ اُتاري، صاف صورت ۾ خوشخط لکيو آهي. ڪتابت ڇاپي جهڙي صاف سهڻي ۽ خوبصورت آهي. راقم وٽ انهيءَ پوئين قلمي نسخي جو خوبصورت عڪس موجود آهي.

مخدوم صاحب ٺٽويءَ هن رسالي ۾ ڌارئي مرد يا زال جي اوبر جو پاڻي وغيره ڌارئين زال يا مرد کي پيئڻ بابت بحث ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اها اوبر پليد نه آهي، پر ڌارئي مرد يا زال جي اوبر ڌاري زال يا مرد کي پيئڻ مڪروه ته آهي، پر اها ڪراهت تحريمي آهي يا تنزيهي؟

ان جي علت هيءَ آهي ته اها اوبر نجس يا پليد نه آهي، پر جيڪڏهن ڌارئي ماڻهو جي اوبر پيئڻ ۾ لذت ۽ شهوت جو ارادو شامل هوندو، ته پوءِ ظاهر آهي ته اها اوبر پيئڻ مڪروه تحريمي آهي. ٻيءَ صورت ۾ اها اوبر مڪروه تنزيهي آهي.

 

------


(1) رفيق احمد رفيق المهروي: ”ارشاد الطالبين في احوال المصنفين“ (اردو)، ص 104

(1) پروفيسر اختر راهي: ”تذڪره مصنفين درس نظامي“ (اردو)، ص 78

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org