سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب -8

صفحو : 8

 

باب اٺون

مخدوم صاحب هڪ ليکڪ، تنقيدنگار ۽ سنڌي ٻوليءَ جو خدمتگار

سنڌي ٻوليءَ جي شروعاتي تاريخ، قدامت، صورتخطي، خطاطي ۽ لکت جي مختلف مرحلن کي سمجهڻ، پرکڻ پروڙڻ ۽ سهيڙي سموهي گڏ ڪرڻ لاءِ وقت بوقت لسانيات جي ماهرن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي محققن پاڻ پئي پتوڙيو آهي. تحقيق دوران مختلف نظريا قائم ڪري، نتيجا پئي اخذ ڪيا آهن. ان ڏس ۾ تازو سنڌي ٻوليءَ جي عظيم محقق، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي  ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“  بابت جديد تحقيق سامهون آئي آهي. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ کي دور - وار سمجهڻ لاءِ آساني پيدا ٿي آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:

 ”سنڌ ٻولي ڏکڻ ايشيائي ننڍي کنڊ جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي. تاريخي طور تي اها سنسڪرت کان اڳ واري دور جي ٻولي آهي، جيڪا سنڌو ماٿر جي ڪنهن مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اُسري، ’مئن جي دڙي‘ واري قبل از تاريخي دور جي ٻوليءَ کي ’سنڌ جي ٻولي‘ چئي سگهجي ٿو. پر ’سنڌي ٻولي‘  گهڻو ڪري  پوءِ اُسري. عيسوي پنجين صدي کان يارهين صدي واري عرصي ۾ يعني راءِ گهراڻي، برهمڻ گهراڻي ۽ پوءِ عرب - اسلامي حڪومتن واري دور ۾ سنڌ اندر سياسي ۽ انتظامي مرڪزيت جي ڪري، سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ هلندڙ ’مقامي محاورن ۽ ٻولين‘ ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي، جيڪا هڪ عام فهم سنڌي ٻولي جي اوسر لاءِ ڪارگر ثابت ٿي. عرب - اسلامي دور ۾ سنڌي ٻولي جي تاريخي اوسر جا وڌيڪ پڪا پختا حوالا ملن ٿا.

هن دور ۾ عربيءَ سان گڏ سنڌيءَ کي اهميت حاصل ٿي، جو نئين اسلامي معاشري ۾ عربن ۽ سنڌين جي گڏيل رهڻي ڪهڻي سبب ٻئي هڪٻئي جي ٻولي سمجهندا رهيا ۽ ڳالهائيندا رهيا. چوٿين صدي هجري (ڏهين صدي عيسوي) ۾ جڏهن ڪي عرب عالم ۽ سياح سنڌ ۾ آيا ته هنن سنڌي ۽ عربي ٻئي ٻوليون سنڌ ۾ عام رائج ڏٺيون... عربن جي دور کان پوءِ سومرن وارو دور (1050ع/1350ع) عام فهم سنڌي ٻوليءَ جي تعمير ۽ توسيع وارو دور هو، جنهن ۾ سنڌي، سنڌ جي ڏکڻ - اڀرندئين ڀاڱي کان اڳتي ويندي ڪڇ تائين رائج ٿي. هن دور ۾ سنڌيءَ ۾ وڌندڙ بياني صلاحيت سببان، ٻوليءَ جي عوامي روايت واري ادبي ذخيري ۾ وڏو واڌارو ٿيو. قصا اُسريا ۽ مشهور ٿيا ۽ ڳاهن سان ڳالهيون ڳايون ويون. ان بعد سمن جي دور (1359ع / 1520ع) ۾ وچولي سنڌ جي سمن جي قبيلن جي نج سنڌي ٻولي، معياري سنڌي ٻوليءَ جي صورت ۾ ترقي پذير ٿي ۽ سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون وسيع ٿيون. سنڌي نثر ۾ وڌندڙ بياني قوت سببان قصه خوانيءَ جو فن وڌيو ۽ شعر ۾ سنڌي بيت هيئت ۽ فن جي لحاظ سان قاضي قادن جي ڪلام ۾ پنهنجي تڪميلي صورت کي پهتو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن وارو دور (1520 - 1680ع) سنڌ ۾ فارسي زبان جي اوسر ۽ عروج وارو دور هو، مگر سنڌي پنهنجي تاريخي ۽ ارتقائي اعتبار سان اهڙي اعليٰ سطح تي پهچي چڪي هئي، جو باوجود فارسيءَ جي عمل ۽ اثر جي سنڌيءَ جي انفراديت ۽ افاديت قائم رهي. هن دور (1590 - 1680ع) جي آخر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي علمي تاريخ ۾ هڪ وڏو انقلاب آيو. جو سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن هڪ خاص تعليمي نظريي ۽ تعليمي تحريڪ جو بنياد وڌو، ته ٻارڙن کي بنيادي تعليم سندن مادري زبان سنڌي ۾ ڏني وڃي، ته جيئن هو سولائيءَ سان مڪتبي تعليم پوري ڪري سگهن. هن تحريڪ هيٺ نه فقط مڪتبي سطح تي سنڌيءَ ۾ پڙهائيءَ جو سلسلو شروع ٿيو، پر ان لاءِ سنڌيءَ ۾ درسي مواد مهيا ڪرڻ جي شروعات ٿي.

ان بعد آخري مغلن، عباسي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن اميرن واري دور (1680 - 1860ع) ۾ سنڌي زبان ذريعي بنيادي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ جا بنياد مضبوط ٿيا. معياري درسي ڪتاب ’ابو الحسن جي سنڌي‘ جي عام مقبوليت سان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ واري تحريڪ ڪامياب ٿي. ’سنڌي‘ جي خاص نالي سان وڌيڪ درسي ڪتاب شايع ٿيا ۽ سولي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ جو نظريو عام ٿيو. ان سان گڏ هن دور ۾ سنڌي اَساسي (ڪلاسيڪي) شاعريءَ جي عمارت اڏجي راس ٿي ۽ سنڌي بيتن ۽ واين جا ذخيرا ’رسالي‘ جي خاص نالي سان صورت پذير ٿيا. هن دور ۾ اعليٰ فڪر وارا وڏا عارف ۽ ديده ور داناءَ ۽ شاعر ساماڻا، جن پنهنجن سنڌي بيتن ۾ اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار جا سبق سمجهايا.“ (1)

سنڌي ٻولي ۽ صورتخطيءَ جي هن تاريخي پس منظر کان پوءِ اسان مخدوم صاحب جي همعصر ڪلهوڙا دور تي اچون ٿا. هي ٻارهين صدي هجري فارسي ادب سان گڏ سنڌي ٻولي جي آبياريءَ جو دور رهيو آهي. تاريخ ۾ ٻارهين صدي هجريءَ کي سنڌي علم ۽ ادب جو  ”سونهري دور“  چيو وڃي ٿو. هڪ طرف صوفي شاهه عنايت سر ڏيئي سرهو ٿيو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو ڪري سنڌ جي چپي چپي، هر وسندي ۽ واهڻ، ٿر ۽ بر ۾ وحدت جي وائي ۽ روحاني رمزن سان وڻ ٽڻ واسي ڇڏيا. سچل سرمست وري الستي اسرار آلاپي، جهر جهنگ کي سرمست بنائي ڇڏيو. ٻئي طرف سنڌي علم ادب جي محسنن: ميون ابولحسن سنڌي، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله نرئي وارو ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ ديني ادب جا ڪيئي ڪتاب تحرير ڪيا.

بهرحال، سنڌي ٻوليءَ جي انهن سڀني محسن بزرگن سنڌي علم ۽ ادب جي گلشن کي سرسبز ۽ شاداب بنايو، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ديس پرديس کي سرهو بنائي ڇڏيو. هرهڪ عالم ۽ فاضل، صوفي ۽ عارف، سخي ۽ سورهيه، اديب ۽ شاعر پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ، وس ۽ وت آهر رَتُ سـَـتُ ڏيئي، نـُـور نچوئي، قلم هلايو ۽ سنڌي علم ادب سان ڀال ڀلايا. انهن سنڌ جي عالمن ۽ اديبن سنڌي ڪتاب لکي عام ماڻهن کي علم سان روشناس ڪرايو. ٻئي طرف سنڌي علم ادب ۾ وڏو بنيادي ڪم ڪري ويا. اهڙن برک بزرگن ۾ سنڌ جو لاثاني عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سرِفهرست آهي، جنهن سنڌي ٻولي تي پهرين اصلاحي ۽ تعميري تنقيد ڪري، تحقيق جو دروازو کوليو.

سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي آڳاٽو ديني ادب محفوظ رهيو آهي، ان جا ٻه دور رهيا آهن. مشهور نظريو هي آهي ته يارهين صدي هجري (سترهين صدي عيسوي) ۾ سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن، عربي ۽ فارسيءَ بدران مادري زبان سنڌيءَ ذريعي مڪتبي تعليم ڏيڻ جو نظريو قائم ڪيو. پهرئين دور ۾ سنڌيءَ ۾ ننڍا ننڍا عام فهم ۽ آسان رسالا منظوم ڪيا ويا. ٻئي دور ۾ تفصيلي درسي ڪتاب تيار ڪيا ويا، جن جي ابتدا ٺٽي جي عالم ۽ استاد ميون ابوالحسن جي لکيل ڪتاب  ”مقدمة الصلواة“  (نماز جي سمجهاڻي لاءِ مهاڳ) سان ٿي. جيئن ته هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيو ويو هو، ان ڪري مصنف جي سولي نالي سان  ”ابوالحسن جي سنڌي“  سڏيو ويو. هن ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون مشهور ريڊر چئي سگهجي ٿو.

جيتوڻيڪ ابوالحسن جي  ”مقدمة الصلواهِ“  سنڌي (يارهين صدي هجري/ سترهين صدي عيسوي) کان به غلباً هڪ ٻه صديون اڳ سنڌ جي اڳين عالمن ۽ استادن فارسيءَ بدران اهي ڪتاب مادري زبان سنڌي ۾ مڪتبي تعليم ڏيڻ واري اصول ۽ نظريي تحت لکيا. ان پهرئين دور ۾ جيڪي ننڍا ننڍا رسالا سنڌي ۾ منظوم ڪيا ويا، تن مان اوڻيتاليهه منظوم ڪتابن جو قلمي ذخيرو حسن اتفاق سان سلامت رهيو، جيڪو عزت بن سليمان نالي هڪ ڪاتب سن 1027هه - 1049هه وارن سالن ۾ اُتاريو. اهو ذخيرو ساڍن ٽن سؤ سالن کان اڳ واري سنڌي ٻولي ۽ صورتخطيءَ ۾ تصنيف ٿيل آهي، جنهن مان ان وقت جي سنڌي ٻولي ۽ صورتخطيءَ ۾ تصنيف ٿيل آهي، جنهن مان ان وقت جي سنڌي ٻولي جي سٽاءَ، لغات ۽ اوسر تي روشني پوي ٿي. خوش قسمتيءَ سان اهي آڳاٽا اوڻيتاليهه سنڌي منظوميا محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڪن جهونن ڪتبخانن مان دستياب ٿيا، جنهن محنت ڪري موجوده صورتخطيءَ ۾ آڻي مرتب ڪري، نئين سر ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا آهن.(1)

بهرحال، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي دور ۾ سنڌيءَ ۾ خاص ڪري لاڙ پٽ ننگر ٺٽي ۾ ابوالحسن جو اهو ڪتاب  ”مقدمة الصلواة“  مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ابتدا طور پڙهايو ويندو هو. اهو ڪتاب ان وقت جي مروج آسان سنڌي ۾ هجڻ ڪري ايترو ته مقبول ٿيو، جو مدرسن ۾ ابتدائي طالب علمن کي پڙهايو ويندو هو ۽ عام مطالعي لاءِ به فائدي وارو هو. خود مخدوم محمد هاشم جهڙو عالم ۽ فاضل به پنهنجي مدرسي ۾ ان ڪتاب کي پاڙهيندو هو. مخدوم صاحب  ”مقدمة الصلواة سنڌي“  جي اهميت جي پيش نظر سڀ کان پهريائين ان جي تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعي ڏانهن توجهه ڏنو.

جيئن ته علم وسيع آهي. انسان سهو، خطا ۽ نسيان جو گهر آهي. ان ڪري ابولحسن ٺٽويءَ کان جن مسئلن ۾ ڪي اوڻائيون رهجي ويون ۽ مسئلا تحقيق طلب هئا، انهن جي اصلاح ۽ تنقيد واسطي ۽ حق ۽ حقيقت جي اظهار خاطر مخدوم محمد هاشم ان ۾ ڪجهه بيت وڌايا ۽  ”اصلاح مقدمة الصلواهِ“  نالي فارسي ۾ رسالو لکيو. اها سنڌي ٻولي جي مشهور ۽ مقبول منظوم ڪتاب تي پهرئين اصلاحي تنقيد ۽ تحقيقي ڪوشش هئي، جيڪا خالص اصلاحي تنقيد فارسيءَ ۾ هئڻ ڪري ۽ عام ماڻهن کي گهٽ فائدي پوڻ سبب آساني خاطر اڳتي هلي پاڻ ان جو سنڌي ۾ ترجمو به ڪيائين. مخدوم صاحب ان سلسلي کي اڃا به وڌايو ۽ ڊزن کن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکيائين.

مخدوم صاحب جي ان ابتدائي اصلاحي تنقيد کان بعد علمي حلقن خاص ڪري ننگر ٺٽي جي عالمن ۾ تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعي جو جذبو جاڳيو. اهڙيءَ طرح مخدوم صاحب جي ٻئي همعصر بزرگ حاجي محمد قائم ٺٽويءَ وري ابوالحسن سنڌي جي حمايت ۽ تائيد ۾، مخدوم محمد هاشم جي جواب ۾ هڪ رسالو عربي زبان ۾  ”الردعليٰ اصلاح مقدمة الصلواة“  نالي لکيو. اهڙيءَ ريت مخدوم صاحب جي اصلاح جي ڪري علمي ۽ تحقيقي بحث شروع ٿيو.

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ان علمي بحث بابت لکي ٿو:

 ”مخدوم محمد قائم سنڌي پنهنجي انهيءَ رسالي ۾ مقدمة الصلواة، جا اهي سنڌي بيت نقل ڪندي انهن جي عربيءَ ۾ تشريح ڪئي آهي ۽ ويو آهي مخدوم محمد هاشم کي جواب ڏيندو.

هن رسالي ۾ حمد ۽ صلواة کان پوءِ مصنف هن طرح ڪتاب جو تعارف ڪرائي رهيو آهي. پڄاڻان حمد ۽ صلواة جي الله القائم جي ڪلام ۽ نبي الله الدائم جي حديث جو خادم محمد قائم چئي ٿو، ته سنڌي رسالو جيڪو ’مقدمة  الصلواة‘ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن کي شيخ امام سائين سڳوري مولانا شيخ ابوالحسن بن شيخ عبدالعزيز جوڙيو آهي، تنهن جي ڪن مسئلن تي هن دور جي هڪ عالم اعتراض ڪيا ۽ اصلاح لاءِ پنهنجي طرفان ڪي بيت وڌايا. هوڏانهن انهن عبارتن تي ٻئي ڪنهن به عالم اعتراض نه ڪيو. تڏهن مون ضروري ڄاتو ته انهيءَ منظوم سنڌيءَ جو ارٿ بيان ڪريان، ته جيئن پڙهندڙن کي اهو پتو پوي ته معترض طرفان اهي وڌايل بيت سچ پچ اعتبار جوڳا آهن، يا مورڳو انهن ڏانهن اک ورائي واجهائڻ به نه گهرجي.

مخدوم محمد قائم سنڌي، مخدوم ابوالحسن جي حمايت ۾ جيڪو مٿيون رسالو عربيءَ ۾ لکيو، تنهن تي وري مخدوم محمد هاشم جواب ۾ هڪ ٻيو رسالو عربيءَ ۾ لکيو، جنهن جا ٻه نالا رکيائين: (الف) ’الشفاء الدائم عن اعتراض القائم‘ (ب) ’تنوير الا صباح عليٰ مسالک الا صلاح‘. هن رسالي جي مقدمي ۾ حمد ۽ صلواة کان پوءِ مخدوم محمد هاشم فرمائي ٿو: مون جڏهن ’اصلاح مقدمة الصلواة‘ جي نالي سان هڪ رسالو لکيو، ته ان دور جي هڪ عالم (مخدوم محمد قائم) جنهن کي مون سان حسد ۽ جاهليت واري حميت هئي، تنهن اهڙا اعتراض ڪيا، جيڪي انصاف جي ليڪي کان لنگهيل هئا. ڏنگي واٽ ويندڙ ماڻهوءَ کان سواءِ انهن اعتراضن کي ڪوبه قبول نه ڪندو ۽ نڪي انهن تي راضي ٿيندو. تنهن ڪري مون زمين ۽ آسمانن جي مالڪ الله سبحانـھ و تعاليٰ تي ڀروسو رکي، انهن اعتراضن جا جواب ڏيڻ گهريا. 1142هه جي آخر ۾ هن رسالي جي تصنيف ۾ شروع ٿيس ۽ ان جو نالو ’الشفاء الدائم عن اعتراض القائم‘ ۽ ٻيو ’تنوير الاصباح عليٰ مسالک الا صلاح‘ رکيم.

مخدوم محمد قائم سنڌي، مخدوم محمد هاشم کي جواب ڏيندي هڪ حديث بابت لکيو آهي، ته شيخ (ابولحسن) انهيءَ حديث تي واقف ٿيو هوندو. تنهن تي وري مخدوم محمد هاشم مٿئين رسالي ۾ لکي ٿو ته اهو حسن ظن آهي، پر استدلال ۾ چڱو گمان نفعو نه ڏيندو آهي. ٻيو ته شيخ ابوالحسن سنڌي جيتوڻيڪ پرهيزگار انسان هو. الله تعاليٰ اسان کي ان کان نفعو به پهچايو، پر هـُـو علم حديث جو ڄاڻو نه هو، رڳو فارسي ڄاڻندو هو، جيئن عبادات ۾ مجموعه خاني، مجموعه سلطاني ۽ ترغيب الصلواة فقـة ڄاڻندو هو. تنهنڪري ڪابه حديث جيڪا ڪنهن ڪتاب ۾ نه ملي، تنهن جي ثابتيءَ لاءِ رڳو اهڙي ماڻهوءَ جي قول تي ڀروسو ڪرڻ ڪوريئڙي جي ڄاريءَ کان وڌيڪ ڪمزور آهي.“ (1)

مخدوم محمد قائم ٺٽوي سن 1157هه ۾ مديني منوره ۾ پرين جي پيرانديءَ ۾ وڃي آرامي ٿيو ۽ اهو علمي بحث، تنقيد، تحقيق ۽ سوال جواب جي ڏي وٺ جو سلسلو ختم ٿي ويو.

سنڌ جو عظيم اسڪالر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي اصلاحي تنقيد ۽ تحقيق بابت لکي ٿو:

 ”بهرحال ڀلاري بزرگ مخدوم ابولحسن سنڌيءَ جو سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”مقدمة الصلواة“  انهيءَ اعليٰ پائي جو ثابت ٿيو، جو سنڌ جي چوٽيءَ جي عالمن مان ٻن بزرگن مخدوم محمد هاشم (پهريان) ۽ مخدوم محمد قائم (بعد ۾) ان بابت قلم کنيو. مخدوم محمد هاشم پنهنجي طرفان اصلاح ڏئي تحقيق جو دروازو کوليو. مخدوم محمد قائم مٿس اعتراض ڪيا، جنهن جا مخدوم صاحب محمد هاشم جواب ڏنا. اهڙيءَ طرح تحقيق تي تحقيق جو سلسلو جاري ٿيو.“ (1)

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي اصلاح مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب پهريون تنقيد نگار عالم آهي، جنهن مخدوم ابوالحسن سنڌي جي ڪتاب  ”مقدمةِ الصلواة“  تي اصلاحي ۽ تعميري تنقيدي ڪئي. الفضل للمتقدم جي اصول پٽاندڙ انهيءَ ڏس ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کي سبقت حاصل آهي ۽ ڀلائي اڳين لاءِ آهي.

سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ، مخدوم صاحب عربي ۽ فارسيءَ جي حوالي سان به مخدوم محمد معين ٺٽويءَ، مخدوم محمد حيات سنڌي مدني جي ڪتابن جو تنقيدي مطالعو ڪري، ڀرپور اصلاحي جواب ۽ ڪتاب عربي ۽ فارسي ۾ لکيا آهن.

------

 

باب نائون

مخدوم صاحب جون امتيازي خصوصيتون

مخدوم صاحب ۾ گهڻيون ئي عالمانه ۽ مجاهدانه خصوصيتون هيون، جن کيس تاريخ ۾ اڄ تائين تارن ۾ چنڊ مثل روشن ۽ نروار پئي ڪيو آهي.

1. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ تي عبور:

مخدوم صاحب هڪ ئي وقت عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين جو ماهر نظر اچي ٿو. هـُـن علمي ۽ پيچيده مسئلن کي نهايت چٽائيءَ ۽ دليلن سان پيش ڪيو آهي. سندس تقرير ۽ عبارت نهايت عام فهم ۽ پـُـردلائل آهي. ان دور ۾ جيڪي به مسئلا سامهون آيا، انهن تي هن ڀرپور نموني ۾ قلم هلائي، حق جو حق ادا ڪيو. هـُـن ٽنهي ٻولين ۾ شاعري به ڪئي آهي. ٽنهي ٻولين ۾ تقريباً ساڍا ٽي سؤ ڪتاب لکيائين. سندس دور ۾ ڪنهن ٻئي اهلِ قلم ۽ مصنف کي ايترين ٻولين تي هڪ جهڙو عبور ۽ ڪتابن لکڻ جو امتياز حاصل ٿي نه سگهيو.

2. سنڌي تصنيفات:

مخدوم صاحب جي دور ۾ سنڌيءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب مس لکيل ۽ موجود هئا، جيئن  ”مقدمة الصلواة“ ،  ”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي“  وغيره. مخدوم صاحب ان وقت به ڊزن کان وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکي، عام سنڌي ماڻهن لاءِ سهوليت ڪئي. اهڙيءَ طرح ماڻهن کي بنيادي ديني مسئلا سمجهڻ ۾ آساني ٿي. هـُـن پنهنجي ديني ڀائرن کي  ”سنڌي ٻولي - پنهنجي ٻولي، سنڌ ٻولي - سهنجي ٻولي“  جو گويا درس ڏنو.

3. ديني علمن جي خدمت:

(الف) قرآن ڪريم: جيئن ته قرآن حڪيم سڀني علمن جو سرچشمو آهي، ان ڪري مخدوم صاحب قرآني علوم، جهڙوڪ: تفسير، فضائل قرآن، قراء ت ۽ تجويد تي ڪافي توجهه ڏنو ۽ ڳچ ڪتاب لکيا. اهڙيءَ طرح قرآن جي سنڌي ترجمي ۽ تفسير جو سنڌ ۾ بنياد رکيائين. جيتوڻيڪ برصغير ۾ قرآن جو پهريون فارسي ترجمو مخدوم سرور نوح هالائي (المتوفي: 998هه) ڪيو، پر سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن جي ترجمي ۽ تفسير جي شروعات ۽ سعادت مخدوم صاحب جي قلم سان ٿي. ان ڏس ۾ مخدوم صاحب جي لکيل ”تفسير هاشمي“  کي وڏي اهميت حاصل آهي، جيڪو سندس مادري سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن جي آخري سيپاري جو بهترين تفسير آهي. نماز ۾ هر ماڻهو خاص ڪري ٽيهين پاري  ”عم“  جون ننڍيون سورتون پڙهي ٿو، ان ڪري مخدوم صاحب تفسير جي شروعات به ان سيپاري کان ڪئي.

ان وقت قرآن جو سنڌيءَ ۾ ڪوبه تفسير لکيل ۽ موجود ڪونه هو. تنهنڪري مخدوم صاحب محسوس ڪيو ته نماز ۾ قرآن شريف پڙهڻ ته نور آهي، ان جي معنيٰ ۽ تفسير سمجهي پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ نورُ عـَـليٰ نور آهي. مخدوم صاحب ان پاري جو نه صرف ترجمو ڪيو، پر پنج سؤ صفحن جو سنڌيءَ ۾ تفسير به لکيو. 29 پاري  ”تبارڪ الذي“  (سنڌي) ۽  ”سورة الکهف“  (عربي) جو تفسير به مخدوم صاحب سان منسوب آهي.

بيشڪ مخدوم صاحب سنڌ ۾ پهريون شخص هو، جنهن سنڌي قوم کي قرآن شريف جي طرف پڪاريو ۽ اهو ذهن نشين ڪرايو ته ڪوبه اصول، طور طريقو ۽ نظام، جنهن جو بنياد قرآن تي رکيل آهي، اهوئي نظام ڪامياب ٿيندو، ڇو ته قرآن ۾ سڀ ديني ۽ دنيوي ڀلايون سمايل آهن. قرآن ئي انسانن جو رهبر اصول ۽ دستور العمل آهي.

مخدوم صاحب قرآن جو سنڌيءَ ۾  ”تفسير هاشمي“  لکي، هڪ انقلابي قدم کنيو. اها سندس علم ۽ فڪر جي امتيازي خصوصيت آهي.

(ب) حديثِ نبوي: مخدوم صاحب سڄي زندگي سنتِ نبويءَ تي عامل رهيو. تفسير سان گڏ علم حديث جي تڪميل لاءِ پاڻ حجاز مقدس به ويو. اتان ڪامل محدث ٿي وطن وريو. سندس ڪتابن ۾ اڪثر حديثِ نبويءَ مان ئي دليل ورتل آهن. ان ڏس ۾ مخدوم صاحب  ”حياة القاري باطراف البخاري“  ۽ ٻيا ڪتاب لکيا. ڇو ته قرآن مجيد کان بعد سنتِ نبوي ئي انسان ذات لاءِ ڪامل رهنما ۽ اُسوه حسنه آهي.

(ج) فقھ: ديني مسائل ۽ علم فقـھ ۾ مخدوم صاحب وقت جو مجدد هو. ڪوبه فقهي مسئلو اهڙو نه آهي، جنهن ۾ هـُـن فقيهانه فهم ۽ عالمانه قلم نه هلايو هجي. فقـھ تي مخدوم صاحب جا گهڻائي ننڍا وڏا رسالا لکيل آهن. سندس  ”بياض هاشمي“  ان ڏس ۾ هڪ فقهي شاهڪار موجود ۽ مشهور آهي، گويا ديني انسائيڪوپيڊيا آهي.

(د) تصوف: تصوف انسان کي روحاني طرح ڪامل انسان بنائي ٿو. آخرت تي ايمان پڪو ٿئي ٿو. دل جي دنيا آباد ٿئي ٿي. ظاهري علم سان گڏ باطني علم به ضروري آهي. مخدوم صاحب پاڻ ان ڏس ۾ قادري سلسلي ۾ جهد عبادت ڪري، بيعت ۽ خلافت حاصل ڪئي. هن سلسلي ۾ مخدوم صاحب جي خدمت ڪڏهن به وساري نٿي سگهجي. جيتوڻيڪ صوفين سان نسبت غنيمت آهي، پر مخدوم صاحب جي دور ۾ ڪن صوفين تصوف جي نالي ۾ ڪيترين بدعتن، خرافات ۽ غير شرعي ڳالهين کي تصوف ۾ ملائي، مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو هو. اهوئي سبب آهي، جو پاڻ ان صوفيءَ جي روش کي نندي ٿو، جو شريعت جي پابنديءَ جو لحاظ نٿو رکي. شريعت تي عمل ڪرڻ کان حيلا بهانا بنائي ۽ هٿرادو عذر ۽ اصطلاح گهڙي ٿو. مخدوم صاحب خشڪ فقيـھ نه هو. بلڪه صاحبِ نسبت، بيعت ۽ خلافت جو صاحب عالم پڻ هو. هـُـن هماليه وانگر مستقل مزاجيءَ سان تصوف جي اصل روح ۽ حقيقت کي کولي سمجهايو ۽ غير شرعي ڳالهين کي بند ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ورتي. فرمان جاري ڪرائي بدعتن کي ٻنجو ڏنو. پاڻ ظاهري عالم فاضل سان گڏ صوفي باصفا، زاهد، صاحبِ فيض و ارشاد ۽ ڪامل ولي الله به هو.

4. قناعت ۽ سادگي:

اسلام اسراف، اجائي خرچ ۽ فضول ڪمن کان منع ڪئي آهي ۽ کين شيطاني ڀائر ڪري سڏيو آهي. اسراف رڳو پئسي ڏوڪڙ ۾ نه آهي، پر وقت ۽ هر ڪم ۾ وچٿرائيءَ جو لحاظ رکڻو آهي ۽ اسراف کان بچڻو آهي. مخدوم صاحب ملڪ ۽ قوم جي خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جو خواهان هو. ماڻهن ۾ اجائي خرچ، وقت وڃائڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ اسراف ڪرڻ کي ناپسند ڪندو هو. ان ڪري پاڻ ماڻهن کي هر ڪم ۾ وچٿري نموني هلڻ لاءِ تاڪيد ڪندو رهيو. هـُـن  ”سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ“  واري اصول کي لازم ٿي ڄاتو. ان وقت درياءَ ۽ کوهن تان پاڻي گهرن ۾ آندو ويندو هو. پاڻ ماڻهن کي سانگي صرفي لاءِ اهو اصول ٻڌايائين، ته پئسي پنجڙ جي خرچ بچائڻ کان اڳ ننڍين ننڍين ڳالهين تي توجهه ڏنو وڃي، ته اڳتي هلي پاڻ ۾ پابندي ۽ اصولن جو ضابطو آڻي سگهجي. هن وقت ته پاڻيءَ لاءِ نلڪا، ٽيوب ويل، واٽر سپلاءِ وغيره جون سهوليتون موجود آهن، پر مخدوم صاحب جي دور ۾ اڄ کان ٻه اڍائي سئو سال اڳ ماڻهو پاڻيءَ لاءِ پريشان رهندا هئا. ڳوٺ ۽ شهر به درياءَ جي ويجهو ان ڪري اڏيندا هئا، ته جيئن پاڻيءَ جي حاصلات ۾ آساني ٿئي.

مخدوم صاحب ان ڏس ۾ پاڻيءَ جي قدرداني، بچاءَ، وقت بچائڻ لاءِ وضو ڪرڻ واسطي ٺڪر جا پوري ماپ جا ڪؤنرا ٺهرايا، ته عام ماڻهو پورو پاڻي استعمال ڪري، پاڻ کي وچٿري نموني هلڻ جو هڪ مثالي نمونو ۽ عملي تصوير پيش ڪري سگهي. گهر جو پاڻي اجايو هار ويٽ ڪري، پوءِ پريشان نه ٿئي. انهن ڪؤنرن کي عرف عام ۾  ”هاشمي ڪوزا“  سڏيو ويو. مخدوم صاحب طرفان اهو به سندس دُورانديشي، پاڻ تي ضابطي ۽ اسراف کان بچڻ لاءِ پهريون قدم هو. جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون ظاهر ۾ ته ننڍيون آهن، پر هميشه پهرئين ۽ هڪ وک کڻڻ کان پوءِ معاملو وڌندو آهي. مخدوم صاحب طرفان اهو دُورانديشي، آئنده جو اونو، ميانه روي ۽  ”خيرالامور اوسطها“  جو اعليٰ عملي نمونو ۽ بهترين مثال آهي ته مسڪين ۽ عام ماڻهو هر ڪم ۾ ميانه رويءَ سان هلي، بااصول ۽ خوشحال زندگي گذاري سگهي. جي ماڻهو حق حلال ۽ محنت مزدوريءَ جي پئسي کي پاڻيءَ وانگر هاريندا آهن، انهن کي آخر حسرت جا هٿ مهٽڻا پون ٿا.

5. وطن سان محبت:

جنهن ڌرتيءَ تي انسان ڄمي، پرورش پائي، وڏو ٿي رهي ٿو، فطري طور انسان ان سرزمين سان محبت ڪري ٿو. مخدوم صاحب جي دور ۾ ڪنهن ٻاهرئين ماڻهوءَ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي مخالفت ۽ گلا ۾ هڪ ڪتاب لکيو. مخدوم صاحب بروقت ان جو نوٽيس ورتو. هـُـن سنڌ مخالف ڪتاب جو ڀرپور جواب لکي، سنڌ جي شان ۾  ”مدح نامه سنڌ“  نالي هڪ بهترين ڪتاب لکيو، جنهن ۾ سنڌ جو سرس شان بيان ٿيل آهي، اها مخدوم صاحب جي امتيازي خصوصيت آهي، جو ان کان اڳ ڪنهن به عالم ائين وطن جي محبت خاطر ۽ سنڌ جي شان ۾ ڪو نجو ڪتاب نه لکيو هو. ان سان گڏ مخدوم صاحب جي ڪتابن جي اها خاصيت آهي، جو پاڻ هر ڪتاب جي مقدمي ۾ پنهنجي نالي سان گڏ  ”السندي“  ضرور لکيو اٿائين.

6. مسلماني آساني:

مخدوم صاحب جي وڏي معاصر ميون ابوالحسن سنڌي  ”مقدمـةِ الصلواة“  ۾ نماز جي مسئلن ۾ لکيو هو ته جيڪڏهن نماز ۾ ماڻهوءَ کي گهڻا مڇر، مکيون ۽ ڪيڙيون چڪ هڻي رت ڪڍن، ته نمازيءَ جو وضو ڀڄي پوندو.

مخدوم صاحب هن اهم مسئلي بابت عام ماڻهن جي سهنجائي خاطر، اسلام جي آساني واري اصول پٽاندڙ  ”اصلاح مقدمة الصلواة“  ۾ مسئلي جي وضاحت ڪئي. ان جو نچوڙ ۽ مطلب هيءُ آهي:

گهڻن مڇرن جي کائڻ ڪري وضو ڪونه ڀڄندو ۽ ڪپڙا پليد ڪونه ٿيندا. ڇو ته سنڌ ۾ درياءَ جي ٻنهي پاسي گهاٽا ٻيلا، جهنگ ۽ وڻڪار جام آهي. اڪثر مارو ماڻهو مال ۽ ٻني ٻاري سانگي جهر جهنگ ۾ ئي رهن ٿا، جتي مڇر جام ٿين ٿا. گرميءَ جي مند ۾ اهو مسڪين ماڻهو جنهن وٽ هڪ ڪپڙو يا وڳو آهي، جيڪو پائي سمهي ٿو. پوءِ انهن ڪپڙن ۾ مڇرن جو رت گهڻو لڳي وڃي ٿو. جيڪڏهن گهڻن مڇرن طرفان انسان جي رت چوسڻ تي وضو ڀڄي پوڻ جو حڪم لڳائبو ته اتي لازم ايندو، ته نماز جي هر رڪعت ۾ يا تراويحن جي هر ٻن رڪعتن کان پوءِ هر ماڻهوءَ جو وضو ڀڄي پوندو. اها ماڻهن جي مٿان سختي ۽ اهنج آهي. اسلام دين آسان آهي. ان ڪري مڇرن جي کائڻ سان وضوءَ جي ڀڄڻ جو حڪم نه لڳندو. وضو ۽ نماز صحيح ۽ درست رهندا.

اها مخدوم صاحب جي خصوصيت آهي، جنهن عام ماڻهن جي سهنجائي ۽ آسانيءَ خاطر هن مسئلي ۾ صحيح حقيقت لکي، ماڻهن جي ڀلائيءَ ۽ اسلام جي آسانيءَ وارو اصول بيان ڪيو آهي. اهائي عام ماڻهن لاءِ ڀلائي ۽ مسلماني آساني آهي.

7. حق گوئي:

مخدوم صاحب جي طبيعت خوددار ۽ باوقار هئي ۽ خوشامد، تعصب ۽ وڏائيءَ کان بنهه خالي هئي. ان ڪري سندس تحرير ۽ تقرير، قول ۽ معاملي ۾ حق ۽ سچ جو عنصر نمايان هو. وقت جي حاڪمن کي به دين متين ۽ حق سچ بابت خط لکيائين. وقت جي مصنفن سان علمي مسئلن تي حق سچ چوڻ سان اصلاح ۽ تنقيد ڪيائين، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته حق سچ جي ڪلمي چوڻ واري کي متعصب چيو وڃي ٿو. جيئن ته مخدوم صاحب جي زندگي بااصول، باشرع، حق سچ چوڻ جي صفت سان سينگاريل هئي، ان ڪري پاڻ ڪنهن جي رعايت يا بيجا پرواهه نه ڪيائين. پنهنجي حق سچ جي اصول تي آخر تائين ڪاربند رهيو. جيتوڻيڪ ان باري ۾ مٿس ڪي من گهڙت الزام به لڳا، پر مخدوم صاحب جي حق سچ واري اها به اهم خصوصيت آهي.

-----


(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:  ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“ ، ص 8-9

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:  ”سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو“

(1) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي:  ”هاشميـھ لائبريري“  (مقالو) ڏسو ماهوار  ”نئين زندگي“  ڪراچي، آگسٽ 1959ع، ص 19

(1) سيد علي محمد شاهه دائري وارو:  ”مصلح المفتاح“ ، ڏسو مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 27-28

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org