درهم الصرة في وضع اليدين تحت السـُـرة
مخدوم صاحب هيءُ رسالو حنفي مذهب جي تائيد ۾
اندازاً 1137هجري ۾ لکيو. هيءُ رسالو 24 صفحن تي
مشتمل آهي. صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽ ويڪر چار انچ
آهي، هر صفحي ۾ 18 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 15
لفظ آهن. ڪاتب ۽ ڪتابت جو سال نامعلوم آهي ۽ وچولي
ڪتابت آهي.
هيءُ رسالو سنڌ جي وڏي محدث، محمد حيات سنڌي
مدنيءَ جي رد ۾ لکيل آهي. مخدوم صاحب هن کان اڳ ۾
به محمد حيات سنڌيءَ جي رد ۾ رسالا لکيا آهن. انهن
مان ”معيار النقاد“ رسالي جي آخر ۾ سن 1137هه
ڄاڻايل آهي. هيءُ رسالو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي
آهي. لڳ ڀڳ ان ئي دور ۾، يا ان کان ڪجهه اڳ يا
پوءِ لکيو ويو آهي. هيءُ رسالو پير جهنڊي جي
ڪتبخاني - نيو سعيد آباد، درسگاهه چوٽياريون ۽
سرهندي ڪتبخاني - ٽنڊي سائينداد ۾ موجود آهي. راقم
وٽ پير جهنڊي واري قلمي نسخي جو عڪس موجود آهي.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب پنهنجي وقت جي گهڻن عالمن ۽ مصنفن سان
علمي ميدان ۾ چوٽون کاڌيون، جن ۾ ميون ابوالحسن
ٺٽوي، مخدوم محمد قائم ٺٽوي مدني، مخدوم محمد معين
ٺٽوي ۽ مخدوم محمد حيات سنڌي مدنيءَ جا نالا
سرِفهرست آهن.
هيءُ رسالو مخدوم محمد حيات سنڌي مدنيءَ جي رد ۾
لکيل آهي، جنهن فقھ حنفيءَ جي خلاف، امام شافعي جي
دليل تي، نماز ۾ مردن کي به عورتن وانگر مٿي سيني
تي هٿ ٻڌي نماز پڙهڻ جي جواز ۾ فتويٰ ڏني هئي ۽
اها تحرير ”فتح القدير“ جي حاشيي تي لکي هئي.
جيئن ته مخدوم صاحب فقھ حنفيءَ جو زبردست عالم ۽
مقلد هو. جنهن پهريان ته اها ڳالهه ٻڌي، بعد ۾
تصديق ڪرڻ خاطر ”فتح القدير“ جو حاشيو به پڙهيو، ۽
اهو به ٻڌو ته ڪي ماڻهو امام ابو حنيفھ جي پيروي
ڪندڙ ”حنفي“ سڏائڻ وارا به شڪ جي بناء تي امام
شافعي جي مسلڪ وانگر سيني تي هٿ ٻڌي نماز پڙهن ٿا.
ان تي مخدوم صاحب کي ڪن دوستن چيو ته نماز جي هن
اهم مسئلي تي تحقيقي رسالو لکو، ته جيئن حق ظاهر
ٿئي ۽ شڪ دور ٿئي.
مخدوم صاحب هن رسالي ۾ آيل مواد کي مقدمي، پنجن
فصلن ۽ خاتمي ۾ ورهائي، قلم هلايو آهي. نماز ۾
مردن لاءِ دن کان هيٺ هٿ ٻڌڻ بابت حنفي مذهب جي
تائيد ۾ ڀرپور علمي بحث ڪري، مسئلي کي ثابت ڪيو
آهي ۽ هن مسئلي بابت چئني امامن جو مذهب بيان ڪري،
نقلي ۽ عقلي دليل پيش ڪري، سوالن جا جواب به ڏنا
آهن ۽ حنفي مذهب جي تائيد ۾ رسالي کي پورو ڪيو
آهي.
مخدوم صاحب دُن جي هيٺان هٿ ٻڌڻ بابت ”درهم الصرة“
کان سواءِ ٻه رسالا ٻيا به لکيا آهن:
1. معيار النقاد في تمييز المغشوش عن الجياد
2. ترصيع الدرة عليٰ درهم الصرة
انهن ٻنهي رسالن جي مواد جو نچوڙ ۽ تحقيق هيءَ
آهي، ته مردن کي نماز ۾ هٿ، دن جي هيٺان ٻڌڻ
گهرجن، اهوئي حنفي مذهب جو اصول ۽ عمل آهي.
------
معيار النقاد في تمييز المغشوش
عن الجياد
هن رسالي جي شروعات هن ريت ٿيل آهي: ”الفھ الفقير
محمد هاشم السندي في الرد عليٰ محمد حيات المذڪور
وشيخھ ابي الحسن المسطور.“
هن رسالي ۾ 29 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽
ويڪر چار انچ آهي. هر صفحي ۾ 17 سٽون ۽ هر سٽ ۾
سراسري طور 12 لفظ آهن.
مخدوم صاحب نماز ۾ دن جي هيٺان هٿ ٻڌڻ بابت ٽي
رسالا لکيا آهن. انهن ٽنهي رسالن جو ڪاتب هڪ ئي
ميان رحمت الله نالي معلوم ٿئي ٿو. اکر گهاٽا ۽
وچٿرا آهن.
هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي دور جو ڪتابت ٿيل آهي.
هن رسالي جي آخر ۾ جيئن ڪاتب جي نوٽ مان اهو معلوم
ٿئي ٿو ته هيءُ نسخو مصنف مخدوم محمد هاشم جي اصل
نسخي تان نقل ڪيو ويو آهي. سن 1137هه ماه جمادي
الاول، اڱاري ڏينهن تي لکجي پوري ٿيو. هيءُ رسالو
پير جهنڊي جي ڪتبخاني - نيو سعيد آباد ۾ موجود
آهي. راقم وٽ ان نسخي جو عڪس موجود آهي. هيءُ
رسالو قلمي صورت ۾ آهي ۽ ان جو ٻيو ڪوبه قلمي نسخو
دستياب ٿي نه سگهيو آهي.
مواد جو وچور:
هن رسالي ۾ به حنفي مذهب جي تائيد ۾ مردن لاءِ
نماز ۾ دُن جي هيٺان هٿ ٻڌڻ بابت بحث ڪيل آهي. اصل
۾ هيءُ رسالو مخدوم صاحب جي دور جي وڏي محدث ۽
همعصر، مخدوم محمد حيات سنڌي مدني جي حنفي مسلڪ جي
خلاف لکيل رسالي ”الدرة في اظهار غش نقد الصرة“ جو
رد ۽ جواب آهي. اهو رسالو وري مخدوم صاحب جي رسالي
”درهم الصرة“ جي تنقيد ۾ تحرير ٿيل آهي. مخدوم
صاحب بر وقت ”معيار النقاد“ لکيو ۽ مخدوم محمد
حيات سنڌي مدنيءَ جي اعتراضن جا جواب ڏنا ۽ پنهنجي
نڪته نظر کي واضح ڪري، حنفي مسلڪ کي ثابت ۽ واضح
ڪيو.
هن مسئلي ۾ مخدوم صاحب جو ٻيو وڏو همعصر ۽ عالم،
مخدوم ابوالحسن ڪبير ٺٽوي سنڌي مدني، جيڪو محمد
حيات سنڌيءَ جو استاد هو، شايد هن مسئلي ۾ به
پنهنجي شاگرد محمد حيات سنڌي سان شامل راءِ هو. ان
ڪري مخدوم صاحب، محمد حيات سنڌيءَ سان گڏ سندس
استاد ابوالحسن ڪبير سنڌي مدني جو به اشارتاً
پنهنجي رسالي ۾ نالو کنيو ۽ ذڪر ڪيو آهي.
بهرحال، مخدوم صاحب حنفي مسلڪ تي هن مسئلي ۾ وارد
ٿيندڙ اعتراضن جا ڀرپور جواب ڏنا آهن ۽ مسئلي کي
کولي بيان ڪيو آهي. مردن لاءِ نماز ۾ سيني جي مٿان
عورتن وانگر هٿ ٻڌڻ جي بجاءِ دُن جي لڳ هيٺان هٿ
ٻڌي نماز پڙهڻ کي جائز ۽ صحيح ثابت ڪيو آهي.
------
ترصيع الدرة عليٰ درهم الصرة
هي رسالو به مخدوم صاحب جي دور جو تحرير ٿيل آهي،
جو حنفي مسلڪ موجب ”نماز ۾ دُن جي هيٺان هٿ ٻڌڻ
”جي سلسلي ۾ ٽين ڪڙي آهي. هن رسالي جو ڪاتب ساڳيو
ئي ميان رحمت الله آهي. هيءُ نسخو 22 صفحن تي
ڦهليل آهي. صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽ ويڪر چار انچ
آهي. هر صفحي ۾ 16 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور ڏهه
لفظ آهن.
هيءُ رسالو قلمي صورت ۾ آهي ۽ پير جهنڊي جي
ڪتبخاني - نيو سعيد آباد ۾ موجود آهي. هن رسالي جو
ٻيو ڪو به قلمي نسخو دستياب ٿي نه سگهيو آهي. راقم
وٽ ان رسالي جو عڪس موجود آهي.
مواد جو وچور:
هيءُ رسالو به حنفي مسلڪ جي تائيد ۾، دُن کان هيٺ
هٿ ٻڌي نماز پڙهڻ بابت آهي. اندازاً سن 1137هه يا
ان کان ڪجهه وقت اڳ ۾ يا پوءِ جو لکيل آهي. هيءُ
رسالو به اصل ۾ مخدوم محمد حيات سنڌي مدنيءَ جي رد
۾ لکيو ويو آهي ۽ دليلن سان ڀرپور آهي. محمد حيات
سنڌي تقليد جو مخالف ۽ نماز ۾ سيني تي هٿ ٻڌڻ جو
قائل هو. مخدوم صاحب حنفي مسلڪ جو مقلد ۽ نماز ۾
دن کان هيٺ هٿ ٻڌڻ جو قائل هو. ان ڪري سنڌ جي ٻنهي
وڏن محدثن هن مسئلي تي علمي ڏي وٺ ڪئي ۽ هڪ ٻئي جي
جواب ۾ رسالا لکيا.
مخدوم صاحب هن رسالي ۾ ٻين رسالن وانگر حنفي مسلڪ
جي تائيد ۾ مخدوم محمد حيات سنڌي مدني کي علمي
جواب ڏئي، کيس قائل ڪرڻ جي ڀروپر علمي ڪوشش ڪئي
آهي. بحث دوران ڪن قلمي نسخن جي اختلاف ۽ عبارت جي
گهٽ وڌائيءَ جي به مختلف نسخن جا نالا ڏئي نشاندهي
ڪئي وئي آهي. چند جاين تي سنڌ جي مشهور عالم، محمد
اڪرم نصرپور واري جا حوالا به آندا ويا آهن.
بهرحال، هيءُ رسالو ۽ ان موضوع ”دن کان هيٺ هٿ ٻڌي
نماز پڙهڻ“ بابت ٻه ٻيا رسالا به پڙهڻ جي قابل آهن
۽ علمي بحث جو بهترين نمونو آهن.
هن مسئلي ”وضع اليدين تحت السرة“ ۾ ته ٻنهي محدثن
جو اختلاف آهي، پر هوڏانهن مخدوم محمد معين ٺٽوي،
جنهن جو ڪن مسئلن ۾ اهلِ سنت جي برخلاف رافضيت ۽
شيعت ڏانهن لاڙو هو، تنهن جي خلاف ٻنهي محدثن گڏجي
ڀرپور علمي نموني ۾ جواب ڏنا آهن ۽ پنهنجي علمي
اختلاف کي وچ ۾ نه آندو آهي، ۽ ٻنهي رباني عالم
هئڻ جو بهترين ثبوت ڏنو آهي.
مخدوم صاحب جا ”دُن جي هيٺان نماز ۾ هٿ ٻڌڻ“ بابت
اِهي ٽئي عربي رسالا: ”درهم الصرة“ ، ”معيار
النقاد“ ۽ ”ترصيع الدرة“ ۽ محمد حيات سنڌي جو
”درة“ هڪ گڏيل مجموعي جي صورت ۾ تازو ”ادارة
القرآن والعلوم الاسلاميھ ، ڪراچي“ طرفان سن
1414هجري ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو ڪتاب ”درهم الصرة“ الڳ
ڪتابي شڪل ۾ ويجهر ۾ افغانستان مان به شايع ٿيو
آهي.
------
نورالعينين في اثباة الاشارة في التشهدين
هن ڪتاب ۾ 118 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه يارهن انچ
۽ ويڪر ست انچ آهي. هر صفحي ۾ 17 سٽون ۽ هر سٽ ۾
سراسري طور 17 لفظ آهن. ڪتابت وچولي، باب ۽ فصل
ڳاڙهي مس سان لکيل آهن. ڪاتب، رسالي پوري ٿيڻ جي
آخر ۾، سنهي قلم سان هن ريت لکيو آهي: مخدوم محمد
هاشم ٺٽويءَ جو هيءُ ڪتاب ”نورالعينين“ ڪاتب
عبدالڪريم خيرپوريءَ جي هٿان تاريخ 11 صفر المظفر
سن 1331هه ۾ لکجي پورو ٿيو.
مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب 11 مهينن ۾ لکي پورو ڪيو. هن
ڪتاب جي لکجڻ جي شروعات 6 ذوالحج 1138هه تي ٿي ۽
برابر يارهن مهينا ان سلسلي ۾ مختلف ڪتابن تان
مواد جي ميڙا چونڊي پئي ڪئي. تاريخ 12 شوال 1139هه
تي ڪتاب لکجي پورو ٿيو. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب علم
حديث ۽ اصول حديث جا واهڙ وهايا آهن، هن ڪتاب جا
قلمي نسخا الڪبير اڪيڊمي - ڪوٽڙي ڪبير، ڪتبخانه
ڳڙهي ياسين، اوريئنٽل ڪاليج حيدرآباد، درسگاهه
چوٽياري ۾ موجود آهن. راقم کي ان جو عڪس - قاسميھ
لائبريري ڪنڊياري مان مليو. هن ڪتاب کي محترم مولا
بخش شر سڪندري شاهپور چاڪر واري پي ايڇ. ڊي لاءِ
ايڊٽ ڪري، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان سال 2005ع ۾
ڊاڪٽري جي ڊگري ورتي آهي.
مواد جو وچور:
”التحيات“ ۾ آڱر جي اشاري ڪرڻ بابت اختلاف آهي.
”خلاصھ ڪيداني“ نالي عربيءَ ۾ هڪ ننڍڙو ڪتاب آهي،
جنهن ۾ نماز جي مسئلن ۾ لکيو ويو آهي ته ”التحيات“
۾ هيءُ جو آڱر جو اشارو ڪيو ويندو آهي، سو نه ڪيو
وڃي. اهو اشارو ڪرڻ حرام آهي.(1)
اهڙيءَ ريت فارسي درسي ڪتاب ”مالابدمنھ “ ۾ به منع
آيل آهي.(2)
انهيءَ مسئلي تي افغانستان ۾ ڏاڍو زور رهيو آهي.
ڪنهن دور ۾ ائين به هو ته جيڪو اشارو ڪندو هو،
تنهن کي سخت سزا ڏني ويندي هئي. ويتر جو امام
رباني مجدد الف ثاني (المتوفيٰ: 28 صفر المظفر
1034هه) جهڙو ولي ۽ عالم به اشاري خلاف لکي ويو،
تنهن ته انهن کي هٿي ڏئي ڇڏي. دراصل، پٺاڻَ امام
ربانيءَ جا ڏاڍا معتقد پئي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته
امام صاحب به اصل ۾ ڪابل جو هو.
پر جڏهن ته اهو مسئلو فقھ حنفي جي ظاهر روايت وارن
ڪتابن ۾ نه آيو آهي، مگر امام ابو حنيفھ (80هه -
150هه) جي شاگرد امام محمد بن حسن (المتوفي:
189هه) پنهنجي ڪتاب ”مؤطا“ ۾ التحيات ۾ اشاري کي
حديث سان ثابت ڪندي لکيو آهي، ته اهوئي امام ابو
حنيفھ جو قول آهي. انهيءَ ڪري اڪثر حنفين انهيءَ
قول تي فتويٰ ڏني آهي ۽ سندن عمل به انهيءَ تي
رهيو آهي.(1)
دراصل، امام محمد - ”مؤطا امام محمد“ ، ’ڪتاب
الصلواة ’۾ هيءَ حديث آندي آهي:
”مالڪ بن انس، مسلم بن ابي مريم، علي بن
عبدالرحمان المعاوي چيو، مون کي عبدالله بن عمر
نماز ۾ پٿرين سان راند ڪندي ڏٺو. آئون جڏهن نماز
کان واندو ٿيس، ته مون کي ائين ڪرڻ کان جهليائين ۽
چيائين ته ائين ڪندو ڪر، جيئن رسول الله
ﷺ
ڪندا هئا. مون چيو ته رسول الله
ﷺ
ڇا ڪندا هئا؟ عبدالله بن عمر چيو ته پاڻ جڏهن نماز
۾ ويهندا هئا، ته ساڄو هٿ ساڄي ران تي رکي ۽ ٽن
اڱرين کي بند ڪري، اشهد آڱر سان اشارو ڪندا هئا.
کاٻي هٿ کي کاٻي ران تي رکندا هئا. قال محمد وهو
بصنيع رسول الله
ﷺ
ناخذ وهو قول ابي حنيفة .(2)
يعني امام محمد چيو ته رسول الله
ﷺ
جي هن فعل کي اسان وٺون ٿا، يعني عمل ڪريون ٿا ۽
اهوئي امام ابو حنيفه قول آهي.“
”التحيات“ پڙهڻ دوران آڱر جي اشاري ڪرڻ جو طريقو
هيءُ آهي، ته نمازي جڏهن سجدو ڪري ”التحيات“ پڙهڻ
ويهي ۽ ”التحيات“ پڙهندي جڏهن ”لا اِلــٰھ “ جي
لفظ تي پهچي، ته ساڄي هٿ جي وچين آڱر آڱوٺي سان
ملائي ڇلي وانگر گول بنائي ۽ ڏسڻي (اشهد) آڱر مٿي
کڻي ۽ ”الا الله“ چوڻ وقت آڱر هيٺ ڪري، پر آڱوٺي ۽
وچين آڱر کي انهيءَ حال تي رکي، جيستائين سلام
ورائي.(1)
مخدوم صاحب هن ڪتاب جي مقدمي ۾ انهيءَ سڄي بحث ۽
مسئلي جو نچوڙ سمائي ڇڏيو آهي. پاڻ لکي ٿو:
”پنهنجي پالڻهار جي رحمت ۾ اميدوار ٻانهو - محمد
هاشم پٽ عبدالغفور پٽ عبدالرحمان سنڌي اصل ۾ بٺوري
جو رهاڪو، پوءِ ٺٽوي چوي ٿو، ته هن مختصر رسالي ۾
نماز ۾ التحيات پڙهڻ وقت اشهد آڱر کڻڻ جو مسئلو
بيان ٿيل آهي. اهو مستحب آهي يا سنت، (پر) ان جو
ترڪ ڪرڻ چڱو نه آهي. ڇو ته ان باري ۾ حضور
ﷺ جن جي ڪافي صحيح صريح حديثن ۾ گهڻو احوال آيو آهي. تان ته اهو
مسئلو تواتر جي معنيٰ تائين پهتل آهي. ان سان گڏ
فقهي نص به ان باري ۾ آيل آهي. حنفي مذهب وارن جو
ان تي صحيح عمل به رهيو آهي ۽ امت محمدي جي سڀني
مذهب جي مجتهدن جو هن مسئلي تي اجماع آهي. البت
پوئين دور جي ڪن حنفي مقلدن جو اختلاف آهي.
مون (هن مسئلي جي تحقيق ۽ جواز ۾) حديثون، عقلي
نقلي دليل ۽ حنفي فقيهن جون روايتون ميڙي چونڊي گڏ
ڪيون آهن، ته جيئن ان تي عمل ڪري سگهجي ۽ (ان باري
۾ پيدا ٿيل) خطا ۽ سهو کان بچي سگهجي.“
------
ڪشف الغطاء عما يحل و يحرم
من النوح والبڪاء
جيتوڻيڪ هيءُ رسالو عربي ۾ آهي، پر ان جي ڪتابت جو
نمونو فارسي طرز تي آهي. هيءُ رسالو ٻن ڪاتبن جو
لکيل آهي: 1. عبدالرؤف بن سائينڏنو 2. غلام قادر:
انهيءَ ڪري ڪتابت ۾ يڪسانيت نه آهي ۽ اکر به ڪچا
آهن. ڪتابت جو سال نامعلوم آهي. مخدوم صاحب هيءُ
ڪتاب سن 1142هجري ۾ لکيو. هن رسالي ۾ 28 صفحا آهن.
صفحي جي ڊيگهه ٻارهن انچ ۽ ويڪر اٺ انچ آهي. هر
صفحي ۾ 28 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 25 لفظ آهن.
مخدوم صاحب جو عربيءَ ۾ لکيل هيءُ ڪتاب، ٺٽي جي
وڏي عالم ۽ مخدوم صاحب جي همعصر، مخدوم محمد معين
جي رد ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ قرآن، حديث ۽ تاريخ جي
حوالن سان زبردست علمي بحث ٿيل آهي، هيءُ رسالو
قلمي صورت ۾ آهي. هن رسالي جا قلمي نسخا ڪتبخانه
ڳڙهي ياسين، ڪتبخانه سرهندي - ٽنڊي سائينداد،
عبدالله گندري سونڊن واري ۽ سنڌالاجي لائبريري ڄام
شوري ۾ موجود آهن. راقم کي ان جو عڪس قاسميھ
لائبرِري ڪنڊياري مان مليو.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب جي دور ۾ ٺٽي ۾ مخدوم محمد معين عرف
مخدوم ٺارو هڪ وڏو چوٽيءَ جو عالم ٿي گذريو آهي.
ڪي چون ٿا ته مخدوم صاحب جو استاد هو ۽ ڪي چون ٿا
ته سندس همعصر هو. بهرحال مخدوم محمد معين هڪ مڃيل
علمي شخصيت، مصنف ۽ شاعر هو. هن هڪ رسالو لکيو،
جنهن ۾ اهو چيو ويو آهي ته ”حضرت امام حسين عليھ
السلام واسطي روئڻ پٽڻ جائز آهي. عاشوري جي ڏينهن
۾ عزا جون مجلسون قائم ڪرڻ جائز آهن ۽ انهن ڏينهن
۾ ڪارا ڪپڙا پائڻ به سنت آهن. تقيو ڪرڻ به سٺو ڪم
آهي ۽ ڪربلا جي مٽيءَ مان ٺهيل پٿرين يا ٺڪرين تي
الله تعاليٰ جو سجدو ڪرڻ به سٺو آهي وغيره.“ انهن
عقيدن جي ثابت ڪرڻ لاءِ اهو رسالو ”قرة العين في
البکاء علي الحسين“ ٺاهيائين.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي شريعت جو سخت پابند هو ۽ وري
مخدوم محمد معين جهڙي برک عالم، شاهه ولي الله
دهلويءَ جي شاگرد، ابوالقاسم نقشبنديءَ جي مريد ۽
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي گهاٽي دوست ۽ صوفيءَ
طرفان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ۽ سندس رسالي جو رد ڪرڻ
ضروري ڄاتو.
مخدوم صاحب، مخدوم محمد معين جي انهن عقيدن ۽
رسالي جي رد ۽ جواب ۾ هيءُ رسالو ”کشف الغطاء عما
يحل و يحرم من النوح والبکاء “ لکيو، جنهن ۾ قرآن،
حديث، فقھ ، لغت ۽ تاريخي حوالن ۽ عقلي نقلي دليلن
سان مخدوم محمد معين جو رد ڪيو ويو آهي.
مخدوم صاحب، مخدوم محمد معين جي رسالي تي ڀرپور
علمي رد ڪد ڪندي، وڏي ادب ۽ احترام سان کيس
”سيدنا“ ، ”مولانا“ ۽ ”شيخنا“ سڏيو آهي. پاڻ مخدوم
محمد هاشم ٺٽويءَ هن ڪتاب ۾ لکي ٿو:
”الله جي دين جي باري ۾ حق چوڻ تي شرعاً ۽
عـُـرفاً ڪا به ميار نه آهي ۽ اجازت آهي. ان ۾ وڏي
ننڍي يا استاد کي به حق چئي سگهجي ٿو. امام محمد
بن حسن شيباني پنهنجي مؤطا ۾ حضرت امام مالڪ بن
انس جي باري ۾ (حق) ڳالهايو آهي. علمي مسئلن ۾ اهل
مدينه ۽ ڪوفي وارن جو اختلاف يا گهڻن ڪتابن ۾
ڪيترن مسئلن تي اختلاف موجود آهي. (مخدوم محمد
معين جي رسالي پڙهڻ کان پوءِ) منهنجي دل ۾ ڪي سوال
اُڀريا. ان ڪري مون اها جسارت ڪئي آهي، پر ان ۾
سندس مخالفت يا انڪار ڪرڻ جو ارادو ڪونه اٿم.
جيڪڏهن منهنجا سوال (يا هي رسالو) غلط آهي، ته
پوءِ ڀلي نشاندهي ڪري. جيڪڏهن منهنجي رسالي ۾ آيل
تحقيق يا سوال جواب صحيح آهن، ته پوءِ حق کي مڃڻ
گهرجي ۽ حق جو انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.“
مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ ”مقالات الشعراء “
فارسي ۾، ٻنهي ٺٽوي محدثن جي فارسي شاعري ۽ احوال
آندو آهي، جنهن ۾ ساڳي ڳالهه ۽ مؤقف ورجايل آهي ته
مخدوم محمد معين ٺٽويءَ، امام حسين عليھ السلام
لاءِ روڄ راڙي ڪرڻ، پٽڻ ڪٽڻ ۽ مٿي ۾ مٽي وجهڻ کي
جائز چيو آهي.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ ان جي جواب ۾ شريعت
محمديءَ جي نڪته نظر سان صبر ۽ تحمل، رضا تي راضي
رهڻ ۽ ”ان الله مع الصابرين“ جي قرآني اصول تي زور
ڏنو آهي.
بهرحال، مخدوم صاحب سڄي رسالي ۾ مٿيون ڳالهيون
آڻي، سوال جواب ڪري، اهلِ سنت جو مسلڪ صحيح ثابت
ڪيو آهي.
مخدوم صاحب کان سواءِ، مخدوم محمد معين جي شاگرد،
مخدوم محمد حيات سنڌي مدنيءَ به پنهنجي استاد جي
انهن عقيدن ۽ رسالي جو رد ۽ جواب لکيو آهي.
اڳتي هلي، مخدوم محمد هاشم جي پـُـٽ، مخدوم
عبداللطيف ٺٽويءَ ”ذب ذبابات الدراسات“ ۽ پوٽي
مخدوم ابراهيم (مڏئي مرقد) پنهنجي ڪتاب ”القسطاس
المستقيم“ ۾ مخدوم محمد معين جو رد لکيو آهي.
مخدوم صاحب هن کان اڳ سن 1134هه ۾ انهيءَ مذڪوره
رسالي جو رد مختصر طور ”رد رساله قرة العين“
عربيءَ ۾ لکيو هو ۽ هيءُ رسالو ”کشف الغطاء “ ڪجهه
وڌيڪ تفصيل سان تحرير ٿيل آهي.
------
رفع الغطاء عن مسئلة جعل
العمامة تحت الرداء
مخدوم صاحب نون صفحن تي مشتمل هيءُ رسالو سن
1146هجريءَ ۾ تحرير ڪيو. ميان عبدالرحمان نالي
ڪاتب، تاريخ 26 جمادي الاول 1348هجري ۾ ڪتابت ڪيو.
صفحي جي ڊيگهه نوَ انچ ۽ ويڪر ساڍا ڇهه انچ آهي.
هر صفحي ۾ 16 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 16 لفظ
آهن. رسالي جي ڪتابت خوشخط ۽ چٽي ڇاپي ڪتاب جهڙي
آهي.
مخدوم صاحب هن رسالي ۾ 41 ڪتابن جا حوالا ڏئي،
ننڍڙي رسالي جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو آهي. هن رسالي
جا قلمي نسخا قاسميھ لائبريري، ڪنڊياري، اورينئٽل
ڪاليج لائبريري - حيدرآباد ۽ مولانا معروف
لائبريري - مٽياري ۾ آهن. راقم وٽ قاسميھ لائبريري
واري نسخي جو عڪس موجود آهي.
مواد جو وچور:
مخدم صاحب جي وقت ۾ اها ڳالهه مشهور هئي ته نماز
جي حالت ۾، پٽڪي جي مٿان چادر ويهڻ سنت آهي ۽ ڪلهن
تي چادر ويڙهڻ مڪروه آهي، جيئن نماز ۾ مٿو اگهاڙو
ڪرڻ مڪروه آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ نماز ۾ پٽڪي
جي مٿان چادر نه وڌي، ته الله تعاليٰ ان ڏانهن نه
ٿو ڏسي. مخدوم صاحب هن رسالي ۾ انهن دليلن کي رد
ڪري، صحيح رستي جي رهنمائي ڪئي آهي.
مخدوم صاحب هن سوال کي بيان ڪري، ان جو حديث شريف
۽ رجال جي ڪتابت سان ڀرپور جواب ڏنو آهي، ۽ هڪڙي
ئي سوال جي جواب ۾ 41 ڪتابن ۽ حوالن کان دليل ورتو
آهي. خاص ڪري علم حديث ۾ جامع استدلال پيش ڪيو
آهي.
هن رسالي جي خاص خوبي ۽ نئين ڳالهه هيءَ آهي ته
جيئن انگريزيءَ ۾ نالي جو شارٽ فارم ڪبو آهي، تيئن
مخدوم صاحب به هن رسالي ۾ عربي ڪتابن جي نالن جو
شارٽ فارم وانگر اشارو ڪيو آهي ۽ ان کي ”رمز“ سڏيو
اهي. مثال طور حديث جي مشهور ڪتاب ”مسلم“ جو حوالو
رڳو ”م“ لکيو اهي. حديث جي ٻي مشهور ڪتاب
”ابوداؤد“ جو حوالو فقط ”د“ لکيو آهي. ساڳي طرح
حديث جي ڪتاب ”نسائي“ جو حوالو به صرف ”س“ لکيو
آهي.
مخدوم صاحب هن رسالي جي مقدمي ۾، ان جي لکڻ جو
سبب، نالو ۽ سال به تحرير ڪيو آهي. پاڻ لکي ٿو:
”هيءُ مختصر رسالو آهي، جنهن جو نالو مون ’رفع
الغطاء عن مسئلة جعل العمامة تحت الرداء “ رکيو
آهي. منهنجي دل ۾ ان وقت ڪي خدشا اُٿيا، جڏهن ڪن
ڀائرن سن 1146هه ۾ مون کان ڪي سوال پڇيا، ته هن
وقت (عالمن ۽ ماڻهن ۾) هي مشهور آهي ته نماز جي
حالت ۾ پٽڪي جي مٿان چادر ويڙهڻ سنت آهي ۽ ڪلهن تي
چادر رکڻ مڪروه آهي. جيڪڏهن نماز جي حالت ۾ چادر
کي پڳ جي مٿان نه ويڙهائين، ته الله تعاليٰ ان
ڏانهن (رحمت جي) نظر نه ڪندو.“
مخدوم صاحب صحيح ڳالهه بيان ڪندي لکي ٿو، ته پٽڪي
جي مٿان چادر ويڙهڻ يا ڪلهن تي چادر رکڻ جائز آهي
۽ مڪروه نه آهي.
مخدوم صاحب پنهنجي دور ۾ وقت به وقت پيش ايندڙ
فقهي مسئلن ۽ سوالن جوابن جي پيش نظر، عام ماڻهن
جي ديني معلومات ۽ ڀلائي خاطر ڪتاب لکيا ۽ پنهنجي
علمي پالوٽ جو فيض جاري ڪيو. اهو سندس علمي وسعت،
عميق مطالعي ۽ عالمانه نظر جو دليل آهي.
------
الشفاء في مسئلة الراء
هن رسالي جو مواد مقدمي ۽ ٻن فصلن تي مشتمل آهي.
هن رسالي ۾ 15 حوالا ڏنل آهن. هيءُ رسالو 26 صفحن
تي ڦهليل آهي. صفحي جي ڊيگهه نو انچ ۽ ويڪر ڇهه
انچ آهي. هر صفحي ۾ 12 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور
10 لفظ آهن.
هيءُ نسخو محمد شفيع بن احمدي القريشي نالي ڪاتب 9
ربيع الاول 1383هجري تي ڪتابت ڪيو. راقم کي هيءُ
قلمي نسخو، مخدوم غلام عمر عرف منور علي کان ڪتاب
خانه جو ڻاڻي شريف تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي وٽان
مليو. جنهن زماني ۾ مرزا قليچ بيگ وارهه جو
مختيارڪار هو، ته پاڻ جوڻاڻي شريف جي ڪتبخاني ڏسڻ
لاءِ ويندو هو ۽ حضرت غلام الصديق بزرگ سان علمي
رهاڻيون ڪندو هو. هن ڪتبخاني ۾ مرزا قليچ بيگ جا
خط اڃا تائين محفوظ آهن. هن نسخي کان علاه راقم وٽ
”الشفاء في مسئلة الراء “ جي هڪ ٻئي قلمي نسخي جو
عڪس به موجود آهي، جو محترم بشير احمد هيسباڻيءَ
کان مليو. انهيءَ نسخي جا 12 صفحا آهن، ۽ ڪتابت
فارسي طرز جي آهي. ڪتابت صاف نه آهي. اکر سنها ۽
باريڪ اٿس. ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سال وغيره پڻ
ڄاڻايل نه آهي.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب علم قراء ت ۽ تجويد تي ڏهاڪو کن رسالا
لکيا آهن. انهن مان هيءُ رسالو ”الشفاء في مسئلة
الراء “ به هڪ آهي. هن رسالي ۾ ”ر“ جي علم تجويد
موجب پڙهڻي ۽ تحقيق بيان ٿيل آهي. مخدوم صاحب هن
رسالي ۾ حمد ۽ صلواة کان پوءِ لکي ٿو:
”پنهنجي وڏي پالڻهار جي رحمت جو محتاج - محمد
هاشم پٽ عبدالغفور سنڌي چوي ٿو، ته هيءُ رسالو
(قرآن شريف ۾) ’ر ‘ کي ڊگهو يا ٿلهو ڪري پڙهڻ ۽
باريڪ يا سنهو ڪري پڙهڻ جي باري ۾ آهي. هيءُ رسالو
مون تاريخ 2 شوال مبارڪ سن 1147هه تي لکڻ شروع ڪيو
۽ هن جو نالو ’الشفاء في مسئلة الراء ‘ رکيو
اٿم.“
مخدوم صاحب تحقيق ڪري، ٻن فصلن ۾ ”ر“ تي بحث ڪيو
آهي:
فصل پهريون: هن فصل کي ٽن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:
قسم 1: ”ر“ مڪسوره زير واري تي بحث آهي.
قسم 2: ”ر“ مفتوحه زبر واري جي بيان ۾ آهي.
قسم 3: ”ر“ مضمومة پيش واري جو بحث آيل آهي.
فصل ٻيو: هن فصل ۾ چئن نوعن تي بحث آهي. هنن چئني
نوعن ۾ ”ر“ ساڪن جي باري ۾ سمجهاڻي ۽ شرح بيان ٿيل
آهي.
مخدوم صاحب ”ر“ جي باري ۾ علم تجويد جي مطابق جيڪي
نڪتا هن رسالي ۾ شامل ڪيا آهن، انهن اصولن ۽ قاعدن
جو خلاصو هيءُ آهي:
قاعدو: ”ر“ تي جيڪڏهن زير هجي، ته سنهي ڪري پڙهبي،
مثال: رِجالا
قاعدو: ”ر“ تي جيڪڏهن زبر هوندي، ته ٿلهي ڪري
پڙهبي، مثال: رَحمھ َِ
قاعدو: ”ر“ تي پيش هجي ته ٿلهي ڪري پڙهبي، مثال:
رُزقوا
قاعدو ”ر“ پاڻ ساڪن آهي ته ان جي اڳئين حرف جي
اعراب کي ڏسبو. جيڪڏهن اڳيون حرف زبر يا پيش وارو
آهي، ته ”ر“ ٿلهي ڪري پڙهبي، جيئن: تـَـرضيٰ،
تـُـرزقون. جيڪڏهن ”ر“ کان اڳيون حرف زير وارو
آهي، جيڪا زير اصلي آهي ۽ حروف استعلاء کان اڳ به
نه آهي. زير وارو حرف ۽ ”ر“ ساڪن هڪ ئي لفظ ۾ هجي،
ته ”ر“ سنهي ڪري پڙهبي، جيئن: انذِ رالناس.
تازو هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر قاري عبدالقيوم بن عبدالغفور
السندي، استاد ”ام القريٰ يونيورسٽي“ - مڪھ مڪرمھ
، عربيءَ ۾ ايڊٽ ڪري، جامعھ بنوريھ ڪراچيءَ مان سن
1999ع ۾ شايع ڪيو آهي.
------
|