سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-

صفحو : 17

 

 جنة النعيم في فضائل القرآن الڪريم

قرآن مجيد هڪ ڪامل ڪتاب، هدايت ۽ حڪمت جو سرچشمو آهي. مخدوم صاحب جو علم القرآن بابت ڪافي ڪم ٿيل آهي. تفسير، قراء ت ۽ تجويد ۽ فضائل قرآن بابت سندس ڳچ ڪتاب لکيل آهن. سرِدست ”جنة النعيم“ قرآن مجيد جي فضائل جي باري ۾ هڪ جامع ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب ربيع الاَخر 1134هه ۾ تحرير ٿيو، جنهن ۾ 184 صفحا آهن. هر صفحي جي ڊيگهه ڏهه انچ ۽ ويڪر پنج انچ آهي. صفحي ۾ 22 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 12 لفظ آهن. ڪاتب فقير محمد نالي آهي، البت ڪتابت جو سن ناپيد آهي. هيءُ قلمي نسخو اهڙو ته صاف ۽ چٽو لکيل آهي، ڄڻ ته ڇاپي نسخو آهي. هيءُ بهترين ۽ ناياب ڪتاب اڃا تائين قلمي صورت ۾، سنڌ جي مختلف ڪتبخانن ۾ محفوظ آهي. ڪتاب ۾ قرآن شريف جي سورتن جا نالا ڳاڙهيءَ مس سان ۽ ٻيو سڄو ڪتاب ڪاريءَ مس سان لکيل آهي. راقم کي هن ڪتاب جو عڪس ”مدرسھ مجدديھ نعيميھ - ملير، ڪراچيءَ“ مان مفتي محمد جان نعيمي وٽان مليو، جو پڻ اصل ۾ پير جهنڊي جي ڪتبخاني جو عڪس آهي. هن ڪتاب جا قلمي نسخا هيٺين ڪتبخانن ۾ موجود آهن: ڪتبخانو ڳڙهي ياسين، پير محب الله شاهه ۽ پير بديع الدين شاهه جهنڊي وارن جا ڪتبخانا، درگاه ملاڪاتيار، درسگاهه چوٽياريون، مولوي معروف جو ڪتبخانو - مٽياري، مفتي عبداللطيف جو ڪتبخاجو - ٺٽو. هن ڪتاب کي محترم علي اڪبر قادري، مدير ”منهاج القرآن“ لاهور، پنجاب يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ ايڊٽ ڪري رهيو آهي.(1)

مواد جو وچور:

جيتوڻيڪ مخدوم صاحب پنهنجي وقت جو هڪ زبردست فقيھ ۽ مفتي مڃيو وڃي ٿو، پر پاڻ اهو پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن اسلامي احڪام جي پهرئين سرچشمي قرآن حڪيم جي فضائل، تفسير، قراء ت ۽ تجويد بابت قلم کنيو. مخدوم صاحب اڄ کان ٻه اڍائي سؤ سال اڳ پنهنجي دور ۾ قرآن ڪريم جي فضائل جي باري ۾ ”جنة النعيم في فضائل القرآن الڪريم“ جهڙو بهترين ۽ جامع ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو. مخدوم صاحب اڳتي هلي قرآن ڪريم جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ”تفسير هاشمي“ به لکيو، جو قرآن پاڪ جي ٽيهين پاري تي مشتمل آهي ۽ پنج سؤ صفحن تي ڦهليل آهي. البت، 29 پارو اڻ ڇپيل آهي، جنهن جو قلمي نسخو ”ندوة العلماء “ - لکنو، هندستان ۾ موجود آهي.(1)

مخدوم صاحب هن ڪتاب جي ”مقدمي“ ۾ ان جو تعارف بيان ڪندي لکي ٿو:

 ”مون هن رسالي ۾ قرآن مبين جا فضائل گڏ ڪيا آهن. قرآن جا اهي فضائل جيڪي نبي امين جن جي حديثن مبارڪن ۾ وارد ٿيل آهي، يا نبي جي ڀلارن اصحابن ۽ تابعين سڳورن جي آثار ۾ آيل آهن، اختصار جي پيش نظر انهن حديثن ۽ آثار جون سندون حذف ڪري، باقي اصل متن آندو اٿم. البت ايترو لحاظ ضرور ڪيو اٿم، ته فضائلِ قرآن ۾ آيل هر حديث ۽ هر اثر جي روايت ۾ اصحابي ۽ تابعي جو نالو آندو اٿم، ته جيئن ترتيب سهڻي رهي.

هيءُ رسالو مهيني صفر سن 1134هه ۾ لکڻ شروع ڪيم، جو ربيع الاخر 1134هه ۾ لکجي پورو ٿيو. رسالي جو نالو ’جنة النعيم في فضائل القرآن الڪريم ‘ رکيو اٿم. هن ۾ هڪ مقدمو ۽ ٻه فصل آهن. پهرئين فصل ۾ قرآن ڪريم جي سورتن ۽ خاص آيتن جي فضائل ۽ برڪت بابت فائدا آهن. انهن جي ڀلائيءَ بابت جيڪي حديثون ۽ آثار وارد ٿيل آهن، تن جو بيان آهي. ٻئي فصل ۾ انهن حديثن جو ذڪر آهي، جن کي ’ثعلبي ‘ ۽ ’واحدي ‘ نقل ڪيو آهي ۽ ’زمخشري ‘ ۽ ’بيضاوي ‘ پنهنجن تفسيرن ۾ آندو آهي. البت مقدمي ۾ ڪن اعتراضن جا جواب پڻ ڏنل آهن.“

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ ”سورة فاتحھ “ کان وٺي ”سورة الناس“ تائين قرآن پاڪ جي 114 سورتن جي نمبروار فهرست ڏني آهي، جن مان اڪثر سورتن جا مڪمل ۽ تفصيلي فضائل درج ڪيل آهن ۽ باقي ٻين سورتن جو وري ضمناً ذڪر ڪيو ويو آهي. سورتن جي فضائل سان گڏ، مخدوم صاحب قرآن ڪريم جي چونڊ ۽ چند مشهور آيتن سڳورين جا فضائل به لکيا آهن، ته انهن آيتن جي پڙهڻ مان ڪهڙا فائدا آهن، جيئن ته:

- انا لله و انا اليھ راجعون.

- آيت الڪرسي.

- سورة ”بقرة“ جون آخري آيتون ۽

- لو انزلنا هذالقرآن.

اهڙيءَ ريت هيءُ رسالو پڄاڻيءَ تي پهچي ٿو.

تازو هن ڪتاب جو خلاصو - ”هبة الرحمـٰـن الرحيم“ نالي اُردن مان شايع ٿيو آهي.

 

------

 

السيف الجلي عليٰ ساب النبي

هن رسالي جو سڄي ملڪ ۾ واحد قلمي نسخو ”مدرسھ مجدديھ نعيميھ - ملير، ڪراچي“ جي ڪتب خاني ۾ آهي، جيڪو کين لاڙ پٽ مان دستياب ٿيو. هيءُ نسخو نهايت بوسيده صورت ۾ آهي ۽ ان جي نهايت سهڻي ڪتابت ٿيل آهي. ڪتابت خود مخدوم صاحب جي ٿيل آهي يا وري سندس ڪنهن همعصر ۽ شاگرد جا هٿ اکر معلوم ٿين ٿا. راقم وٽ ان جهوني قلمي نسخي جو عڪس موجود آهي. هن ناياب نسخي جي تصنيف ٿيڻ جي تاريخ 12 شعبان المعظم 1134هه آهي. هن نسخي جي دستياب ٿيل 25 صفحن مان ان جو پهريون صفحو ناقص آهي، جنهن ۾ مهڙ واريون 6 سٽون موجود آهن ۽ اڌ صفحو ڦاٽل آهي. پهرين 15 صفحن ۾ سراسري طور هر صفحي ۾ 15 سٽون ۽ باقي ٻين صفحن ۾ 11، 12 سٽون آهن، هر سٽ ۾ لڳ ڀڳ 11 لفظ آهن.

مواد جو وچور:

اصل ۾ مسئلي جي نوعيت هيءُ آهي ته جيڪڏهن ڪو غير مسلم، الله جي رسول حضرت محمد کي گارگند ڏئي، يا ڪو ڪٺور دل مسلمان به ٻنهي جهانن جي سردار جي شان ۾ نقص ۽ عيب ڪڍي، گستاخي ڪري، ته ان جي شرعي طور ڪهڙي سزا ۽ حڪم هئڻ گهرجي؟

مخدوم صاحب هن ڪتاب جي ”مقدمي“ ۾ لکي ٿو:

 ”مون هيءُ رسالو لکيو آهي، ان ۾ هن اهم ۽ نازڪ مسئلي بابت ڪافي شافي روايتون ۽ عبارتون آنديون اٿم. جيڪو مسلمان ٿي ڪري، الله جي پاڪ نبي کي گارگند ڏئي، يا ان مان نقص ۽ عيب ڪڍي ۽ گستاخي ڪري، ته اهو مسلمان واجب القتل آهي. ان مسئلي ۽ حڪم تي هيٺين امامن ۽ امت جو اجماع آهي: شيخ تقي الدين السبڪي، الخطابي، قاضي عياض، ابوبڪر بن منذر، امام مالڪ، الليث، امام شافعي، امام ابو حنيفه، امام ابو يوسف، امام محمد، امام ثوري، امام اوزاعي ۽ اهل ڪوفه.“

اهڙيءَ ريت رسالي جي ٻئي فصل ۾، غير مسلم بابت حڪم ۽ سزا ڄاڻايل آهي. مخدوم صاحب وضاحت ڪندي لکي ٿو:

 ”هن مسئلي بابت ايترا ته گهڻا دلائل آهن، جو انهن جو ڪاٿو ڪونهي. اجماع امت کان پوءِ ته انهن دليلن جي ضرورت به نه آهي. پاڻ سڳورن جو فرمان ۽ فيصلو ڪافي شافي آهي ته: ”من سبَ نبياً فاقتلوه و من سبَ اصحابي فاضروبوه.“ مطلب ته جيڪو الله جي نبيءَ کي گار ڏئي، ان کي قتل ڪريو ۽ جيڪو منهنجي اصحابيءَ کي گار ڏئي، ته پوءِ ان کي ڌڪ هڻو. حضرت نبي ڪريم جن ان ڏس ۾ ابن الاشرف، ابي رافع يهودي ۽ ابن حظل کي قتل ڪرڻ جو امر فرمايو هو.“

هن اهم نازڪ مسئلي بابت مخدوم صاحب ٻيا به گهڻائي نڪتا بيان ڪياآهن ۽ دين جي وڏن وڏن ڪتابن جا حوالا پيش ڪيا آهن، ته جيئن آئنده ڪو غير مسلم يا بي ادب گستاخ مسلمان گستاخي ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي، ۽ ناموسِ رسالت جي مسئلي کي کولي بيان ڪري هر هڪ کي باخبر ڪيو آهي.

جيتوڻيڪ هن ڪتاب لکڻ جو مقصد ۽ مسئلي جي حقيقت رسالي جي دستياب 25 صفحن مان ظاهر ۽ معلوم ٿي سگهي آهي، پر افسوس جو رسالو آخر ۾ ناقص آهي ۽ ٽئين فصل جي باقي مواد بابت پروڙ پئجي نه سگهي آهي ته انهن کٽل صفحن ۾ ڪهڙيءَ نوعيت جو مواد شامل هوندو!

 

------


 

رد رساله قرة العين في البکاءِ

علي الحسين

هيءُ قلمي نسخو 16 صفحن تي مشتمل آهي. صفحي جي ڊيگهه چار انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 14 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 10 لفظ آهن.

هيءُ رسالو مخدوم صاحب جو دستخط آهي. جنهن تي سندس تصنيف واري سال ۽ نالي جي هيءُ مهر لڳل آهي:

 ”محمد هاشم عفي عنھ 1134هه“

مخدوم صاحب پاڻ رسالي جي مٿان لکيو آهي ته:

 ”هــٰـذه رسالة للشيخ محمد معين التتوي في تجويز الماتم والنياحة والحداد ولبس السواد والتعزية بعد الثلث في يوم عاشور. و هــٰـذه الرسالة سماها مؤلفها قرة العين في البکاء علي الحسين رضي الله عنھ .“

مخدوم صاحب جي نالي ۽ مهر جي مٿان مخدوم محمد حيات سنڌي مدني جي صحيح به آهي، جنهن ۾ هي تحرير ٿيل آهي: ”الفقير محمد حيات السندي.“ انهيءَ مان اهو ظاهر آهي ته هيءُ رسالو مخدوم محمد حيات سنڌيءَ جي نظر مان به گذريل آهي، جنهن تصديق طور رسالي تي پنهنجي صحيح به ڪئي آهي. اهو به مشهور آهي ته مخدوم محمد حيات سنڌيءَ، مخدوم محمد معين جي رد ۾ به رسالا لکيا آهن، خاص ڪري امامن سڳورن جي لاءِ روئڻ، پٽڻ، ڪـُـٽڻ، جي منع بابت. ”ذريعة الوصول“ فارسي کان پوءِ مخدوم صاحب جو هٿ اکرين لکيل هيءُ ٻيو رسالو آهي، جو سندس مهر سان سينگاريل دستياب ٿيو آهي. هيءُ رسالو علمي دنيا ۾ هڪ وڏو انڪشاف آهي. هن رسالي جي مهر مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ رسالو 282 سال گذرڻ کان پوءِ دستياب ٿيو ۽ محفوظ رهيو آهي. مصنف جو هيءُ واحد قلمي نسخو، ”مدرسه مجدديھ نعيميه - ملير، ڪراچي“ ۾ موجود آهي. راقم جي ڪتبخاني ۾ ان نسخي جو عڪس موجود آهي.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب، مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي چند رسالن جو رد لکيو آهي، جن مان هيءُ رسالو به هڪ آهي. مخدوم محمد معين ٺٽي جو وڏو عالم، صوفي ۽ شاعر هو. مذهب جي لحاظ سان رنگين طبيعت جو مالڪ هو. هڪ طرف سندس نسبت شاهه ولي الله محدث دهلويءَ سان آهي، ته ٻئي طرف اهلِ سنت جي خلاف محرم شريف ۾ امامن سڳورن خاص ڪري حضرت امام حسين رضي الله عنھ جي لاءِ پٽڻ ڪٽڻ، ماتم ڪرڻ، ڪارا ڪپڙا پائڻ ۽ اهڙين ٻين ڳالهين کي جائز قرار ڏيندو هو. اهڙي عالم ۽ وڏي پايي جي مصنف طرفان اهڙيون ڳالهيون لکڻ، خاص ڪري جاهل عوام لاءِ وڏي هٿي هئي ۽ اهلِ سنت جي مٿان وڏو وار هو. ان ڪري مخدوم صاحب بروقت ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو ۽ مخدوم محمد معين جو باوجود ادب احترام رکندي به مسلڪ اهلِ سنت جي لحاظ سان سندس اهڙين ڳالهين ۽ ڪتابن جو رد لکي، عام ماڻهن کي خبردار ڪيو ۽ اها ڳالهه وقت جي عالمن جي ڌيان تي به آندي. اهو ئي سبب آهي، جو مخدوم محمد حيات سنڌيءَ، مدني مخدوم صاحب جي پٽ عبداللطيف ۽ پوٽي مخدوم ابراهيم به مخدوم محمد معين جي ڪتابن جو ڀرپور رد ۽ جواب لکيا آهن.

بهرحال، هيءُ رسالو امام حسين رضي الله عنھ جي لاءِ روئڻ، پٽڻ، ڪٽڻ، ڪارن ڪپڙن پائڻ ۽ تعزيه ڪڍڻ وغيره جي رد ۾ مخدوم معين جي رسالي ”قرة العين“ جي جواب ۾ دليلن سان ڀرپور ۽ مختصر طور تحرير ٿيل آهي ۽ مخدوم صاحب جي جرئت، همت ۽ علمي عظمت جو اهڃاڻ آهي.

------

اتحاف الاڪابر بمرويات الشيخ عبدالقادر

مخدوم ٺٽويءَ سن 1135هجري ۾ حرمين شريفين جي سفر تي ڀلي پار ويو هو. اتي پاڻ مڪي شريف ۽ مديني پاڪ جي استادن کان علم پرايائين. مڪي شريف ۾ پنهنجي استاد عبدالقادر بن ابو بڪر بن عبدالقادر صديقي حنفي کان علم حديث ۽ ٻيا علم حاصل ڪيائين ۽ اسنادون گڏ ڪيائين. ان سلسلي ۾ هيءُ ڪتاب مخدوم ٺٽويءَ جي تصنيفات مان هڪ عظيم شاهڪار آهي. مخدوم صاحب هن ڪتاب ”اتحاف الاڪابر“ ۾ علم تفسير، حديث، اصول حديث، فقھ ، اصول فقھ ، تصوف، تاريخ، رجال، سيرت ۽ ٻين علمن ۾ لکيل عربي ڪتابن جون اهي اسناد يا سـَـندون گڏ ڪيون آهن، جيڪي کيس پنهنجي عظيم استاد عبدالقادر مڪي جي واسطي سان حاصل ٿيون.

هڪ هڪ ڪتاب جي مصنف تائين پنهنجي سلسلي کي پهچائڻ بابت لکيل هي بهترين ڪتاب هڪ مقدمي، چئن بابن ۽ خاتمي تي ٻڌل آهي ۽ عربي ٻولي ۾ لکيل آهي.

باب پهريون: انهن اجازتن ۽ سنـَـدن بابت جيڪي ڪنهن خاص ڪتاب لاءِ کيس حاصل ٿيون. مخدوم صاحب انهن سـَـندن کي الف - بي واري ابجدي حساب سان پيش ڪيو آهي.

باب ٻيو: عمومي اجازت ڏنل اسناد جو ذڪر.

باب ٽيون: مسلسله احاديث جي اجازت ۽ سنـَـدن بابت.

باب چوٿون: تصوف جي سمورن سلسلن جي اجازتن ۽ خرقھ شريف بابت.

خاتمو: اوراد، اذڪار، دعائن ۽ عالي سنـَـدن جي بيان ۾.

ڪتاب جي شروعات ”حديث الرحمة المسلسل بالاولية “ سان ٿئي ٿي ۽ ڪتاب جي آخر ۾ مخدوم صاحب جي لکيل 115 ڪتابن جي لسٽ به آيل آهي، جيڪا بعد ۾ غالباً سندس ڪنهن شاگرد يا ڪاتب طرفان شامل ڪيل آهي.

راقم جي ڪتب خاني ۾ ”اتحاف الاڪابر“ جا ٻه قلمي عڪسي نسخا آهن: هڪ حافظ حبيب سنڌي چوهڙ جمالي وارو قلمي عڪسي نسخو ۽ ٻيو پروفيسر امين الله علوي شڪارپور واري جو قلمي عڪسي نسخو.

حافظ حبيب واري نسخي ۾ 354 صفحا آهن. ڪاتب عبدالحق مٽياروي ۽ تاريخ ڪتابت 4 شعبان المعظم 1319هه آهي. ڪتابت بنهه سادي ۽ اکر ڪچا آهن. پروفيسر علوي واري نسخي ۾ 620 صفحا آهن. خوبصورت ڪتابت سان مزين آهي. البت، ڪاتب جو نالو ۽ تاريخ ڪتابت نامعلوم آهن.

 ”اتحاف الاڪابر“ جا قلمي نسخا هيٺين ڪتبخانن م پڻ موجود آهن: مڪتبھ عربيھ جده شريف، مڪتبھ الحرم المڪي، ڪتب خانه پير ڳوٺ، ڪتب خانه مجدديھ نعيميھ ملير ڪراچي، ڪتب خانه پير سرهندي ۽ مڪتبھ قاسميھ ڪنڊياري ۾ ڇهن نسخن جا عڪس موجود آهن. ڊاڪٽر محمد ادريس السندي انهن سڀني نسخن کي سامهون رکي، هن ڪتاب کي ايڊٽ ڪري رهيو آهي.

مخدوم ٺٽويءَ ”اتحاف الاڪابر“ ۾ پنهنجي ولادت جي تاريخ هن طرح ڏني آهي:

 ”خميس جي رات، 10 ربيع الاول 1104 هجري.“

- ڪتاب جي شروعات جمعي جي ڏينهن، تاريخ 4 ذوالقعد 1135 هجري ۾ مڪي شريف ۾ ٿي.

- سندس استاد، سـَـندُن جا جيڪي سلسلا بيان پي ڪيا، انهن جا هوند ٻه ٽي جلد جڙي پون ها، پر مخدوم صاحب اختصار ڪري اهو مواد هڪ جلد ۾ مرتب ڪيو آهي.

- مخدوم صاحب سفر حرمين شريفين جي واپسيءَ بعد ٺٽي ۾ اچي هن ڪتاب ۾ اضافا ڪيا. انهن اضافن جا به ٻه رسالا جڙي پيا: هڪ ”نظم الجواهر“ ۽ ٻيو ”نور البصائر“ .(1)

------

 

نظم الجواهر بذيل اتحاف الاڪابر

مخدوم ٺٽويءَ اسناد جي حوالي سان مڪي شريف ۾ ”اتحاف الاڪابر“ نالي هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو. ڀلي پار جي سفر تان واپسيءَ بعد ٺٽي ۾ اچي پاڻ ”اتحاف الاڪابر“ ۾ اضافا ڪيائين. هيءُ ڪتاب ”نظم الجواهر“ ان سلسلي جي ڪڙي آهي ۽ عربي ٻولي ۾ لکيل آهي.

هن رسالي ۾ 23 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه ٻارهن انچ، ويڪر ست انچ آهي. هر صفحي ۾ 35 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 13 لفظ آهن. هن رسالي جو ڪاتب - مير سيد احمد سادات الحسيني، ساڪن ڪابل ملڪ افغانستان آهي. جنهن هن نسخي جي ڪتابت وقت ظهر بروز سومر رمضان المبارڪ 1354هجري تي مڪمل ڪئي. هن رسالي جي نهايت خوبصورت ڪتابت ٿيل آهي.

جيئن ته مخدوم صاحب پنهنجي ڪتاب ”اتحاف الاڪابر“ ۾ التزام ڪيو هو، ته اُن ۾ اهي اسناد ۽ اجازات گڏ ڪندو، جيڪي کيس پنهنجي استاد عبدالقادر حنفي مڪي جي واسطي سان حاصل ٿيون آهن. تنهنڪري کيس هن اضافي ۽ ذيل جي ضرورت محسوس ٿي، جنهن ۾ هن استاد عبدالقادر حنفيءَ کان سواءِ ٻين مشائخن ۽ استادن، جهڙوڪ: محمد بن عبدالله المغربي الفاسي، شيخ عيد بن علي النمرسي المصري ۽ شيخ طاهر بن ابراهيم بن الحسن الڪوراني المدني جون سندون گڏ ڪيون آهن. ”نظم الجواهر“ جو مواد چئن فصلن ۾ وراهيل آهي.

 

------

 

نور البصائر تڪملھ ذيل اتحاف الا ڪابر

هيءُ رسالو عربي زبان ۾، ”نظم الجواهر“ جو تڪملو آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب پنهنجي مرشد سيد سعد الله قادري بن غلام محمد سورتي جون اجازات ۽ اسانيد گڏ ڪيون آهن.

 ”نورالبصائر“ پنجن صفحن جو مختصر رسالو آهي. صفحن جي سائيز، ڪاتب ۽ ڪتابت جو سال به ساڳيو ”نظم الجواهر“ وارو آهي. يعني سال 1354هجري، ڪاتب مير سيد احمد سادات الحسيني، ساڪن ڪابل ملڪ افغانستان.

 

------


(1) علي اڪبر قادري ازهري، ايڊيٽر،  ”منهاج القرآن“  لاهور جو راقم ڏي خط، مؤرخه 24 ڊسمبر 1992ع

(1) محمد صديق  ”مائر“ :  ”سنڌالاجي ۾ قلمي نسخي جو تشريحي ڪئٽالاگ“ ، ص 30

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي سوانح حيات ۽ علميت بابت ويچار (مقالو)، ٽماهي  ”مهراڻ“ ، نمبر - 4، 1985ع، ص 34-131

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org