سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-

صفحو : 15

 

سايھ نامھ

هيءُ ٻه - ورقي سنڌي رسالو، سنڌ ۾ منجهند جو اصلي پاڇي پروڙڻ بابت مخدوم صاحب غالباً سن 1133هه ڌاري لکيو. هيءُ رسالو گويا سندس ساڳئي موضوع تي فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”رشف الزلال في تحقيق فيءَ الزوال“ 1133هه/1721ع جو نچوڙ آهي.

مخدوم صاحب جو هيءُ مختصر رسالو پراڻي سنڌيءَ ۾ نماز بابت لکيل مشهور ڪتاب ”مفتاح الصلواة“ جي آخر ۾ ضميمي طور صفحي 364 کان شامل آهي. ”مفتاح الصلواة“ مطبع هري بالنگو - بمبئيءَ ۾ سن 1289هه ۾ ڇپيو. انهيءَ لحاظ کان ”سايھ نامھ “ کي شايع ٿئي سوا سؤ سال کن گذري چـُـڪا آهن.

تحقيق دوران عزيز دوست بشير احمد هيسباڻيءَ جي معرفت ”سايھ نامھ “ جو هڪ قلمي نسخو ”قاسميھ لائبريري“ ڪنڊياري مان دستياب ٿيو، جيڪو چئن صفحن تي مشتمل آهي. هن رسالي جا اکر وچولي قلم سان تمام سهڻا عربي طرز جا آهن. البت، ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سن وغيره ندارد. ڇپيل خواه قلمي مواد هوبهو ساڳيو آهي. اهڙيءَ طرح، جيتوڻيڪ فارسي رسالي ”رشف الزلال“ جي آخر ۾ اهي بيت پڻ آيل آهن، پر ”سايھ نامھ “ جا ڇپيل ۽ قلمي نسخا الڳ به موجود آهن، ان ڪري هن رسالي جي اهميت نرالي ۽ هڪ علحده سڃاڻپ آهي.

ڇپيل رسالي جي شروعات هن عنوان ۽ لفظن سان ڪيل آهن:

 ”بيان سايي اصلي جو، سنڌي زبان ۾، تصنيف سيد العلماء جناب مخدوم محمد هاشم جي، رحمت ڪريس خدا.“ (1)

سنڌ جو عظيم محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ”سايھ نامھ “ جي سنڌي بيتن جي اهميت جي باري ۾ لکي ٿو:

 ”مخدوم صاحب جيتوڻيڪ پنهنجي ڪيل تجربي جي نتيجن کي پهريائين فارسيءَ ۾ لکيو، مگر ساڳئي وقت انهن کي سنڌيءَ ۾ (سايھ نامھ ) نالي پڻ منظوم ڪيائين. سندس مٿيون منظوميو سن 1133هه/1721ع جو جوڙيل آهي، جڏهن شاهه عبدالطيف جي عمر ايڪٽيهه سال کن هئي. انهيءَ ڪري هيءُ منظوميو به سنڌي لغت ۽ بيان جي لحاظ سان خاص اهميت رکي ٿو.“ (1)

اصلي پاڇي بابت هيءُ سڄو مواد چاليهه منظوم سنڌي سٽن ۾ سمايل آهي. هتي ”سايھ نامھ “ جو مڪمل متن ملاحظي لاءِ ڏجي ٿو ته محفوظ رهي:

سايو اصلي ملڪ سنڌ جو سڻهو مومنا
لکي ڪريان پڌرو ڪارڻ رب رضا
ڪيم محنت تنھ تي چوئيھ ماه سڄا
اڌ اڌ مهيني جا سڀ ڪهين لکان پير جدا
وره وهي وهاءِ ڪنا، ڪريان شروع تئا
پهرئين اڌ ۾ وهاء جي اڍائي پير ٿين
پوئين اڌ ۾ ٻه ٿئا، سڻي ياد ڪجن.
پهرئين اڌ کي چيٽ جي ڏيڍ پير ڏبو
پويين اڌ کي تنھ جي قدم هيڪڙو
اڌ ۾ پهرئين آراڙ جي اڌ پير پسجي
تها پوءِ اچي سج برابر ٿيي پاڇو ڪين رهي
نڪي پويين اڌ ۾ آراڙ جي، نه ساوڻ سڀ سـُـڄي
جو ساوڻ لنگهي هليو ٿو وري سو وڌي
اڌ پسجي پير جو پنره ڏينھ بڊري
پويان پنره تنھ جا سڄو پير ٿئي
آسو پهري اڌ ڏيڍ ٿئي، پويين ٻه پورا
ڪتي پنره پهرا پيرٽري، پويان چار هئا
پنج پهري اڌ نهاري جي، ساڍا پنج پـُـئا
ڇه پير پهري اڌ پوه جي، پوئين ڇه ساڍا
پهري اڌ ۾ ماهه جي پوراست ٿئا
مـُـور نه وڌي سنڌ ۾ سايو ستنئا
وري موٽي واڌ ڪنا اچي ان ماڳا
ڦري ساڍا ڇه ٿئا پويين اڌ ماها
ڇه پير پهري اڌ ڦڳڻ جي، پوءِ ساڍا پنج ٿئي
ساڍا چار پهري پنرهين چيٽ جي، پوئين ساڍا ٽي
پاڇا ٻارهن ماهن جا اچي پـُـنا اي
پر پون مـِـڙئي اتر پار ڏانھ ، ڏکڻ ڪونه پوي
سکي سي ياد ڪرهو ته آن کي رب تـُـسي
پر آن توکي چانَ ڳال جا، سڻيج سا ساري
ته جني ساڍا اٺ پير لکئا پوه ڪين ماه مي
او ڪم نه ايندي ڳالڙي موران سنڌين کي
سنڌ ۾ ستن پيرنئون پاڇو ڪين وڌي
مگر ڪهين ٻئي ملڪ سين جيڪر هوند جڙي
سايو سڀني ملڪن ۾ تفاوت ڪري
پڻ جني ڏٺو ساوڻ کي ڏيڍ پير سڄو
او نه جڙندو سنڌ سين چو کاري ڏسو
سنڌ منجهه ساوڻ ماه ۾ پاڇو مور نه پوءِ
مگر قدر ٻن ٽن آڱرين جي، جنھ اعتبار نه ڪوءِ
سڻي دين شريعت کي سکي ياد ڪرهو
ويندا سي ايمان سين ڪلمو جن چيو.
------

بناء الاسلام

 ”بناء الاسلام“ صحيح عقائد جي سلسلي ۾، مخدوم صاحب جو مشهور ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب 5 ذوالحج 1143هجري تي تصنيف ٿيو ۽ ان جا مختلف ڇاپا بمبئيءَ ۽ سنڌ مان شايع ٿيل آهن.

 ”بناء الاسلام“ جو متن 264 صفحا، ديباچو ۽ فهرست 16 صفحا، جملي 280 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه ست انچ ۽ ويڪر چار انچ آهي. هر صفحي ۾ 19 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور ڇهه - ست لفظ آهن.

 ”بناء الاسلام“ هڪ اهڙو جامع ڪتاب آهي، جنهن ۾ عقائد متعلق سڀ ديني مسئلا درج ٿيل آهن. گويا هيءُ سنڌي ڪتاب، مخدوم صاحب جي عربي ڪتاب ”فرائض الاسلام“ جو نچوڙ آهي ۽ ديني معلومات جو خزانو آهي. مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ اعتقاد بابت ڪوبه مسئلو ۽ پهلو تشنئه طلب نه ڇڏيو آهي.

راقم جي لائبريريءَ ۾ ”بناء الاسلام“ جا ٽي نسخا موجود آهن:

1. سن 1312هه جو ڇاپو، ڪاتب شيخ عبدالرحمان، ڇپائيندڙ قاضي عبدالڪريم. هن نسخي جا پهريان 6 صفحا ڦاٽل آهن. سئو سال پراڻو ڇاپو آهي. راقم کي محترم دوست مولوي تاج محمد گاڏهي، ساڪن وارهه ضلعي لاڙڪاڻي کان مليو.

2. فقير محمد اسماعيل ڪنڀار جو مرتب ڪيل. ڇپائيندڙ حاجي عبدالحسين وينجهر ٺٽويءَ ڪراچيءَ مان سن 1975ع ۾ ڇپائي مفت ۾ ورهايو.

3. ماستر محمد يوسف ”شاڪر“ ابڙي نصرپوريءَ جو عام مروج صورتخطيءَ ۾ مرتب ڪيل، مقدمي سان گڏ ڇپايل، ٽيون ڇاپو - 1971ع.

 ”بناء الاسلام“ جا قلمي ۽ ڇاپي نسخا هر هنڌ موجود آهن.

مواد جو وچور:

 ”بناء الاسلام“ ۾ مقدمو، ٻه باب ۽ خاتمو آهي. مخدوم صاحب مقدمي ۾ ڪتاب لکڻ جو مقصد ۽ ضرورت بيان ڪندي لکي ٿو:

هاڻي سڻو مؤمنو هنئين جي ڪنن
سکڻ مسئلا دين جا لازم مٿي تن
عاقل بالغ جي ٿيا ڪلمو جي ڪهن
فرض سکڻ فرض جو واجب واجبن
سنت سکڻ سنتن جو چيو عالمن
تات مؤمن تن کي ساري ور سکن
پر وڏو امر چيائون پهريون منجهه مڙني امورن
جيئن سکجن عقائد اسلام جا سي سکي ياد ڪجن
جن سان درست ٿئي ايمان مؤمنن.

 

 ”بناء الاسلام“ جو مواد ٻن ڊگهن بابن ۽ خاتمي تي مشتمل آهي.

پهرئين باب ۾ ايمان مفصل، ست صفتون ايمان جون تفصيل سان بيان ٿيل آهن ۽ ان سان متعلق مسئلا درج آهن.

ٻئي باب ۾ ايمان جي ستن صفتن کان سواءِ ٻيا مسئلا بيان ٿيل آهن، جن مسئلن جو به عقائد سان تعلق آهي.

خاتمي ۾ ايمان مجمل جا مختصر مسئلا ۽ ڪلمي طيب ۽ شهادت جي معنيٰ سمجهايل آهي.

نظم جو نمونو ۽ ٻولي:

مخدوم صاحب جي سڀ کان مشهور تصنيف (سنڌيءَ ۾) ”بناء الاسلام“ آهي، جنهن ۾ اسلامي عقيدن کي تفصيل سان لکيو ويو آهي... هيءُ ڪتاب اهريءَ ريت نظم ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن مان مخدوم صاحب جي موزون طبيعت جو سڄو زور اسلامي تبليغ ۾ صرف ڪيو آهي، جنهن ۾ کيس ڪافي لياقتون موجود آهن. مذهبي مسئلن کي نهايت سادي ۽ عام فهم زبان ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس... اسان هن چوڻ لاءِ مجبور ٿيون ٿا ته سنڌي شاعريءَ جي هن صنف ۾ سندس ڪلام بلند مقام رکي ٿو.(1)

مخدوم صاحب ”بناء الاسلام“ ۾ هوبهو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙي ٻولي ڪم آندي آهي، مثال طور:

شاهه ڀٽائي:

چڱا ڪن چڱائيون، مٺايون مٺن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سوئي ڪن.

مخدوم صاحب:

ڪچا ڪن ڪچايون ۽ ڀلايون ڀلا،
جو وڙ جڙي جن کي، سو وڙ سي ڪندا.

شاهه صاحب لاکي ۽ اوڏن جو ذڪر سـُـر ڏهر ۾ ڪيو آهي:

لاکي لـڄ کنئي، اسان اوڏڙين جي،
يا

لاکا لـڄ سندياءِ، اوڏ اگلي آهيان.

مخدوم صاحب به باوجود هن خالص ديني تصنيف ۾ به حضرت شاهه صاحب وانگر لاکي ۽ اوڏن جو ذڪر تشبيھ طور استعمال ڪيو آهي.

مخدوم صاحب ڪتاب جي پڄاڻي ڪندي عرض گذار ٿيو آهي، ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي يا خطا ٿي هجي، ته جيئن لاکو، اوڏن جون اگلايون ڍڪيندو هو، تيئن توهان به لاکي جهڙو اعليٰ اخلاقي ثبوت ڏئي، سهو خطا معاف ڪجو:

پڻ صحيح ٿو سوال ڪريان، مؤمنن مهندا
ته جيڪو پسي منجهه هن نسخي غلط سهو خطا
ته ور ساري صحيح ڪري پنهنجي ڀلائيا
ناقص جي نقصان ڏانهن ڪري نهار نه ڪا
’لاکو ‘ نه ليکي مورهين اٻوجهه ’اوڏن ‘ جا

لاکي ۽ اوڏن جي مثال ڏيڻ سان مخدوم صاحب جو هيءُ خالص ديني ڪتاب به گويا ادبي ڪتاب جون سـِـڪـُـون ٿو لاهي.

مخدوم صاحب ”ڪتاب جو نالو“ هن ريت آندو آهي:

هاڻي رسالو عقائد جو اچي تمام ٿيو
 ”بناء الاسلام“ سنڌي مون نالو تنهن رکيو

 

تصنيف جو سال

جڏهن اچي تمام ٿئو ناقص جو نسخو
تڏهن مهينو ذوالحج جو پنجين تاريخو
اڪاره سوء تريتاليهه وره هوءِ سو (1143هه)
ڪنا هجرت نبي ڪريم جي، جو اجهو عالـَـم جو.

 

مصنف

”هاشم“ پٽ عبدالغفور جو منگي تو ملا
ته مون جهڙي ڏوهاري سين ڪرم ڪر پنهنجا

 

بهرحال، عقائد جي سلسلي ۾ ”بناء الاسلام“ هڪ جامع ڪتاب آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب وڏن وڏن ڪتابن جي حوالي سان تمام تحقيقي ۽ جهجهي معلومات ڏني آهي، ۽ ان جو اندازو اصل ڪتاب پڙهڻ مان ئي لڳائي سگهجي ٿو.

راقم هن منظوم ڪتاب کي سليس سنڌي نثر ۾ آندو آهي ۽ شايع ٿي رهيو آهي.

 

------

 

تفسير هاشمي

علم تفسير جي حوالي سان، مخدوم صاحب سنڌ جو پهريون مفسر آهي، جنهن فقهي مسائل سان گڏ قرآن شريف جو ترجمو ۽ مفهوم سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ، ان وقت جي مروج سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيهين پاري ”عـَـمَ“ جو تفسير لکيو ۽ عام ماڻهن ۾ قرآن فهميءَ جو شعور پيدا ڪيو. ان ڏس ۾ ”تفسير هاشمي“ (سنڌي) سندس هڪ عظيم ڪارنامو آهي. هن ڪتاب ۾ تفسير جو متن 504 صفحا، فهرست، مقدمو، لفظن جي معنيٰ ۽ ڀلنامو 50 صفحا، جملي 554 صفحا آهن ۽ ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل آهي.

هيءُ ڪتاب مخدوم صاحب پنهنجي وفات کان 12 سال اڳ ۾، 17 شعبان المعظم سن 1162هه ۾ لکيو، ۽ 169 سالن کان پوءِ سن 1330هه ۾ پهريون ڀيرو ميان محمد يعقوب جي ڪتابت سان، مطبع ڪريمي - بمبئيءَ مان ڇپيو. سنڌي ادبي بورڊ وارو موجوده نئون ڇاپو، انهيءَ بمبئيءَ واري ڇاپي کان 78 سال پوءِ سن 1987ع ۾ شايع ٿيو آهي، جو پڻ بمبئي واري ڇاپي جو عڪس آهي. سنڌي ادبي بورڊ وارو اهو ڇاپو، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي مرتب ڪري شايع ڪرايو آهي.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب هن تفسير جي ابتدا حمد سان ڪئي آهي:

سڀ ساراهون رب کي جو خاوند خلقڻهار
سٻاجهو سڀين پرين ڏڏن جو ڏاتار

 ”تفسير هاشمي“ سنڌيءَ ۾ لکڻ جو سبب بيان ڪندي، مخدوم صاحب اهو واضح ڪندي لکي ٿو ته مون قرآن مجيد جي آخري سيپاري جو ترجمو ۽ تفسير اڳ ۾ ڇو ڪيو آهي:

پر پوئين سيپاري ڏانهن تنهنجي گهڻو احتياج آهه
سڀ ڪو پڙهيس نماز ۾ سهکائي سببا
سـُـورون تنهنجون ۽ آيتون آهن مختصر ٻينئا
ننڍو وڏو تنهن کي پڙهي ڪوڏ منجها
پر معنيٰ پروڙجڻ تنهنجي اهکي آٻوجهن لاءِ
تڏهن سنڌي ڪيم سهکي ڪڍي عربيا
ته مانَ پروڙين معنيٰ تنهنجي مؤمن مرهاتا
رسن تنهنجي فهم کي مهر سين موليٰ
مانَ ڪرين ڪڏهن هن عاجز ڪاڻ دعا
ڪ پڙهن تنهنجي حق ۾ ڪڏهن فاتحا.

 

هن تفسير جو اهو نالو، مخدوم صاحب پنهنجي نالي جي نسبت سان هن ريت بيان ڪيو آهي:

نالو تفسير ”هاشميھ “ رکئم تھ کا،
سائينم ستر ڪري تن فضل پنهنجي سان.

هن تفسير ۾ هر سورة جو پهريائين شان نزول ۽ ان سورة سان تعلق رکندڙ سڀئي علمي نڪتا ڏاڍي تحقيقي ۽ علمي انداز سان بيان ڪيا ويا آهن. تفسير ڪندي مخدوم صاحب هيءُ تحقيقي اصول سامهون رکيو آهي ته قرآن جو تفسير قرآن سان، ان کان پوءِ رسول الله جي صحيح حديثن سان ۽ ان سان گڏ علم ڪلام ۽ فقھ جي مشهور ڪتابن مان جاءِ بجا حوالا آندا ويا آهن، تنهن ڪري هيءُ تفسير علمي معيار ۽ تحقيق جو ڀنڊار بنجي پيو آهي.

جيئن ته اڄ کان اڍائي ٽي سؤ سال اڳ ۾ ڇاپي جي سهولت نه هئڻ ڪري نـُـور نچوئي، وڏي محنت ڪري، هٿ سان قلمي ڪتاب لکيا ويندا هئا، پر تنهن هوندي به اهو مخدوم صاحب جي علمي عظمت جو ڪمال آهي، جو قرآن حڪيم جي هڪڙي سيپاري جو تفسير ڪندي به تفسير، حديث، ڪلام، فقھ ، سيرت ۽ تصوف جي 48 ڪتابن جا حوالا آندا اٿائين.

مخدوم صاحب رڳو ڪتابي حوالا نه ڏنا آهن، پر هن تحقيقي دعويٰ لاءِ تحقيقي انداز سان تفسيرن ۽ حديثن جو حوالو ڏيندي چوي ٿو، ته ڀلي هنن ڪتابن مان اهو حوالو يا حديث ڪڍي، ڀيٽي ڏسو. پاڻ لکي ٿو:

پڻ آهي سونهاري حديث ۾ اهڙي پچارا
تفسير ”معالم“ ۽ ”شرح صدور“ ۾ سا ڪڍي نهارجا
سي مون لکي تفسير عربي ۾ ڪئا هيڪاندا
جيڪو ڪڍي نهاري ان کي ته ٿين سڀ پڌرا

مخدوم صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ آندل ماخذن جا حوالا هن انداز سان نظم ۾ آندا آهن:

پڻ آهي تفسير ”بحر المعاني“ ۾ اهڙي پچارا
 ”بخاري“ ۽ ”مسلم“ ۽ ”مشڪواة“ ۾ ئي حديث آڻي ٿو
پڻ حضرت شيخ جيلاني فرمايو منجهه ”غـُـنيي“ ڪتابا

مخدوم صاحب تفسير ڪندي حديثن جي اسناد ۽ صحيح هجن لاءِ به زبردست تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. مثال طور: هـُـو پاڻ ئي سوال ٿو ڪري ته نماز جي ڀلائيءَ ۾ ماڻهن ۾ هيءَ حديث مشهور آهي ته، ”نماز وڻ آهي، ان جا ٽي ڦر يا فائدا آهن“ - ان حديث بابت مخدوم صاحب مفسرانه ۽ محدثانه انداز ۾ بحث ڪندي لکي ٿو: ته هيءَ حديث صحاح ستھ ، توڙي ٻين حديث ۽ فقھ جي ڪتابن ۾ صحيح يا ضعيف سـَـند سان به آيل ڪانهي. ان ڪري هي حديث تفسير ۾ درج ڪانه ڪئي اٿم.

اهو ڏسي نهايت عجب ٿئي ٿو، ته هڪڙي سيپاري جو تفسير پنج سؤ صفحن کان زياده آهي، پر پوءِ به مخدوم صاحب لکي ٿو ته مون هيءُ تفسير عام فهم ۽ مختصر ڪري لکيو آهي. لفظ ”عصر“ (زمانو) جي باري ۾ بيان ڪري ٿو:

ٻئا پڻ تفسير ”عصر“ جا گهڻئي لکي ٿو
پر سبب اختصار جي مون تن کي ڇڏئو.

لفظ ”ڪوثر“ جي باري ۾ چوي ٿو ته ان جون 24 معنائون آهن، پر مون اختصار ڪري ٽي لکيون آهن:

آهين چوويهه قول تنهن ۾ مفسرن لکئا
پر ڇڏيم ذڪر تن جو اختصار جي سببا
ڪيم بس ٽن قولن اتي جي لکيم تن کان

ان کان علاوه مخدوم صاحب عربي صرف ونحو جي اپٽار به ڪئي آهي، جا سندس تفسير جي تحقيقي خوبي آهي، مثال طور:

ڪنان مفعول فـَـذِڪره جي ئي استثنا
آهي عطف افتحم اتي ئي لفظ لکن ٿا.

 ”تفسير هاشمي“ جي پڄاڻي هيٺين لفظن تي ٿئي ٿي:

بخشي بوڇ بڇائيون ۽ عصيان اپارا
ساڻ لڏائين ڪلمي دنيا دارا.

بهرحال، ”تفسير هاشمي“ قرآن فهميءَ لاءِ هڪ بيش بها خزانو آهي. تازو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لاڙڪاڻي واري انهيءَ منظوم ”تفسير هاشمي“ کي سنڌي نثر ۾ آڻي، مهراڻ اڪيڊميءَ طرفان شايع ڪرايو آهي. ڊاڪٽر صاحب اڪثر جاين تي پنهنجي طرفان حاشيا هڻي، تفسير هاشمي جي اصليت کي مجروح ڪيو آهي. پڻ ڪٿي عبارتن کي ڇڏي ڏنو آهي. راقم هن تفسير تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو اهي. ان شاء الله عنقريب اشاعت هيٺ ايندو.

------


(1) عبدالصمد نورنگزاده:  ”مفتاح الصلواڏ سنڌي“ ، مطبع بمبئي، ص 364

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:  ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ، ص 465

(1) لطف الله بدوي: ”تذڪره لطفي“  - جلد پهريون، ص 50-648

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org