شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ انيڪ تشبيهون ڪم آنديون
آهن، جن مان ٻه ٽي مثال هت ڏهن ٿا:
” سور! ۾ وڌي ڌوڻ، آءُ آهيان اڳيهي ڪاهري،
جا پر پاڻيءَ لوڻ، سا پر منهنجي جندڙي.“
سسئيءَ جو اندر وڇوڙي جي درد ۾ ڪهڙيءَ طرح ڳري
رهيو هو، سا ڳالهه ٻڌندڙن جي ذهن تي پورو اثر ڪري
نٿي سگهي ؛ پر شاهه صاهب ”پاڻيءَ ۾ لوڻ پوڻ“ جي
حالت سان جڏهن ڀيٽ ڪري ٿو ڏيکاري، تڏهن ٻڌندڙن جي
ذهن تي آسانيءَ سان اثر ٿي سگهي ٿو ته سسئي جو
اندر ڪهڙيءَ طرح درد ۾ ڳرندو ٿي ويو.
”ڪڙو مجهه ڪڙي، جئن لهار لپيٽيو،
منهنجو جيءُ جڙي، سپيريان سوگهو ڪيو.“
عاشق جو جيءُ معشوق سان ڪهڙيءُ طرح ڳنڍيل آهي، سا
ڳالهه ٻڌندڙن کي چڱيءَ طرح تڏهن ذهن هشين ٿئي ٿي،
جڏهن ان کي لهار جي ڪڙو ڪڙي ۾ ڳنڍڻ سان تشبيهه ڏني
ويئي آهي.
” جر ۾ سپون، جئن آهن ابر آسري؛
جئن ڪونجون سارين روهه کي، مون تن اندر تئن؛
ڪوٺين وهان ڪئن؟ جي نطربندياڻي نه هئان.“
مارئي کي پنهنجن عزيزن سان ملڻ جي سڪ ۽ انتظار
ڪيتري قدر هو تنهن کي زوردار نموني ۾ ظاهر ڪرڻ
لاءِ شاهه صاحب ان جي ڀيٽ ٻن شين سان ڪئي آهي، جن
جو انتظار ۽ سڪ عام طرح مشهور آهي: هڪڙي سپ، جا
برسات جي بوند جهٽڻ لاءِ وات ڦاڙيو سمنڊ جي سطح تي
پيئي ترندي آهي، جڏهن برسات جي ڦڙي وات ۾ پوندي
اٿس، تڏهن وڃي تر وٺندي آهي، ٻي ڪونج جا پنهنجا
ٻچا جبل ۾ ڇڏي چوڳي لاءِ ڏورانهن ملڪن ۾ وڃيو
نڪرندي اهي ۽ تيستائين پئي دانهون ڪندي آهي،
جيستائين وري وڃي پنهنجي ٻچن کي ڏسندي آهي.
مٿين مثالن مان هيءَ ڳالهه به معلوم ڪرڻ گهرجي ته
شاهه صاحب جن شين سان تشبيهون ڏنيون آهن سي سڀ
اهڙيون آهن جي سنڌ ديس جي ماڻهن کي چڱيءَ طرح
معلوم آهن جهڙوڪ: لوڻ جو پاڻيءَ م ڳرڻ، لوهار جو
ڪڙو ڪڙي ۾ ملائڻ، سپ جو بوند لاءِ انتظار، ڪونجن
جو ٻچن لاءِ ڪرڪڻ.
اڄ ڪلهه جا شاعر اڪٿر ڪري ايراني شاعرن جي پيروي
ڪندا آهن ۽ اهڙيون تشبيهون ڪم آڻيندا آهن، جن جو
سنڌ ديس سان لاڳاپو ئي نه هوندو آهي. مثلاًش
”عاشق“ کي ”بلبل“ سان، معشوق جي اکين کي ”نرگس“
سان“ ”قد“ کي ”سرو“ ۽ ”شمشاد“ سان وغيره وغيره.
اهو دستور ديسي ٻوليءَ لاءِ سينگار نه ليکبو.
استعارا:
هونءُ ته اسين پنهنجي روزمره جي گفتگو ۾ استعارا
آل جال پيا ڪم آڻيون، پر پنهنجي ڪنهن روحاني
اخلاقي، عاشقاني وغيره ڪلام ۾ سهڻا استعارا ڪم آڻڻ
فصيه ۽ بليغ شاعرن جو ڪم آهي. ڇاڪاڻ جو اهڙن ڪلامن
۾ لفظن کي اڌاري معنيٰ وٺي ڏيڻ وقت سببن ۽ حالتن
کي ٺهڪائي ڦهڪائي بيهارن ڏکيو ذهني ڪم آهي.
جئن دنيا جا سڀ مذهبي ۽ روحاني ڪلام استعارن سان
تمٽار آهن، ٿيئن شاهه صاحب جو ڪلام به عجيب عجيب ۽
دلچسپ استعارن سان ڀرپور آهي.
شاهه صاحب ايراني شاعرن جي استعارن جو نقل نه ڪيو
آهي. پر سڀ پنهنجا ۽ ديس سان تعلق رکندڙ استعارا
ڪم آندا اٿس. ٻه ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
”ماڻڪ“ مٽ سندوم، انوداهيءَ ۾ سوجهرو؛
حشر ويل حساب ۾ ڇڏي نا ويندوم.“
”ماڻڪ“ لفظ جي اصلوڪي معنيٰ آهي ”هيرو“ جو جبلن ۽
کاڻين مان لڀندو آهي. پر ڪلام جي عبادت مان اسين
پڪ سان چئي سگهون ٿا. ته اتي ”ماڻڪ“ لفظ مان سندس
حقيقي عنيٰ ورتل نه آهي، ڇاڪاڻ جو جبلن مان لڌل
هيرو اونداهي ۾ برابر چمڪي ٿو، پر مرڻ کان پوءِ
انسان سان گڏجي نه هلندو، نڪا ان ۾ ايڏي طاقت آهي،
جو آخرت ۾ پاڻ ڀيڙو ڪري سگهندو.
”ماڻڪ“ لفظ کي شاهه صاحب اتي اڌاري معنيٰ وٺي ڏني
آهي ”زبردستي روحاني هستي“ پوءِ اها ”روحاني
زبردست هستي“ خود ”رب جي پاڪ ذات“ چئجي يا ”شافع
الامت صلعم جي پاڪ هستي“.
ڪهڙن سببن ۽ حالتن جي ڪري اهو استعارو ڪم آندو ويو
آهي؟
جئن هيرو اونداهيءَ ۾ سوجهرو ڪندو آهي، تئن معشوق
حقيقي ”عدم“ جي اونداهه مان ”وجود“ جو سوجهرو
بڻايو؛ بي ايماني جي اوندهه کي ايمان جو نور سان
دفع ڪيو ۽ آخر ۾ به جيڪي ٿيندو، سو انهيءَ پاڪ
هستيءَ جي سوجهري ۾.
”مند ٿي منڊل وڄيا، تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنباهيا؛ سرها ٿيا سنگهار،
اڄ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.“
مٿين مثال ۾ استعاره طرح شاهه صاحب ”منڊل“ لفظ جي
معنيٰ ورتي آهي آسماني گوڙ؛ جا برسات وقت پوندي.
هونءِ ”منڊل“ لفظ جي حقيقي يا اصلوڪي مقرر ٿيل
معنيٰ آهي مشهور ساز جنهن تي ڳائبو آهي.
لڳم ٻاڻ ٻروچ جو، ڪرها ٿيا قزاق؛
ان کي جا اٺن کي، سامين پوءِ م ماڪ،
اکڙين خوراڪ، پسڻ پرڏيهين جو.“
”ٻاڻ“ لفظ جي معنيٰ شاهه صاحب استعاره طرح ورتي
آهي ”نينهن“ يا ”عشق“.
لفظي صنعتون:
شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ گهڻيئي لفظي صنعتون ڪم
آنديون آهن، هت ٻه ٽي مثال ڏجن ٿا:
(1) صنعت تجنيس حرفي:
”تجنيس“ جي معنى آهي هم جنس لفظ ڪم آڻڻ. هم جنس
لفظن جا ڪيترائي نمونا آهن:
(1) ساڳئي آواز سان شروع ٿيندڙ لفظ هڪٻئي جي ڀرسان
رکڻ.
”ناڻي ناه ڪڪوه؛ ڪي ملهه مهانگو منڌ،
سنباهج سيد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌ،
هي تنهن جو هنڌ، ماتن پاس مرن جي.“
پهريان ٻه لفظ ”ن“ جي شروعات وارا وري ٻه لفظ ”ڪ“
وارا، وري ٽي لفظ ”م“ وارا؛ وري ٻه لفظ ”س“ وارا،
وري ٽي لفظ ”ڪ“ وارا وغيره. اها آهي تجنيس حرفي.
(2) به هم جنس لفظ ڪم آڻڻ، جي صورتخطيءَ ۾ هوبهو
هڪجهڙا هجن، پر معنى ۾ ڌار ڌار هجن، انهيءَ صنعت
کي تجنيس تام چوندا آهن. تجنيس تام جي لفظ معنى
آهي پورا پورا هم جنس لفظ ڪم آڻڻ مثال:
”جتن ڪج جتن جو آيا ڪي ايندا،
وٺي پنهون پنهنجو وٽان تو ويندا،
دم نه دميندا، سڌاريندا ساڻيہ ڏي.“
جتن
= ڌيان (2) جتن
= جت.
ور ۾ ڪونهي ور، ڏيرن ور وڏو ڪيو.
نهاريندس نڪڻي، بوتن ڪارڻ بر.....“
(1) ور
= مڙس، ڀتار، (2)
ور = ڏنگ،
ڏنگائي، (3) ور =
ڦيرو، پنڌ جو چڪر.
تجنيس تام واري صنعت شاه صاحب جي ڪلام ۾ گهڻي قدر
آيل آهي.
”هلندي هارهو مڻي گسان ڪين گسان“
اهو تجنيس ناقص جو مٿال آهي.
”رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪرڪي ڪونج،
نعرو منجهه نڪونج، ايءَ تان آه عشق جي.“
اهو تجنيس زائد جو مثال.
صنعت تضاد:
ٻه برخلاف معنائن وارا لفط هڪٻئي جي ڀرسان ڪم آڻڻ
کي صنعت تضاد چئبو آهي. مثال:
(1) مٺو مٺيان گهڻو، ڪڙو ناه ڪلام“.
”مٺو“ ۽ ”ڪڙو“ هڪٻئي کان برخلاف معنائن وارا لفظ
(ضد) آهن.
(2) هونديان هوت پري، اوڏو آهه اڻ هوند کي،
”هوند“ ۽ ”اَڻ هوندو“ هڪٻئي جا ضد آهن.
نڪا ابتدا عبد جي، نڪي انتها،
جن سين تو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.
”ابتدا
= شرعات، ”انتها“=
پڇاڙي. اهي لفظ پاڻ ۾ ضد آهن، صنعت تضاد به شاه
صاحب جي ڪلام ۾ گهڻي قدر آيل آهي.
معنوي صنعتون:
لفظن جي معنائن ۾ نزاڪت رکڻ کي چئبو آهي، صنعت
معنوي، شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جيئن لفظي صنعتون
ڪم آنديون آهن، تئن معنوي صنعتون به عمديون عمديون
ڪم آنديون اٿس. ٻه ٽي مثال هت ڏجن ٿا:
صنعت حسن التعيل:
ڪنهن به حقيقت جو مشهور سبب ڪو ٻيو هجي، پر شارع
پنهنجي ڪلام ۾ انهيءَ حقيقي لاءِ ڪو سهڻو خيالي
سبب پيش ڪري ته ان کي چئجي حسن التعليل. اها صنعت
عبارت جي لفظن مان ڪين پروڙبي آهي، پر عبارت جي
معنى مان پروڙبي آهي.
مثال:
(1) ”اداڙي ٻانڌڻ، توکي ڪڙهان ڪ پاڻ کي،
سوڌا خبر سڄڻين، تو ڪا تڙ آندي؟
تون پاتار ۾ پانڌي، اسان پنڌ پرين ڏي.“
سهڻي گهڙي جي وسيلي ميهار ڏي ترندي وڇي ٿي، ته ڪو
بنڊ درياءَ جي سير مان ترندو اچي ٿو. ان بنڊ کي
دريياءَ مان ڪڍي، ڪناري تي ڦٽو نه ڪرڻ لاءِ سهڻيءَ
کي درحقيقت هيءَ سبب هو، جو سندس ڪو به واسطو بنڊ
سان ڪونه هو. هن کي فقط پنهنجو پاڻ ميهار تائين
پهچائڻو هو. پر سهڻي بنڊ سان همدردي نه ڪئي،
تنهنجي لاءِ شاعر عمدو خيالي سبب ڏئي ٿو، ته اي
بنڊ! تو ميهار وٽان ڪو خيرعافيت جو پيغام مون لاءِ
ڪونه آندو آهي، تنهن ڪري آءُ توکي ٻاهر ڪڍڻ جي
همدردي نٿي ڪريان.،
ڏکا ڏونگر جا مرون، مر ٿا مون تي ڪن،
پوندا ڪين پربت تي، جنهنجا سڌر ٿا سڄڻ،
هوند نه هت ٽرن، پر قرابت ڪم ڪيو.“
جبلن ۽ رڻ پٽن ۾ مرون انهيءَ ماڻهوءَ کي نقصان نه
رسائيندا اهن، جن وٽ مرن جي ڊيڄارڻ جهڙا هٿيار
هوندا آهن، سسئي کي رڻ ۾ مرن نقصان نٿي رسايو،
تنهن لاءِ شاعر هي سبب پيش ڪري ٿو، ته زبردست
شخصيت سان سسئي جو سچو نينهن هو، تنهن نينهن جي
دهشت سبب ڪو به مرون سسئي کي نقصان رسائڻ لاءِ
ويجهو نه ٿي اچي سگهيو.
شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ طرحين طرحين نمونن سان
صنعت حسن التعليل ڪم آندي.
صنعت ايهام:
ڪو به لفظ يا ڪا به عبارت اهڙي ڪم آڻڻ، جنهن جون
ٻه معنائون هجن. هڪي ويجهي ۽ ٻي پري. ٻڌندڙ يا
پڙهندڙ جو خيال ويجهي معنى تي هڪدم وڃي پوندو، پر
شاعر ۽ مصنف جي مراد هوندي ڏوراهين معنى، اهڙيءَ
ڪاريگريءَ کي چئبو آهي صنعت ايهام. ايهام جي لفظي
معنى آهي. ڪنهن کي وهم ۾ وجهڻ يا ويچار ۾ وجهي
ڇڏڻ، مثال:
(1) ”جا هڙ اندر جي، ساهڙ ڏني ساه کي،
ساهڙ ڇڙي نه ساه جي، ساهڙ ساهڙ ري.
ساهڙ ميڙ سميع، ته ساهڙ ڇڙي ساه جي.“
انهيءَ ڪلام ۾ ”ساهڙ“ لفظ ۾ ”ايهام“ رکيل آهي.
پرهندڙ پئون سٽ ”ساهڙ“ لفظ جي معنى سمجهندو
”ميهار“ ڇاڪاڻ جو اها ويجهي معنى آهي ۽ ساري
آکاڻيءَ سان ”ساهڙ“ (ميهار) جو لاڳاپو آهي. پر اتي
”ساهڙ“ لفظ جي معنى ”اها هڙ“ يا ”اها ڳنڍ“ به شاعر
ڪم آندي آهي، جا ڏوراهين معنى آهي.
عبارتن ۾ شاه صاحب تمام گهڻي قدر صنعت ايهام ڪم
آندي آهي. مثلاً جيڪي قصا ۽ آکاڻيون پنهنجي ڪلام ۾
ڪم آنديون اٿس. تن ۾ نالن ۽ لفطن جي ويجهي معنى
آهي، ۽ اهي شخص ۽ ڳالهيون جن بابت جي قصا ۽
آکاڻيون ٺهيل آهن، پر ڏوراهين معنى آهي ”روح“ ۽
”رب“ جو تعلق جو ناهن سان لاڳو حالتون. |