سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 16

 

نوٽ: ممڪن آهي، ته ڪوشش ڪندي به مٿئين دور جا ڪي مصنف ۽ انهن جون تصنيفون اسان کي هٿ نه اچي سگهيون هجن. جيڪڏهن هن کان پوءِ به انهيءَ دور جي ڪا تصنيف هٿ اچي سگهي ته گهڻيءَ خوشيءَ سان ان کي پنهنجي فهرست ۾ داخل ڪري نروار ڪبي.

نوٽ: مٿئين دور جي مصنفن ۽ تصنيفات سان گڏ انهيءَ دور جي اهڙن بزرگن ۽ شاعرن جو به مختصر ذڪر ڪرڻ ۾ ايندو جن جي تصنيفات ۽ ڪلامن ۾ گهڻو ئي سنڌي ادب سمايل آهي ۽ اهي تصنيفون ۽ ڪلام اڃا دستخط حالت ۾ ۽ ڪي قدر خلق جي زبانن تي جائگير آهن.

 

(1) ديوان ننديرام سيوهاڻي

ديوان ننديرام ٿڌو مل صاحب سيوهڻ جي ميراڻي عالمن مان هو. سندس جنم 18 عيسوي صديءَ جي شروعات ۾ ٿيو. ان وقت جي دستور موجب ديوان ننديرام به ننڍي هوندي کان مولوين جي مڪتبن ۾ پارسي علم جي تعليم ورتي هئي. هو پارسي نثر توڙي نظم پروڙڻ ۾ بلڪل ماهر هو. هو پهريائين سيوهڻ ۾ پنهنجو خانگي اسڪول هلائيندو هو ۽ ماڻهن تي سنديس علمي ماهيت جو اثر چڱو پيل هو، تنهن هوندي به گذران بنسبت البته تنگدست گذاريندو هو.

هو پاڻ لکي ٿو ته ”تن ڏينهن ۾ آءٌ فلڪزدگيءَ کان ۽ ڪنهن وٽ به نسبت نه ڪڍڻ احتياج جي يعني هٿ ٽنگڻ کان عار هوم رڳو فارسي، اردو ۽ سنڌي جي تعليم جو ڪم خانگي طور ڪندو هوس، پر سڌ رهيم، ته من ڪنهن ڏينهن فلڪ جي گردش جي چنبي کان ڇٽڪارو لهجي هڪجيڏن ۽ پاڻ جهڙن سرڪاري نوڪرن وانگر ٿيان.“(تاريخ سنڌ ديباچو)

هن صاحب جي مٿئين حقيقت مان هيءَ به ڳالهه روشن آهي، ته ان وقت سندن ڪيترائي جيڏا سرتا پاري خواندا سيوهاڻي عامل سرڪاري نوڪرين ۾ لڳي چڪا هئا، تنهن ڪري هو صاحب به پنهنجي علمي خدمت بجاءِ آڻڻ جي شوق پوري ڪرڻ ۽ فراخدستي پائڻ جي ارادي سان سرڪاري نوڪري ملڻ جو خواهش مند هو.

سنه 1852ع ۾ جڏهن سر بارٽل فريئر صاحب سنڌي الف بي ٺاهڻ لاءِ سنڌ جي ڪن علم دوست نامور مسلمانن ۽ هندن جي ڪميٽي گڏ ڪئي هئي، تڏهن ننديرام کي به ان ڪميٽي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سرڪار جي طرفان سڏ ٿيو هو. ننديرام توڙ تائين انهي بزرگن سان شامل راءِ رهيو، جي عربي سنڌي آئيويٽا ۽ صورتخطي قائم ڪرڻ ۾ متفق راءِ هئا. جيئن ته هو پاڻ لکي ٿو:

”گهڻي بحث ۽ چڪاس ۽ هوڏ ۽ ڏيهي ماڻهن جي صلاح ۽ ان وقت جي ناظمن صاحبن (تعليم کاتي جي انسپيڪٽرن) جي راءِ سان متفق ٿي هن حقير جي مدد سان سنڌي الف بي ٺاهي ۽ ڇاپارائي سرڪار ڪم ۾ ٿورو رواج ڏنو.“                              (تاريخ سنڌ ديباچو)

جلد ئي ايلس صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر ساري سنڌ ۾ اشتهار ڪرايو، ته ”جيڪو علم دوست هندو يا مسلمان تاريخ معصومي پارسيءَ جو نئين مقرر ٿيل عربي سنڌي صورت خطي موجب صاف سنڌي ترجمو ڪري ڏيندو، تنهن کي هڪ سئو روپيا روڪ انعام ۽ تعليم کاتي جي ترجمان (ٽرانسليٽر) جو عهدو به ڏنو ويندو.“

انهيءَ اشتهار تي سنڌ جي ڪيترن ئي هندن توڙي مسلمانن پڙهيلن، بزرگن پنهنجا ترجما ايلس صاحب وٽ پيش ڪيا. انهن ترجمن جي ڀيٽان ڀيٽيءَ لاءِ سرڪار طرفان امينن جون چار ڪميٽيون مقرر ٿيون، جن مان آخرين فيصلي ڪندڙ ڪميٽي ۾ ايلس صاحب پاڻ (جو سنڌي سکيل يوروپين آفيسر هو) ۽ ٻيا به سنڌي سکيل يورپين آفيسر جهڙو ميجر ڊانستر ويل صاحب، ڪپتان ايڊورڊ آرهر صاحب، ڪپتان بمگيارڊن صاحب، ڪپتان سٽاڪ صاحب (چارئي صاحب نه رڳو سنڌي سکيل هئا پر پارسيءَ ٻوليءَ ۾ به اڪابر هئا) شريڪ هئا. پنج ڇهه علم دوست هندو ۽ مسلمان بزرگ به انهيءَ ڪميٽيءَ ۾ امين ڪري گهرايا ويا هئا. انهيءَ ڪميٽي نج ۽ صحيح صورت خطي ۾ ٻوليءَ جي لحاظ سان سڀني نمبرن ۾ ننديرام جو ترجمو پهريون نمبر پاس ڪيو، جنهنڪري ان کي هڪ سو جي عيوض ٻه سو روپيا نقد سرڪاري انعام ۽ تعليم کاتي جي ترجمان (ٽرانسليٽر) جو معزز عهدو مليو ۽ ڏيڍ سو رپيا يوروپين آفيسرن پنهنجي پنهنجي هڙان خانگي انعام بروقت ڏنس. انهن مهربانين سان گڏ ڪتاب جو حق تصنيف به قائم رکيائونس.

ان وقت کان وٺي ننديرام تعليم کاتي جو ٽرانسليٽر هو، جتي توڙ نباهيائين. ننديرام ٽرانسليٽر ٿيڻ کان اڳ به ٻه ٽي سنڌي ڪتاب سرڪار جي پيش ڪيا هئا، جي تعليم کاتي ۾ ڪم اچڻ لڳا، پر ٽرانسليٽر ٿيڻ کان پوءِ ته سندس خاص شغل هو تصنيف ۽ ترجمو. ان وقت جيڪو به تصنيف ٿيل ڪتاب تعليم کاتي جي پيش ٿيندو هو، سو ننديرام جي اصلاح جو گهرجائو رهندو هو.

هيٺان ڪتاب ننديرام جا تصنيف، ترجمو يا تاليف ڪيل آهن:

1- بابنامو

نئين دور جي عربي سنڌي صورت خطي لکڻ ۽ پڙهڻ، سيکارڻ جي شروعات ”بابنامه“ يعني ٻاراڻي ڪتاب کان شروع ٿئي ٿي، جو ننديرام ٺاهي تعليم کاتي کي ڏنو هو. هن ۾ هجي جو طريقو ڪم آيل آهي، جنهن جون خوبيون ۽ فائدا مفصل طرح اڳي بيان ٿي چڪيون آهن. ”بابنامه“۾ جي ٻٽيهن صفحن مان ٻاويهه صفحا فقط هجي جي استعمال ۾ ڪم آيل آهن ۽ باقي ڏهن صفحن ۾ اٺ سبق ڏنل آهن ۽ انهن اٺن ئي سبقن ۾ ڪل ستر جملا سمايل آهن، جن مان ڪي مفرد جملا ته ڪي مرڪب جملا آهن.

2- تاريخ سنڌ

هي ڪتاب نج ۽ عمدي سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ سان نئين دور جو پهريون نمبر ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. هن جي صورت خطي ۽ نحوي عبارت جو ذڪر اسين اڳيئي چڱي طرح ڪري آيا آهيون. هت فقط ان جي مضمون ۽ عبارت جون ٻيون خوبيون ۽ نزاڪتون بيان ڪرڻيون آهن.

(الف) مضمون:

هي سنڌ جي تاريخ اصل پارسي ٻوليءَ ۾ سيد معصوم شاه جي ٺاهيل آهي، جو اصل ترمذ شهر (خراسان ملڪ) جو ويٺل هو، پر حياتيءَ جو گهڻو وقت سنڌ ۾ (بکر جي قلعي ۾) اچي گذاريائين. سکر وارو ”معصوم شاه جو منارو“ به انهيءَ سيد جو ٺهرايل آهي. سيد معصوم شاهه شهنشاه اڪبر جي حڪومت واري زماني ۾ بکر ۾ رهندو هو، تنهنڪري هن تاريخ ۾  راءِ گهراڻي جي حڪومت کان وٺي مرزا غازي بيگ جي نوابيءَ تائين بيان ڏنل آهي، جو شهنشاه اڪبر جي طرفان ٺٽي جو نواب مقرر ٿيل هو. جنهن زماني بابت هيءُ تاريخ لکيل آهي، تنهن زماني جو تمام ڪشادو ۽ مفصل احوال منجهس لکيل آهي. هن ۾ نه رڳو بادشاهن جي حڪومتن ۽ جنگين جهيڙن جو تفصيلوار احوال لکيل آهي، پر ان وقت جي عالمن ۽ درويشن جا احوال به منجهنس لکيل آهن. جهڙوڪ: مخدوم بلاول (صفحه 296)، قاضي ڏتو سيوهاڻي (صفحه 298)، قاضي قاضن (صفحه 299) وغيره. مثال:

ڄام نظام الدين (ڄام نندي) جي ڳالهه

ربيع الاول مهيني جي پنجويهين تاريخ اٺين سوين ڇهانوي ورهه ۾ سنجر جي مرڻ کان پوءِ اهو ڄام بادشاهيءَ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ ان جي وهڻ ۾ مڙيئي ڏاها ماڻهو ۽ پرهيزگار ۽ ڪٽڪ ۽ راڄ گاڏاپي ۾ هئا ۽ انهيءَ ڏاڍي حاڪمي ڪري واڌاپي ٿيڻ جا جهنڊا کنيا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄام نظام الدين پهرين ڏينهن ۾ علم جي گهر ڪندو هو ۽ ڪتاب خانن ۾ گذاريندو هو ۽گهڻي نمندڙ ۽ واکاڻ ۾ موچارو ۽ چڱين چالن ۾ ساراه ڪيل ۽ ڪشالو ۽ بندگي ايتري جهجهي ڪندو هو، جو وڏائي ۽ سچائي ان جي هن ڳالهه کان واڌو هئي ۽ ذرو هن کان لکڻ سکجي ۽ گاديءَ وهڻجي پهرائين ۾ ٺٽي کان کڻي گاڏاپي سان بکر ۾ آيو ۽ ان ۾ هڪڙو ورهه ٽڪي چورن ماڻهن جي پاڙ پٽي ۽ وڃائي بکر جي ڪوٽ ۾ گهڻو سمر ڀتين جو ڪڍيائين ۽ پنهنجي گهر ڄايل دلشاد نالي کي بکر ۾ ڇڏيائين ۽ ڪنڌيون پاسا سنڌ جا اهڙي پر هٿ ڪيائين جو ماڻهو سک سان ايندا ويندا هئا ۽ اتان دلجاءِ ڪري هڪڙي ورهيه کان پوءِ موٽي ٺٽي ۾ اچي اٺيتاليهه ورهن توڻي ڏاڍائيءَ سان گذاريائين ۽ ان جي وڏائي جي ڏينهن ۾ ڏاها ۽ پرهيزگار ۽ فقير گهڻي ويڪرائيءَ ۾ گذاريندا هئا ۽ رعيت ۽ ڪٽڪ ۾ گهڻو سک ۽ جهجهو چين هو، ڄام نظام الدين جئن سلطان لنگا ملتان جي حاڪم سان هڪجيڏو هو ۽ سندن وچ ۾ روشنيءَ جي واٽ هئي ۽ سدائين هڪ ٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا هئا، ۽ ڄام نظام الدين سڀني هفتن ۾ پنهنجي ڪڙهه ۾ ويندو هو ۽ گهوڙن جي نراڙ تي هٿ گهمائي چوندو هو ته اي سڀاڳو آءٌ غزا نٿو گهران ته اوهان تي چڙهي ٿئي ڇاکون ته اسين اسلام جي چئن حاڪمن جي سنڌن ۾ ويٺا آهيون دعا ڪريو ته شرعي سبب ڌاران ڪٿي نه وڃون ۽ ڪو ماڻهو هتي پڻ نه اچي متان ان ڏوهه کان مسلمانن جو رت هارجي ۽ ڌڻي پاڪ اڳيون ڦڪو ٿيان. سندس وڌائيءَ جي ڏينهن ۾ ميتن جو مان اهڙو پڌرو ٿيو هو ان جي واڌاپي جو پور ڪرڻ نه سگهجي ۽ ميتن ۾ جماعت جي بهڪ اهڙي پر جي هوندي هئي، جو ننڍا ۽ وڏا محلي جا ميت ۾ هڪيا ٿي نماز پڙهڻ لاءِ هڪيا ٿيندا هئا.... ڄام نظام الدين جي بادشاهيءَ جي پڄاڻي ۾ شاه بيگ جي ڪٽڪ قنڌار کان اچي اڳري ۽ چاندوڪه ۽ سندس ڳوٺن تي ڪاهه ڪئي ۽ ڄام جهجهو ڪٽڪ مغلن جي ڌڪڻ لاءِ موڪليو ۽ انهيءَ ڪٽڪ ان ڳوٺ توڻي جو حلوڪر نالي سان پڌرو آهي، رستي ڏاڍي جنگ ڪئي ۽ انهيءَ جنگ ۾ شاه بيگ جو ڀاءُ ماريو ۽ هاراهي قنڌار ڏي واڳه موڙي ۽ ڄام نظام الدين جي جيئڻ توڻي وري سنڌ ۾ نه آيا. اهو ڄام گهڻو ڪري ان ويلي جي عالمن جي علم جي هوڏ ۽ بحث ۾ گذاريندو... ڪيترن ويلن کان پوءِ ڄام نظام الدين جيئن جي ڄمار جا جهنڊا سچي بادشاهيءَ ڏي کنيا.“

(سنڌ جي تاريخ صفحه 112-114)

 نوٽ: مٿين عبارت ۾ فقط صورت خطي هاڻوڪي نموني جي ڪتب آڻدي ويئي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي جملن جي چٽائيءَ لاءِ بيهڪ جون نشانيون پاڻئون ڏنيون ويون آهن. ٻي سڀ عبارت هو به هو مصنف جي لکيل ڪم آندي ويئي آهي.

مثال2:

مرزان شاه حسن ۽ ڄام فيروز

جڏهن ڄام فيروز چاچڪان ۽ راهمان جي هند ۾ پهتو، پنجاه هزار گهوڙي چڙهه ۽ پيدڙيا گڏ ڪري جهيڙي لاءِ سنڀريو ۽ ٺٽي ۾ هل گوڙ پيو تڏهن ڄام، محمد مسڪين ترخان ۽ مير فرخ ۽ سلطان علي بيگ ۽ ٻيا ڪي ڄام، مرزا شاه حسن جي ٻيلپ ۾ وڃي ڄام فيروز جي سانڀاهي جي ڳالهه ٻڌائي، مرزا شاه حسين ڪيترن کي ٺٽي جي ڏاڍائيءَ  ڪرڻ لاءِ موڪليو ۽ پاڻ ويرين جي ڦٽائڻ لاءِ سنڀئي پاڻي کان لنگهي لڏ پٺيان لڏ ڄام فيروز جي وڙهڻ لاءِ هلندو ويو. جڏهن ان سنڌن جي ويجهو رسي ڪٽڪ جي سنوارت ڪري هلندڙ ٿيو ويرين اڳ کان ڏيکاري ڏني، جڏهن ماڻهن ڪٽڪ مغل جو ڏٺو هڪ ڀيرو مڙيئي گهوڙي تان لهي مٿي کان پڳڙيون لاهي چادرن جون ڪنڊون هڪ ٻئي سان ٻڌي جهيڙي ڪرڻ ۾ رنڀيا ۽ هي ريت هند ۽ سنڌ جي ماڻهن جي آهي جڏهن مرڻ جو پاڻ ۾ ٻول ٿا ڪن، تڏهن گهوڙن کان لهي مٿو اگهاڙو ڪري چادرون ۽ پٽڪا هڪ ٻين سان ٻڌندا آهن. نيٺ مرزا شاه حسن ان ڊول کي ڏسي سوڀ جون واڌايون ڄامن کي چئي ايءَ فرمايو:

جئن ڪڻڪ ڪان ۽ سينڱ هٿ ۾ کيو پاڻ گهوڙي تان لهي وضو ساري نفل پڙهي هٿ دعا جا کڻي ڌڻيءَ کان سوڀ گهريائين چوين تون ته دعا جو ڪان نيشان تي لڳس. انهيءَ وير گهوڙي تي چڙهيو ۽ ڄامن سگهائيءَ سان ڊوڙي سورهيائي ڀريل تراڙين جون زلزلو ان ٽولي ۾ وڌو، ٿوري ڳالهه سوير کان اڳئن توڻي جنگ هئي ۽ ويهه هزار ماڻهو مئا ۽ ڄام فيروز موڙهل ۽ بڇڙو ٿي گجرات ڏي اوسين توڻي وڃي ٽڪيو جيسين ملڪ الموت سان گڏجاڻي ڪيائين. 

(سنڌ جي تاريخ صفحه 132-214)

مٿين مثال طور مضمون جا جيڪي ٻه ٽڪر ڏنا ويا آهن، تن مان هيءَ ڳالهه ثابت آهي ته سنڌ جي موجوده سنڌي تاريخن مان ڪنهن به تايخ ۾ اهڙو ڪشادو ۽ ذري پرزي احوال لکيل نه آهي، جهڙو هن تاريخ ۾ لکيل آهي.

عبارت:

هي ڪتاب تاريخ معصومي پارسي جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيل آهي، تنهن ڪري جئن پارسي واري عبارت وضاحت ۽ بلاغت جي زيورن سان سينگاريل آهي، تئن هن ڪتاب جي نج سنڌي عبارت کي به ترجمان انهن ساڳين نزاڪتن سان برسائي بيهاري آهي. مثال:

1- هن ڳالهه جي ٻڌڻ کان خليفي پنهنجي مٿي کي هڪڙي گهري توڻي گيدي ۾ وجهي ارمان ڪيو ۽ ڏمرجي باه سنديس ڇاتي ۾ اُلان ڪيا. پوءِ سندس حڪم فرمائڻ وانگر انهن ڀينرن کي گهوڙن جي پڇن سان ٻڌي ڏينهن جي چوڌاري ۾ گهمائي دجلي ۾ وڌائون.“(صفحه 46)

”مٿو گيد ۾ وجهي ارمان ڪرڻ“ ۽ ”ڏمرجي باه جو ڇاتيءَ ۾ اُلان ڪرڻ“ ۾ اهي ساڳيون اصطلاحي معنائون، تشبيهون، استعارا ۽ صنعت مراعات النظير قائم آهن، جهڙيون اصلوڪي پارسي عبارت:

”سر بجيب فڪرت انداختن،

آتش خشم درسينه شعله زن شدن“

فصاحت جو هڪڙو خاص جزو هيءُ به آهي، ته ساڳي ڳالهه وري وري اچڻي هجي، ته ان کي ڀيري ڀيري سان جدا جدا لفظن ۾ ادا ڪجي. فصاحت واري اها خوبي ديوان صاحب هن ڪتاب ۾ گهڻي قدر قائم رکي آهي. مثلا ”مرڻ“ يا ”مري پوڻ“ جي لاءِ هن ڪتاب ۾ هيٺيان اصطلاح ڪم آيل آهن:

2- خليفي ان ڳالهه کان گهڻو ڏمرجي ڪٽڪ جي ٺاهڪي. ٺاهڻ جي وچ ۾ مرڻ جي ڪٽڪ خليفي تي راتاهون ڏنو ۽ خليفو سچي بادشاهت ڏانهن هليو. (صفحه 8)

3- جئن پارسي تاريخ ۾ چپي چپي تي پارسي بيت ڪم آيل آهن. تئين ننديرام به پنهنجي سنڌي عبارت سان انهن بيتن جو ترجمو موزون سنڌي نظم ۾ جڙيندو ويو آهي.

مثال:

(1)             رحمان ۽ رحيم ڌڻي آهه سڀ مٿي،

آءٌ پڻ شروع ڪريان ٿو سندس نالي هن کي.

(پهريون صفحه)

(2)            ڌڻي اهڙو جو جنهن جو ناه جهڙو

سگهت سان ڀونپتن تي ٿيو سڳورو.

(صفحه2)

(3)            ٿي شهادت بحر بر جي شاه جي،

ڇهه سون ٻن ورهن ۽ شعبان ٿي.

(صفحه 51)

(4)            آهي ننڊ وانگي هي جڳ جيئندڙن کي

نه گهرجي پٽ ڪرڻ ننڊ تي ڏاهي کي

(صفحه 59)

(5)     جڏهن اونڌو ٿيو هي اُڀ ازل کان،

تڏهن راضي رهي رب جي رضا سان.

ڪنهين کي سڌ نه آهي هن مٽيءَ جي.

ته ڪن ماڻهن جي رت سان ڀريل هي.

انڌو ناهي جو ڏسندڙ سج هنئين کان،

ته آهي هي ڀريل جڳ ٻن رنگن سان.

(صفحه 78)

مٿين مثالن مان ڏسجي ٿو، ته ننديرام نه رڳو ان وقت جو عمدو نثر نويس هو، پر شعر سازيءَ جي به چڱي ماهيت هيس. علم عروض موجب ٺاهيل سنڌي نظمن جي ”تقطيع“ بابت. جيڪي پوءِ وارن بزرگ شاعرن خاص ٺهراءَ قائم ڪيا آهن، سي اڳئين وقت ۾ ڪين هئا، تنهنڪري ننديرام جي موزون ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي تقطيع جون جيڪي هلڪڙيون فر و گذاشتون آهن، تن تي ڪو به اعتراض نه آهي.

مٿين مثالن مان هن جي جس جوڳي جيڪا قابليت ليکجي ٿي، سا هيءَ جو هر هڪ پارسي بيت جنهن بحر ۽ وزن تي ٺهيل آهي، تنهن بحر ۽ وزن تي ئي سنڌي بيت قائم رکيو اٿس ۽ نج سنڌي لفظن ۾ اصلوڪي بيت جي معنى ۽ مراد قائم ڪئي اٿس.

هن پارسي نظم جي سنڌي ترجمي ۾ وزن ۽ صحيح ترجمي جو ايتري قدر خيال رکيو آهي، جو هونءَ سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪو نج سنسڪرت لفظ ڪم نه آندو اٿس، مگر مٿئين بيت نمبر 2 ۾ ”بادشاهان“ جي عيوض صحيح ۽ با وزن ترجمه ڪرڻ لاءِ ”ڀونپتن“ (ڏيهه ڌڻي) لفظ ڪم آندو اٿس. ساري ڪتاب جي نثر ۾ بيشمار ڀيرا بادشاه ڪم آيو آهي، ته ان جو ترجمو، ڪٿي ”پاڇاه“، ڪٿي ”ڏيهه ڌڻي“ ڪيو اٿس ته ڪٿي ”بادشاه“ لفظ ئي قائم رکيو اٿس.

3 – سيکائتو نروار

(الف) ڪتاب جي حقيقت: جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لاءِ انگريز سرڪار سنڌي اسڪول کولايا هئا، تڏهن گهڻا مسلمان ۽ ڪي هندو ٻارن کي انهيءَ نئين سنڌي سکڻ کان وڌيڪ عربي پارسي ۽ پراڻي سنڌي سيکارڻ پسند ڪندا هئا. سرڪاري اسڪولن ۾ به سيکاريندڙ توڙي سکندڙ نئين سنڌي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ تي ايترو ڌيان ڪين ڏيندا هئا، جيترو پارسي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ تي. جيئن ته مصنف لکي ٿو:

”گهڻو ڪري عاملن جا ڇوڪر رڳو فارسي هن گهرج کان سکن ٿا ته سرڪاري ڪارخانن ۾ انهن کي نوڪري ملي. هاڻي ته سڀني ڪچهرين ۾ سنڌي هلي ٿي. (صفحه 18-9)

ايلس صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر اها حالت محسوس ڪري هن تي هڪڙي اردو ڪتب ”شارع التعليم“ (تعليم جو رستو ڏيکاريندڙ)  کي سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ فرمائش ڪئي. بنارس ۽ بريلي پاسي به شايد سرڪاري کوليل اوائلي اسڪولن ۾ اها حالت هئي، جنهن ڪري اتي جي سرڪار ”شارع التعليم“ ڪتاب تيار ڪرايو هو. ”شارع التعليم“ ۾ سنڌ جي نرالين حالتن جي مدنظر تي ڦير گهير  ڪري ”سيکائتو نروار“ تيار ڪيو آهي.

(ب) ڪتاب جو مضمون:

 سنڌي ٻولي ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ انتظام ۽ تعليم جا سادا سودا اصول ۽ هدايتون ڏنل آهن. ڪتاب جي ساري مضمون جو حاصل مطلب هيٺ ڏجي ٿو:

1- موجوده وقت ۾ پارسي سکڻ ۽ سيکارڻ کان سنڌي ٻولي لکڻ، پڙهڻ سيکارڻ ۽ سکڻ وڌيڪ ضروري ۽ فائدي وارو ڪم آهي. پارسي ٻولي سکڻ ڪري روزگار جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي نه سگهندي؛ ڇاڪاڻ جو هاڻي سرڪاري نوڪريون انهن کي ملنديون، جيڪي سنڌي ٻولي لکي پڙهي سگهندا ۽ حساب ڪتاب ڄاڻندا. پارسي تعليم وٺندي نه حساب ڪتاب جي تعليم باقاعدي ملي ٿي ۽ نه تاريخون ۽ جاگرافيون پاڙهڻ ۾ اچن ٿيون ۽ نه علم هيئت ۽ ٻيا فائدي وارا علم سيکاريا وڃن ٿا. فقط پارسي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکارجي ٿي سا به بنان ڪنهن اصول جي. پارسي مڪتبن ۾ پاڙهيندي سيکاريندڙن کي پگهار تمام هلڪا ملن ٿا، پر سنڌي سيکاريندڙ نوان تيار ٿيل سنڌي ڪتاب چڱيءَ طرح استعمال ڪري ٻارن کي سيکاريندو تئن تئن سندس پگهار ۾ چڱو واڌارو ٿيندو. جيڪڏهن ڪو سيکاريندڙ نارمل اسڪول ۾ تعليم وٺندو، ته ان جي پگهار ۽ عزت ۾ گهڻو واڌارو ۽ سڌارو ٿيندو. جيڪي شاگرد سنڌي سکڻ ۾ چاه ڏيکاريندا ۽ امتحان ۾ چڱا ايندا تن کي سرڪاري اسڪالرشپون ملنديون ۽ جڏهن هو ليکي چوکي ۾ ڀڙ ٿيندو. تڏهن انهن کي چڱن چڱن پگهارن سان سرڪاري اسڪول وارن شاگردن جهڙي لياقت ڏيکاريندا ته انهن کي به اسڪالرشپون ۽ پوءِ واريون نوڪريون ملنديون. رڳو پارسي پڙهيل ٻار پنهجن اڻ پڙهيل مائٽن کي پنهنجي پارسي سبق سان ڪا به فائدي جهڙي ڳالهه سمجهائي ۽ پروڙائي نه سگهندو، پر سنڌي پڙهندڙ ٻار پنهنجي سبق ٻڌائڻ سان مائٽن کي خوش ڪري سگهي ٿو.

2- سنڌي سيکاريندي پارسي کي صفا ترڪ ڪري ڇڏڻ نه گهرجي، پر سنڌيءَ سان گڏ سيکارجي، ڇاڪاڻ جو پارسي ڄاڻن ڪري عربي سنڌي ٻولي صحيح ڳالهائڻ ۽ صحيح لکڻ ۾ سولائي ٿيندي. تنهن کانسواءِ سنڌيءَ جي مدد سان پارسي سکڻ ۾ گهڻي سولائي ٿيندي.

3- مڪتبن ۾ انتظام سان تعليم ڏيڻ ۾ نٿي اچي جو ڪم بنا انتظام ڪجي ٿو تنهن مان ڪو به فائدو ٿيڻو نه آهي. مڪتبن جي بي انتظامي جو مثال آهي جو ويهه شاگرد ”گلستان“ ڪتاب پڙهندا هوندا آهن، ته هر هڪ جو سبق نرالو هوندو آهي. جنهن ڪري ساڳئي ڪتاب جي سبق ڏيڻ ۾ سيکاريندڙ جو ڪيترو نه وقت وڃي ٿو. مناسب آهي، ته ساڳئي ڪتاب پڙهندڙن کي هم سبق رکڻ گهرجي، ۽ هم سبق شاگردن جا ڌار ڌار ڪلاس هئڻ گهرجن. انهيءَ انتظام جي ڪري سيکاريندڙ جو گهڻو وقت بچي پوندو ۽ ذهين ۽ ڪند ٻارن جي هم سبق هئڻ ڪري ذهين ڇوڪر ڪند ڇوڪرن کي اسرائڻ ۾ سيکاريندڙ جا مددگار ٿين ٿا ۽ اهي پنهنجي سبقن ۾ به هيڪاري وڌيڪ پڪا ۽ چالاڪ ٿين ٿا. تنهن کان سواءِ ڪند ڇوڪرن ۾ به هوشيار ٿيڻ جي ريس پيدا ٿيندي.

4- جيڪي به لفظ ۽ فقرا ۽ آکاڻيون پاڙهجن تن جي معنى ۽ مراد چڱي طرح ڇوڪرن کي سمجهائڻ گهرجي. معنى ۽ مراد سيکارڻ ڌاران طوطي وانگر پڙهي وڃڻ ڪنهن به ڪم جو نه آهي معنى ۽ مراد پروڙڻ سان ٻار جي سمجهه ۽ شوق وڌندو. سبقن بر زبان ڪرائڻ تي ٻارن جو مغز نه کپائجي، پر سبقن سمجهڻ ۽ پروڙڻ تي خاص ڌيان ڏجي.

5- ٻارن کي پنهنجي ديس جون قدرتي حالتون ۽ حال احوال معلوم ٿين تنهن لاءِ جاگرافي، تاريخ ۽ آسماني جسمن جي واقفيت جا ڪتاب پاڙهجن.

هيٺيان ڪتاب سرڪار تيار ڪرايا آهن، جن مان ڪي ڇاپجي چڪا آهن ۽ ڪي – جلد ڇاپبا. سي سيکاريندڙن ۽ سکندڙن کي پڙهڻ گهرجن:

بابنامي کان چوٿين ڪتاب تائين درسي ڪتاب.

ڀمڀي زميندار جي ڳالهه.

ڪڌاتورو ۽ سڌاتورو.

ليکي جو ڪتاب ڀاڱو پهريون.

ليکي جو ڪتاب ڀاڱو ٻيون.

سنساري نروار.

پئمائشي ڪتاب.

تاريخ هندستان.

ڌرتي نروار.

تاريخ معصومي.

ضبطي جو ڪتاب.

ايسپ جون آکاڻيون.

جبر و مقابله.

چٽ جي پاڙ.

آڪاسي نروار.

فوجداري چوڏهون قاعدو.

سيکائتو نروار.

جاميٽري.

منتخب تاريخ انگلينڊ.

مٿي ساري ڪتاب جو حاصل مطلب ڏنو ويو آهي. هاڻي انهيءَ مضمون بابت ڪتاب مان ڪي جنسي ٽڪرا ڏجن ٿا.

1- ”ذرو ويسباهه سان چئو ته اوهين ڇا ٿا سيکاريو ته جنهن جي بدران ڇوڪرن کي فائدو ۽ موچارائي ٿئي ٿي هن ڳالهه جا کولادنر 1 ٿيو ته ڇوڪرن کي اهڙي واٽ سان پاڙهيو ۽ سيکاريو جو ان جي ڏاهپ جي سڳورائي ۽ کاڄ2 جي موچارائي جو ڪارڻ ٿئي. هير3 توهان جو سيکارڻ ڇوڪرن جي حق ۾ ٿوري کٽئي وارو ڏسجي ٿو سو ڪو نه اوهين رڳو هڪڙي ڌارين ٻولي جي سيکارڻ ۾ گهڻن ڏينهن توڻي پنهنجو ۽ ڇوڪرن جو ميڄالو سکڻو ڪيو ٿا پر مطلب جي واٽ ڇوڪرن جي هٿ ۾ نٿي اچي.                                                       (صفحه 4)

2- جيڪس اوهين هي وراڻي ڏيندو ته هن ڳالهه کان فارسي ڪتاب پڙهائجن ٿا جو سکندڙن جو نروار1۽ لکڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ صاف ۽ هير 2 وارو ٿئي. مون مڃيو ته توهان کي ڇوڪرن جي نروار ۽ لکڻ رڳو صفائي ۽ هير ساڻ گهرجي، پر ڪي اهڙيون ڳالهيون پڻ سيکارڻ گهرجن. جن جي ڳالهائڻ ۾ اهي ”پنهنجو نروار ۽ لکڻ صاف ڪن.“

(صفحه 25-26)

”منهنجي گهرجي مٿئين نروار3 ڪرڻ کان هيءَ نه آهي ته فارسي پڙهندڙ سيکارڻ ڇڏي ڏين بلڪ مدو4 منهنجو هيءُ آهي ته ڪريما، چشم و چراغ، گلستان، بوستان ۽ ٻين ڪتابن جي ڌاران ڇوڪرن کي ڪي سنڌي پڻ سيکارين.“

3- فارسي متڪبن ۾ سيکارڻ جو جوڙجڪ5 ڪي پڻ ملي نٿو سگهي. هاڻي ته ان جوڙجڪ6 ۽ واٽ7 ڌاران ڪنهين ڪم جي پڄاڻي چڱي نه ٿي ٿي سگهي.... ڪو ٻار ”گلستان“ جي پهرين ڳالهه پڙهي ٿو، ڪو ٻي، ڪو ٽين ۽ اڳتي به انهيءَ وانگر.... مڪتبن ۾ ٻه ڇوڪر پڻ پاڻ ۾ هڪڙي درجي وارا ۽ دور8 ٿي نٿا لڀن.... تڏهن منهنجي اڳيان پڙهندڙن جي درجي ٻڌڻ ڌاران ڪو ٻيو بلو9 لاهڻ10 وارو نه آهي... هتي هن ڪم جو پڻ نروار ڪرڻ گهرجي، ته ڪهڙي واٽ سان درجا ٺاهجن ۽ سڀڪنهن درجي ۾ ڪهڙا ڪهڙا لاهي جا ۽ جوڳا ڪتاب پڙهائجن ۽ پڻ درجن جو ڳاڻيٽو ڪيترو گهرجي... پڌرو هجي ته سڀڪنهن لاهي واري مڪتب ۾ ڇهه ڇهه درجا ٺاهجن.“

(صفحه 32-36)

 

(4) ليکي جو ڪتاب ڀاڱو پهريون

ڪتاب جي حقيقت: هي ڪتاب ٻن هندي ڪتابن هر هڪ ”مڪتب نامه“ جوڙيل محمد ابراهيم مفيہ ۽ ”ڦئلاوت“ جوڙيل راءِ رام سرن داس ڊپٽي ڪليڪٽر دهلي تان سر بارٽل فريئر صاحب ڪمشنر جي حڪم موجب ننديرام سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهريون انگي حساب تيار ٿيو هو.

(5) ليکي جو ڪتاب ڀاڱو ٻيو

ڪتاب جي حقيقت: ننديرام واري ”ليکي جي پيڙهه“ يا ”ليکي جو ڪتاب ڀاڱو پهريون“، جنهن جو بيان مٿي ڪيو ويو آهي، تنهن سان گڏ ٻين صنفن به انگي حساب تيار ڪري تعليم کاتي جي پيش ڪيا، جنهن جو بيان اڳتي ايندو. اهي سڀ شروعاتي درجن لاءِ انگي حساب هئا، تنهنڪري مٿين درجن لاءِ انگي حساب تيار ڪرڻ بابت ڪمشنر صاحب هڪڙي انگريزيدان مسٽر ڪانداس يا ڪاهنداس اسسٽنٽ انجنيئر تي ڪم رکيو.  مسٽر ڪاهنداس منشارام پنجاب ملڪ جو ماڻهو هو ۽ سنڌي به سکيو هو، پر انگي حساب جهڙو درسي ڪتاب ڪنهن سنڌي دان جي صلاح ۽ مدد ڌاران ٺاهي نه سگهي ها، تنهنڪري ننديرام ساڻس همراهه رهيو ۽ هي ڪتاب تيار ٿيو. هن ڪتاب ٺاهڻ ۽ ڊاڪٽر چارلس هٽن جي انگريزي انگي حساب ۽ پنڊت بنسي ڌر جي اردو ڪتاب ”مبادي الحساب جلد 2“ تان مدد ورتل آهي.


1  ذمه بردار، جوابدار 2 – روزگار، گذران، پيٽ قوت، 3 – هينئر

1  تقرير، گفتگو 2- استعمال. 3- بيتا ڪرڻ. 4- مدعا، مراد 5- انتظام. 6- بي انتظامي. 7- اصول 8- هم سبق.9- وسيلو. 10- فائدي وارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org