ڪامسين جڏهن دشمنن کي دفع ڪرڻ لاءِ پنهن جي پيءُ
جي گاديءَ تي ويٺو ۽ ڪامروپ جي ٻئي هنڌ مڱجڻ جي
خبر پيس، تڏهن فقير بڻجي گجرات ڏي وڃڻ جو ارادو
ڪيائين؛ پر نظر صاف وزير جي صلاح موجب دل ڏاڍي ڪري
ترسي پيو ۽ دل هرڻ نالي هڪڙي چالاڪ دائيءَ کي
جهجهو مال اسباب ڏيئي ڪنميا گرياڻي جي ويس ۾ گجرات
روانو ڪيائين. دل هرڻ منزلون جهاڳي وڃي گجرات پهتي
۽ حيلا حوالا هلائي ڪامروپ سان وڃي ملاقات ڪيائين
۽ چيائين:
”توکي تن پرين جو ڌيان نياپو نروار،
هوتن هيڏي موڪليو تو هي ڏي تڪرار،
ملڻ جو محب سان ڪو ڪري ڇڏ قرار،
ياد ڪري ٿو يار، مندان ٿيون ميلاپ جون.
(ڏوهيڙو 95)
ڪامروپ پرينءَ جا پيغام ٻڌي نهايت خوش ٿي ۽ دل هرڻ کي به انعامن
اڪرامن سان نوازيائين ۽ چيائينس ته ڪامسين کي چئج،
ته ”فلاڻي مهيني ۾، فلاڻي تاريخ، فلاڻي وڻ هيٺ
گهوڙي سمت اچي بيهي، ته آءٌ به اتي اينديس ۽ ساڻس
گڏجي رواني ٿينديس.“ دل هرڻ ٿورين گهڻين ڏينهين
ڪامسين وٽ پهتي ۽ سارو احوال پيش ڪيائينس. پوءِ ته
ڪامسين کي تخت ۽ تاج وهه ٿي آيو:
”اُٿي ته اور عجيب جي وهي ته تنهن وائي،
ڀري بندوق برهه جي هوتن هلائي،
تکي لڳيس تن کي جيءَ اندر جائي،
پالو پاڇاهي، آئڙي ڪين عجيب ري.“
(ڏوهيڙو 170)
ڪامسين پنهنجي بادشاهي نظر صاف وزير جي حوالي ڪري پاڻ گهوڙي تي
چڙهي گجرات روانو ٿيو ۽ ڪشالا ڪڍي انجام ڪيل وڻ
هيٺ اچي ويٺو ۽ عجيبن جي اچڻ جون واٽون نهارڻ لڳو.
ڪامروپ انجام ڪيل ڏينهن تي وڻ پوڄڻ جي بهاني سان
سرتين ساهيلين سميت جهنگ ۾ آئي، ۽ ٻين کي پري
بيهاري پاڻ اڪيلي ان انجام ڪيل وڻ وٽ اچي ڪامسين
سان ملي. اتان ٻئي ڄڻا گهوڙي ٻيلهه چڙهي مغرور ديس
ڏي راهي ٿيا.
”پس بيٺيون پوءِ تي سرتيون سڀيئي
منڌ موٽي ڪينڪي جا وڻ پوڄڻ ويئي
ويڌن ٿي وينگس کي ڪامڻ سان ڪيهي
اچي اُهيئي، سڀ بيٺيون پالهي پڙ تي.“
(ڏوهيڙو15)
راجا جئه سنگهه راءِ کي خبر پهتي، ته ڪامروپ کي ڪو جن يا ديو
کڻي ويو، سو روئي پٽي ڌيءَ سهسائي ويهي رهيو.
ڪامسين ۽ ڪامروپ کي واٽ تي ڏائڻين ۽ راڪاسن جي فريب ۽ دغائن جي
ڪري طرحين طرحين تڪليفون رسيون ۽ ٻه ٽي ڀيرا پاڻ ۾
وڇڙي ويا، پر ڪن ديوتائن ۽ پرين جي مدد سان هو آخر
هڪ ٻئي سان چي گڏيا ۽ سلامت اچي مغرور ديس ۾ پهتا
ڪامسين کي انهيءَ ڪشالي ۾ پنج ورهه لڳي ويا هئا،
تنهن وچ ۾ دماق نالي راجا چڙهائي ڪري نظر صاف وزير
کي قيد ۾ رکيو هو ۽ سارو مغرور ديس پنهنجو بڻائي
ڇڏيو هو.
ڪامسين ديون جي مدد سان دماق راجا کي ماري مات ڪيو ۽ نظر صاف
وزير کي آزاد ڪري پنهنجي اباڻي ملڪ جو راجا بڻجي
راڄ هلائڻ لڳو.
ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ شاعر چوي ٿو:
”جنهن گڏيو گڏ محبوب سا سو ست گر سوڀارو
ڪرپا ڪري پڌرو ڪيو نر جو نظارو.
وهاري سوره کي ڪيو ڪامل قرارو.
غالب ستارو ٿيو، لعلو راڄ جو.“
2- ”قصو ڪامسين جو ڀائي لعلو لکايو،
وڳڻ، منجهه ويهي ڪري ٺاهه اهو ٺاهيو،
لکڻهاري لکيو، سڪ ڪري سعيو،
تنهنجو ست گر پڄايو، مدعا مڙيئي من جو.“
(ڏوهيڙو 337-338)
هي سارو قصو سڌريل نموني جي ڏوهيڙن ۾ آهي، ”جنجو قافيه“ پختو ۽
لفظن جي جڙت دل وڻندڙ آهي. شاعر جيتوڻيڪ اڻ پڙهيل
۽ اکين کان وڏو هو، ته به سنديس درد ڀري دل سجاڳ ۽
روشن هئي، جنهن ڪري سندس سارو شعر سوز ڀريو ۽
اثرائتو آهي.
10 – راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي آکاڻي
ڪتاب جي حقيقت: راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي آکاڻي سنڌ ۾ ڀٽ ۽ ڀان فقير
محفلن ۽ مجلسن ۾ ڪندا وتندا هئا جنهن ۾ نظم ۽ نثر
گڏ هوندا هئا. مسٽر اڌارام ميجر گولڊ سمٿ صاحب جي
حڪم موجب اها آکاڻي بيتن سميت ڪتاب جي صورت ۾ آندي
۽ تعليم کاتي منظور ڪري ڇاپائي.
هن ڪتاب ۾ جيڪي به ڏوهيڙا ڪم آيل آهن، سي سڀ گهڻو ڪري شاهه جي
رسالي ۾ موجود آهن، مگر لفظن ۾ ڪٿي ڪٿي گهڻو ڦير
ڦار آهي. مثلاً شاه جي رسالي ۾ آهي:
”پاٺ پهرين رات ڳڙهه پاسي ڳايو،
پيو غلغلو گرنار ۾ ڪو عطائي آيو،
سالڪ ساز سرود سان ڪي جو ڪمايو،
ٻيجا، برلايو، ته سر سوالي آهيان.“
(سر سورٺ داستان پهريون)
هن ڪتاب ۾ اهو بيت هن طرح ڏنل آهي:
”پاٺ پهرين رات ۾ ڳڙهه پاسي ڳايو،
گلو چوي گرنار ۾ ڪو اُتاهي آيو،
سالڪ ساز سرود کي ڪئن ٿي ڪمايو،
آيو سر سوالي منڱتو، جي ٻيجل ٻولايو.“
(صفحه 9 ڏوهيڙو 3)
انهيءَ ڪري يقين سان چئي ڪين سگهبو ته شاه جي رسالي واري ”سر
سورٺ“ وارا ڏوهيڙا شاهه صاحب جا چيل آهن، يا ڪن
ٻين جا چيل ڏوهيڙا شاهه صاحب جا آهن، يا ڪن ٻين جا
چيل ڏوهيڙا شاه صاحب جا سمجهي رسالي ۾ داخل ڪيا
ويا آهن.
راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي آکاڻي جئن سنڌ ۾ عام آهي هن ڪتاب ۾ ڏنل
آهي، تنهن کان ٻيءَ طرح گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ چالو
آهي، جا ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جي رسالي جلد ٽين ۾
بيان ڪئي آهي.
هن ڪتاب ۾ جيڪو نثر وارو ڀاڱو ڏنل آهي، تنهن ۾ مسٽر اڌارام
ٻوليءَ جو اهو ڍنگ ڪم آندو آهي، جنهن ڍنگ ۾ ڀٽ ۽
ڀان فقير آکاڻي ڪندا آهن. مثال:
1- ”سو اڄ ننڍو سڀان وڏو ائين ٿي وڏو ٿيو، پوءِ هن کي گڏهه ۽
گهوڙا ڏنائون ۽ چيائونس چاريندو وت. چارڻ ڪم ڪهڙو
ڪندا هئا. هيءَ جو نينگرڙو هٿ آين تنهن جو نالو
رکيائون ٻيجل سو گهوڙو چاريندو وتي.“
(صفحه 2)
2- ”ڏکڻ جو واءُ جو لڳو سو اهي تندون آواز اهڙو پييون ڪن، جو
مرون ٿيو پکڻ ٿيو ڪل ڪت نائي بيهي ٻڌن، جڏهن واءُ
بس ٿيو، تڏهن تندن به بس ڪئي ۽ پکي پکڻ به ويندو
رهيو. (صفحه6)
3- ”ڪنڀر چيس ڳهيلا پاتشاهه منهنجي حال جي ته ڳالهه پڀي ڪين. جي
ڙي ڪهڙي تنهنجي حال جي خبر ٻڌاءِ. چيانس سائين خبر
هيءَ، مون کي ڌيءَ ويٺي آهي وڏوڙ، سا ڀانيم ته
پرڻائي پوءِ توڏي اچان. چيانس، ڙي اها مون کي ڇو
نه پرڻايئي، چي جيئن تون ڇو نه.“ (صفحه6)
4- ”ٻيجل جي جا زال هئي، تنهن ٿالهه وٺي رکيو. مٿان آيو ٻيجل
تنهن چيو رن هي ٽڪن جو ٿالهه ڇو وٺي رکيئي.“
(صفحه 8)
5- ” ٻيجل سر وٺي آيو انيراءِ وٽ تنهن اڳيون چيس، لڏ منهنجي ملڪ
مان، جو ههڙو ڏاتار راو، تنهن کي ماريندي ترس نه
پيئي، ته ڪڏهن مون کي به ماريندين.“
پڇاڙيءُ ۾ مسٽر اڌارام هي بيت چيو آهي جو سندس ئي آهي:
عشق راءِ ڏياچ کي جنهن سر ڏيئي ڏيکاريو،
ٻيو عشق ماڻس کي جنهن نه ڪيو ناڪارو،
ٽيون عشق سورٺ کي جنهن ستيءَ ست سنهارو.
چوٿون عشق ٻيجل کي جنهن ٻول پنهنجو پاريو
پنجون عشق چارڻيءَ کي جنهن ڪانڌ تان جيءُ واريو.
لعنت انيراءِ کي جنهن پير وڌو پاسارو،
پنجئي پيا مچ ۾ ڳنهي ويچارو،
سڀئي سرها ٿيا ڪيائون ڪم سوڀارو،
وٺو نالو رام جو سڀ ٿئي موچارو.“
(صفحه 21)
11 – آکاڻيون
هي ڪو الڳ ڪتاب نه آهي، پر ديوان اڌارام صاحب ڏهه مزيدار
آکاڻيون راءِ ڏياچ جي آکاڻيءَ واري ڪتاب جي پڇاڙي
۾ شامل ڪيون آهن، جن مان ڪي اهڙيون آهن، جي سنڌ ۾
نقلن نظيرن ڪرڻ وارا عام طرح ماڻهن کي ٻڌائيندا
وتندا آهن ۽ ڪي پارسيءَ مان ترجمو ٿيل آهن ۽ ڪي
ظفراتي نقل آهن، جي اردو ڪتابن ۽ اخبارن ۾ ڏنل
آهن.
مثال خاطر ٻه آکاڻيون جنسي عبارت ۾ هيٺ ڏجن ٿيون:
1- ” هڪڙو ڇوڪر واهي
1
کان ڀڳڙا ڀڃائڻ ويو. واهون ڀڃي جڏهن ڏيڻ لڳس ته
انهيءَ هٽ جي منهه2 جي جا مني 3 هئي نينگر تنهن کي
ٻنهي پاسي ٻانهون آڻي ٻڪ ۾ ڀڳڙا ورتا ته ٿوڻي جو
ٻانهن جي وچ ۾ آئي سو ڇوڪر جي ٻڪ ٿو ڇوڙي ته ڀڳڙا
ٿا ڪرن ۽ جي نٿو ڇوڙي ته وڃي نٿو سگهي، تنهن کان
لڳو روئڻ، ته تتي ماڻهو گهڻا اچي گڏ ٿيا سي سڀ
ڏاهري لڳا ڳڻتيون ڪرڻ. هاءِ ڪيئن ٿيندي. ڇوڪر ڏاڍو
ڦاٿو ڪئن ڇٽندو. ائين انهن جي ڳڻيندي4 لال ٻجهڪر
ڏاهرين جو چڱو مڙس اتي اچي نڪتو سو ڏسي ٻڌي ٿو چوي
ته ڳڻيو ڇا ٿا- ڇپر5 لاهي مني پٽي ڪڍجي ته ڇوڪر
پاڻهي ڇٽي پوندو. اها سڀني ڏاهرين ٻڌي چيو ٻيلي
واه چڱي طرح ڏنئي. تڏهن لڳا تئن ڪرڻ. اهڙيءَ طرح
ڇوڪر کي ڇوڪراڻيون ڳالهيون ڏڏن کي ڏڏاڻيون ڳالهيون
وڻنديون آهن.“
(صفحه 21- آکاڻي پهريون)
2- هيڪڙي واهي6 ونهين7 کي وڃي چيو ته اسين ٻئي حضرت آدم ۽ بي بي
حوا جو اولاد آهيون تنهن ڪري اسين ٻئي ڀائر آهيون
تون ونهيون آهين ۽ آءٌ ولهو آهيان مون کي پنهنجي
ڀاءُ پيءُ جو ڀاڱو ڏي. ونهين اها ڳالهه ٻڌي هڪڙي
ڪوڏي کڻي ڏنيس. ولهي چيس ته هي ڇا ٿو ڏين ٻيو به
ڪي ڏي. وراڻي ڏنائينس ته ادا انهيءَ تي راضي ٿي،
جيڪڏهن آءٌ سڀني غريب ڀائرن کي ڪوڏي ڪوڏي ڏيان ته
مون وٽ ڪي ڪين بچندو.“
(صفحه 24 آکاڻي 4)
نوٽ- مٿين آکاڻي هڪڙي پارسي حڪايت جو ترجمو آهي پر ديوان صاحب
هن جا تجنيس حرفي ڪم آندي آهي، سا قابليت جهڙي
آهي.
ديوان پرڀداس انندرام رامچنداڻي
۽ ديوان چوهڙمل ڪندن مل بي- اي
هنن ٻنهي صاحبن درسي ڪتابن ٺاهڻ ۾ چڱي محنت ڪئي. سنڌي ٻوليءَ تي
پوري دسترس حاصل هين.
1- سنڌي ٽيون ڪتاب
هي ڪتاب ديوان پرڀداس انندرام رامچنداڻي جوڙيو هو ۽ ديوان
چوهڙمل ڪندن مل سڌاريو هو.
مضمون:
هن ڪتاب ۾ ڪل نوانوي سبق آهن، جن مان ڪي شاگردن جي ڏانو جون
نصيحتون آهن، جي اخلاقي سبق ۽ آکاڻيون آهن ۽ ڪي
عام واقفيت جا سبق آهن، جهڙوڪ جدا جدا جانورن،
وڻن، ٻوٽن ۽ ڌاتن بابت سمجهاڻيون.
هن ڪتاب ۾ نظم به عمدا عمدا ڪم آيل آهن. ڪن نظمن ۾ ٺاهيندڙن جا
نالا ڏنل ڪينهن ۽ ڪن ۾ نالا ڏنل آهن. هيٺين شاعرن
جي نالن وارا نظم جدا جدا سبق ۾ ڪم آيل آهي:
شاه ڀٽائي، سامي، جيئندو، جاجڪ، رجب، سندر، ڪرمچند، ڪريال ۽
آسو.
هن ڪتاب ۾ جيڪو به نظم آيل آهي، سو سڀ ڏوهيڙائي ڏوهيڙا آهي ۽ ٻه
ٽي ڏوهيڙا نموني خاطر هيٺ ڏجن ٿا:
ڏونگر اتان ڪري پوڻ ۽ شينهن ڪري تن چور
رجب ايءُ ڏک ڀلا ڄاڻ ڪر مورک سنگ نه مور،
”بي عقل کي بازار ۾ هڻجي موچڙڻ لک،
تڏهن به ان ليکي ڪک، ڪري پيو ڪلهي تي.“
(سبق چوٿون)
”رڍ ڇا ڄاڻي راڳ مان جنهن جي ٻولي ٻي،
سر منڊل جي ساز مان سانڊو ڇا سمجهي
موڳي جي مجلس کان پاڻ کڻي پلجي
جو تانگهي ۾ ٿاڦوڙا هڻي تنهن سان تار ڪيهو ترجي
جو سنڌي سمجهي ڪينڪي تنهن سان هندي ڇا هلجي.“
(سبق 22)
”صاحب سڀڪنهن سندو رتي عيب نه ڦولي ڪنهن
بندو لڪي ڪري اُبرايون، پر سائين ڏسي تنهن
جيڏو پاڻ تيڏا سندس ڏاڻ آهي سڀ جي سار جنهن
روزي هٿ رزاق جي ڏي ساجهر سوير هن.“
(سبق 39)
”تو جا ڀانئي نوڙ جي، سا وڃي وهاڻي،
ڪنهن سان نيبہ نه ٿئي ڌن، جوڀن، جواڻي
آسو آکاڻي، جڳ مڙيوئي سپنو.“
(سبق 41)
2- سنڌي چوٿون ڪتاب
هي ڪتاب مسٽر پرڀداس پنهنجي سر ٺاهيو آهي.
مضمون:
هن ڪتاب جا ٻه جلد آهن: هڪڙي ۾ 34 سبق ٻئي ۾ 23 سبق آهن، پر سبق
تمام وڏا آهن. شايد پهريون جلد چوٿين درجي ۾ ۽ ٻيو
جلد پنجين درجي ۾ پاڙهيو ويندو هو.
ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ ڪو به نظم ڪونهي، باقي پهرئين جلد ۾ ست سبق
نظم ۾ آهن، جن مان ٽن سبقن (سبق 13، 14 ۽ 15) ۾
شاه جي رسالي جي ”سر معذوري“ جا بيت آهن، باقي چار
سبق (سبق2، 8، 11 ۽ 21) ديوان اڌارام جي ٺاهيل نظم
جا آهن.
ديوان اڌارام وارن نظمن ۾ احقر تخلص ڪم آيل آهي ۽ هيٺيان ديوان
اڌارام جو نالو به ڏنل آهي. اهي چارئي نظم شاه جي
رسالي واري ”سر ڪاپائتي“ جي ڊول تي ٺهيل آهن.
مثال:
”وقت وڃيئي ٿو ائين هٿان
ڪان وڃي جئن سينگ منجهان
موٽي ملندءِ ڪين بهار
اُپٽ اکيون ڪي ٿي هشيار،
”وقت آهي تان سڀ ڪي آهه
وقت ويو تان سڀ ڪي بساه
وقت وقت کان روئندي زار
اُپٽ اکيون ڪي ٿي هشيار“
”جيڪا پوک تون هت پوکيندي
قيام ڏهان سان اُت تون لڻندين
چوي احقر تون ڪر ويچار
اُپٽ اکيون ڪي ٿي هشيار“.
(سبق 2)
نوٽ – ستن مصرعن مان ٽي مصرعون مٿي ڏنيون ويون آهن.
سچن جي ٻيڙي لڏي لڏي
ڪين ڪڏهن سا ٻڏي ٻڏي
ڳالهه اها تون دل سان هنڊاءِ
سڀڪنهن سان تون سچ ڳالهاءِ
”سچ جي ساره ڪريان آءٌ ڇا؟
سچ تي راضي رهي خدا
چوي احقر نيٺ سچ سچ آهي
سڀڪنهن سان تون سچ ڳالهاءِ“
سبق (8)
”ڪوڙي کي ويجهو ڪونه وهاري
ڪوڙي کي ڀر مون هر ڪو اٿاري
اهڙي عزت ڪوڙي آهه
ڪوڙ ڪنهين سان ڪيم الاءِ.“
”ڪوڙ ڪندين تان ٿيندين ڦڪو
جاٿئون ڪاٿئون کائيندي ڌڪو
ڪوڙ مان آخر فائدو ناهه
ڪوڙ ڪنهين سان ڪيم الاءِ.“
”جي تون ڀائين سچو ٿيان
ماڻهن ۾ آءٌ عزت لهان
چوي احقر ڏي ڪوڙ کي باهه
ڪوڙ ڪنهين سان ڪيم الاءِ.“
(سبق 21)
3- تاريخ هندستان
ماريس صاحب جي ٺاهيل انگريزي هندستان جي تاريخ جو هي ترجمو ميجر
گولڊ سمٿ صاحب جي حڪم موجب مسٽر پرڀداس تيار ڪيو
آهي. هي ديباچي ۾ لکي ٿو، ته ”پڌرو هجي، ته باب 22
۾ سنڌ جي ذڪر ۾ ۽ باب 25 منجهه پڇاڙيءَ ۾ اصلي
انگريزي ڪتاب کان ٻيءَ طرح حضور مٿئين (گولڊ سمٿ
صاحب) چڱي مطلب تي پاڻ ٿوري گهڻي مٽ سٽ ۽ ڦير گهير
ڪرائي آهي.“
عبارت ۽ ٻوليءِ
ديوان پرڀداس صاحب جو شايد هي پهريون ئي ڪتاب آهي، جو انگريزي
مان ترجمو ڪيو اٿس، هن ۾ اعرابيون ڇڊيون ڪم آيل
آهن، مگر سنديس صورت خطيءَ تي چوکي نظر ڪا نه ٿيل
ٿي ڏسجي.
ڪي لفظ هڪڙي هنڌ هڪڙيءَ طرح لکيل آهن، ته ٻئي هنڌ ٻيءَ طرح
مثلاً:
ڪٿي لکيل آهي ته هوا ته ڪٿي لکيل آهي هئا
=
=
=
ڪارآيتو
=
=
=
ڪارائتو
=
=
=
قابل
=
=
=
ڪابل (شهر)
=
=
=
مگر
=
=
=
مانگهر (منگهير شهر)
=
=
=
انڃان
=
=
=
اَڃان (اَڃا) وغيره وغيره
ڪي نالا انگريزي مان سنڌي ۾ آڻن وقت صحيح صورت خطي يا درست لفظ
نه لکيا ويا آهن. مثلاً:
اصل نالو مهابت خان لکيو ويو محبت خان
=
=
صلابت جنگ
=
= صلبت جنگ
=
=
لزين
=
=
لسبان
=
=
جنرل آئوٽرم
=
=
جنرل اوترم
=
=
ريزيڊنٽ
=
=
ريسيڊنٽ وغيره وغيره.
ڪيترن لفظن جي صورت خطي غلط لکيل آهي. مثلاً:
محلات جي بدران مهلاٽ
ذره پرزه
=
=
زره پرزه
خوش =
=
خش
سنڌي ادب جي نئين دور ۾ هي پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ ”ر“ ۽ ”ڙ“ جو
تفاوت رکيل ئي ڪونهي. مٿي ”ر“ جي بدران ”ڙ“ ته ڪٿي
”ڙ“ جي بدران ”ر“ ڪم آيل آهي.مثلاً:
پڇاڙي جي بدران پڇاري
گهيرو
=
=
گهيڙو
ڦرتائي
=
=
ڦڙتائي
آرهو
=
=
آڙهو
گڙٻڙ
=
=
گرٻر وغيره وغيره.
ڪي ڪي نج سنڌي لفظن به درست صورت خطي ۾ لکيل نه آهن. مثلاً:
ڌيان جي بدران ڌهيان ۽ دهيان
سونپيو
=
=
سوپيو
ڀاڄوڪڙ
=
=
ڀاڄوگر
وڃو
=
=
ونڃون
مڃيو
=
=
منڃيون
سائوبانئٽو
=
=
سارو باؤٽو وغيره وغيره
اهڙا مرڪب لفظ ۽ فقرا به ڪئين ڪم آيل آهن، جي لفظن ٺاهڻ جي
قاعدي ۽ اڄ ڪلهه جي محاوري ڪري اڻ سهائيندا پيا
لڳن. مثلاً:
بي هنرائتا جي بدران بي هنر
ڪاهه جٽائي
=
=
جٽادار ڪاهه ڪئي
پاڻ کي گهرندڙ ماڻهو
=
=
خود غرض ماڻهو
اڻ دل لڳڻ جهڙو
=
=
نه مڃڻ جوڳا- نه وهسڻ جوڳو
منڍوڻي خاصيت
=
=
ذاتي خاصيت
4- انگلنڊ جي تاريخ
(جلد پهريون ۽ ٻيو)
ڪتاب جي حقيقت: ماريس صاحب جي انگريزي ۾ لکيل انگلنڊ جي تاريخ
تان مسٽر پرڀداس صاحب سنڌيءَ ۾ ٻه جلد ترجمو ڪيا،
جي نارمل اسڪول جي شاگردن لاءِ درسي ڪتاب طور
منظور ٿيا.
مضمون:
هنن ٻنهي جلدن ۾ عيسوي سنه کان پنجونجاه وره اڳ جي احوال کان
وٺي ”ڪريما جي جنگ“ بعد جو پئرس جو صلح اپريل
1856ع ۾ ٿيو هو. تيستائين انگلنڊ جو سربستو تاريخي
احوال آهي.
عبارت ۽ ٻولي:
پهرئين جلد ۾ اعراب ڪا ورلي ڪم آيل آهي. باقي ٻئي جلد ۾ اهڙيون
اعرابون ڪم آيل آهن، جهڙيون ديوان ننديرام واري
سنڌ جي تاريخ ۾.
هندستان جي تاريخ جنهن جو بيان اڳي ٿي چڪو آهي، تنهن بنسبت هن ۾
لفظن جي صحيح صورتخطي تي گهڻو ڌيان ڏنل آهي، جن
لفظن جي صورتخطي هندستان جي تاريخ ۾ غلط لکيل آهي،
تن جي صورت خطي هن ۾ درست ڏنل آهي: جهڙوڪ محلات،
وقت، خوشي وغيره.
”ر“ ۽ ”ڙ“ جي درستي به هن ڪتاب ۾ گهڻي قدر ٿيل آهي. ساڳئي لفظ
کي ڪٿي هڪڙيءَ طرح لکڻ ۽ ڪٿي ٻيءَ طرح لکڻ جو
نمونو هن ڪتاب جي ٻنهي جلدن ۾ اهو ئي هليو آيو آهي
جو هندستان جي تاريخ ۾ آهي. باقي مرڪب لفظن ۾
مفقرن جي بناوت بنسبت ”هندستان جي تاريخ“ ۽
”انگلنڊ جي تاريخ، ۾ ٿورڙوئي ڪو ڦير آهي.
قاضي غلام علي ولد قاضي محمد يحى ٺٽوي
قاضي غلام علي قاضي محمد يحى جو پٽ هو. پارسي ۽ عربي ٻوليءَ جو
ماهر هو. سندس وڏا ٺٽي ۾ ۾ وڏو مدرسو هلائيندا
هئا. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ قاضي غلام علي صاحب
سنڌيءَ ۾ وڪالت به هلائيندو هو ۽ گورنمينٽ جي
پاران سنڌي ٽرانسليٽر به هوندو هو. سندس تصنيف
هندستان جي تاريخ سنڌيءَ ۾ آهي.
هندستان جي تاريخ
ڪتاب جي حقيقت: هن کان اڳ ديوان پرڀداس انندرام جي ٺاهيل
”هندستان جي تاريخ“ جو بيان ڏنو ويو آهين، سا وڏن
شاگردن جي پڙهڻ لاءِ ٺهيل هئي، پر هيءَ تاريخ ننڍن
شاگردن لاءِ درسي ڪتاب هو ۽ ديوان پرڀداس جي تاريخ
کان اڳ ۾ ٺهيل آهي. (سنه 1854ع ۾)
اردو ٻوليءَ ۾ پنڊت ديبي پرشاد جي ٺاهيل ”تاريخ هندستان“ کي
سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ سر بارٽل فريئر
ڪمشنر صاحب حڪم ڏنو جنهن موجب قاضي غلام علي جعفري
ان جو ترجمو ڪيو. پنڊت ديبي پرشاد واري تاريخ ۾
سنڌي جي سنڌ 1843ع واري ويڙهه جو سربستو احوال
لکيل ڪونه هو، تنهن ڪري اهو حوال قاضي صاحب پاڻئون
درج ڪيو آهي.
مضمون:
هن تاريخ ۾ هندن جي سورج بنسي ۽ چندر بنسي گهراڻن جي بيان کان
وٺي سنه 1849ع تائين (يعني سکن ۽ انگريزن جي وچ ۾
ٿيل ٻي ويڙهه جي فيصلي سوڌو) مختصر حقيقتون لکيل
آهن.
سورج بنسي (رامائڻ وارو زمانو)، چندر بنسي (مهاڀارت وارو
زمانو)، گوتم ٻڌ، مهانند، چندر گپت، راجا پورس،
سڪندر يوناني، راجا جي سنگها، سيليوڪس، راجا
پوشيامتر ۽ راجا وڪرما جيت جي احوال کان پوءِ
غزنوي گهراڻي کان وٺي مغل سلطنت جي بهادر شاه
بادشاهه تائين احوال ڏنا آهن. وچ ۾ مرهٽن ۽ سکن جو
بلڪل اڇاترو احوال ڏيئي پوءِ يوروپي قومن جي
ڪمپنين جي چٽاڀيٽين ۽ فرينچن ۽ انگريزن جي مقابلن
۾ ڏيهي راجائن ۽ نوابن سان انگريزن جي جنگين ۽
سوڀن جا احوال لکيا ويا آهن. لارڊ ڪلائيو جي
ڪارگذارين کان وٺي لارڊ ڊلهائوسي جي اوئالي زماني
وارين ڪاررواين جون مختصر حقيقتون ڏيئي تاريخ پوري
ڪئي ويئي آهي.
سنڌ جي تاريخ مان فقط ٽالپرن ۽ انگريزن جي تعلق ۽ مياڻي ۽ دٻي
وارين لڙاين جو چٽائي سان بيان ڏنل آهي. هن تاريخ
۾ سنيون سڌيون حقيقتون ۽ احوال لکيل آهن، منجهس
اهي سياري رمزون ۽ نڪتا ڪينهن جي ماريس صاحب واري
تاريخ (ديوان پرڀداس جي ترجمو ڪيل) ۾ آهن.
هي تاريخ انهيءَ زماني جي ٺهيل آهي، جنهن زماني ۾ نئين مقرر ٿيل
سنڌي اآئيويٽا ڪم آڻڻ جو رواج پارسي خواندن بزرگن
۾ اڃا عام جام نه هو، تنهنڪري هن تاريخ جي صورت
خطي ۽ ابو الحسن جي سنڌي واريءَ صورت خطي ۾ گهڻو
تفاوت ڪونهي.
ڪتاب ۾ صاف سنڌي مگر نج لاڙي ٻولي ڪم آيل آهي. ڇاڪاڻ جو مصنف
ٺٽي جو ويٺل هو. جو لاڙي ٻوليءَ جو مرڪز آهي.
هيٺيان لفظ خاص طرح لاڙي محاوري موجب ڪم آيل آهن:
جڏين
=
جڏهن. تڏين
=
تڏهن. ڪناس پوءِ
= کانئس پوءِ. ايڙو
= اهڙو، ڪين جيڙو
=
ڪين جهڙو. نمرو
=
تندرست، ٻان ڪرڻ
=
قيد ڪرڻ. سونگ
=
محصول يا ڍل،. اُڀٺا آهن
=
بيٺا آهن. ساٿاري
=
ڪچهري. اڏپ
=
اڏاوت. سنڀاهه
=
تياري، سانباهو. خير کين
=
سک سلامتي. ميہ (منهن)
=
بهانو. ڀونڀ
= جهاز. ڪامي
= عملدار وغيره.
ڪيترائي جاگرافيڪل نالا ۽ يوروپين آفيسرن جا نالا غلط تلفظ ۾
لکيل آهن: جيئن ته:
سرنگا پٽم جي بدران سرنگ پٽام
اليگزينڊر برنس
=
=
الڪزنڊر برنس
ڪلائو
=
=
ڪلاو
ميجر آئوٽرام
=
=
ميجر اُترم
لارڊ ايلنبرو
=
=
لارڊ النبرا
لارد ڊلهائوزي
=
=
لارڊ ڊال هوسي وغيره.
ميان غلام حسين محمد قاسم قريشي
ميان غلام حسين ٺٽي جي قريشي خاندان مان هو، سند سڏا ارغون
حاڪمن جي ڏينهن ۾ وڏا عالم ٿي گذريا آهن. انگريزن
جي صاحبيءَ جي شروعات ۾ ميان غلام حسين گورنمينٽ
جي پاران ڏيهي رياستن مان پارسيءَ ۾ لکپڙهه ڪندو
هو. سندس هڪ ڪتاب ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ سنڌي ۾
لکيل آهي جو ليٿو ۾ ڇاپيل آهي.
ڀنڀي زميندار جي ڳالهه
ڪتاب جي حقيقت: هي ڪتاب هندي ٻوليءَ ۾ پنڊت بنسي ڌر جو ٺاهيل
هو. جو سر بارٽل فريئر صاحب ڪمشنر جي حڪم موجب
ميان غلام حسين صاحب سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ڀانئجي ٿو
ته مضمون هنديءَ تان ترجمو ڪيو ويو آهي. مگر ماڻهن
۽ ڳوٺن جا نالا سنڌ جا ڪم آندا ويا آهن. هي ڪتاب
به شروعات وارن ڏينهن ۾ درسي ڪتاب هو.
مضمون:
هن ڪتاب ۾ هڪڙي ايماندار ۽ رڄ چڱي مڙس جي ڳالهه لکيل آهي، جو
اُٻاوڙي (ضلع سکر) جو ويٺل مشهور مرد هوندو هو.
جنهن جو نالو هو ڀنڀو. ان جي سچائي، نيڪ نيتي،
تحمل ۽ بي ريائي ملڪان ملڪ مشهور هوندي هئي. آسپاس
جا ماڻهو ۽ زميندار پنهنجن جهيڙن ۽ تڪرارن ۾ ڀنڀي
کي امين مقرر ڪندا هئا. پوءِ اهو جيڪو فيصلو ڪندو
هو، سو ٻئي ڌريون خوشيءَ سان قبول ڪنديون هيون ۽
ڪا به ڌر ان جي فيصلي ۾ طرفداري يا رياڪاريءَ جو
شڪ ئي نه آڻيندي هئي. هن ڪتاب ۾ ان زميندار جي چڱ
مڙسي ۽ ايمانداريءَ جي مثال ڏيکارڻ لاءِ ٽي
آکاڻيون ڏنل آهن، جن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:
(1) اٻاوڙي ۽ ماٿيلي جون زمينداريون پاڻ ۾ دنگي هيون. ماٿيلي جي
زميندارن البيلائي ڪري پنهنجون دنگ واريون زمينون
اهڙيون ڦٽائي غير آباد ڪري ڇڏيون هيون، جو حد نشان
به ڊهي ويا هئا، مگر هڪڙو پپر جو وڻ قائم هو، جو
ٻنهي زميندارين جي دنگ تي ڄڻڪ هڪڙو قدرتي حد نشان
هو.
هڪڙي سال ڀنڀي زميندار پنهنجي دنگ واري زمين جا پنج جريب اوڀائي
نالي هاريءَ کي پٽي تي پوکڻ لاءِ ڏنا اوڀائي ان
زمين ۾ وڃي هر کيڙيو ته ماٿيلي وارن زميندارن ان
کي ماري ڪٽي ڀڄائي ڪڍيو، ”چي اها زمين به اسان جي
آهي، ڀنڀي جو ان ۾ ڪو به واسطو ڪونهي.“
اوڀايو رئندو پٽيندو آيو ڀنڀي وٽ. ڀنڀي زميندار جا ماڻهو اوڀائي
جي بت تي ڌڪ ڦٽ ڏسي اچي ڪاوڙيا ۽ لٺيون ۽ ڪهاڙيون
کڻي ماٿيلي وارن سان وڙهڻ لاءِ سنڀريا، پر ڀنڀي
انهن کي نصيحت ڏيئي ٺاري وهاريو. سندس پٽواري
مينگهو صلاح ڏيڻ لڳو، ته ”پنجن ورهين جي پراڻن
ڪاغذن ۾ اوڀائي جو پٽو لکي ڇڏجي ۽ ان جو پراڻو حق
ثابت ڪري ماٿيلي وارن تي حاڪم وٽ فرياد ڪجي“. پر
ڀنڀي چيو ”ڪوڙا ڪاغذ ٺاهي ايمان وڃائجي سا ڳالهه
مون کي پسند نه آهي“. نيٺ اوڀائي کي مار ملڻ بابت
ٻه سچا اکين ڏٺا شاهد گهرايائين، هڪڙو ڳئن چارڻ
وارو ۽ ٻيو رڍن جو ريڍار، جن پپر جي وڻ شاهد مقرر
ڪيائين. پوءِ اٻاوڙي جي حاڪم کي وٺي وڃي سرزمين
ڏيکاريائين، جنهن زمين اوڀائي کي ڏياري ۽ ماٿيلي
وارن کي جوڳي سيکت ڏنائين.
(2) ڀنڀي زميندار پنهنجي نياڻي جي شاديءَ لاءِ ٽي هزار روپيا
هڪڙي واپاريءَ کان اڌار ورتا. شرط هيءُ هو، ته
پنجاه جريب زمين جا پنجن ورهين تائين ان واپاريءَ
وٽ گروي رهندا ۽ اهو واپاري زمين جي پنجن ورهين جي
پيدائش وياج جي عوض کڻندو رهندو. پنجن ورهين کان
پوءِ ڀنڀو ٽي هزار روپيا واپاريءَ کي ڏيئي اهي
پنجاهه جريب وري پنهنجي قبضي ڪندو.
|