حضرت پير رشدالله
(1860ع)
هي بزرگ پير رشيد الدين جو ٻيو نمبر فرزند ۽ جاءِ نشين هو. هيءُ
بزرگ جهڙو هو خدا شناس درويش، تهڙو هو علم جو بحر
۽ شريعت جو پابند مجاهد ۽ اهڙوئي هو پارسي ۽ سنڌي
زبان جو ڪامل شاعر.
هي صاحب هجري 1277 (1860ع) ۾ تولد ٿيو هو. سندس تعليم لاءِ سندس
والد بزرگوار وڏا وڏا عالم گهرائي پاڻ وٽ رهايا
هئا. پير ميان رشيد الله کي سجاده نشين ٿيڻ بعد
”خلافت ڌڻي“ سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ جو هو بزرگ پاڻ کي
پنهنجن وڏن بزرگن جو خليفو چوائيندو هو ۽ پنهنجي
تصنيف ڪيل ڪتاب ”ارشاد المريدين وهدايہ المتقين“
سنڌيءَ ۾ هن ڳالهه کي قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن
سان ثابت ڪيو اٿس، ته هر هڪ عالم ۽ عارف تي فرض
آهي ته اسلام ۽ مسلمانن جي ديني ۽ دنيوي سڌاري
لاءِ پاڻ کي حضرت پيغمبر ڪريم عليہ الصلواة و
السلام جن جي سچن خليفن جو خليفو ڪري سمجهي ۽ ائين
عملي زندگي گذاري. ازانسواءِ ”تحريڪ خلافت“ جي
زماني ۾ به هن بزرگ جيڪا عملي سرجوشي چپ چاپ ۾
ڏيکاري هئي. اهڙي ان وقت جي ٻئي ڪنهن به سجاده
نشين نه ڏيکاري هوندي.
هن بزرگ پنهنجي والد واري عهدنامي تي نئين سر مريدن کان بيعت
ورتي. بمبئي ۽ ٻين ڏورانهن شهرن جي مريدن کي بيعت
وٺڻ لاءِ پنهنجا خاص خليفا مقرر ڪيائين.
علمي ذوق شوق ۽ خدمت
پير ميان رشد الله علمي ۽ علمي ذوق شوق ۽ تعليمي خدمت بجاءِ
اُٿڻ ۾ سنڌ جي سڀني سجاده نشينن جو نڪ ٿي گذريو
آهي. پارسي ۽ عربي علم جي تحصيل ڪرڻ بعد هن ڪتابن
گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جا قديم شهر، جي گهڻي
زماني کان وٺي علم جو مرڪز هئا، جهڙوڪ سيوهڻ، ٺٽو،
هالا پراڻا، مٽياري، پاٽ، درٻيلو وغيره وغيره تن
مان هر هڪ شهر جي هر هڪ علم دوست خاندان جا ڪتب
خانا ناڻي سان يا ڀلائي ٿوري سان آڻي پاڻ وٽ گڏ
ڪيائين، نه رڳو ايترو بلڪ هزارها رپيا خرچ ڪري مڪي
معظم، مدينه منوره، القاهره (مصر) جي ڪتب خانن مان
عجيب عجيب ڪتاب نقل ڪرائي پنهنجي هٿ ڪيائين.
حيدرآباد دکن ۽ ڀوپال رياستن جي ڪتب خانن مان
ناياب ڪتابن نقل ڪرائڻ تي هزارها روپيا خرچ
ڪيائين، جيتوڻيڪ سندس رحلت کان پوءِ سندس پس ماندن
جي وچ ۾ تڪرار ٿيئڻ ڪري سندس ڪتب خانو گهڻي قدر
هيٺ مٿي ٿي ويو آهي، ته به هن وقت سندس هاڻوڪي
سجاده نشين پير ميان ضيا الدين صاحب جي قبضي ۾
جيڪو ڪتب خانو وڃي بچيو آهي، تنهن ۾ سترهن وڏا ڪٻٽ
آهن، جي ڪتابن سان سٿيا پيا آهن، جن ۾ هر علم ۽ هر
فن جا ڪتاب (ڇاپيل خواه هٿ لکيل) سلسلي وار قطارن
۾ موجود آهن.
پير رشد الله ايترن سارن ڪتابن کي رڳو ڪتب خاني جي سونهن ڪريو
نه رکيو ويٺو هوندو. پر رات ڏينهن ڪتابن جي مطالعه
ڪرڻ ۾ مشغول هوندو هو. نه رڳو ڪتاب مطالعه پيو
ڪندو هو، پر حاصل ڪيل واقفيت کي تصنيف جي صورت ۾
آڻيندو هو. پير صاحب عربي، پارسي ۽ سنڌي ۾ ڪل ستر
کن ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جن مان تمام ڪي ٿورڙا ڪتاب
هن وقت تائين ڇاپجي پڌرا ٿيا آهن، ٻيا اڃا دستخط
حالت ۾ ئي ڪتبخاني ۾ موجود رکيا آهن. ڪيترائي ننڍا
نهايت عمدي هدايت وارا ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکي پنهنجي
حياتيءَ ۾ ڇاپايائون، جن تي عمل ڪرڻ ڪري ڪتاب
پڙهندڙن چڱو ديني ۽ دنيوي فائدو حاصل ڪيو آهي؛
جهڙوڪ ڪتاب (ارشاد المريدين و هدايہ المتقين)
(مريدن لاءِ رهنمائي ۽ خدا ترسن لاءِ هدايت)،
”الفارقہ بين اهل الله و بين المارقہ“ (خداشناس ۽
گمراهن جي وچ ۾ تفاوت سمجهائيندڙ).
پير صاحب نه رڳو پاڻ تصنيف ڪرڻ ۾ رڌل هوندو هو؛ پر وٽس رهندڙ
مولوين کان به جدا تصنيفون ڪرائيندو هو ۽ اهي انهن
مولوين جي ئي نالي سان شايع ڪرائيندو هو. انهن
مولوين ۾ سندن استاد مولوي فتح محمد بن حاجي
عبدالله بن حاجي غلام علي بن خدا بخش بن غلام علي
بن قيصر خان نظاماڻي (ٽنڊه قيصر شهر جو باني) برک
هوندو هو، مولوي عبدالله ۽ مولوي محمد اسماعيل
وغيره تصنيفات ۾ ان سان شامل رهندا هئا. انهن
مولوين جا ٺاهيل عربي، پارسي، سنڌي ڪتاب به اڃا
ڪتبخاني ۾ دسختط رکيا آهن.
پير ميان رشد الله سجاده نشين ٿيڻ کان ٻه سال پوءِ سندس والد
واري ”مڪتب قرآن“ کي وڌائي مدرسو ڪيو، جنهن ۾ وڏي
پيماني تي پارسي ۽ عربي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ پري
پري جا طالب علم اتي تعليم اچيو حاصل ڪندا هئا.
اڍائي سئو کن طالبعلم ان مدرسي ۾ تعليم وٺندا هئا
۽ مدرسي جو ماهوار خرچ ٻارهن سئو روپيا هوندو هو.
مدرسي جو نالو ”دارلرشاد“ (رهنمائي جو گهر) هو ۽
شروعات (هجري 1319) (عيوسي 1901) کان وٺي سانده
ڏهه سال هن مدرسي جو هيڊ معلم مولوي عبيدالله صاحب
هو، جنهن جي زنده دلي ۽ حريت پسندي نه رڳو سنڌ ۽
هندستان ۾ بلڪ پري پري مشهور آهي.
پير ميان رشد الله جو ڪلام
پير صاحب جن جو پارسي ۽ سنڌي موزون ڪلام خواه ڪافيون۽ مولود
شريف توڙي ڏوهيڙا وڏي ڪتاب جي صورت ۾ موجود آهن،
جو ڪتاب اڃا اڻ ڇاپيل آهي:
شاه صاحب پارسي غزليات ۾ پنهنجو تخلص ”اواهه“ (نماڻو) ڪم آندو
آهي، باقي سنڌي غزلن، ڪافين، مولودن ۽ ڏوهيڙن ۾
پنهنجو اصلوڪو نالو رشد الله ڪم آندو اٿن.
پير صاحب جن جو سمورو ڪلام سندن وارث جيڪڏهن ڪنهن ادبي سوسائٽي
جي حوالي ڪن، ته هوند سنڌي ادب ۾ نمايان اضافو ٿي
پوي. اسين پير صاحب جي ڪلام جو نمونو هيٺ ڏيون ٿا:
غزل پارسي
منم خريده غلام تو يا رسول الله
بگوش خلقہ لا م تو يا رسول الله
نشستہ مستعدم از طواف فرقد تو
پانتظار پيام تو يا رسول الله
بده مرا بجوار مزار تو منزل
بحق آل ڪرام تو يا رسول الله
به پيش رضئه پاکت کنم بعجزو نياز
درود ورد و سلام تو يا رسول الله
مرا بحق که پس از ذکر نام او ديگر
پسند نيست زنام تو يا رسول الله
بخاطر اين ست تمناڪ ريش را جاروب
ڪنم بصحن منام تو يا رسول الله
براءِ ديده ڪنم تو تيا زتہ خاطر
زخاڪ گاهه حرام تو يا رسول الله
دريين ديار پر از فتن بنده اواه
گزيد انس ڪلام تو يا رسول الله
پير رشيد الدين
پير ميان فضل الله شاه جهنڊي واري کان پوءِ سندس ڀاءُ پير رشيد
الدين گاديءَ تي ويٺو، جنهن کي خدا تعالى اعلى
روحانيت سان گڏ شاعريءَ جي ڏات به بخشي هئي. هن
صاحب کي ”بيعت ڌڻي“ به چوندا هئا. ڇاڪاڻ جو هن
صاحب پنهنجن سڀني مريدن کان هڪڙي عهدنامي تي عمل
ڪرڻ لاءِ بيعت (انجام) ورتي هئي.
انهن اوڻيهن شرطن جي سمجهاڻي قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن سان
تفصيلوار ڪتاب جي صورت ۾ تيار ٿيل آهي، جو ڪتاب
پير صاحب جي فرزند پير ميان رشيد الله هجري سنه
1303 (1219ع) ۾ ڇاپايو هو ۽ ان ڪتاب جو نالو ”بيعت
نامو“ رکيو هو. انهيءَ بيعت جو پير صاحب جي مريدن
تي تمام چڱو اثر ٿيو هو.
پير ميان رشيد دين پنهنجي ڳوٺ ۾ قرآن شريف جي تعليم جو وڏو مڪتب
جاري ڪرايو، جنهن ۾ شاگردن کي قرآن شريف بر زبان
ياد ڪرايو ويندو هو ۽ ڪيترائي پرديسي شاگرد اتي
تعليم وٺندا هئا. ان وقت جا ڪيترائي حافظ سنڌ ۾
پکڙيل آهن.
پير ميان رشيد الله نهايت سادگي پسند بزرگ هو، هميشہ ڪاري کٿي،
ڊهو اڇو پهراڻ، هلڪي ڪانچ، هلڪو پٽڪو، سنڌي جتي
سندن لباس هوندو هو. هڪڙي ڀيري سندس وڏي فرزند پير
حامد شاه قميص پاتي هئي ته ان کي ٽوڪي اها قميص
لاهرائي ڇڏيائون.
پير رشيد الدين جو ڪلام
پير رشيد الدين جئن اعلى درجي جا درويش بزرگ هئا، تئن سندن ڪلام
به اعلى درجي جو ۽ حقيقي عشق، پيغمبر ڪريم صلعم جن
جي حد محبت ۽ روحاني نڪتن ۽ نصيحتن سان ڀرپور آهي.
سندن سمورو ڪلام صاف سنڌي ۾ آهي: ساروئي ڪلام ”علم
عروض“ جي اصولن تي نه، پر ”علم موسيقي“ جي اصول تي
ٺهيل آهي، يعني ڏوهيڙا، مولود شريف ۽ ڪافيون آهن.
ڪن ڪلامن ۾ پنهنجو سڄو نالو رشيد الدين ڪم آندو
اٿن ۽ ڪن ۾ تخلص طور ”سيد“ نالو ڪم آندو اٿن.
اهو سمورو ڪلام ”مجموعہ ڪافين جو“ جي نالي سان هجري سنه 1329
(سنه 1911ع) ۾ پير صاحب جن جي خاص مريد سيٺ حاجي
احمد پاٽولي ساڪن پڙ فقيرو شهر حيدرآباد سنڌ
پنهنجي خرچ سان ڇاپائي بنا قيمت ورهايو هو. هن وقت
اهو ڪتاب ڪنهن ورلي هنڌان هٿ اچي سگهندو. جيڪڏهن
هن وقت اهو ڪلام سڌريل ٽائيپ ۾ ڇاپايو وڃي، ته
جيڪر نج سنڌي ڪلام جي نسخي جو سنڌي ادب ۾ اضافو ٿي
پوي.
اسين پير صاحب جي ڪلامن مان نموني طور ٿورا ڪلام هت ڏيون ٿا:
(1) ڏوهيڙو:
بقا با الله جي بحر ۾ ڇوها ڇڏيائون
رحمئون رشيد چوي وڃي لنڪا لنگهيائون
سي تڙ سوٺائون، جت ناهي جاءِ جهاز جي.“
(2) ڪافي:
بيرنگ رنگ وچ آيا – سيل ڪرڻ دي ڪاڻ
1- آک ”يسعني“ ڪيتس احساني،
صورت وچ سمايا
2- ”آنا اعرف“ دا آپ الاهي،
هرجا حڪم هلايا
3- ڪوڙين عاشق ڪرن الاهين،
”رب ارني“ رک رايا
4- ويک سيد سائين رمز سڻيندي
چال چاڪان دي چلايا.
(3) ڪافي:
پورن ڪيڙيس پارا – هلي آءُ هوت پيارا
نه اٿم حال هلڻ جو موٽج محب موچارا
ڍوليا موٽج ڍٽ جا سوڍا سخن سچارا
سختي واٽ سمير جي گهيڙ گهٽيون آهن گهارا
رحمتون رشيد الدين چوي سيد لهج سنڀارا.
(5) مولود شريف
مير مڪي مهندار اي جي مولى جا مختار
مرسل منهن ڏيکاريو
1- سرور تنهنجي سڪ کان الا جڙيا سڀ جنسار
ربوبيت رب ڪئي آهي اوهان لئي اظهار
مرسل منهن ڏيکاريو. الا مير مڪي مهندار.
2- آگي عرش اُڻايو ان کي پريم سان پيزار
مولا جو محبوب تون الا درس ٿئين دلدار
مرسل منهن ڏيکاريو ------ ------
3 عاصي عاجز آهيان الا احمد تو آڌار
سائين ڪارڻ سيدا منهنجو غور ڪيو غمٽار
مرسل منهن ڏيکاريو ------ ------
4 رحمئون رشيد الدين چئي منهنجو دست ونو دلدار
عاجز عصيانن ۾ آهيان شافع ري شمار.
مرسل منهن ڏيکاريو ------ ------
پير صاحب جن جي ڪلام جي مجموعہ ۾ ٻه سو نو ڪافيون ۽ مولود، ڏهه
ڏوهيڙا، چار لوليون ۽ هڪ ڇلو آهي. هتي ڏيکاريل
نمونو يڪمشت نمونو ضرور ڄاڻڻ گهرجي.
صوفي آسورام (هالا پراڻا)
(1824ع)
ماستر آسومل عرف صوفي آسورام ساڪن هالا پراڻا هڪڙو درويشن جو
نوازيل ۽ علم وارو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي.
ولادت ۽ ننڍپڻ
ماستر آسومل تاريخ 21 مهيني اسو سنبت 1910 (1824ع) ۾ ڄائو هو.
اصل نالو آسومل هوس، پر پينشن وٺڻ ۽ فقيراڻي ويس
ڍڪڻ کان پوءِ صوفي آسورام يا ساڌو آسورام سڏيندا
هئس.
ساڌو آسورام جي پاڙي ۾ هڪڙو خدا پرست معذور درويش سيد فقير علي
شاهه نالي رهندو هو، جو معذور هوندي به اعلى درجي
جو نبض شناس ۽ حاذق حڪيم هوندو هو. وٽس بيمارن جا
سدائين ميڙ لڳا پيا هئا ۽ ڪيترائي نوجوان خواه
ڇوڪر وٽس دوائن سٽڻ ڪٽڻ جو ڪم پيا ڪندا هئا ۽
طبابت جي تعليم پيا حاصل ڪندا هئا. ساڌو آسورام
اسڪول جي تعليم وٺڻ واري زماني ۾ ان سيد جي حاضري
به پيو ڀريندو هو ۽ دوائن جي سڃاڻپ ۽ نبض شناسي جي
تعليم به پيو وٺندو هو. ساڌو آسورام کي تصوف جو
شروعاتي اثر به اتان حاصل ٿيو. هڪڙي پاسي ڌرم
شاسترن جو مطالعو، ٻئي پاسي آخونداڻي تعليم جو
اثر. ٽئين پاسي تصوف جي مضمون وارن پارسي ڪتابن جو
مطالعو ۽ چوٿين پاسي سيد فقر علي شاه جهڙي خدا
آگاه درويش جي صحبت جو اثر انهن ڳالهين ساڌو
آسورام جي دل کي سچي مذهب جي واٽ هٿ ڪرڻ لاءِ بي
قرار ڪيو. اڃا ڳرٽ جوان هو، ته مجازي عشق جي لپيٽ
به لڳي ويس، پر ما.ئٽ سکيا آسودا هئس، تن ترت شادي
ڪرايس، جنهنڪري مجازي عشق ۾ گمراه ٿيڻ جي بدران
وري سنئين رستي تي اچي ويو.
ويهن ورهين جي عمر اندر ساڌو آسورام سڄو قرآن شريف به پڙهيو ۽
انجيل به مطالع ڪيائين مگر ڪو ڪامل رهنماءِ ڪونه
ٿي هٿ آيس، جو هن جي حق ڳوليندڙ روح کي هڪ ٺڪاڻي
ڪري. انهيءَ وهيءَ ۾ هو حيدرآباد جي نارمل اسڪول ۾
ماستريءَ جي تعليم وٺڻ ويو ۽ اتان ڪاميابيءَ سان
پاس ٿي نصرپور جي اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿي ويو. اتي
سيد مصري شاه جي صحبت مان هن کي چڱو فيض ۽ قرار
حاصل ٿيو، جنهن جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو اٿس.
اتان وري جهوڪ شريف جي واقفيت مليس. پوءِ جئن جهوڪ
شريف وارن صوفي درويشن سان وڃي صحبتي ٿيو. تئن سڀ
اندر جا مونجهارا لهي ويس ۽ جهڙو سالڪ صوفي چئجي،
تهڙو بڻجي پيو توڙ تائين انهيءَ قدم تي قائم رهيو.
صوفي آسورام جو ڪلام
سنڌ جي شاعرن ۽ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ کان سواءِ ٻئي ڪنهن
به شاعر جو ايترو گهڻو ڪلام ڪتابي صورت ۾ موجود نه
آهي، جيترو صوفي آسورام جو آهي. صوفي آسورام جي
ڪلام جا ٽي وڏا ڪتاب موجود آهن:
1- ديوان آسو، 2 – رساله آسو، 3- پريم غنچه
انهن مان ”ديوان آسو“ 1897ع ۾ لکي تيار ڪيو هئائين ۽ سندس ئي
حياتيءَ ۾ ڇاپجي چڪو آهي، جو مسٽر ويڙهي مل کٽڻ مل
پبلشر بڪسيلر لاڙڪاڻه واري ڇاپي پڌرو ڪيو آهي ۽
باقي ٻه ڪتاب اڃا صوفي آسورام جا هٿ لکيل سندس
وارثن وٽ موجود آهن.
صوفي آسورام جي ڪلام جي عبارت ۽ مضمون
1- ٻولي
ٻوليءَ جي لحاظ سان صوفي آسورام جي سموري ڪلام کي ٻن ڀاڱن ۾
ورهائي سگهجي ٿو: هڪڙو اهو ڪلام اٿس جنهن ۾ يوگ
وديا ۽ ويدانت سان خاص تعلق رکندڙ اهڙآ ڏکيا
سنسڪرت لفظ ڪم آندا اٿس جن جي معنى ڪو به مسلمان
ته سمجهي نه سگهندو، پر سڀڪو هندو به ڪنهن “ڪوش“
يا ”ڊڪشنري“ کولڻ ڌاران معلوم ڪري نه سگهندو، پڻ
تصوف سان خاص تعلق رکندڙ ۽ ٻيا اهڙا ڏکيا عربي لفظ
ڪم آندا اٿس جن جي معنى ڪو به هندو ته سمجهي ڪونه
سگهندو، پر سڀڪو مسلمان به ڪنهن ”لغت“ اٿلائڻ
ڌاران پروڙي نه سگهندو.
(1) مثال
”جي ڀائين ملان محب کي ته من ۾ رک محبت
من، ٻڌ، چت، اهنڪار ڇڏي ناداني نخوت
خناس، نفس، شيطان جي لڳي قلب ۾ ڪلفت
نفس آماره جي من مان وڃائج وسعت
چار ساڌن گيان سين سچي رک صحبت.“
مضمون:
صوفي آسورام جي سموري ڪلام جو مضمون اهڙو اعلى ۽ دلچسپ آهي،
جنهن جي تعريف جيتري ڪجي اوتري ٿوري آهي.
”رساله آسو“ ڀاڱي پهرئين جي هر هڪ سٽ جو مضمون شاه جي رسالي جي
ساڳئي نالي وارن سرن جي مضمون سان لڳ ڀڳ رکيو اٿس.
فقط ”سر ڌناسري“ ۽ ”سربسنت“ جي مضمونن ۾ هي تفاوت
رکيو اٿس، جو شاه صاحب سر ڌناسري ۾ حضرت مديني جي
مير عليہ الصلاة والسلام کي صدائون هنيون آهن ۽
صوفي آسورام حضرت مديني جي مير کي صدائن سان گڏ
حضرت جيلاني بادشاه ۽ پنهنجن بزرگ مرشدن کي به
صدائون هنيون آهن.
”سربسنت“۾ شاه صاحب ديس جي حالتن موافق بهار جي موسم جا قدرتي
نظارا بيان ڪيا آهن ۽ صوفي آسورام صاحب بهاري موسم
جي قدرتي نظارن جي بيان سان گڏ هوري کيلڻ، گلال
ڇٽڪارڻ کي به روحاني رنگ ۾ ڳايو آهي.
”رساله آسو“ جي پهرئين ڀاڱي کان سواءِ ٻيو جيڪو به صوفي آسورام
جو ڪلام آهي، تنهن ۾ هيٺين مضمونن کي جدا جدا
لفظن، طرزن ۽ جدا جدا رنگن ۾ وري وري پي ڳايو اٿس:
(1) خدا تعالى جي هيڪڙائيءَ ۾ ويساه ۽ بت پرستي خواه مخلوق
پرستيءَ تي ڌڪار.
(2) خدا تعالى سان سچو عشق رکڻ ۽ دنيا جا فرض ٻاهرين اکرين پورا
ڪرڻ.
(3) مرشد ضرور وٺڻ ۽ مرشد جي هدايتن موجب هلڻ.
(4) دنيا جي فنائي ۽ روح ۽ رب جي تعلق جو دائمي بقاءُ.
(5) يوگ وديا، ويدانت ۽ تصوف جي ڀيٽ ۽ سڀني مذهبن جو مقصد ساڳيو
سمجهڻ.“
(6) فقيريءَ سان تعلق رکندڙ هدايتون ۽ نصيحتون.
هت فقط نموني خاطر صوفي آسورام جي ڪلامن مان ٿورڙا چٽڪا ڏيون
ٿا.
(1) خدا تعالى جي هيڪڙائي
ڀڄن (سر شام ڪلياڻ)
دين ڪفر سڀ ڇوڙ سياڻا
صاحب سڀ تي نيارا
1- الڳ الله هڪڙو ئي آهي سو قادر ڪلتارا،
پاڻ ۾ پاڻ کي ڏس پيهي کولي اندر جا تارا.
2- هر جا حاضر آهي ڏس تون ”ونحن اقرب“ اشارا،
باقي بقا تنهن پاڻ ڌڻي کي ٻيا فاني جگ سار.ا
3- لا ابالي سرڪار تنهين جي ڪنبندو رهج هوشيارا،
ڪنهنکي ڪهائي ڪنهنکي نوازي عجب سندس اسرار.
4- ”آسو“ قلب اجارج سچ سان ٻيا ڪر دور خسارا،
”لا“ جو ترهو کڻ تون سنگي ٻيا ناهن ڪي چارا.
(پريم غنچو)
پٿر نه پوڄ
ڀڄن (سر جوڳ)
مول ڇڏي جو پڪڙي ڏاري
تنهن جي سڌ گم ٿئي ساري.
1- ڌڻي نه سوجهي پٿر کي پوڄي
اندر تنهنجي انڌ انڌاري........
2- ”الف“ بنان ٻيا اکر اجايا
”آسو“ سٽ سا آهي ساري......
رساله آسو ڀاڱي پهرين مان ٻه ٽي ڏوهيڙا
1- سو ٿيو اثبات- جڏهن هيءُ ٿيو گم هن ۾،
نڪا دوزخ بهشت جي حورن سندي تات،
ويئي ذات ۽ بات – آسو انهن جسن مان.
(يمن ڪلياڻ)
2- ٻل ٻيڙيءَ ڇڏيو ڏنو پيس ڏنگو،
آلات الڙي آسو چوي ڍيري ٿيو ڍنگو،
شال م ٿئي ونگو – ڦرهو هن ڦٽل جو،
(سر راڳ)
3- رکيو شاه عنايت الله هادي سنڌ تي هٿ،
اڏاڻو آڪاس ۾ جنهنجو روحي رٿ،
ملي وڏي وٿ – آسوءَ کي احسان سان.
4- غوث اعظم اوليا آهي عبدالقادر،
دادلو درگاه جو مانجهي منور،
جنهن کان طريقو قادري سربستو صادر،
واهر ڪندو ور – اوکيءَ ۾ آسو چوي.
5- اهل الله اوليا آهي عبدالملڪ،
جنهن جو ٻنهي جهانن ۾ جهومر جهلي جهلڪ،
تنهن کي نمي فلڪ – سوڀيا رسايئين سنڌ کي.
(سر ڌناسري)
”ديوان آسو“ مان ڪي نظم
مٺو ٻول
ٻول جو ٻولين مڪان سو ٻول سڀ،
ڪينڪي آکج ڪڏهن منهن سان ڪڀ.
ملڪ گيري ٿا چون شيرين زبان،
ٻاٻري ڪانڊي ڪنڊي جئن ڪيم چڀ،
ٺاهه ڪو ويري جي من سيتل هجي،
پوءِ ويريءَ جي فڪر ۾ ڪيم ڌڀ،
پاڻ جي آهي ڀلو تان جڳ ڀلو؛
دل و جان سان منجهه پر اپڪار رڀ.
ري فضل آگي جي آسو ناه نيت؛
ڪئن پوي اڳڙي جي ڦاٽي پيوءِ اُڀ.
(غزل 14)
صلاح وٺ
پاڻ ڏاهو جي هجين ته به نيڪ وٺ ٻئي کان صلاح،
ڇو ته ڪم پورو ٿيئڻ ڏاڍو ڏکيو ڌاران صلاح.
پارا ڪرڻ جو پيو بس پرجهه آهي پنڌ تو،
پاتڻي کي سڏ ڪرڻ سيڻهه نه ڇڏ هٿ مان صلاح.
هڪ ڪپر ٻيو ڪن جا ڪڙڪا ٽيو ڪچايون ڪيتريون،
سير سالم تان لنگهڻ کڻ سنڍ سچ جو تان صلاح.
لهر ليٽايا لکين ٻيڙا اڃا پيو اوجهرين،
سمهه نه سک ٿي هت پون ٿا هل ۽ هنگامان صلاح.
جوپ رک ڳن ونجهه اولا سڙه رسا کوها سکان،
سڙ رساڻي سو سونهرن کڻ تار اونهي تان صلاح.
ڀؤ نه ڀولو آه آسو جن ڀڄن ڀڳوان ڪيو،
ڪين ٻڏنديون هڏ ڪڏهن جن جي ٿي ساهڙ سان صلاح.
(غزل 52) |