سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 32

 

مولوي عبدالغفور همايوني

(1844ع – 1918ع)

مولوي صاحب سنڌ جو هڪ مشهور عالم ٿي گذريو آهي جنهن جون 2 تصنيفون اسان جي هٿن ۾ پهچي ويون آهن. هڪ آهي فتاوى همايوني ۽ ٻيو آهي سندن ديوان. هي بزرگ 1261 هجري بمطابق 1844ع ۾ همايون ضلع جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو، سندن آباد و اجداد وڏا عالم ٿي گذريا آهن. جن وٽان ئي مولوي صاحب جن علم حاصل ڪيو هو. عالم هئڻ سان گڏ پيري مريديءَ جو سلسلو به قائم رکندا آيا. کين هڪ وڏو دارالعلوم  هوندو هو. جنهن ۾ ناياب پارسي ۽ عربي ڪتاب هوندا هئا، جي اڄ تائين موجود آهن. سندن مدرسي ۾ پري پري جا شاگرد اچي علم حاصل ڪندا هئا ۽ درس ڏيندي ڪڏهن ڪڏهن سندن اهڙي حالت ٿيندي هئي جو ايزدي جوش محبت ۾ مٿن سڪون جاري ٿي ويندو هو، جنهن جي لاءِ پاڻ پنهنجي شعر ۾ هئن ٿو فرمائي.

1-      باه ڀڙڪي بره جي دل تي اٿيا ڏاڍا اڌام،

اي اکيون پاڻي وجهو ڳوڙهن سندو تنهنتي مدام.

2-     وصل جو وعدو ڏنو تو بت ٿيو آ باغ باغ،

ڏک مڙيئي ڏور ٿيا سک ڏنا ساري سلام،

منجهه وڇوڙي يار جي هو بت اسان جو بيقرار،

دل گهڻيون دانهون ڪيون ٿي ننڊ نيڻن جي حرام،

يار مفتون ڏي ڏسو مرڪي هميشہ دمبدم،

ڪانه ٿس ٻي هير محبت آ غلامن جو غلام.

 سندن تخلص ”مفتون“ هو. سندن شعر جي رواني ۽ جوش الفت جي جدت هيٺئين مشهور شعر مان سج وانگر پيئي بکي.

1-      تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،

زندان هزارين مان نه رڳو.

2-     تنهنجي جلوه جمال جي عشوه گري،

ٿيا ملڪ مطيع وسيع وري،

ڇا جن و ملائڪ حور پري،

دربان هزارين مان نه رڳو.

3-     ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا،

مخمور غفور مسرور سندا،

تنهنجي نور حضور ظهور سندا،

نگران هزارين مان نه رڳو.

4-     ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا،

ڪيئي ناز مز مريد ڪيا،

ري ناڻي ديد خريد ڪيا،

سلطان هزارين مان نه رڳو

5-      ماه لقا محبوب مٺا،

تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،

ٿيا دامن گير امير و گدا،

حيران هزارين مان نه رڳو.

6-     دلبر پيا نور نظر

مسرور عالم مفتون سير

ٿيا توتان تارا شمس و قمر

قربان هزارين مان نه رڳو.

مٿيون غزل مرصع آهي جنهن جي تتبع تي ڪيترن ئي شاعرن ڪوششون ڪيون پر مفتون جي درجي تي اڃا ڪونه آيو آهي. هي ته آهي جوش ۽ جذبو جنهن جي اڌمي هي شعلو پيدا ڪيو آهي. ٻئي هنڌ پنهنجي حقيقي دوست جي وصف ۾ هڪ انوکو شعر چيو اٿس جنهن جهڙو اسان جي نظر تي اڃا ڪونه چڙهيو آهي. سنڌي ته بجاءِ خود پر اردو به اهڙي هام نه هڻي سگهندو.

1- تنهنجي صورت گل گلاب چوان،

يا ملڪ سندو مهتاب چوان

تنهنجي منهن مٺي کي ماه چوان

يا مسجد جو محراب چوان

تنهنجي قد سڌي کي ڪان چوان

يا لفظ الف ايران چوان

يا سرو شهي جي شان چوان

تنهنجي لعل لبن کي لال چوان

يا عقيق يمن جي مثال چوان

يا قند چوان يا سرخ رنگين عناب چوان

دل مفتون جي کي مست چوان

مست سو روز الست چوان

يا باز بره جي دست چوان

يا شوق سندءِ ۾ ڪباب چوان.

هي شعر بيدل جو تتبعو آهي. بيدل جو سوز گداز ۽ رقت يگانگي درجي تي آهي مگر مفتون به ساڳي طرز تي درد جو اظهار ڪيو آهي.

مولوي صاحب جي تصنيفات مان ”فتاوى همايوني“ هڪ مشهور معروف ڪتاب آهي جو سند طور ڪم ايندو آهي، جنهن مان سندس علم ۽ فضائل جي روشني سنڌ کي مالا مال ڪري ٿي. سندس ٻيو ڪتاب ديوان مفتون آهي جو اڳ ۾ ڇاپيو آهي پر هن وقت ناياب ٿيندو ٿو وڃي.

مولوي صاحب 1336 هجري مطابق 1918ع ۾ وفات ڪئي ۽ سنڌ جو هڪ ادبي چراغ گل ٿي ويو.

 

سنڌ جو آفتاب ادب

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ

(از مولانا حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي)

سنڌ جي ملڪ ادب جو تاج ور مرزا قليچ

بحر معنى جو عجب در و گهر مرزا قليچ

صاحب علم و عمل ۽ صاحب فضل و ڪمال

صاحب خلق نبي هو سر بسر مرزا قليچ

عالمن جو شمس هو ۽ هو سيوطي سنڌ جو

صاحب تصنيف ذي شان اثر مرزا قليچ

صالح و مصلح هو ۽ هو صلح ڪل هر دلعزيز

عابد و زاهد هو ۽ هو راهبر مرزا قليچ

صورت و سيرت ۾ الحق بي مثال و بي نظير

هو بزرگ وقت ۽ والا گهر مرزا قليچ

عمر جو هر پير سال ۽ همت و دل جو جوان

پارسا پرهيزگار و پر هنر مرزا قليچ

سنڌ جو منهن ڪيئن مٿي تصنيف ۽ تاليف سان

سنڌ ۾ ساهت جي گهر جو کوليو در مرزا قليچ

عمر ساري صرف ڪيائين علم جي خدمت ۾ واه

سنڌ ۾ ساهت وڌايو خوبتر مرزا قليچ

هوا سندس آڏو ستارا سنڌ جا ساهت نويس

آسمان سنڌ جو شمس و قمر مرزا قليچ

هئي سنديس ڪڪ و قلم ۾ واه جا قدرت رکيل

هو وهائيندو قلم شام و سحر مرزا قليچ

سنڌي ساهت تي سندس احسان آهن بيشمار

جي ابو هو ڪو ادب جو، هو مگر مرزا قليچ

علم جا آثار ٿيا مرحوم جي اڄ يادگار

زنده جاويد آهي ۽ امر مرزا قليچ

خنده رو فرخنده خو خوش طبع خوشدل خوش مزاج

نيڪ فال و خوش خصال و خوش سير مرزا قليچ

محسن و مشفق هو سڀني تي ۽ هو منصف مزاج

صاف دل صوفي مزاج و صافتر مرزا قليچ

رحمتون رب جون هجن شل روح تي ان جي سدا

شال ماڻي لطف سان جنت ۾ گهر مرزا قليچ

سنڌ جي قديم خواه جديد اديبن ۾ مرزا جو درجو ممتاز آهي. جيتري سنڌي ادبي خدمت هن صاحب ڪئي آهي، اوتري ڪنهن به ٻئي نه گذريل زماني ۾ ڪئي آهي ۽ نه هلندڙ زماني ۾. هو سنڌي نثر جو علم بردار آهي. هن کان اڳ ۾ ننديرام، ڪيولرام، ڪوڙي مل سنڌيءَ ۾ بامحاوره ڪتاب جدا جدا مضمونن تي لکيا، پر جننهن تيزي ۽ روانيءَ سان مرزا صاحب سنڌي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا تن جو اندازو اهو ڪري سگهندو جنهن اهي ڪتاب نظر مان ڪڍيا هوندا. ناٽڪ ۽ ناول نويسي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. مشهور ناٽڪ نويس شڪسپير جا ڪيترا ڊراما ترجمو ڪري سنڌي ادب جي کوٽ جي پوءِ واري ڪيائين. ناٽڪ نويسي علم ادب جو هڪ مکيه جزو آهي جنهن ڏانهن اسان جي سنڌي اديبن جو توجه بلڪل گهٽ آهي مرڳو آهي ئي ڪونه. انهن ناٽڪن ۾ مرزا صاحب پنهنجي شعر سان اصليت به قائم رکي آهي. سنڌي ناولن ۾ زينت بلند پايه جو ناول آهي جنهن جهڙو مثال اڃا سنڌ ۾ ظاهر ئي ڪونه ٿيو آهي. قصا ڪهاڻيون ته اڪيچار لکيون اٿس. جن جو بيان اڳتي ڏنو ويندو. مرزا صاحب ڪيترا ڪتاب ٻئن ٻولين مان ترجمو ڪري سنڌي ادب جو شان بلند ڪيو آهي، جهڙا تاريخ نويسيءَ ۾ ڪتاب لکيا اٿس تهڙا جدا جدا مضمونن ۾ انساني اخلاقن تي تصنيفون مرتب ڪيون اٿس. مطلب ته جهڙي سنڌي ادب کي نثر جي کوٽ هئي، اوترو قلم کي جنبش ۾ آڻي سنڌي ادب ۾ اضٰافو ڪيو اٿس. ائين به چوڻ جائز آهي ته مرزا جي نثر جي عدم موجودگيءَ ۾ سنڌي نثر هڪ بيجان هستي آهي. مرزا جي تصنيف ايتري گهڻي ۽ بلند پايه جي آهي جو ماڻهو حيرت ۾ پئجو وڃي ته هن صاحب کي پنهنجي منصب کان ايتري فراغت ڪئن ملي جو هيترا گهڻا ڪتاب لکيائين. مرزا صاحب جي خدمت نه رڳو نثر نويسي تائين محدود آهي، پر آئينده جي نسل لاءِ اها رهنمائي ڪري ويو آهي جنهن جو شڪريه قوم کي هر موقعه تي ڪرڻو پوندو. بي – اي، ايم – اي جي نصاب ۾ سنڌي هجيئي نه ها، جيڪڏهن اهو سنڌ جو علم بردار رهنمائي نه ڪري ها.

مرزا صاحب نه رڳو نثر نويس هو، پر نظم ۾ يگانو هو. شعر جي سڀنن شعبن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس ۽ سندس برابري رڳو سانگي ڪري سگهيو آهي. رباعيات ۾ سنڌ جو عمر خيام آهي. مرثيه گوئي ۾ ثابت علي شاه کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي. قصيده نويسي  ۾ بي مثال شاعر آهي. قاسم قصيده جي شروعات  ڪئي، پر قليچ هن جي تڪميل ڪئي.

 

 

شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ صاحب

(1853ع – 1929ع)

شمس العلماءِ مرزاق قليچ بيگ جو ڏاڏو جارجيا ۽ گرجستان (ايشيٽڪ ٽرڪي) جي گادي طفلس جي آسپاس رهندڙ هڪڙو جاگيردار عيسائي امير هو. ايران ۽ گرجستان جي جنگ ۾ هو عيال سميت جنگي قيدي ٿي ايران ۾ آيو هو. ان جو پٽ مسٽر سڊني جو ان وقت ٻار هو، سو به ساڻس گڏ جنگي قيدي هو. ايران جي هڪڙي جاگيردار سيد مرتضى شاه، مسٽر سڊني کي پاڻ وٽ پٽيلو ڪري رکيو ۽ کيس مسلمان ڪري مٿس نالو رکيائين. فردون بيگ. تن ڏينهن ۾ سنڌ جي حڪومت مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي هٿ ۾ هئي.

سنڌ جا ٽالپر حاڪم جڏهن جڏهن ڪن سرڪاري ڪمن خاطر پنهنجا ايلچي ايران ڏي موڪليندا هئا، تڏهن انهن جي هٿان انسان سهڻا ۽ سلڇڻا ڇوڪر به گهرايو وٺندا هئا، جي گرجي جارجين هوندا هئا، ڇاڪاڻ جو اهو ملڪ حسن ۽ سونهن جي ڪري مشهور هوندو هو. اڳي به ڪي گرجي ڇوڪر ٽالپرن وٽ آيل هئا، جهڙوڪ مرزا خسرو بيگ، مرزا محمد باقر بيگ، مرزا قربان علي بيگ ۽ مرزا رستم بيگ. مير ڪرم علي خان جو هڪڙو ايلچي ايران ۾ وڃڻ وقت اصفهان شهر مان سيد مرتضى شاه کان مرزا فريدون بيگ کي، جو اڃا ننڍي عمر جو ڇوڪر هو، وٺي آيو ۽ اچي مير ڪرم علي خان جي درٻار ۾ پيش ڪيائين، جنهن ان کي پاڻ وٽ پٽيلو ڪري رکيو ۽ مرزا خسرو بيگ جي سنڀال هيٺ ڇڏيائينس. جو ان وقت نوجوان هو. جڏهن مرزا فريدون بيگ وڏو ٿيو، تڏهن مرزا خسرو بيگ پنهنجي نياڻيءَ سان شادي ڪرايس. جنهن مان مرزا فريدون بيگ کي ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون. انهن پٽن مان ٽيون نمبر پٽ مرزا قليچ بيگ هو.

ميرن جي صاحبي ٽٽڻ کان پوءِ مرزا فريدون بيگ ٽنڊه ٺوڙهي ۾ وڃي رهيو جتي تاريخ 4 محرم هجري سنه 1270 مطابق سنه 1853ع ۾ مرزا قليچ بيگ تولد ٿيو.

مرزا قليچ بيگ قرآن شريف، پارسي، عربي ۽ سنڌي جي تعليم وٺڻ کان پوءِ حيدرآباد سنڌ جي سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ انگريزي تعليم ورتي. اتان مئٽرڪ امتحان، پاس ڪرڻ بعد بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج.”بي- اي“ امتحان جي تعليم وٺڻ آيو؛ پر آخرين امتحان ۾ ناپاس ٿي پيو ۽ موٽي پنهنجي وطن ۾ آيو. مرزا صاحب کي پهريائين مختارڪاريءَ جو عهدو مليو ۽ پوءِ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيو. ٽيهه ورهه نوڪري ڪري سنه 1910ع ۾ پينشن ورتائين.

مرزا صاحب ٽي شاديون ڪيون هيون، انهن ٽنهي گهرن مان ڪل يارهن فرزند ۽ ٽي نياڻيون ٿيس.

مرزا صاحب پنجهتر ورهيه جي عمر ۾ سنه 1929ع جي جولاءِ تاريخ 3 تي وفات ڪئي.

مرزا صاحب جون علمي خدمتون

سنڌ ۾ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جيتري قدر علمي ۽ قلمي خدمتون ڪري ويو آهي، اتريون هن وقت تائين سنڌ جي ٻئي ڪنهن به اهل قلم نه ڪيون آهن. هو جهڙو هو اورچ نثر نويس، تهڙوئي هو روشندل شاعر هر قسم جي مضمون جا ڪتاب انگريزي، پارسي، عربي ۽ ڪيترا ڪتاب پاڻئون تصنيف ۽ تاليف ڪيا اٿس. اخلاقي، مذهبي روحاني، تاريخي ڪتابن سان ڪيترن ئي عجيب ۽ نصيحت آميز ناولن، ناٽڪن ۽ عام واقفيت جي ڪتابن سان سنڌي لٽريچر کي ڀرپور ڪري ويو آهي. سندس تصنيفات نه رڳو سنڌي زبان ۾ آهي، پر ڪي انگريزي نثر ۽ نظم ۾ به ڪي ڪتاب لکي ويو آهي. سندس ٺاهيل ڪتاب، جي ڇاپيل آهن. تن جو تعداد ڏيڍ سو کان زياده ٿيندو. ايترو ئي تعداد اڃا دستخط لکيل (اڻ ڇاپيل) سندس وارثن وٽ موجود آهي.

مرزا صاحب جي تصنيفات جون مڪمل ياداشتون ڪتاب ”قرب قليچ“ ۾ درج ٿيل آهن هت فقط ڪن ڪجهه مکيه ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا.

چندن هار ڀاڱو ٻيو_ املهه ماڻڪ ڀاڱو ٻيو، موتين جي دٻلي ڀاڱو ٻيو، سوداءِ خادم ڀاڱو ٻيو، ڪشف اعجاز ترجمه ”گلشن راز“ پرشن جيمس انگريزي

1924ع        طب مطبوع ۽ مخزن منظوم، مثنوي ترڪيب الانسان، شاهنامي وارا شاه_ وامق ۽ عذرا_ سائنس جا عجائب غرائب ڪم_ علم رمل مفتاح الرمل_ منهنجو عجيب قدرتي گهر_ خواب ۽ تعمير نامو.

1925ع        منتخب المعلومات_ انساني سڌاري جي شروعات_ انگي حساب 4 ڀاڱا

1926ع        عملي مذهب_ مصرنامو_ڪامل انسان _ مجمع المذاهب _ چين ۽ چيني ماڻهو _ شرح ديوان قاسم ۽ فاضل _ ۽ ماڻهو ڪيئن ٿا ڄمن 7 ڀاڱا.

1927ع        بابل ۽ نينوا _ حضرت سليمان _ سچي مردانگي، گلدسته حمد و ثنا_ لسان الغيب _خطبا_ مطلع الانوار _ مثنوي مخزن الاسرار_ بدر منير ۽ بينظير _ صلح ڪل _ نا ڄاولن ماڻهن جا روح ٻه ڀاڱا _ فقه جا عجيب مسئلا _ ماڻهو پنهنجو پاڻ طيب _ انسان جا محافظ ۽ موت کان پوءِ حيات _ عالمگير مذهب _ گلستان معرفت.

1928ع        ٻڌو ۽ ڏسو _ غزل ۽ ڪافيون _ دنيا جي مختصر تواريخ _ ديوان قليچ _ باب ۽ بابي _ مولانا جلال الدين رومي _ ٽالپرن جي صاحبي (انگريزي ۾) خزانه زرينه فارسي _ ڪامل انسان_ زيب النساءِ سلطان علاو الدين ۽ راڻي پدمڻي_ پٽ ڄڻڻ پنهنجي وس_ علم موسيقي _ حسن ۽ عشق ۽ ان جا ڪرشما 2 ڀاڱا _ حسينه.

مرزا قليچ بيگ جا جوڙيل ڪتاب

ديني ڪتاب:

1- مفتاح القرآن پارسي، 2- راه نجات، 3- علامات القرآن، 4- ڪيميائي سعادت، 5- لطيف معرفت، 6 – حقائق الارواح، 7- اسلامي رسالو، 8 – اسلامي تعليمي ڪتاب چار ڀاڱا، 9- حالات الاوليا، 10- مقالات الاوليا، 11- ڪرامات الاوليا، 12- صداقت الاسلام، 13- زاد الا آخرت، 14- نصيحت نامه امام غزالي، 15- ميراث المسلمين، 16- مجالس الشهداءِ، 17- انجيل مرقس ۽ متى ۽ زبور، 18- ردتثليث، 19- ضمان الفردوس، 20- يوسف ۽ فاطمه، 21- اشعارالقرآن، 22- در نجف.

اخلاقي ڪتاب:

1- مقالات الحڪمت، 2- علم اخلاق، 3- تهذيب الاخلاق، 4- جواهر الاخلاق، 5- گلشن الاخلاق، 6- اخلاق القرآن والحديث، 7- اخلاق النسا، 8- اخلاق صوفيه، 9- خود ياوري، 10- فرايض انساني، 11- روحاني تعليم.

تاريخي ڪتاب:

1- تاريخ سنڌ، 2- تاريخ محمدي، 3- رستم پهلوان، 4- پارسي زبان جي تاريخ، 5- شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال، 6- رساله ڪريمي (شاه ڪريم جو احوال)، 7 – ثابت علي شاه شاعر جو احوال ۽ مرثيا، 8 – سنڌي زبان جي تاريخ، 9 – ڏاڙهياري جبل جو سير.

زالن جا ڪتاب:

1- اخلاق النسا، 2- صحت النسا، 3- تعليمي حڪمت، 4- هدايت النسوان.

ناٽڪ ۽ نقل:

1- خورشيد، 2- بڪاولي، 3- ليلى مجنون، 4- نورجهان، 5- نادر شاه، 6- شڪنتلا، 7- حسنا دلدار، 8- شاه ايليا، 9- شمشاد مرجانه، 10- گلزار ۽ ٺوڳي، 11 – نيم طبيب ۽ نيم ملا، 12- انڪوائري آفيسر، 17- شيخ چلي اڱڻ مسخرو، 18- حرڪت مان برڪت.

قصا يا ناول:

1- دلارام 2- دلپسند قصا (ٻه ڀاڱا) 3- زينت، 4- موهني، 5- گلن جي ٽوڪري، 6- حاجي بابا اصفهاني، 7- سنڌ باد جهازي.

علمي ڪتاب:

1- علم دستور المعاش 2- پوک ڪرڻ جو علم ۽ هنر 3- باغ ۽ باغباني 4- جانور 5- پکي 6- عالم آلي 7- سرندڙ ساه وارا 8- حشرا الارض 9- عجائب غرائب 10- عالم خواب 11- مقناطيس حيواني 12- اسرار حڪمت 13- عالم ارواح.

شعر جا ڪتاب:

سودائي خام، رباعيات عمر خيام، ابڪارا لافڪار (پنج ڀاڱا) گرجي نامه.

متفرقه:

مخزن القوامي، دلپسند لطيفا (ٻه ڀاڱا)، لغات لطيفي، سر سهڻيءَ جي تشريح.

انگريزي ڪتاب:

ليير آورس (شعر)، هسٽري آف سنڌ (ٻه جلد)(، اسلامڪ ٿياسفي، پرشن پرسڊي، پرشن ايٽيمالوجي، لائف آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي، فئلالاجيڪل ڪويريا سٽيز، پرشن جيمس (شعر ٻه ڀاڱا).

 

مرزا صاحب جا ڪي خاص نظمي ڪتاب

مرزا صاحب جا نظم ۾ ٺاهيل ڪتاب گهڻيئي آهن، جن جا نالا شامل ٿيل ياداشت مان روشن ٿيندا پر اسين هت فقط سندس ٽن چئن خاص نظمي ڪتابن بابت ڪجهه لکڻ مناسب ٿا ڄاڻون، جن جي بيان ڌاران مرزا صاحب جي شاعريءَ جو بيان نامڪمل ليکيو ويندو.

(1) سودائي خام

مرزا صاحب پنهنجي ننڍڙيءَ وهيءَ کان وٺي پيريءَ تائين جيڪي ناٽڪي ڪتابن لاءِ عاشقانه ۽ اخلاقي شعر ٺاهيا آهن، يا جيڪي فرمائشي نظم، صوفيانه ڪلام زماني جا تجربا، پنهنجي ڏک سک جا احوال ۽ عام واقفيتون نظم ۾ بيان ڪيون آهن، سي ٻن جلدن ۾ گڏ ڪري مٿن نالو رکيائين ”سودائي خام“ ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو. پهريون ڀاڱو ڇاپيل آهي ۽ ٻيو ڀاڱو اڃا اڻ ڇاپيل آهي.

”سودائي خام“ ۾ سمايل شعر کي چئن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) پارسي شعر (2) اردو شعر (3) سنڌي ۽ (4) متفرقه اشعار.

منڍ ۾ پارسي شعر ڏنل آهي، جنهن ۾ مرزا صاحب پنهنجن بزرگن جي وفات جون تاريخون ۽ ولادت جي سنه بابت قصيدا، قطعا ۽ رباعيون لکيون آهن.  تنهن کان سواءِ ويهارو کن غزل، ٽيهارو کن خاص رباعيون ۽ مفردات لکيا اٿس. جن ۾ عاشقانه، صوفيانه ۽ اخلاقي مضمون ۽ ڳجهارتون خواه هزليات لکيل آهن. سنڌي شاعرن ۾ مرزا صاحب جيترو ۽ ان جهڙو عمدو پارسي شعر ٻئي ڪنهن به شاعر جو شايع ٿيل نه آهي، بنان کٽڪي چئي سگهجي ٿو ته سودائي خام واري پارسي شعر ۾ سنڌي شعر کان وڌيڪ نزاڪت، پختگي ۽ ميٺاج رکيل آهي.

اردو زبان ۾ مرزا صاحب جا پنڌرهن کن غزل ”سودائي خام“ ۾ داخل آهن، جن جي ساخت به سنڌي غزلن کان وڌيڪ پختي ۽ لذيذ آهي. انهن غزلن ۾ رڳو عاشقانو ڪلام آهي.

سو کن سنڌي غزل جي ”سودائي خام“ ۾ آهن، تن مان ڪي ٿورا غزل مرزا صاحب جن جا وڏي عمر ۾ لکيل ڏسجن ٿا نه ته ٻيا سڀ سندس ننڍپڻ ۽ ڦوه جوانيءَ جي وقت جا ٺاهيل آهن. انهن غزلن جو گهڻو انداز مرزا جن پنهنجن ناٽڪن ۾ ڪندو هو جتان نقل ڪري ”سوداءِ خام“ ۾ داخل ڪيو اٿس.

متفرقه اشعار ۾ ڏوهيڙا، ڪافيون مخمس، مسدس ۽ ترجيح بند ڏنل آهن ۽ ڪي فرمائشي شعر جهڙوڪ آفيسرن جي مرحبا جا غزل ۽ جلسن جشنن جي موقعي لاءِ راڳ يا تعليم کاتي جي درسي ڪتابن لاءِ ٺاهيل نظم به متفرقه اشعار ۾ شامل آهن.

(2) ديوان قليچ:

مرزا صاحب تي جڏهن سندس ڪن دوستن زور رکيو ته پنهن جو ڪم ”ديوان“ (غزلن جو ڪتاب) تيار ڪر، تڏهن پنهنجا سمورا سنڌي غزل ۽ سنڌي قصيدا جي سودائي خام جي ٻنهي جلدن ۾ آيل هئا، سي درست ڪري ”الف بي وار“ ”ديوان قليچ“ ۾ داخل ڪيائين ۽ جن جن رديفن وارا غزل سودائي خام ۾ موجود نه هئا، سي نوان تيار ڪري ”ديوان قليچ“ مڪمل ڪيائين.

مرزا صاحب پنهن جي وفات کان فقط چار مهينا اڳ ”ديوان قليچ“ کي جوڙي راس ڪيو هو، تنهن ڪري اهو ديوان اڃا اڻ ڇاپيل آهي، مگر پڪ آهي، ته اهو علمي ۽ اخلاقي خزانو جلد ئي شايع ٿي ويندو.

”ديوان قليچ“ ۾ ڪل چار سؤ ٽيٽيهه غزل ۽ قصيدا آهن، سڀ سنڌي زبان م آهن. ڪو به پارسي يا اردو غزل ”ديوان قليچ“ ۾ داخل نه آهي.

(3) رباعيات عمر خيام:

عمر خيام جون پارسي رباعيون دنيا ۾ مشهور آهن، يورپ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ان جا ترجما (نظم خواه نثر ۾) آهن.

مرزا صاحب مرحوم جنهن جي منشا هوندي هئي ته هر نموني جي مضمون (نظم خواه نثر) سان سنڌي ٻوليءَ کي ڀرپور ڪجي، تنهن هنن پارسي رباعين جو سنڌي رباعين ۾ ترجمو ڪيو آهي.

رباعي پنهنجي شعر جو تمام ڏکيو نمونو آهي ۽ سنڌ ۾ رباعي ساز شاعر ڪي ٿورڙا آهن، پر پارسي رباعي کي سنڌي رباعيءَ جي صورت ۾ آڻڻ، اهڙيءَ طرح جو هر هڪ پارسي مصرع جو مضمون سنڌي مصرعه ۾ سمائجي اچي. وزن به ساڳيو قائم رهي ۽ سنڌي به سليس ڪم اچي، سو وڏو ڪمال چئجي.

هيٺ نموني خاطر ٻه رباعيون ڏيون ٿا (اصل ۽ ترجمو) جن تي غور ڪرڻ سان آسانيءَ سان سڀڪو چئي سگهندو ته مرزا صاحب ڪو معمولي شاعر نه هو، پر ڪماليت رکندڙ شاعر هو.

(1) اصل.

اين دهر که بود مدتي منزل ما

نامد بجز از بلا و غم حاصل ما

افسوس که حل نه گشت يک منگل ما

رفتيم و هزار حسرت اندر دل ما.

(ترجمه)

هن دهر ۾ جت هئي اسانجي منزل

ٿيو ڪين سواءِ غم جي ٻيو ڪي حاصل

افسوس! اسان جي حل نه ٿي هڪ مشڪل

وياسون ۽ رهي هزار حسرت منجهه دل.

(2) اصل

امروز تو دست رس فردا نيست

وانديشئه فردا بجز سودا نيست

ضايع مکن ايندم ار دلت شيدا نيست

که اين باقي عمر را بقا پيدا نيست

(ترجمه)

اڄ توکي سڀان جي دسترس اصلاح ناه

۽ فڪر سڀاڻيءَ جو سواءِ سودا ناه

هي دم نه وڃائي جي اٿئي دل بيدار

هت باقي عمر کي بقا پيدا ناه.

پارسي رباعيون پنج سئو آهن، پر مرزا صاحب يڪ مشت نمونه خروار موجب فقط هڪ سئو ٽيهه رباعيون سنڌيءَ م ترجمو ڪيون آهن.

(4) ڪشف اعجاز:

مولانا سعد الدين محمود شبستري جو ٺاهيل مثنوي گلشن راز مشهور آهي، جنهن ۾ تصوف جا ڳوڙها نڪتا ۽ روحاني عجيب گفتا ڏنل آهن. مثنوي گلشن راز جي جهڙي پارسي زبان ڳوڙهي، تهرو مضمون، پر مرزا صاحب هر هڪ پارسي مصرع کي سنڌي مصرع ۾ آڻيندو ويو آهي: سنڌي به وري سليس.

ڪتاب جو اصل نالو گلشن راز (ڳجهو باغيچو) پر مرزا صاحب سنڌي ترجمه تي نالو رکيو آهي ڪشف اعجاز (ڏکي ڪم جي پڌرائي) سچ پچ ته تصوف جا ڏکيا ڳوڙها راز مرزا صاحب سنڌيءَ ۾ کولي پڌرا ڪيا آهن. انهيءَ ساري ڪتاب جي ترجمه ڪرڻ ۾ فقط هڪ هفتو لڳو هوس، جو ڪتاب جي ڳوڙهائيءَ جي نظر تي تمام ٿورو وقت چئبو. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ مرزا صاحب چوي ٿو:

ٿيو پورو هتي هي گلشن راز

جنهين ۾ عشق جو ٿيو سوز ۽ ساز

ڪيو مون ترجمو سنڌيءَ ۾ ان جو

لڳايم ان ۾ پورو هڪڙو هفتو

اصل جو نانءُ ٿيو جڏهن گلشن راز

ڪيو مون هن جو نالو ڪشف اعجاز

اسين ڪشف اعجاز جا ٽي چار بيت هيٺ ڏيون ٿا. انهيءَ لاءِ ته ناظرين ڪشف اعجاز جي سواد کان واقف رهن. ڪن صوفي بزرگن تصوف ۽ روحانيت تي پندرهن سوال مولانا شبستري کان پڇيا هئا. سڄي گلشن راز ۾ فقط اهي پندرهن سوال ۽ انهن جا جواب ڏنل آهن، انهن پندرهن سوالن مان هڪڙو سوال هي آهي:

سو آهي ڪير جو چئي ٿو انا الحق؟

چيو جنهن ائين، سچو هو يا هو احمق؟

اصل ڪتاب ۾ جواب ڊگهو ڏنل آهي، پر اسين ان جواب جي مغز وارا ٻه ٽي بيت ڏيون ٿا:

انا الحق سان کلي سيو مطلق ٿر،

سو حق ري ڪير ٿو چئي جو اناالحق؟

آهن ذرا سڀئي عالم جا منصور

ڪڏهن تامست بي خود ڪڏهن مخمور

پڇين جي نفس پنهنجو تون ڪپہ جئن

ته پڻ حلاج وانگي تون به چئين تئن

ڪپهه پندار جي ڪڍ پنهنجي ڪن مان

ندا ساڳئي ٻڌين هر شيءِ جي واتان

(5) املهه ماڻڪ:

مرزا صاحب جا ترجمه ڪيل نظمي ڪتاب ”موتين جي دٻلي“ به جلد (رباعي شعر ۾) ۽ ”چندن هار“ به جلد (قطعہ شعر ۾) عجيب آهن، پر املهه ماڻڪ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

مرزا صاحب ”چندن هار“ ۽ ”عجيب جواهر“ ۾ انگريزي شاعرن جا چونڊ نظم سنڌي ۾ ترجمو ڪيا آهن، پر املهه ماڻڪ ۾ عربيءَ، پارسيءَ ۽ اردو شعر جا فقط فرد (مفردات) ترجمو ڪيا اٿس هر هڪ فرد ۾ فقط به مصرعون ٿينديون آهن، پر انهن ٻن مصرعن ۾ ايترو مضمون سمائجي ايندو آهي، جنهن جي شرح يا تفسير لاءِ جيڪر ڏهن ٻارهن مصرعن واري غزل جي ضرورت ٿئي.

املهه ماڻڪ ۾ ڪل هڪ هزار ٽي سئو چوهٺ فرد لکيل آهن، مضمون جي نظر تي هر هڪ فرد سچو پچو املهه ماڻڪ آهي. اسين هت نموني خاطر فقط پنج فرد ڏيون ٿا.

(1)

نماڻائي ۽  نرميءَ سان دسي سگهندين تون دشمن کي،

ڪري نرمي ٿي ڪيري باه تي آخر چڙهي ويهي.

(2)

جڳائي ماٺ ڳولڻ لاءِ نت عمدن خيالن جي

جو موتين لاءِ ٽوٻي کي به پورڻ وات لازم آه

(3)

جوانيءَ ۾ عبادت لاءِ تون جهڪ

جڏهين ڪاٺي سڪي، ٿئي ڪين ٻيڻي

(4)

ڦر سان ڀريل درخت کڻي سگهندو سر نه آه

سرڪش اهو ئي وڻ آهي جنهن ۾ ثمر نه آه

(5)

جي لوه ٿي پوين تان پڻ ٿجئين تون آئينو

ڀلي ٿي جيڪي وڻئي، پر صفا رکج سينو.

نوٽ- املهه ماڻڪ جا به ٻه جلد آهن، جن مان هڪڙو ڇاپيل آهي، تنهن ۾ هڪ هزار اٺ سئو اٺانوي فرد آهن.

مرزا جي شعر جو مضمون

مرزا صاحب جي ڪلام ۾ ايراني شاعريءَ جي مصمون جو نقل به گهڻو ڪم آيل آهي ۽ خود ساختو مضمون به جام سمايل آهي. صوفيانه مضمون ۽ عشق مجازي واري مضمون ۾ گل و بلبل، لاله و سنبل، خط و خال، زلف و ڪاڪل ايراني شاعري واري مضمون جو نقل آهن، جي پنهنجي سچي حال حقيقت لاءِ لباس طور ڪم آندا ويا آهن. باقي انساني زندگي ۽ دنياوي ڪاروبار بابت فيلسوفانه خيالن وارو گهڻو تڻو مضمون مرزا صاحب جو خود ساختو مضمون آهي.

سنڌ جي شاعرن پنهنجن ڪلامن ۾ جيڪي دستوري مضمون ڪم آندا آهن. جهڙوڪ عشق حقيقي، عشق مجازي، اخلاق و نصيحت، فطرت نگاري، سيرت نگاري، هجو، مدح، ظرافت سي سڀ مرزا جي ڪلام ۾ موجود آهن، جئن سنڌ جي ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ مٿيان مضمون ٽڙيا پکڙيا پيا آهن تئن مرزا جي ”ديوان قليچ“ ۾ به آهن، بلڪ ڪن ڪن سبقن بابت ڪتاب ”ڪشف اعجاز“ ۽ ”مخزن اسرار“، اخلاق و نصيحت ۽ زماني جي وهنوارن بابت ”موتين جي دٻلي“،”چندن هار“ ۽ ”املهه ماڻڪ“، ظرافت ۽ کل ڀوڳ بابت ”هزليات“.

مرزا صاحب جي ڪلام مان جدا جدا مضمونن جا ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

صوفيانه مضمون

روحاني ترقي:

”ترقي روح جي طبعي ٿي اصل حقاني

رهان آءٌ باقي جي هر حال ۾ ٿيان فاني

اول جمادي هئس پوءِ ٿيس نباتي آءٌ

نباتي روح ڇڏي پوءِ ٿيس آءٌ حيواني

مٿس جڏهن وري حيوان ٿي، ٿيس ماڻهو

جو رح هو اڳي حيواني ٿيو سو انساني

مرڻ کان ڪين ڊڄان، جو ٿيان ٿو آءٌ بهتر

بشر جڏهن ٿي مران ٿيان ملڪ آءٌ روحاني

اڃا اڏامان مٿي، ٿي ملڪ مران جي آءٌ

جو ”ڪل شيءَ هالڪ“ ٿيو امر رباني

اچي نه وهم ۾ جيڪي، اهو ٿيان آءٌ پوءِ

ملائڪن مان ڪريان پاڻ کي جي قرباني

انهيءَ کان پوءِ عدم ۾ وڃان، جتان آيس،

”اليهه راجعون“ ان دم ٿيو حڪم قرآني

انهيءَ طرح آهي فرمايو مولوي رومي.

”قليچ“ کي ٻڌي اي قول آهه حيراني.“

دوست تنهنجي دل ۾:

(رباعي)

ڇو حسن جي بازار ۾ پيو سير ڪرين،

دلبر پنهنجو پاڻ سان لڪو لايو وتين،

غيرت نه اٿيئي شرم نٿو توکي اچي،

هو توکي ڏسي ۽ تون ٻين کي پيو ڏسين.

هر جاءِ حاضر محبوب:

”هر جڳهه جاني! آهي جلوه نمائي تنهنجي“

هر طرف دوست آهي ديده ڪشائي تنهنجي.

ذري ذري ۾ رهي تنهنجو ظهور و ظاهر،

اهه منجهه ارض و سما صاف صفائي تنهنجي

(ديوان قليچ)

عشق مجازي جو مضمون

مجازي مان حقيقي عشق:

”ڊپ يا دلاسو ڏي نه مون کي هن جهان جو،

واعظ! آءٌ واقف آهيان حديث ۽ قرآن جو.

اڪثر ٿئي ٿو عشق شروع هت مجاز مان،

پوءِ ٿئي وڃي حقيقي جزو جسم جان جو.“

 

مجازي معشوق جا ماڻا:

(غزل)

”ماڻا ڪري نه مار سڄڻ! تون ذري ذري.

پاڻان نه ڪر پيارل مون کي پري پري.

مون ڪيو ڪسڻ قبول مگر ڪو قياس ڪر،

خنجر وهاءِ حلق تي قاتل هري هري.

هيڪر نهار نيڻ کڻي ناز سان پرين،

وئي عمر انتظار ۾ آزيون ڪري ڪري.

هر دم هنجون وهائي ڪري ياد تو کي دل،

ڳالهيون ڪرڻ هزار ڳڻن جون ڳري ڳري.

دلبر اچي ڪو ڏيج دلاسو قليچ کي،

محبت ۾ تنهنجي محب مٺا پيو مري مري.

اخلاقي مضمون

ماءُ ۽ پيءُ جو ادب:

(مثنوي)

ادب ماءُ ۽ پيءُ جو آهي ضرور

ڪجو ڪونه يارو انهيءَ ۾ قصور

انهن کان ٻيو ڪو به بهتر نه آهه

بزرگيءَ ۾ تن جو ڪو همسر نه آهه

نه هو عقل يا زور تو ۾ جڏهن

ڪئي پرورش تنهنجي ٿي تن تڏهن

رهيو رات ڏينهن تن کي ٿي هيءُ خيال

”خدا خوش اسان جو رکج نونهال“

هو تڪليف سڀ پاڻ سهندا رهيا

ڏکن ۾ تنهنجي سار لهندا رهيا.

ڏسي توکي ڏک ۾ ٿين هو ڏکي

سکيو توکي ڏسندي ٿين هو سکي.

رکيو ايترو پيار تو سان جنهين

جڳائي رکڻ توکي راضي تنهين.

نهٺائي ۽ نماڻائي:

(غزل)

”بزرگ اصل سي جي نماڻا ۽ نيچ

وڏي وٿ آهي سمجهجن ٿا جي هيچ

منڊيءَ جو شرف چيچ کي ٿو ملي

مگر آڱرين ۾ ننڍي آهه چيچ،

وڏي کيٽ ڪلراٺي کان ٿي ڀلي

اها ٽڪري سالم چڱي جنهنجي پيچ

ڌئي شہ پيادو ڪري راند مات

ڪري باند طرفين جي بازي زيچ.

ننڍو پاڻ کي ڄاڻ ڪر نياز نت

سر افرازي حاصل ڪرين جي قليچ.“

(ديوان قليچ)

ڏکن پٺيان سک:

”ٿي ٿئي رحمت خدا جي خلق تي زحمت کان پوءِ،

منزل راحت اچي ٿي منزل آفت کان پوءِ.

(سودائي خام)

فطرت نگاري

برف باريءَ جو نظارو:

برف پئي ملڪ ٿيو سفيد صفا،

ڀرجي ويئي ڄڻ اڇن گلن سان هوا.

ٿا اڏامن اڇا ڪبوتر ڄڻ

دڙٻي پنهنجي کان ڀلجي سڀ جي ويا.

پئي ڀڄي آسمان جي جانڊه

۽ اٽو هارجي پيو هرجا.

آسمان آهه ڄڻ پڃارو ٿيو

۽ ڪپهه ٿو پڃي هوا ۾ يا.

نه ڏٺو اهڙو جنهن نظارو قليچ

رهي دنيا اندر ڪيو تنهن ڇا؟

(ديوان قليچ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org