1- سامي کهر گهر، تنهن ۾ کهر اگهر ٿئي؛
من ٻڌ1،
واڻيءَ2، کون پري اندرين3 اگروچر4.
2- مارڳ5 چورائي، پيو پانڌيڙو پنڌ ۾،
سامي چڙهيو سير تي6 ساگر سڪائي؛
ويٺو وانجهي7 پٽر سان ستہ8 نئون لائي؛
ڊنا مک کائي امرت9 ڦل آڪاس10 جا.
3- عجائب اسرار، غيبي ڏنو گيان سان،
اوديا11 تي عاشق ٿيو، سامي سنڍ جو ٻار؛
جنهن جو روپ نه رنگ نڪو انگ آڪار؛
سڀني ۾ سنسار، رچي مچي نت رين12 ۾.
ساميءَ جي سلوڪن ۾ ڪي ڏوهيڙا ٻين فقيرن جا به گڏ وچڙ آهن، جن ۾
انهن فقيرن جا نالا پيل آهن، تنهن کان سواءِ
ساميءَ جي سلوڪن جي طرز عبارت ۽ انهن ڏوهيڙن جي
طرز عبارت ۾ گهڻو فرق آهي.
جهڙوڪ: سلوڪ نمبر 299 کان 304 تائين لاڳيتا ڇهه ڏوهيڙا عنايت
شاه جا آهن، تنهن کان سواءِ موهن، مينگهو ۽ دادو
فقيرن جي نالي وارا ڏوهيڙا به گڏيل آهن.
نظم جو نمونو:
سامي صاحب جا سلوڪ باقاعدي ڏوهيڙا آهن. سلوڪ جي ٽنهي جلدن ۾ ٻن
مصرعن وارو ڏوهيڙو ڪو ورلي ڪم آيل آهي نه ته سڀ ٽن
چئن مصرعن وارا ڏوهيڙا ڪم آيل آهن. چئن مصرعن کان
وڌيڪ مصرعون به ڪنهن ڏوهيڙي ۾ ڪم آيل نه آهن.
جئن ڀٽائي صاحب، گرهوڙي صاحب، سچل فقير وغيره جي ڪن ڪن ڏوهيڙن
جون ماترائون قرآن شريف جي آيتن، حديثن ۽ مقالن
ڳنڍجڻ ڪري مقرر تعداد کان وڌي وڃن ٿيون، تئن سامي
صاحب جي ڪنهن به سلوڪ ۾ وڌيل نه آهن، ڇاڪاڻ جو
سامي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي به ويد، پران شاستر؛
گيتا وغيره ڌرمي ڪتاب جو جنسي منتر يا ڪا تڪ ڪم نه
آندي آهي، جيتوڻيڪ سندس ڪلام ۾ اپنشد، گيتا، يوگ
سوتر، نادر سوتر، ڀاڳوت پراڻ وارا خيال ۽ رايا
گهڻي قدر سمايل آهن.
قافيه بنسبت سامي صاحب جا ڏوهيڙا بلڪل پختا آهن. ڪنهن ورلي سلوڪ
۾ قافيه جي هم آزاديءَ جو اصول ترڪ ٿيل آهي، مگر
اهڙي فروگذاشت ڪنهن به درويش جي ڪلام ۾ عيب نه
ليکبي.
ٻولي:
سامي صاحب شڪارپور شهر جو ويٺل هو، تنهن ڪري سندس ڪلام ۾ گرامر
جا محاورا ۽ ورجيسون به ڪيترن ئي هنڌن اهڙيون
ساڳيون آهن، جهڙيون سچل سائينءَ جي ڪلام ۾. مثال:
1- توڙي لک لڳن چاٽان1
صرف حساب جون،
2- ساکان2 سنتن جون ٻڌي هٺ کون3 ڪين هٽي.
3- خاوند ڪين ڳڻي4، اوڳڻ هن اڻاس جا،
گهيءَ کي کڻي5، برد سڃاڻو پنهنجو،
4 آهن اگم اپار راهان6 رام ملڻ جون.
2- سامي صاحب هيڪي عام صوفيانه خيال يا خاص ويدانتي اصول پنهنجي
ڪلام ۾ ڪم آندا آهن، تن ۾ سنسڪرت لفظ ۽ هندو ڌرم
جا محاورا تمام گهڻي انداز ۾ ڪم آندا اٿس، جن جو
نمونو مضمون وارن مثال طور ڏنل سلوڪن ۾ پيش ٿيل
آهي، تنهن هوندي به نج عربي ۽ فارسي لفظن جي به
سامي صاحب جي ڪلام ۾ ڪا کوٽ ڪانهي. مثال:
محبتي مطلب، ڪنهن سان رکن ڪينڪي،
رهي جنجي روح ۾ راتيان ڏينهان رب،
ڳالهيون ڪن ”عرش“ جون ”عجائب عجب“؛
توڙي لائي ”لقب“، ته به ”مست“ رهن مهران ۾.
ازانسواءِ ڪامل، ملڪ، مالڪ، ثابوت، سبق، حافظ، احمق، اشارو،
طبق، عين عشق، ورق، واقف، مرشد، مريد ۽ خاص وغيره
عربي لفظ به سامي صاحب جي ڪلام ۾ ڪم آيل آهن.
3- ڪيترا عربي ۽ فارسي لفظ به سامي صاحب اهڙن غلط اچارن ۾ به ڪم
آندا آهن، جهڙا غلط اچارن ۾ اڻ پڙهيل هندو ماڻهو
عام طرح اهي ڪم آڻيندا آهن. سامي صاحب ”غلط العام
صحيح“ جي غلط تلفظ ۾ ڪم آندا آهن. يا قافيه ۽
تجنيس حرفي جي پورائي لاءِ اهڙا غلط تلفظ يا اچار
ڪم آندا اٿس. ڪي مثال ڏجن ٿا:
1- ”کوجي1 “ لڌو ”کوج2“ پرچي پريم نگر جو،
ٻڌائين ”ٻانڀڻ“چوي تنهن ۾ سهنج ”سروج3،“
هردي منجهه ”هروج4“دوستن ڪري دوست جو.
(شلوڪ 367)
2- مينائون محبوب جي سامي سڀ ”رجا5“
کوڙي ”کاموشي6“ ۾ ويٺا ڌيان ڌجا،
ملي ڪن ”مجا7“، سنہ سڌ سروپ سان.
(شلوڪ 504)
4- ڪٿي ڪٿي سامي صاحب اهڙي صاف ۽ سٺي سنڌي به ڪم آندي آهي، جهڙي
شاه ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۾ ڪم آيل آهي.
1- جنهن کي نينهن نرم، موڙي ڪيو مرم سان،
مٽيو تنهن جي من مان ڀولائو ڀرم،
ليءَ ڏٺائيون لک ۾”سامي“ سڀ عالم،
دوس ورائي دم، خالي کڻي ڪونڪو.
2- اٿئي مهانگو، ”سامي“ سودو پريم جو.
جي توکي خواهش خريد جي ته سٽ سر هو سانگهو
پرچي پاءِ ڳچيءَ ۾ گلا جو گانگهو.
لنگهي پؤ لانگهو، ته مطلب ٿيئي من جو.
3- اکين منجهه اوطاق، آهي يار مجيب جي،
سدا پسن سڪ سان محبتي مشتاق،
جي جيئندي ٿيا جڳ کون، ”ٻانڀڻ“ چئي بي باڪ
خلوتين جي خاڪ، لائي ويٺا لعل ٿي.
عبارت:
عبارت جو سينگار ۽ فصاحت بلاغت جي اسباب به نسبت سامي صاحب جو
ڪلام بلڪل عمدو آهي. رواجي پهاڪا شاه ڀٽائي صاحب
جي ڪلام ۾ جيتري قدر سمايل آهن، اوتري قدر سنڌ جي
ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ نه آهن، باقي سهڻا
سهڻا ۽ روزمره جي گفتگو ۾ ڪم ايندڙ ”اصطلاح“ سامي
صاحب جي ڪلام ۾ بيشمار آهن. ”تشبيهون“ ۽ ”استعارا“
به بلڪل عجيب عجيب ۽ دلچسپ ڪم آيل آهن. لفظ ۽
معنوي صنعتن جو خاصو انداز سامي صاحب جي ڪلام ۾
سمايل آهن. اسين هت نموني خاطر ٿورا مثال پيش
ڪريون ٿا:-
1- جنهن کي ”پريم پٽي“سامي ”پاڙهي“ ست گروءَ،
ويٺو ”کيپ کٽي“، سچ، وسنئن جي وچ ۾.
2- تنهنجي مهر ميان سان ”لنءَ لنءَ“ سڀ ٺاري“،
”تار منجهان تاري، ڏيئي هٿ همت جا.
3- ”ٻانڀڻ جنهن ”ٻڌو“ لنو سان ”لڪ“ ڇل ڪري،
ڳڻي ڪين اندر ۾. ”ڪوسو“ ۽ ”ٿڌو“؛
4- سياڻن سجاڳن جا ڏسي ”نيڻ ٺريا“؛
5- ”سامي اڻ گهريو“نت ”گهاٽ گهڙي“ آڪاس ۾.
(1) ”پريم پٽي پاڙهڻ“
=
عشق جي ڏات بخشڻ (2) کيپ کٽڻ
=
سوڀارو ٿيئڻ (3) لنءَ لنءَ ٺارڻ
=
تمام خوش ڪرڻ (4) تار منجهان تارڻ
=
سخت ڏک کان ڇڏائڻ (5) همت جا هٿ ڏيڻ
=
همتائڻ (6) لڪ (سندرو) ڇڪي ٻڌڻ
=
تيار ٿيئڻ (7) ڪوسو ٿڌو نه ڳڻڻ
=
ڏک ۽ سک جو خيال نه ڪرڻ (8) نيڻ ٺرڻ
=
دل تمام خوش ٿيئڻ (9) اڻ گهڙيا گهاٽ گهرڻ
=
بيهودا ويچار ڪرڻ.
تشبيهون:
1- رهن منجهه جهان سدا اليپ ”ڪنول جان“
”ڪنول“ يا ڪوڻيءَ جو گل تار پاڻيءَ واري ڍنڍ ۾ ٿيندو آهي. ڍنڍ
جي پاڻيءَ ۾ ڪيترو به چاڙهو ٿيندو، ته به ڪنول گل
پاڻيءَ کان ”اليپ“ مٿڀرو بيٺل نظر ايندو آهي.
خداشناس انسان دنيا جي ڪيڏي به گهمسان ۾ هوندا، ته
به دنيا جي خرابين کان هو ائين اليپ رهندا، جيئن
ڪنول گل تار پاڻيءَ ۾ هوندي به پاڻيءَ کان الڳ رهي
ٿو.
سامي صاحب اها نج ديسي ۽ عمدي تشبيهه ڪم آندي آهي.
2- ساڌو سنگ ويو، وديا سنسو جيءَ جو،
جئن ”رنگيءَ ڪيٽ“ کي جوڙي ”ڀڙنگ“ ڪيو، چئبو آهي، سا گهرن جي
ڀتين جا ڇتين ۾ مٽيءَ جو گهر ٺاهيندي آهي ۽ ”ڪيٽ“
(ڪنئون) آڻي ان عجيب گهر ۾ وجهندي آهي. ڪجهه وقت
اهو ”ڪيٽ“ (ڪنئون) گهونگهڻي جي پرورش هيٺ رهڻ کان
پوءِ فطرتي طرح چيلاٽو بڻجي، انهيءَ ننڍڙي گهر مان
اڏامي نڪرندو آهي. ساڌوءَ جي سنگت جي اثر ڪري چيلي
(مريد) جي اندر مان اوديا (جهالت) جو اجايو خيال
مٽجي وڃي ٿو ۽ هو به ساڌو بڻجي پوي ٿو. انهيءَ
تبديل کي ڀڙنگي جي پرورش ڪيٽ جي حالت ۾ تبديل ٿيئڻ
جي تشبيهه ڏني وئي آهي، جا نج ديسي ۽ اعلى درجي جي
فطرتي تشبيهه آهي.
پنهنجي پوک سنڀار، پراڻي ”پيهي“ تي چڙهي،
”کميا کانڀاڻي“ سان ڪڍي ڪلپت جهار،
ڏيئي واڙ ويساه جي، تن سامي ڀرم نروار،
تان کڻي بيحد ٻار انڀئي کٽ ”انجا“ جو.
(ش 116)
”سلوڪ يا جڳت“ (فقيري حالت) کي ”پوک“ ”من يا دل“ کي ”پراڻو
پيهو“ ۽ ”نجات يا مڪتي“ کي ”اناج“ سڏيو ويو آهي،
اهي ٽيئي عمدا استعارا آهن. ”پراڻي پيهي تي چڙهڻ“
جي معنى ڪنايه طرح آهي ”من“ کي مطيع ڪرڻ.
”کميا“ (حلم) کي کانڀاڻيءَ“ سان ”ڪلپت“ (اجايا خيال) ”جهار“
(پوک زيان ڪندڙ پکين) سان ۽ ويساه (يقين)“ کي ”واڙ
(لوڙهي) سان تشبيهه ڏنل آهي.
روحل فقير
هي بزرگ صوفي شاعر ڪلهوڙن جي وقت ۾ گذاريندو هو ۽ ڪجهه وقت
سرڪاري ملازم به هو. سندس اصل وطن ٿرپارڪر ضلع ۾
هو جتان پوءِ لڏي اچي خيرپور رياست ۾ ڪنڊڙي شهر ۾
گذارڻ لڳو.
روحل فقير پارسيءَ ۽ عربيءَ کان چڱيءَ طره واقف هو ۽ هندي
ٻوليءَ ۾ چڱي دسترس حاصل ڪئي هئائين. جوڌپور رياست
۾ جوڳي فقيرن سان چڱيون رهاڻيون ڪيون هئائين،
جنهنڪري هنديءَ ۾ ڪيترائي ڏوهيڙا چيا اٿس جي هڪڙي
پستڪ جي صورت ۾ آهن جن جي ڀاڱن کي جدا جدا نالا
آهن. ڏنل: مثلاً من پڙلود- پريم گيان ۽ انڀو؛ اهي
هندي دهرا ڪيئن گڏ ٿيا ۽ ڪنهن گڏ ڪيا تنهن جي لاءِ
ڪيتريون ئي مشڪوڪ ڏند ڪٿائون ٻڌجن ٿيون ۽ انهن
هندي دهرن ۾ ڪهڙا ڪيترا دهرا خاص روحل جا آهن. اها
ڳالهه به اڃا تحقيقات طلب آهي.
روحل فقير جي دوهي جو هڪ مثال
جنم جنم ڪا دکهه مٽا ار جنم ڪو باپ
سڀ تن پاون هو رهيا جب درسيو آتم باپ،
روحل سرائڪيءَ ۾ گهڻوئي شعر چيو آهي ۽ سندس سي حرفيءَ مان هڪ
حرف (ث) جو مثال ڏجي ٿو:
”ث“ ثابت ڪر التر جامي جي تون عاشق ٿيوين،
شوق شراب رندان دي مجلس پليل ديوچ پيوين.
سنڌي ۾ فقير صاحب چڱو پختو ڪلام چيو آهي، جو تمام مقبول آهي.
سندس شعر ”وحدت نامه“ تصور جي نڪتن سان مالا مال
آهي. روحل جي ڪيترن بيتن مان شاه وارو رس حاصل ٿئي
ٿو.
وحدت نامه مان ڪي بيت
پڙهڻ پرجهڻ پاڻ ۾ وڏو فرق ڦير،
ڪاڏي منهن محبوب جو ڪاڏي اکر اير،
ساڻ سهائيءَ سج جي موافق ٿيندو مير،
جن صحيح سڃاتو پير روحل رات تن کي.
جن کي عشق اندر ۾ تن کي اڃ نه بک
وحدت منجهه وصال جي ٿا سدا ماڻن سک
ڏور تنهين تون ڏک جي روحل رتا روح ۾.
دلپت صوفي
دلپتراءِ حيدرآباد جو هڪ مشهور صوفي ٿي گذريو آهي. سندن اصل وطن
سيوهڻ هو ۽ پوءِ سانگي سان ميرن جي حڪومت ۾
حيدرآباد ۾ پنهنجي گروءَ ڀائي آسرداس وٽ اچي رهيو.
درگاه جهوڪ شريف جو خاص معتقد هو، تنهن ڪري سال
بسال اتي ڪيترا مهينا وڃي گذاريندو هو. پارسي ۽
سنسڪرت ٻولين مان چڱي طرح واقف هو. جهوڪ ۾ رهڻ ڪري
شاه ڀٽائيءَ جي ڪلام جو اثر مٿس گهڻو پوڻ لڳو ۽
پاڻ به سنڌي بيت چوڻ لڳو. سندس سنڌي ڪلام پروفيسر
ٺڪر 1038 ۾ ڇاپائي پڌرو ڪيو آهي. دلپت هنديءَ ۾
ڪيترو ڪلام چيو آهي جو اڃا ڇاپيو نه آهي، مگر اهو
ڪلام حيدرآباد جي مشهور آسرداس واري ٽڪاڻي ۾ محفوظ
آهي. دلپت صوفيءَ جو ڪلام سوز وارو ۽ ناصحانه آهي
۽ سندس عبارت پختي ۽ عام فهم آهي.
1- پيهي وڃ پاڻ ۾ ڇڏي پنهنجو پاڻ،
ڏيئي آديسي الک جو اندر ۾ اهڃاڻ
جا کي رلين روهن ۾ نانگا ناٿن ڪاڻ،
پري ڳولڻ پرينءَ کي اهو ڄٽن سندو ڄاڻ،
آهي سائين توئي ساڻ، ’دلپت‘ دائم دل ۾.
2- جن ترڪ ڪيو طمع کي سنياسي سيئي
ڇڏي هليا نعمتون قيمتي ڪيئي
ويراڳين وجود مون واشنا ويئي
تن پاڻ پڇي پانهنجو رانول دل ريهي
گهڙي ويا گهٽ ۾ جفا جيءَ ڏيئي
دلپت ڏٺائون الک کي پاڻ ۾ پيهي
سي نانگا سڀ نيهي،ناٿ نوازيا نينهن سان.
3- اوڍي لباس لڱن تي ڪيئه زالن جهڙو زيب
مايا ميڙي مهنت ٿئين ڪري فند فريب
ڇل ڪيو تو موڳا موهين رانول ڪري ريب
مايا ڪارڻ پاڻ بچايئه عالم ڏيئي آسيب
ڪڍ ڪاپڙي قلوب مون کوٽا خام خريب
وٺي واٽ گروءَ کون ٿيءُ گگن ۾ غيب
تان علعون ۽ عيب آديسي وڃن اندر جا.
4- جي اٿئي پياس پرينءَ جي تان سر سنباهي هل
پئي محبت مچ ۾ جانب لئه تون جل
سڪ سوز پرين جو سڌڙين کي نه سل
جئن جئن واچين ورق تون تئن تئن پوي ول
پڻي ڪين ولهي ايهو هاسيءَ جهڙو هل
پهه لڳي پڙهين جي ڀوري هڏ نه ڀل
هوت اٿيئي هنج ۾ ناحق روهه نه رل
چڙهه نيزي نينهن جي تان ويجهو ٿيئي وصل
’دلپت‘ عشق اصل، ملي سودي سر جي.
5- نڪو محبت جهڙو مامرو نڪو سڪڻ جهڙو سور
ساڙي وڌو ساه کي پل پل پرين پور
چيري چچري چت کي چشمن ڪيو چور
دوست منهنجي دل کون شال نه ٿئي دور
”دلپت“هنئين حضور، شال سدا هووي سپرين.
6- اٿيئي نازڪ ناتو نينهن جو ادب ۾ ٿي آءٌ
محبت جي ميدان ۾ پير پختو پاءِ
اتي ناهي سڌڙين جي ڪائي جنبڻ جاءِ
عشق آتش مچ ۾ اڀو پاڻ پچاءِ
تا رچي ايندين ريهه سان برهه باهه منجهاءِ
مڙڻ آهي مهڻو مرڻ مر اداءِ
سڪ نه آهي سٿري جان لاتيءَ تان نباهه
ثابت سر سنباهه، ”دلپت“ اڳيون دوست جي.
7- جي اٿيئي سڪ پرينءَ جي تان ڏي سنباهي سر
سڪڻ ۽ سورن جي کڻج ساڻ سمر
ڪس ڪاتيءَ ڪلال جي کڻي ڪاريهر جان ڪر
ڏي سر سٽ ۾ گهايل گهار ۾ گهر
”دلپت“ پڪيءَ پر، پني ڪندي پيڙ جي
8- جي اٿيئي سڪ سري جي تان طمع ڇڏ تمام
ويراڳ وساءِ وجود ۾ ڪر ڪيني کي قتلام
ڪوري ڪڍ قلوب مون خيال خارج خام
پيءُ هٿون حبيبن جي ذوق منجهون پر جام
ڪافي ورهيه جي وڍ دوئي سندوم دام
تان معلوم ٿئي من ۾ محبوباڻي مام
”دلپت“ لهئي ملام، ڄمڻ مرڻ جيءَ جي.
9- اندر جهڙو زور وهي ٻاهر مينگهه ملار
”دلپت“ ٻاجهون دوست جي اچي ڪين قرار
جنهن وٽ ناهي يار، سي ڪيئن اٽڪانئين اکيون
10- ڪن ڪعبو مک مسيت من ملان ايمان
متو مڪو حاجي هنيو قاضي قلب قرآن
نئن نبي نڪ قبر ذاڪر آهي زبان
هٿ حضرت ڀانءُ پيغمبر امت انگ عيان
سچ سنت دي نفس نصيحت غيرون ڇاڏ گمان
رضا رياضت رنج نه ڪسنون ڪل صحيح شهه مان
اندر ٻاهر ايڪو ظاهر صاحب ايڪ سبحان
حا جان جهان، جامان ”دلپت“ صحيح سڃاڻ
هيٺين بزرگن جو سنڌي ڪلام بلڪل ٿورو آهي ۽ اها ڳالهه به شڪي آهي
ته جيڪو ڪلام سندن نالن سان منسوب ٿيل آهي، سو
حقيقت ۾ سندن ڪلام آهي يا ٻين بزرگن جو.
شاه عنايت صوفي جهوڪ وارو – 1655-1656ع
عثمان احساني ڀاڳ ناڏيءَ وارو جو پوءِ اچي لکي ۾ رهيو 1640ع.
شاه عنايت رضوي – شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر هو. سندس ڪلام
شاه صاحب جي ڪلام سان خلط ملط ٿي ويو آهي ۽ خبر نه
ٿي پوي ته ڀٽائيءَ جو ڪلام ڪهڙو ۽ عنايت جو ڪهڙو.
سندس حياتيءَ جو مفصل ذڪر به ڪٿان دستياب نه ٿيو
آهي، باقي سندس مقبرو نصرپور ضلع حيدرآباد ۾ آهي،
جتي ڪيترائي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن.
(4) خواجه محمد زمان 1713ع ۾ سندن ولادت ٿي. صديقي
خاندان مان هئا. سندن بزرگ ٺٽي ۾ رهندا هئا. جتان
لڏي لنواريءَ ۾ اچي ساڪن ٿيا. شاه ڀٽائي سندن
زيارت لاءِ لنواريءَ ۾ ويا هئا ۽ اتي سندن عظمت جو
اعتراف ڪيو هئائون. سندن سنڌي ڪلام بلڪل ٿورو آهي
جنهن جي عبارت ۽ مضمون شاه جي ڪلام جهڙو آهي. سندن
سنڌي ڪلام 85 بيتن ۾ محدود ٿيل آهي. سندن وفات
1774ع ۾ ٿي.
متفرقه تصنيفات
(1) ڪتاب شمائل نبوي:
مولوي عبدالسلام جو لکيل آهي. عربيءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آهي.
تصنيف جو سال 1197 هجري آهي. ڪتاب ۾ حضرت پيغمبر
ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي صورت ۽ سيرت جو
تفصيل وار احوال ڏنل آهي. ڪتاب وڏيءَ تختيءَ تي
ليٿو ۾ 296 صفحن ۾ لکيل آهي. سڄو ڪتاب ابو الحسن
جي سنڌيءَ ۾ ”آ“ قافيه واري شعر ۾ آهي. سندس ٻولي
لاڙي آهي. صورت خطي به انهيءَ جهوني زماني جي آهي.
(2) تفسير هاشمي پاره عم:
هي قرآن شريف جو تفسير مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو آهي، جو ابو
الحسن واري شعر ۾ لکيل آهي. ڪتاب جا صفحا 503 آهن.
(3) تفسير سوره يوسف:
هي ڪتاب مخدوم عبدالله جو لکيل آهي. مخدوم عبدالله اهو ساڳيو ئي
آهي، جو ڪنزالعبرت، قمر المنير، بدر المنير وغيره
سنڌي منظوم ڪتابن جو مصنف آهي. هي تفسير اڃان
دستخط صورت ۾ آهي ۽ ميان ابو الحسن جي شعر ۾ آهي.
(4) تفسير پاره عم:
مولوي مهرو ولد سرهو ولد موٽيو ويٺل پراڻ نالي عالم سڳوري هي
ڪتاب سنه 1206 هجري مطابق 1791ع ۾ تيار ڪيو. مولوي
مهرو صاحب بابت وڌيڪ احوال ملي نٿو سگهي، پر ايتري
پڪ آهي ته هو لاڙ جو ويٺل ۽ ٺٽي جي ڪنهن عالم وٽ
پڙهيو هو، ڇاڪاڻ جو تفسير ۾ سنديس ٻولي اها آهي جا
مخدوم محمد هاشم ۽ ٺٽي جي ٻين عالمن ڪم آندي آهي.
قرآن شريف جي سمجهاڻي مولوي ابو الحسن جي سنڌي شعر
۾ بلڪل وضاحت سان ڏني اٿس. ڪتاب جا صفحا 574 آهن ۽
ليٿو ۾ ڇاپيل آهي.
(5) حصص الاموال و بخل الاموال.
مولوي علي اڪبر صاحب سنڌي نظم حصص الاموال و بخل الاموال نالي
ڪتاب هجري 1162 مطابق 1798ع ۾ ٺاهيو آهي. مولوي
صاحب ڪٿي جو ويٺل هو، سا خبر پئجي نه ٿي سگهجي.
ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ ”زڪوات“ جا شرط ۽ سمجهاڻيون
ڏنل آهن. جدا جدا قسم جي ملڪيت تي ڪهڙي حساب چڱيءَ
طرح سمجهايل آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ”فطره“ جا شرط ۽
سمجهاڻيون ڏنل آهن. بخل الاموال واري ڀاڱي ۾
”زڪوات“ ۽ ٻي ”خيرات“ نه ڏيندڙ جي باب ۾ جيڪي قرآن
شريف جون آيتون ۽ حديثون آهن. سي ڏيئي هدايت ڪري
ٿو، ته بخل يا ڪنجو سائي بلڪل نه ڪرڻ گهرجي. هن
ڪتاب ۾ ڪل چوهٺ صفحا آهن ۽ ڪتاب ابو الحسن جي
سنڌيءَ ۾ ڇاپيل آهي. سندس ڏوهيڙا باقافيه آهن.
(6) روضہ الشهداءِ سنڌي:
مولوي احمد مرحوم پارسي روضہ الشهداءِ تان، جو پارسي نثر ۾ ملان
حسين ڪاشفيءَ جو ٺاهيل آهي، سنڌي ڏوهيڙن ۾ ترجمو
ڪيو آهي. هجري سنه 1172 مطابق سنه 1798ع ۾. هي
ڪتاب ابوالحسن جي سنڌي ۾ ۽ سادن ڏوهيڙن ۾ ٺهيل
آهي. ڪتاب ۾ ڪل ڇهه سؤ ٽيتاليهه صفحا آهن. هن ڪتاب
۾ امام حسن ۽ حضرت امام حسين سڳورن جي مبارڪ زندگي
جو احوال ۽ سندن مفصل ذڪر لکيل آهي.
(7) ڪتاب هدات المريدين:
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو پوٽو ۽ مخدوم
عبداللطيف جو فرزند هو. مخدوم محمد ابراهيم صاحب
هجري سنه 1206 مطابق 1791ع ۾ ڪتاب هدايت المريدين
لکيو هو. هن ڪتاب ۾ ڇاونجاه صفحا آهن. مريد کي
مرشد جي فرمانبرادري ۾ ڪيتري قدر رهڻ گهرجي، قلب
جو ذڪر ڪئن حاصل ڪجي، نفي ۽ اثبات جي سمجهاڻي،
تقشبندي طريقي جو سلسلو ۽ خود مصنف جي مرشدن جو
سلسلو هن ڪتاب ۾ سمجهايل آهي. ڪتاب ابوالحسن
واريءَ سنڌي ۾ ڇاپيل آهي ۽ سڄو ڪتاب فرائض الاسلام
ڪتاب وانگر پڪو ڏوهيڙو نه آهي، پر منجهس جدا جدا
قافين وارا ڏوهيڙا پيل آهن.
(8) حڪايت الصالحين:
مولوي ولي محمد مرحوم عربي ڪتاب حڪايت الصالحين سنڌي ڏوهيڙن ۾
هي ڪتاب هجري سنه 1220 برابر 1804ع ۾ لکيو هو. هن
ڪتاب ۾ ويهه باب ۽ 578 صفحا آهن. هي هڪڙو اخلاقي ۽
روحاني تعليم جو مجموعه آهي، جنهن ۾ اڳين نبين،
حضرت نبي ڪريم عليہ الصلوات والسلام جن جي زماني،
اصحابن سڳورن ۽ اوليائن جا نقل ۽ هدايتون ڏنل آهن.
خوف خدا، حلال ڪمائي، زهد رياضت، ذڪر فڪر؛ طاقت ۽
عبادت، خدمت خلق، وغيره اعمالن ۽ اخلاقن جا زنده
مثال سمجهايل آهن. هي ڪتاب اڳي عالم سڳورا وعظ طرح
جماعتن جي اڳيان پڙهندا هئا ۽ مڪتبن ۾ درسي ڪتاب
طرح پاڙهيو ويندو هو.
پورو ٿيو.
|