سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 15

 

ڀاڱو ٻيو

 

سنڌي ادب جي پهرئين دور تي سرسري نظر

سنڌي ادب جو پهريون دور، جنهن جو بيان ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جلد پهرئين ۾ ڏنو ويو آهي، تنهن ۾ نظم ابوالحسن جي سنڌي ۽ تحت لفظي ترجمو آهي. سڀ ڪنهن ٻوليءَ جو ادب مذهبي لٽريچر کان ئي شروع ٿيندو آهي، تنهن ڪري سنڌي ادب جي پهرئين دور جو به مذهبي لٽريچر کان شروع ٿيڻ فطرتي ڳالهه آهي. مذهبي لٽريچر سان گڏ انهيءَ دور جي خدا پرست بزرگن جو نج توڙي مجاز جي لباس ۾ ڍڪيل صوفيانو ڪلام خاص مقدار ۾ اچي چڪو آهي.

قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاه ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل فقير، خليفه حاجي عبدالله، فقير محمد صديق (صادق)، فتح فقير، سيد ميان خير شاه ۽ سامي، اهي نج توڙي مجاز گڏيل صوفيانه لٽريچر جا ابا هئا. ميان ابو الحسن، مخدوم محمد هاشم، مولوي عبدالخالق، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، مخدوم محمد ابرهيم ڀٽي، مخدوم محمد حسين، سيد ثابت علي شاهه ۽ ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو اهي مذهبي لٽريچر جا باني مباني هئا. ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي پهرئين جلد ۾ انهيءَ سموري لٽريچر جي ڇنڊ ڇاڻ ادبي نقطہ نگاه سان ڪئي ويئي آهي. پر نه مذهبي نقطہ نظر سان.

انهيءَ دور ۾ سنڌي ٻولي جي صورت خطي مقرر ٿيل ڪا نه هئي، تنهنڪري سنڌي لٽريچر عربي ۽ پارسي صورت خطيءَ ۾ لکيو ويندو هو، جي ٻئي صورت خطيون خاص خاص سنڌي اچار ڏيکاريندڙ اکرن کي پاڻ ۾ سمائي نٿي سگهيون، تنهن هوندي به اوائلي لٽريچر جي جيڪا حفاظت انهن ٻنهي صورت خطين بجاءِ آندي آهي، سا شڪر گذاريءَ جي نظر سان ڏسڻ جي لائق آهي.

(سنڌي ادب جو پهريون دور سنه 1521ع کان سنه 1843ع تائين ليکيو ويو آهي.)0

 

سنڌي ادب جو نئون دور1843ع کان 1875ع تائين

 

1843ع ۾ انگريز سرڪار سنڌ فتح ڪئي، تنهن کان پوءِ سنڌي ادب جو نئون دور شروع ٿيو.

ارغون گهراڻي جي حڪومت (1521) کان وٺي انگريز سرڪار جي حڪومت جي اوائلي زماني تائين، سنڌ جو سرڪاري دفتر پارسي ٻولي ۾ رکيو ويو ٿي ۽ مسلمان حاڪمن کي مذهبي تعليم تي به خاص نظر هئي، تنهنڪري عالم سڳورا پنهنجن مڪتبن ۾ فقط عربي ۽ پارسي ٻولين جي تعليم ڏيندا هئا. مسلمانن سان گڏ خاص طبقي جا هندو به مڪتبن ۾ خوشيءَ سان عربي ۽ پارسي جي تعليم وٺندا هئا. مسلمانن کي انهيءَ تعليم مان جهڙو مذهبي روح حاصل ٿيندو هو، تهڙو اخلاقي فائدو ۽ زماني جي عزت نصيب ٿيندي هئي ۽ هندن کي اخلاق جي حاصلات سان گڏ سرڪاري دفترن ۾ عزت ڀريون نوڪريون حاصل ٿينديون هيون. انهن ڏينهن جو هي پهاڪو مشهور آهي:

”پارسي گهوڙي چاڙهسي“

يعني پارسي ٻولي ضرور گهوڙي تي سوار ڪندي (وڏو عهدو بخشيندي)“

انگريز سرڪار سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ به ڳچ وقت تائين سنڌ جو سرڪاري دفتر پارسي ٻوليءَ ۾ قائم رکيو، تنهن ڪري ميرن جي صاحبيءَ وارن عربي پارسي سيکاريندڙن مڪتبن ۾ به پارسي تعليم ملندي هئي. ديوان ننديرام ميراڻي پنهنجي ڪتاب ”سيکائتو نروار“ ۾ لکي ٿو، ته ”سنڌ ڏيہ جي ٽن ضلعن يعني ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ هيلوڪي يعني ارڙهن سو ڇاونجاه عيسوي ورهه جي شروع ۾ اٽڪل هڪ سئو پنجاه فارسي مڪتب هڪيا آهن ۽ تن ۾ جيڪس ٻه هزار سکندڙ هوندا.“ (سيکائتو نروار صفحه 1).

برٽش سرڪار جلد ئي سنڌ جي سرڪاري دفتر کي سنڌي زبان قائم رکڻ ۽ انگريز عملدارن کي سنڌي ٻوليءَ مان واقف ٿيڻ جي سخت ضرورت محسوس ڪئي، مگر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا ڪارگر صورتخطي مقرر ٿيل ڪا نه هئي، تنهنڪري سربارٽل فريئر صاحب ڪمشنر سنڌ جي ڪن علم دوست بزرگن جي هڪڙي ڪميٽي ڪري موجوده سنڌي آئيويٽا مقرر ڪئي. ڏسو سنڌ جي ادبي تاريخ جلد پهريون، تنهن کان پوءِ هڪ پاسي سرڪار طرفان اهل قلم جي همت افزائي ۽ قيمتي ڪوششون ٿيون ۽ ٻئي پاسي علم دوستن کي پاڻئون تصنيفات جو دلي شوق جاڳيو، تنهنڪري نوان نوان سنڌي ڪتاب لکجڻ ۽ ترجمو ٿيڻ شروع ٿيا. اتان وٺي سنڌي ادب جي نئين دور جو نئون ڀاڱو شروع ٿيو.

جئين سنڌي ادب جو نئون دور نظم کان شروع ٿيو هو، تيئن هي نئون دور وري نثر کان شروع ٿيو، جنهن جي پٺيان نظم جا نوان نوان ڪتاب به شايع ٿيندا رهيا. ائين نه سمجهڻ گهرجي، ته سنڌي ادب جي هن نئين دور شروع ٿيڻ ڪري پهرئين دور وارو مذهبي ۽ صوفيانو سنڌي لٽريچر بند ٿي ويو. حقيقت ڪري سنڌي ادب جي هن نئين دور شروع ٿيڻ سان گڏ پراڻي دور واري لٽريچر جي اشاعت اٽلندو زياده ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ جو انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جو سڌو لاڳاپو بمبئيءَ سان ٿيو، جنهنڪري پهرئين دور وارو لٽريچر جو ٽي سؤ کن ورهيه رڳو دستخط ڪتابن جي صورت ۾ پيو  هلندو هو، سو بمبئيءَ ۾ ليٿو گراف ڇاپخانن جاري ٿيڻ ڪري ڇاپجڻ ۽ سنڌ ۾ عام جام نيڪال ٿيڻ لڳو. مسلمانن جو انهيءَ پراڻي لٽريچر سان مذهبي ۽ خاص روحاني تعلق هو، تنهنڪري خانگي مڪتبن ۾ اهو پارسيءَ سان گڏ عام طرح پاڙهڻ ۾ ايندو هو ۽ اڃا تائين به اهو پهرئين دؤر وارو لٽريچر مسلمانن ۾ گهڻي قدر نه، ته به ڪي قدر چالو آهي. ڪجهه اصلوڪي صورتخطي جي حالت ۾ ۽ ڪجهه نئين صورتخطيءَ جي صورت ۾.

نئين دور جي پهرئين ڀاڱي واري سنڌي ادب وڌائڻ ۽ اُسرائڻ ۾ ڪهڙن ڪهڙن سنڌي بزرگن، يوروپي عالمن ۽ مرهٽن علم دوستن خاص بهرو ورتو ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب شايع ٿيا، تن جي مفصل بيان ڏيڻ کان اڳ هيءَ ڳالهه ظاهر ڪرڻ ضروري آهي ته انهيءَ دور جي لٽريچر ۾ ڪهڙي نموني جي صورتخطي ڪم ايندي هئي ۽ ان وقت جا هندو ۽ مسلمان نثر نويس ڪهڙي عبارت پنهنجي تصنيفات ۾ ڪتب آڻيندا آهن.

1- صورت خطي

برٽش سرڪار جي ڪوشش سان سنڌي آئيويٽا يعني ”الف بي“ سنه 1851ع ۾ مقرر ٿي، جنهن ڪري عربي ۽ پارسي ڄاڻندڙ اهل قلم جدا جدا مضمونن وارا سنڌي ڪتاب صحيح سنڌي آئيويٽا ۾ لکيو سگهندا هئا، پر لفظن جي صحيح تلفظ ڏيکارڻ لاءِ عربي صورت خطيءَ واريون سڀ اعرابون (زير، پيش، شد، جزم ۽ مد) ڪم آڻيندا هئا. تنهن کان سواءِ ”نون غنه“ وارن ڇوٽن خواه ڊگهن آوازن ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻه زبرون، ٻه زيرون يا ٻه پيش ڪتب ايندا هئا. مطلب ته آئيويٽا جي درست اکرن ڌاران ٻي سموري صورتخطي اها ساڳي ڪم ايندي هئي، جا پهرئين دور واري سنڌي ادب ۾ ان وقت جي عالمن ڪم آندي آهي. نئين دور جي شروعات وارن سرڪاري درسي ڪتابن توڙي عام واقفيت ۽ وندر جي ڪتابن مان ڪي جنسي ٽڪر هيٺ ڏجن ٿا، جن مان نئين دور جي سنڌي لٽريچر جي صورتخطيءَ جو نمونو چڱيءَ طرح روشن ٿيندو.

مثال: جڏهي سبق ياد ٿيو تڏهي پهراءِ پنهنجي هيڪجهڙي سبق واري کي ٻڌائي ۽ ان جو پڻ ٻڌي سو ڪو ته اِن کان ٻئي جو سبق چڱو ياد رهندو.

(بابنامو يعني ٻاراڻو ڪتاب سبق ٻيو جملو 20) جوڙيل ديوان ننديرام ميراڻي.

مثال2:- پاڻ کان جيڪو وڏو آهي تہ جي سامهون وڏي سر نه ڳالائجي گهڻو نه کلجي. جي پاڻ جيڏا آهن تن سان سرهائي ۽ ڪنورائي سان ڳاله ٻول ڪجي. ڳالائڻ جي ويلي نه کلجي ۽ چوڻ ۾ تڪڙ نڪجي ڪيهي تي ڏمر ڪرڻ نه گهرجي ۽ ڪو پاڻ کي چڱائي جي مت ڏي ته ٻڏجي ۽ پنهنجي ڀينرن ڀائرن ۽ سوٽن کي گهڻي پيار ڪجي. (بابنامو يعني ٻاراڻو ڪتاب سبق اٺون جملو نمبر 67 کان 70)

مثال 3:- هن ويچاري ڪهڙي تقصير ڪئي آهي. هن لفظ تي نقطا ساري ڏي ۽ ٻڌاءِ ته ڪل ڪيترا ٿيا. پرائي دهلين احمق نچي. (پهريون ڪتاب سبق ايڪيهون جمله نمبر8-10 جوڙيل ديوان اڌارام ٿانورداس)

مٿين مثالن مان روشن ٿيندو، ته سنڌي ادب جي نئين دور جي شروعات ۾ تعليمي ماهرن اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ لفظن جي صحيح تلفظ سيکارڻ تي قابل تحسين ڌيان ڏنو هو ۽ هجي جي طريقي سان ٻولي سيکارڻ پسند ڪئي هئائون. انهن بزرگن اهو نهايت ڪارائتو ۽ سهائيندو طريقو اختيار ڪيو هو، ڇاڪاڻ جو جڏهن صورت خطي ”عربي سنڌي“ مقرر ٿي چڪي، تڏهن عربي ٻوليءَ جي مکيه اعرابن يعني زير، زبر، پيش، جزم ۽ شد کي ڇڏي ڏيڻ بلڪل وڏي غلطي آهي.

2- عبارت

(الف) صرف و نحو جي خيال سان:

سنڌي ادب جي نئين دور جي شروعات ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ڪي صرف و نحو جا ڪتاب شايع ٿيل نه هئا. تنهنڪري انهيءَ دور جي نثر وارن ڪتابن جي عبارت موجوده سنڌي صرف و نحو جي قاعدن کان گهڻي قدر آجي آهي. جئن ته ان دور جا مصنف پارسي دان هئا ۽ مڪتبن ۾ عربي توڙي پارسي عبارتن جي لفظي ترجمي ڪرڻ تي هريل هئا، تنهن ڪري انهن سنڌي عبارت لکڻ ۾ به پارسي ۽ عربي عبارتن واري بيهڪ قائم رکي، جا سنڌي صرف و نحو جي قاعدن سان مواقف نه آهي. اها عبارت رواجي ڳالهائڻ ٻولائڻ جي طرز سان موافق نه آهي، ٻيو وري تن ڏينهن بيهڪ جي نشانين جو ڄاڻ ئي ڪونه هئي، تنهنڪري گرامر جي لحاظ سان هاڻوڪن سنڌي خواندن جي حق ۾ انهيءَ عبارت کي سلوڻو ۽ عام فهم نه چئي سگهبو.

مثال1:- ”ڇوڪرائي ۾ سکڻ جو ٽاڻو آهي. ان کي آرس ۽ ڀل ۾ وڃائڻ نه گهرجي، هن ڪارڻ نه ته ويلو ويل وري هٿ نه ايندو (بابنامو ديوان ننديرام سبق ڇهون).

(هاڻوڪي عبارت) ”ننڍپڻ سکڻ جو ٽاڻُ آهي، سا آرس ۽ ڀل ۾ وڃائڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ جو ويل ويلو وري هٿ نه ايندو.“

مثال2:- ”جهرڪيون ڇتين ۾ ۽ وڻن ۾ آکيرا جوڙينديون آهن تن ۾ آنا لاهينديون آهن پوءِ اهي ڦوڙينديون آهن. تن مان ٻچا نڪرندا آهن سي تو ڏٺا هوندا.“ (پهريون ڪتاب ديوان اڌارام سبق اوڻٽيهون)

(هاڻوڪي عبارت ۾) ”جهرڪيون گهرن جي ڇتين ۽ وڻن ۾ آکيرا جوڙي تن ۾ آنا لاهينديون آهن. پوءِ آنا ڦوڙينديون آهن، جن مان ٻچا نڪرندا آهن. اهي ٻچا ته تو به ڏٺا هوندا؟

مثال 3: سائين منهنجي هٽ تي قدم رنجي فرمائي شربت جو پيالو پي وڃ، فقير ٿوري ماڻي کان پوءِ هن جو عرض مڃي هن جي دڪان ڏانهن هليو حلوائي پهچندي ان کي هڪڙي گادي وڇائي ڏني ۽ ڪي ڪجهه مٺائي رڪيبئيءَ ۾ وجهي ۽ ماکيءَ جو پيالو ڀري آڻي ندر رکيائين.س....“ (ٽيون ڪتاب ديوان پرڀداس انندرام سبق ايڪيهون).

(هاڻوڪي عبارت ۾)- ”سائين! قدم رنج فرمائي منهنجي هٽ تي هل ۽ اتان شربت جو پيالو پي وڃ. فقير ٿوري ماڻي ڪرڻ کان پوءِ ان جو عرض مڃي سندس دڪان ڏانهن هليو. دڪان تي پهچڻ شرط حلوائي ان کي گادي وڇائي ڏني ۽ رڪيبيءَ ۾ پيل ڪجهه مٺائي ۽ ماکيءَ جو ڀريل پيالو نذرانه (ڀيٽا) طور آڻي اڳيان رکيائينس....“

(ب) ٻوليءَ جي لحاظ سان:

سنڌي ادب جي نئين دور وارن مصنفن اسڪولي درسي ڪتابن ۾ عربي آئيويٽا وارن خاص اکرن مان ٺهيل لفظ گهڻي قدر ڪم آندا آهن، سو فقط هن ڌيان تي، ته ٻارن کي عربي سنڌي درست صورتخطي لکڻ ۾ ڪچيءَ کان ئي چڱو استعمال رهي. انهيءَ مناسب ويچار سان گڏ انهن بزرگن درسي ڪتابن خواه عام واقفيت ۽ وندر جهڙن ڪتابن ۾ نج سنڌي لفظن ۽ محاورن ڪم آڻڻ ۾ به نهايت عمدي ۽ قابل تحسين ڪوشش ورتي آهي.

 ان وقت جي هندو خواه مسلمان مصنفن جي ڪتابن ۾ ڪو به ڏکيو سنسڪرت لفظ نظر نه ٿو اچي ۽ نه غير مروج عربي يا پارسي لفظ.

مثال1: ”ٻول ڪجي ته پاڙجي نه ته ڪجيئي نه.“ (پهريون ڪتاب ديوان اڌارام)

مثال2: ”اگهو ٿجي ته ستت ويڄ وٽ وڃجي.“

مثال3: ”جهرڪيءَ چيو ته مورک ڇوڪر مون کي گهڻو ڪم آهي، مون کي راند ڪرڻ نٿي اُڄهي مون کي پنهنجن ٻچن لاءِ چوڳو کڻي وڃڻو آهي.“ ٽيون ڪتاب (ديوان پرڀداس انندرام سبق پهريون)

مثال4: ”جيتوڻي آهين مور علم کي ڇيهن جو آرنڀ نه چوندو پر ڇا فائدو سو ڪو ته اولن جو ٻول ۽ ڪم هڪجهڙو نه آهي.“ (سيکائتو نرروار ديوان ننديرام صفحه 18).

مثال5: ”هن ڳالهه جي ڌيان ڪرڻ کان ته اسين ڌرتي سوڌا جنهن تي رهندا آهيون، توف جي گونري کان پڻ هيڪوسو ويهوڻو تڪڙو هوا تي اڏامندا وڃون. ڪهڙا ڪهڙا اچرج پڌرا ٿين ٿا ۽ ڌڻي جو ڊپ ۽ ان جي ٻانپ ۽ چئي ۾ رهڻ ڪيترو اسان تي جوڳو ٿئي ٿو.“ (آڪاسي نروار سيد ميران محمد شاهه محمد شاد صفحه)؟

نئين دور وارن بزرگ مصنفن جيڪي ڪتاب پارسي يا اردو تان ترجمو ڪيا آهن، تن ۾ ته نج سنڌي لفظن ۽ محاورن ڪم آڻڻ جي ايتري قدر ڪوشش ڪئي اٿن، جو ڪنهن ورلي هنڌ ڌاران ڪٿي به نج عربي يا پارسي لفظ نظر نه ايندو ۽ نه وري ڪو ڳرو سنسڪرت لفظ ئي ڏسبو. مثال خاطر سنڌ جي تاريخ مان ٽڪر ڏجي ٿو، جا تاريخ معصومي پارسيءَ تان ديوان ننديرام ميراڻي جي ٺاهيل آهي.

مثال: “جڏهن چچ اميرن جي ميلاپ ساڻ گاديءَ تي ويٺو تڏهن دروازا خزاني جا اُپٽي ڏاڻ جو سڏ وجهي چڱن ۽ مٺن کي ڪوٺي ڏاڻ ڏيئي ٻاجهن ۽ ٿوري جي ڦاهيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين ۽ مهينو سپاهين جو وڌايائين ۽ ڍل راڄن کان گهٽايائين. ان ڪئي کان ڏينهن ۾ وسندي ۽ جهجهي وسئَن ٿي ۽ راڻيءَ کي پنهنجي ريت سان پرڻيو.“ (تايخ سنڌ صفحه 20)

هيٺيون ٽڪرو ”آڪاسي نروار“ مان ڏجي ٿو، جو سيد ميران محمد شاهه محمد شاه متعلوي هندي ڪتاب ”نظام شمسي“ تان ترجمو ڪيو آهي.

مثال: ”ڀورو ماڻهو چنڊ کي اڻ ڌيان (کي ڌياني) ۽ اڻ پور (بي خياليءَ) سان ڏسن ٿا پر ڏاها ماڻهو ان کي سڀني گهمندڙن تارن کي سڳوري ڌڻي جي وڏي سگهه جا اهنڃاڻ ڄاڻي ڌيان سان نهاريندا آهن جو ان سڀني جو رستو ڏيکاريندڙ آهي.“ (آڪاسي نروار صفحه 14)

 مٿين مثالن مان بيشڪ روشن ٿي چڪو هوندو ته نئين دور جي ڪتابن ۾ ڪي اهڙا به نج سنڌي لفظ ۽ ورجيسون ڪم آنديون ويون، جي اڄ ڪلهه گهرو ڪمن ۽ وهنوارن ۾ نه ڳالهائبا آهن، ته به انهيءَ دور جي بزرگن جيڪا صاف ۽ سليس سنڌي ٻولي ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سا اڄ ڪلهه جي هندن خواه مسلمان نثر نويسن لاءِ پيروي ڪرڻ جي لائق آهي.


 

 

سنڌي ادب جي نئين دور جا مصنف ۽ تصنيفات

سرڪار جي ڪوشش سان تيار ٿيل لٽريچر

 

سنه 1843ع ۾ انگريز سرڪار سنڌ فتح ڪئي، تنهن کان وٺي نو ورهه کن ته سنڌ ۾ پارسي تعليم جو سلسلو هليو آيو. سنه 1851ع ۾ سر بارٽل فريئر صاحب سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿي آيو. تنهن اچڻ سان سنڌ ۾ جيڪي انتظامي، تجارتي ۽ ٻيا عام سک ۽ فائدي جهڙا سڌارا ڪيا، تن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي لٽريچر جو سڌارو به هڪڙو نهايت ضروري ۽ قيمتي سڌارو ليکجي ٿو. هن صاحب اچڻ شرط ڪراچيءَ ۾ هڪڙي لئبرري يا ڪتبخانو برپا ڪيو، جنهن م ڪيترائي انگريزي، عربي، پارسي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب ڪي ڇاپيل ۽ ڪي دستخط اچي گڏ ٿيا. صاحب موصوف سنه 1852ع ۾ سنڌي جي صورتخطي مقرر ڪئي ۽ سنڌي زبان ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب تيار ڪرائڻ شروع ٿيا. ڪي ڪتاب تصنيف ٿيا، ڪي انگريزي پارسي يا اردو مان ترجمو ٿيا ۽ ڪي آکاڻيون ۽ نظم جي اڳ ۾ دستخط صورت ۾ يا ماڻهن کي برزبان هئا، سي گڏ ڪرائي ڇاپايا ويا.

انهن ڏينهن ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي چارج اسسٽنٽ ڪمشنر جي هٿ ۾ هوندي هئي، تنهنڪري ايلس صاحب ۽ گولڊ سمٿ صاحب اسسٽنٽ ڪمشنرن به پنهنجي پنهنجي وقت ۾ سنڌي لٽريچر وڌائڻ ۾ تمام چڱو بهرو ورتو. تصنيف، ترجمہ يا تاليف ڪندڙن کي سرڪار جي پاران چڱا چڱا انعام ملڻ لڳا.

انهيءَ ڪري چئبو، ته سنڌي ادب جي نئين دور جو بانيڪار سر بارٽل فريئر صاحب هو ۽ سندس هڏ ڏوکي مددگار ايلس صاحب ۽ گولڊ سمٿ صاحب هئا، پوءِ سنڌي ادب ۾ وقت به وقت واڌارو ۽ سڌارو ٿيندو ويو.

انهيءَ دور ۾ مصنفن ۽ تصنيفات جو مفصل بيان ڏجي، تنهن کان اڳ هڪ ياداشت پيش ڪجي ٿي، جنهن مان خبر پوندي ته ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ڪهڙن ڪهڙن مصنفن، ترجمانن ۽ مؤلفن سرڪاري ڪوشش ۽ پٺڀرائيءَ سان يا ازخود تيار ڪيا:


 

ياداشت

نمبر     ڪتاب جو نالو

سنه

مصنف

مضمون

1

بابنامو

1853

ننديرام

سرڪاري

ٻاراڻو ڪتاب

2

پهريون ڪتاب

=

اڌارام

=پهريون ڪتاب

3

ٻيو     =

=

=

= ٻيو =

4

ٽيون   =

=

پرڀداس

= ٽيون =

5

چوٿون ڀاڱو 1

=

=

= چوٿون =

6

=   ڀاڱو 2

=

=

=  =  =

7

تاريخ سنڌ

1854

ننديرام

تاريخ معصومي

8

ايسپ جون آکاڻيون

=

ننديرام ۽ ايلس

انگريزي مان ترجمو

9

هندستان جي تاريخ

=

قاضي غلام علي

اردو ترجمو

10

ڀنڀي جي ڳالهه

=

= غلام حسين

زباني قصو

11

سنڌي ويا ڪرڻ

=

اڌارام

سنڌي ٻولي

صرف و نحو

12

چٽ جي پاڙ

=

ننديرام

۽ مسٽر ڪانداس

 

ڊرائنگه سکڻ

13

سڌاتورو

ڪڌاتورو

1855

ميران محمد شاه

اردو ترجمو

14

ليکي پيڙهه

=

ننديرام

انگي حساب

15

ڌرتي نروار

=

ننديرام ۽

مهاديو شاستري

 

دنيا جي جاگرافي

16

= = ڀاڱو 2

=

=  =  =

=   =   =

17

پئمائشي حساب

=

ننديرام ۽

مسٽر ڪانداس

پئمائشي حسابن

جون سمجهاڻيون

18

دنيا جي تاريخ

=

اڌارام

اردو تان ترجمو

19

سيکائتو نروار

1856

ننديرام

سنڌي سيکارڻ

20

ليکي جو ڪتاب

ڀاڱو 1

1856

ننديرام ۽ مسٽر

ڪانداس

انگي حسابن

جون سمجهاڻيون

نمبر     ڪتاب جو نالو

سنه

مصنف

مضمون

21

آڪاسي نروار

1856

ميران محمد شاه

علم هيئت

22

ليکي جو ڪتاب

ڀاڱو  2

=

ننديرام ۽ مسٽر

ڪانداس

 

انگي حساب

23

جبر و مقابلہ

=

ننديرام ۽ مسٽر

وشوناٿ منڊلڪ

الجبرا حساب

24

 سنڌي صرف و نحو

1960

ميان محمد

حيدرآباد

 

وڏو گرامر

25

راءِ ڏياچ جو قصو

1861

اڌارام

نثر ۽ نظم

26

سنڌ جي تاريخ

1862

سيٺ آلو مل

درسي ڪتاب

27

ڪولمبس جي تاريخ

=

ڪوڙو مل

انگريزي تان ترجمو

28

تاريخ انگلستان

=

واڌو مل

=

29

سنساري نروار

1861

ننديرام

سرشٽي اڀياس يا

مطالعه فطرت

30

جغرافيه جديده

ڀاڱو 1

=

ننديرام ۽ مهاديو

 

دنيا جي جاگرافي

31

ڀاڱو 2

=

=       =

=    =    =

32

مفيد الطالبين

=

اڌارام

درسي ڪتاب

33

هندستان جي تاريخ

1863

پريتمداس

 =    =

34

انڊين پنيل ڪوڊ

=

هاسارام

انگريزي تان ترجمو

35

پڪو پهه

1865

ڪوڙو مل

زناني تعليم

36

شاه جو رسالو

1866

ٽرمپ صاحب

جرمني ۾ ڇاپيو

37

بمبئي کاتي جي

جاگرافي

1868

گرڏنو مل

ابتدائي

درسي ڪتاب

38

رئسيلاس

=

اڌارام ۽

ديوان نولراءِ

نارمل

درسي ڪتاب

39

انگلنڊ جي تاريخ

ڀاڱو 1

1868

پرڀداس

انگريزي تان ترجمو

40

ڀاڱو 2

=

=    =

  =      =

نمبر     ڪتاب جو نالو

سنه

مصنف

مضمون

41

اصول علم طبي

=

ڪوڙو مل

نارمل اسڪول

درسي ڪتاب

42

سيتلا جا ٽڪا

=

=

عام واقفيت

علم صحت

43

ديوان گل

=

آخوند گل محمد

آخوند پاڻ ڇاپايو

44

ڪامسين

ڪامروپ

1869

اڌارام

زباني نظمي

آکاڻي

45

انگي حساب

=

ڪرشنا شاستري

انگي حسابن جو

وڏو ڪتاب

46

گل شڪر

=

ڪيولرام

هي ڪتاب گهڻا وره

دستخط رکيو هو

47

گل

=

=

=  =  =

48

دل جا حساب

1870

ڪرشنا شاستري

زباني حسابن جون

واٽون

49

وڪيو ڏاتار

=

آخوند عبدالرحيم

وندر جهڙو قصو

50

قصو دلوراءِ

=

=

زباني نثر ۽ نظم

51

سيف الملوڪ

1871

=

نظمي قصو

52

عمر مارئي

=

=

=    =

53

سسئي پنهون

=

=

=    =

54

ليکي جي پيڙهه

=

پريتمداس

انگي حساب

55

قصو مهر منير

=

اڌارام

زباني قصو نظم

56

مفتاح القلب

=

ميرزا غلام رضا

علم منطق

57

ڪئا ۽ ٻلي

=

آخوند عبدالرحيم

نظمي ڪتاب

58

جواهر لغات

=

=

نج سنڌي معنى پارسي ۾

59

گرامر سنڌي

 

 

1872

ٽرمپ صاحب

انگريزيءَ ۾

سنڌي گرامر

نمبر     ڪتاب جو نالو

سنه

مصنف

مضمون

60

منتخب شاهه

جو رسالو

1873

قاضي حاجي احمد

نارمل اسڪول

درسي ڪتاب

61

سنڌي پنجون

1874

ڪوڙو مل

ابتدائي

درسي ڪتاب

62

ميزان الشعر

1875

سيد محمد

فاضل شاه

شعر جي قسمن بابت سمجهاڻيون

63

ديوان فاضل

=

=    =    =

غزلن جو ڪتاب

64

چونڊ ڪافيون

=

=    =    =

سنڌي ڪافيون ۽

شاعرن جا احوال

65

ديوان قاسم

=

آخوند محمد قاسم

غزلن جو ڪتاب

66

سنڌي انگريزي

ڊڪشنري

=

شرٽ صاحب ۽

مرزاق صادق علي

سنڌي لفظ

معنى انگريزي ۾

67

ڪاشف الغموض

=

آخوند فتح محمد

لفظن جا اشتقاق ۽ معنائون

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org