سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو :3  

 

سنڌ جو علمي عروج

سنڌ جو علمي عروج ارغونن کان شروع ٿئي ٿو جيئن ته ارغون اصل مغل هئا، تنهنڪري انهن پنهنجي حڪومت ۾ ايران جا شاعر ۽ عالم آندا. خود پهريون ارغون حاڪم ”شاه بيگ“ وڏو پرهيل هو ۽ پاڻ قرآن شريف جو ترجمو ۽ تفسير پارسيءَ ۾ تيار ڪيائين. ارغونن جي حڪومت ۾، جا 1521ع کان شروع ٿي، تنهن ۾ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ فارسي مدرسا برپا ٿيا ۽ فارسيءَ جي تعليم رائج ٿي. اهو ارغوني حڪومت جو علمي سلو ترخاني ۽ نوابن جي حڪومت ۾ وڌي ويجهي وڻ ٿيو جنهن جي ميون ۽ گلن جي خوشبوءِ سڄي سنڌ کي واسي مسرور  ڪيو. انهيءَ زماني يا دؤر (1521 کان 1732ع) کي سنڌ جي لاءِ علمي عروج سڏجي ته جڳائي. فارسي زبان ۾ هر قسم جا ڪتياب ٿيار ٿيا. فارسيءَ  ۾ سنڌين ايتري مهارت حاصل ڪئي، جو انهيءَ زبان ۾ پختو شعر چوڻ لڳا. سنڌ جون تاريخون جن مان اڳوڻيءَ سنڌ جو احوال ملي ٿو، سي به انهيءَ زماني جون لکليون آهن. فقہ، حديث، تفسير ۽ تصوف ۾ عجيب ڪتاب لکيا ويا. عشق جا اسرار ۽ اشارا ڪيترن پارسي ديوانن ۾ موجود آهن. جي ان وقت سنڌي شاعرن لکيا، نه رڳو پارسي علم ادب ۾ ترقي ٿي، پر سنڌي4 ۾ قاضي قاذن جهڙي اهل ۽ مولوي ابو الحسن جهڙي محدث جيڪا خدمت ڪئي آهي سا ڪنهن کان ڳجهي نه آهي. سندن مفصل احوال مناسب جاءِ تي ڏنو ويندو. سنڌي علم ادب تي مفصل تبصره ڪريون تنهن کان اڳ اهو ڄاڻڻ لازمي آهي، ته جنهن بنياد تي اها سنڌي علم ادب جي عمارت ٺهي راس ٿي سا ڪهڙي هئي ۽ انهيءَ جو ڪهڙو اثر ٿيو. سنڌي علم ادب، جو ارغوني حڪومت ۾ شروع ٿيو ۽ نظم نثر، جو مختلف صورتن ۾ پيدا ٿيو، تنهن جو انهيءَ بنيادي پارسي علم سان ڪهڙو تعلق هو، تنهن جو مختصر احوال ڏيڻ ضروري آهي. تحفته الڪرام مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ پارسيءَ جو نثر ۽ نظم هر رنگ ۾ ظاهر ٿيو. هيٺيان مشهور نثر نظم جا ڪتاب پارسي زبان ۾ انهيءَ وقت جا لکيل آهن:

 

نثر (تاريخ)

(1) آئين اڪبري ابو الفضل سيوهاڻيءَ جو، (2) تاريخ طاهري مير ابو القاسم ٺٽي واري جي، (3) تاريخ معصومي سيد معصوم شاه بکر واري جي، (4) تحفته الڪرام علي شير ٺٽي واري جو، (5) تذڪره الاوليا قاضي محمود ٺٽي واري جو، (6) چنيسر نامو ابو القاسم ٺٽي واري جو، (7) روضة السلاطين شاه تڪدري ٺٽي واري جو ۽ (8) فتح نامو سيد عظيم الدين ٺٽي واري جو.

انشاي يا مضمون نويسي

(1) انشاي عيشي محمود خان ٺٽي واري جو، (2)  انشاي ابو الفضل سيوهاڻيءَ جو، (3) انشاي فيضي شيخ فيضي سيوهاڻيءَ جو، (4) انشاي قابل خان مخدوم ابو الفتح شاه بندر واري جو ۽ (5)  انشاي  محمد شيف شاه بندر واري جو.

تفسير قرآن شريف جو

(1) حاشيه تفسير بيضاوي مولوي مصلح الدين لاڙيءَ جو ۽ (2) تفسير شيخ رحمت الله درٻيلي واري جو.

حديث

(1) شرح مشڪوات مخدوم عبدالعزيز ڪاهان جي ڳوڍ جو، (2) حواشي متين قاضي محمود ٺٽي جو ۽ (3) شرح اربعين مخدوم رڪن الدين ٺٽي جو.

نظم (ديوان)

(1) ديوان اشرف محمد اشرف، قاضي قاذن جي پوٽي سيوهاڻيءَ جو، (2) ديوان جويا عبدالرؤف لاڙيءَ جو، (3) ديوان حسيني عبدالسبحان ٺٽيءَ جو، (4) ديوان حسيني مير محمد ٺٽي4 جو، (5) ديوان حيدري حيدر ڪلوخ جو، (6) ديوان شهر تي دانشور خان ٺٽي جو، (7) ديوان عطا ملا عبدالحڪيم ٺٽيءَ جو، (8) ديوان عيشي عاقبت محمود خان جو، (9) ديوان عزوري غيوري مير عزوري ٺٽيءَ جو، (10) ديوان غيوري، جو عرف شڪر اٿس، (11) ديوان فيضي سيوهاڻيءَ جو (12) ديوان ڪليجه حيدر هروي پاٽائيءَ جو، (13) ديوان محسن محمد محسن پاٽولي ٺٽي جو، (14) ديوان مومن مرزا غلام عليءَ جو (15) ديوان منير مير جان شاه رضوي روهڙيءَ واري جو ۽ (16) ديوان نامي مير معصوم شاه بکري واري جو.

مثنوي

(1) ترنم عشق (مومل راڻو) محمد مقيم ٺٽيءَ جو (2) طوطي نامو مير نجم الدين بکر واري جو، (3) مثنويات عطا، (4) مثنويات غيوري، (5) مثنويات فيضي (6) مثنوي سليمان و بلقيس مير ابو المڪارم ٺٽيءَ جو، (7) مثنوي مظره الاآثار مير معصوم شاه جي ۽ (8) مثنوي نازو نياز (سسئي پنهون) ملا محمد حسين ٺٽيءَ جي مثنوي نغمات شوقي.

مٿين ڪتابن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ڪتاب پارسي ۾ لکيل آهن، مثلاً بيان العارفين، تنبيہ الغافلين، آداب المريدين، تذڪرت المراد، زادالمسافرين ۽نزهته الارواح. اهي سڀيئي تصوف جي اونهن نڪتن ۽ رازن سان ڀرپور آهن. منطق ۽ فلسفه تي به ننڍا ننڍا ڪتاب لکيا ويا هئا. مطلب ته ارغون ۽ ترخاني حڪومت ۾ هر فن ۾ پارسي ڪتاب لکيا ويا. ڪتابن جي عبارر رنگين ۽ مضمون فصاحت ڀريو هو.

مصنفن پارسي زبان ۾ هر ڪو مضمون چٽائيءَ ۽ روانيءَ سان لکيو ٿي، نظم، علم عروض جي قاعدن موجب بلڪل پختو هو. اها عجب جي ڳالهه آهي، جو سنڌ م سنڌي زبان هوندي به سڄو علم ادب پارسي زبان ۾ ٿي ويو. سنڌي اهل قلم ۽ علم وارن علمي ميدان ۾ ايرانين کي به شهه ڏيئي ڇڏي. ارغوني حڪومت سنڌ کي علمي ميدان ۾ ايران بنائي ڇڏيو. حڪومت جي قدردانيءَ ۽ نوازش جي ڪري، خود سنڌين کي سنڌي زبان ۾ خط پٽ لکڻ ۾ به عار ٿي لڳو. قلم جي جنبش به پارسيءَ ۾ هئي، شعر جي تيزي ۽ رواني به پارسيءَ ۾ هئي ۽ علمي گفتگو ۽ مباحٿا به پارسيءَ ۾هئا. مرزا شاه حسين ۽ شاه بيگ جي مشاعرن ۾ سنڌي شاعر پارسي شعر ۾ طبع آزمائي ڪري درٻاري ايرانين کان داد حاصل ڪندا هئا.

ديس ۾ ڌارين ٻولي ڪيتري به ترقي ڪري وڃي ۽ پڙهيلن جي دلين ۾ گهر ڪري وڃي ته به ممڪن نه آهي ته عام ماڻهن لاءِ اها زبان مقبول ۽ محبوب ٿيندي. ڪيترن عالمن ۽ رمز شناس عارفن اهو ڳجهه پروڙي ورتو ته جيستائين پنهنجي مادريءَ زبان کيعلمي ميدان نه بڻائبو، تيستائين عام ماڻهن کي علم جي فيض کان محرم رکبو. اهڙن عارفن ڪڏهن ڪڏهن سنڌي زبان ۾ بيتن جا ڀڻڪا پي ڪيا جن مان ڪي ماڻهن جي زبان تي ئي رهجي ويا ۽ قلمبند نه ٿيا ۽ ڪي تحرير ۾ اچي ويا جي انهيءَ زماني جا شاهد آهن. زبردست علامن، ارغوني دربار جي اثر کان بيزر ٿي وڏي جرئت سان سنڌي علم ادب جي خدمت شروع ڪئي. انهيءَ تحريڪ جا مکيه علم بردار شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، مولوي ابو الحسن ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽئي هئا. مخدوم محمد هاشم ۽ ان جي شاگردن سنڌي علم ادب جي اها خدمت ڪئي آهي جو بنا مبالغي جي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي علم جو خادم ۽ مخدوم ئي مخدوم محمد هاشم هو.

 

سنڌ جو بنيادي تحريري شعر قاضي قاضن

 اڳوڻي مضمون ۾ اسان ڏيکاري آيا آهيون ته سنڌ ۾ سنڌي زباني شعر ڏوهيڙن جي صورت ۾ گهڻو ئي هو. بنيادي تحريري شعر قاضي قاضن کان شروع ٿو ٿئي. قاضي قاضن سيوهڻ جي بزرگن مان هو. سندس ڄمڻ جي تاريخ معلوم ڪانه ٿئي ٿي، مگر وفات جي تاريخ 958 هجري مطابق 1551ع ۾ آهي. هي بزرگ وڏو عالم هو. دنيا جو گهڻو سير ڪيو هئائين ۽ حرمين جي زيارت جو شرف به حاصل ڪيو هئائين. بنارس جي مشهور سيد محمد مهدي جونپوري جو مريد ٿيو، جو مشهور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سيد صاحب جي خدمت ۾ ڪچ وقت گذاريائين ۽ معرفت ۽ حقيقت جي راه پروڙيائين. مرزا شاه حسن سنڌ جي مشهور حاڪم جي ڏينهن ۾ سن 1581ع ۾ بکر جو وڏو قاضي يا جج به هوندو هو، جو سڀ قسم جا فيصلا نبيريندو هو. پيريءَ جي وقت انهيءَ عهدي تان استعيفا ڏنائين. هن بزرگ جو پارسيءَ ۾ ٺهيل هڪ ديوان به آهي. ڪڏهن ڪڏهن سنڌيءَ ۾ بيت چوندو هو. انهن بيتن مان رڳو 7 بيت شاهه ڪريم جي رسالي ۾ موجود آهن جي شاه عبدالڪريم بلڙي4 وارو پنهنجي مجلس ۾ مريدن کي ٻڌائيندو هو.  اهي ست سنڌي بيت شاه عبداللطيف، شاهه عبدالڪريم ۽ سامي4 جي شعر جا بنيادي پٿر آهن. هيٺئين تبصره مان ڏسڻ ۾ ايندو ته مٿين شاعرن قاضي قاضن جي شعر مان گهڻو ڪي پرايو آهي. بيتن جي صورت به قاضي صاحب واري اختيار ڪئي اٿن. ۽ سندن مضمون جو متو به ساڳيو وحدانيت وارو آهي. قاضي قاضن پنهنجي مرشد جي صفت هيئن ٿو ڪري ته:

”جوڳيءَ جاڳايوس ستو هوس ننڊ ۾.“

جوڳي واري لفظ مان، قاضي صاحب جي ڪشاده دلي ۽ ڪشاده خيالي جو پتو پوي ٿو. قاضي صاحب کان اڳ ۾ ڪنهن به مسلمان عالم اهو ديسي يا هندڪو لفط مرشد جي نسبت ڪم نه آندو هوندو.

اهو سبب آهي جو انهيءَ وقت جا ظاهر پرست عالم قاضي صاهب کي سندس ههڙي روش ۽ بيت گوئي کي ننديندا هئا.

مووي ابو الحسن ڏاهري ”جوڳي“ جي لفظ بابت هيئن چوي ٿو:

”نه جوڳي ست عارف نه سمني گهي،

شده هريک ملحدو گمرهي.“

قاضي صاحب جيتوڻيڪ هڪ زنده دل عالم هو ته به درويش فقيرن جي محبت ۾ اهڙو رنگجي ويو هو، جو شرع وارن جي ٽوڪ جو مٿس اثر نه رهيو. هن جو پنڌ ۽ طريقت جو رستو ٻئي رنگ ۾ هو جو هو پاڻ ۽ سندس مرشد سيد محمد مهدي بنارسي سمجهندا هئا. پنهنجي علم ۽ عمل جو خاڪو هن بيت ۾ ڏئي ٿو:

”ڪنز قدوري ڪافيه ڪي ڪين پڙهيوم

سو پارئي ٻيو جتان پرين لڌوم“

هڪڙي اهل دل پارسيءَ م هيئن چيو آهي:

”در کنز قدوري کافيه نتوان يافت خدارا،

سيپاره دل بين که به ازين کتابي نيست.“

سيد محمد هڪ اهل الله عابد ۽ تار الدنيا شخص هوندو هو، جو الله وارن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. سندس محبت ۾ بنارس جا مشهور جوڳي ۽ سناسي رهنداهئا ۽ پاڻ به انهيءَ محبت جي ميدان ۾ هڪ اسلام جو جوڳي ]مرشد[ ٿي پيو. اهڙن جوڳين، جيڪو فيض هند ۽ سنڌ کي ڏنو آهي، سو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. مرشد جي معنى کي پوري4 طرح سمجهڻ لاءِ هندستانين لاءِ جوڳيءَ لفط کان وڌيڪ ٻيو لفط ڪارائتو ڪونهي. انهيءَ ڪري اسان جي سنڌي، قاضي صاحب به مرشد جي لاءِ جوڳي لفظ ڪم آندو آهي، جو سنڌ جا اصل رهاڪو پوري طرح سمجهي سگهيا ٿي. سنڌي علم ادب يا لٽريچر ۾ ”جوڳيءَ“ جو لفط پهريائين قاضي صاحب استعمال ۾ آندو. جو پوءِ ٻين سنڌ جي بزرگن ڪم آندو. ”جوڳي“ ۽ ”جاڳائڻ“ جا لفظ ڪهڙا نه موزون ۽ لذت وارا آهن. جوڳ جيڪو جوڳ پچائي ۽ ننڊ حرام ڪري سوئي ستل کي ”جاڳائي“ جي لفطن ۾ صنعت رکيل آهي. جنهن کي صنعت هم آواز چئبو آهي. انهي4 بيت جو مضمون شاهه لطيف به سر سهڻيءَ ۾ آندو آهي ته ”ستي جاڳايوس سانڀر سپرين جي.“ شاه صاحب جاڳائن جو ڪم سانبر يا يادگيريءَ تي رکيو آهي، جو اهڙو سهڻو نه ٿو لڳي جهرو ”جوڳيءَ جاڳايو“. يادگيري جڏهن لهي ويئي تڏهن ته ننڊ آئي. يادگيري ڏيارڻ واري ٻي ڪا شيءَ سئندي اهي جا قاضي صاحب جي خيال موجب جوڳي يا مرشد آهي. جوڳي لفظ شاه صاحب رامڪلي سر ۾ گهڻو آندو، پر جيڪو مطلب قاضي صاحب انهي4 لفط سان ڇڏايو آهي سو پوري طرح شاه ادا ڪري نه سگهيو آهي. شاه صاحب جوڳي لفظ وارا بيت گهڻيئي چيا آهن پر قاضي صاحب جو هڪ ئي بيت ”هڪ ئي رانجهو لک دا“ مصداق بڻجي ٿو.

 قاضي صاحب جي باريڪ بيني ۽ قدرت جي مشاهدي جي طاقت به مضبوط ڪڙيءَ تي هئي. دنيا جي علم ۽ معلومات کي واڳوءَ سان مشابهت ڏيڻ سندس خيال جي نزاڪت کي ظاهر ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:

”سيئي سيلهه ٿيام پڙهيام جي پاڻان

اکر اڳيان اهڙي واڳو ٿي وريام.“

اسان جي ملڪ ۾ ٻيو ڪو به اهڙو پرندو يا سرندو خوفناڪ جانور ڪونهي، جهڙو واڳو آهي. واڳوءَ جي جهڙي شڪل آهي ڀيانڪ، تهڙو سندس حملو آهي زيانڪار، ماڻهو کيس مليو ته هڙپ ٿيو. اهڙيءَ طرح بيت ۾ فرمايل آهي ته ظاهري علم واڳوءَ وانگر مٿس حملو ڪري اوڙاه ۾ نيئي رهيو آهي. شاه صاحب انهيءَ راز کي ٻين لفظن ۾ ادا ڪيو آهي، جنهن جو مطلب سنئون سڌو آهي ته:

”اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار.“

پر قاضي صاحب ظاهري تعليم جي پوري اپٽا ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ وڏو پرهيل هو ۽ قصا به هلائي چيائين. قاضي صاحب پنهنجو آزمودو بيان ڪيو جو وڌيڪ مؤثر آهي ۽ شاه صاحب ٺلهي نصيحت ڪئي ۽ دليل يا حجت پيش نه ڪئي. قاضي صاحب مفصل بيان ڏنو آهي ۽ شاه صاحب ”الف“ جي اکر م اشارو ڏنو آهي.

ارمان جي ڳالهه آهي ه قاضي صاحب جا رڳا 7 بيت بيان العارفين واري درج ڪيا آهن نه ته اهڙي بلند پايه جي شاعر گهڻوئي شعر چيو هوندو. قاضي صاحب سنڌيءَ جي محاورن ۾ مؤثر ٿو ڏسجي. قدرت جي سڀني ڪرشمن ۽ رازن کي پرورڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي. انهيءَ مفهوم کي ڪڙي طرح قاضي صاحب هن سٽ ۾ ادا ڪيو آهي!

”ڪنز قدوري قافيه جي پڙهي پروڙين سڀ

ته ڪرمنڊي ماڪوڙي کوه ۾ پئي ڪڇي اڀ.“

”اڀ ڪڇن“ هڪ سهڻو سنڌي اصطلاح آهي، جنهن جي معنى آهي ”ناممڪن ڪم“ ڀانئجي ٿو ته اهو اصطلاح جو قاضي صاحب جو جوڙيل آهي جو اڄ تائين ڪم پيو اچي. اسان کي منڊيءَ ماڪوڙيءَ سان دسترس رکڻ جي ثابت ڏني اٿس، دني اکي کوه سان مشابهت ڏيئي، انهيءَ دنيا جي تصوير کينچي اٿس جنهن تي اسين ڀنڀلي رها آهيون ته آهيئي ڪي اتي. تصورف جي هڪ اونهي همه اوست واري راز کي ڪيئن نه هڪ بيت ۾ کوٽي ظاهر ڪيو اٿس.

سائر ڏيئي لت اوچي نيچي ٻوڙئي

هيڪائي هڪ ٿيو ويئي سڀ جهت

(ويئي سڀ جهت طرفن جو نالو ئي نه رهيو)

معنى: وحدانيت جي درا ۾ خودي ۾ خيال سڀ لڙهي ويا، هيٺ مٿي ۽ سڀيئي پاسا غرق ٿي هڪ ٿي ويا. هڪ بيت ۾ هن درويش اهو ڪمال ڪيو آهي جو ڄڻڪ ڪوزي ۾ دريا بند ڪيو اٿس. اهڙي ساڳئي مضمون کي شاهه صاحب مختلف بيتن ۾ سر سهڻيءَ ۾ ظاهر ڪيو آهي. جيئن ته:

”سهسين سائر ٻوڙيون منڌ ٻوڙيو مهراڻ،

وه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.“

هتي شاهه صاحب سهڻي جي قصي ڏانهن اشارو ڪري پوءِ سمجهاڻي ڏني آهي، پر قاضيءَ به ڪمال ڪيو آهي، جو قدرت جي مشاهدي مان مثال وٺي مفهوم کي صاد ڪيو آهي. ائين نه آهي ته قاضي صاحب سنڌ جي چالو قصن کان واقف نه هو، جو ماڻهن کي انهن ڏانهن مائل ڪري. نصيحت جا نڪتاپر اثر ڪري. جتي ضرور ٿي سمجهيائين ته اتي قصي ڏانهن به اشارو ڪيائين ٿي جيئن ته:

”سڄڻ منجهه هئام مون اتي ويا اوٺيا

هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا هينڙي جاڙ وڌام.“

اوٺيا لفظ سسئي واري قصي ڏانهن اشارو ٿو ڪري.

”اوٺي“ ۽ ”اٺ“ سسئي جي قصي جو راز آهن. انهن لفطن جي ٻي ڪا به ظاهر معنى ڪانهي. انهيءَ قصي جي راز کي قاضي قاضن جهڙي درويش جوڳيءَ جاڳايو. جنهن کي شاهه عبداللطيف ۽ هن جي فقير گروه نون ويسن ۾ پهرائي ڀڀڪيدار ڪيو، ڀٽ جا سائين ٿا فرمائين ته:

”پڻ ٿا پلاڻين اوٺهي گهڻو اٻهرا،

هوءَ هلڻ سنديون ڳاهون ڳالهائين

مون کي ٿا مارين، سڄڻ سانباهي ڪيو.“

قاضي صاحب جا ڪيترا لفط ۽ سٽون ڀٽ جي سائينءَ ڦيرائي پئرا فريز يا تبديل ڪيون آهن:

قاضي صاحب چوي ٿو ته:

”بالله ري ڀر ڀرپيان ڪٿ نه ڏسجي ڪي ٻيو.“

ائين ڀٽ سائين مارئي ۾ چون ٿا ته:

”بالله ري پرين سڀ اونداهي ڀايان.“

 

شاهه عبدالڪريم

شاه عبدالڪريم مٽيارين جي شهر ۾ تاريخ 20 شعبان سنه 944هجري (مطابق 1536ع) ۾ تولد ٿيو هو. اتان پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد جلال (عرف جوار) سان گڏ لڏي اچي ڳوٺ بلڙي تعلقه گوني4 ۾ رهاڪو ٿيو، جتي هينئر سند درگاه آهي.

شاه عبدالڪريم پنهنجي وڏي ڀاءُ جلال شاهه جي سنڀال هيٺ رهندو هو، جنهن جي بزرگي ۽ خدا رسيدگيءَ بابت تاريخ تحفته الڪرام پارسي جلد 2 ۾ گهڻي تعريف لکيل آهي. ان شاه عبدالڪريم کي مڪتب ۾ تعليم لاءِ ويهاريو هو ۽ پڙهڻ لاءِ گهڻو ضربيندو هوس، پر شاه صاحب پڙهڻ تي گهڻو ڌيان نه ڏيندو هو. سندس والده شريفہ پنهنجي پٽ کي فرمائيندي هئي، ته ننڍي ڀاءُ کي پڙهڻ لاءِ نه ڇينڀ، ڇاڪاڻ جو هو ڄائي ڄم کان خدا تعالى جو نوازيل آهي.“

شاه عبدالڪريم مڪتب ۾ تعليم حاصل ڪئي يا وڏي هوندي عالمن جي صحبت مان علم پرايو، تنهن بابت بحث ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. جو ڪچيءَ کان وٺي بندگيءَ جو سخت پابند، فقيرن جي صحبت جو طالب، سماع ۽ راڳ جو شائق ۽ خدا رسيدو بزرگ هو. سندس ڪلام ۾ مجلسي تقريرون جي اڄ تائين موجود آهن، تن جي مطالع مان صاف  ثابت آهي ته هو قران شريف، حديث، تفسير ۽ تصوف ۾ ماهر ۽ عربي توڙي پارسي ٻوليءَ ۾ هوشيار هو.

سيد عبدالڪريم اڃا ننڍروئي هو، ته ڀاڻس شادي ڪرائي ڇڏي هيس. ڀاءُ جي وفات کانپوءِ سڄي ڪٽنب جي پرورش جو بار سيد عبدالڪريم جي سر تي اچي ويو. هو پنهنجن هٿن سان ٻني ٻارو ۽ کاٽي کرڙي جو ڌنڌو ڪري، عيال پاريندو هو، مگر انهيءَ عيال پروريءَ ڪڏهن به شاه جي خدا پرستي ۽ روحاني شغل ۾ اٽڪاءُ ڪونه ڪيو.

شاه صاحب سني مذهب جو صوفي طريقي وارو بزرگ هو. هو پاڻ کي سيد جي بدران فقير سڏائيندو هو ۽ نهايت صابر، تحمل وارو ۽ بردبار هو. سندس آواز تمام مٺو ۽ بلند هو. شاه صاحب اٺاسي ورهن جي عمر ۾ تاريخ ستين ذوالقعد سنه 1032هجري برابر سنه 1622ع ۾ وفات ڪئي. سندس قبو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ٺهرايو هو، جو سندس پڙپوٽي سيد حبيب شاهه جو فرزند هو ۽سندس وفات کان ستهٺ ورهيه پوءِ تولد ٿيو هو.

سيد صاحب جو ڪلام

سيد صاحب سنڌي ڪلام به چيو آهي ۽ پارسي به، پر پنهنجي حياتيءَ ۾ نڪي پاڻ پنهنجو شعر لکيائين نڪي ڪنهن ٻئي کي لکڻ ڏنائين. سندس وفات کان ڇهه ورهيه پوءِ سندس مريد ميان محمد رضا ولد محمد واسع پارسيءَ ۾ بيان العارفين نالي ڪتاب لکيو، جنهن م سيد صاحب جون مجلسي تقريرون ۽ انهن تقريرن ۾ سيد صاحب جيڪي به پنهنجا ٺاهيل سنڌي خواه پارسي شعر پنهنجي زبان مان ڪڍيا ۽ ميان محمد رضا خواه ڪن ٻين خاص مريدن کي ياد هئا درج ٿيل آهن، جن ۾ سنڌي بيت ڪا هڪ سو ست آهن، ۽ پارسي بيت يارهن، جيڪي سنڌي بيت آهن، تن مان ڇهه بيت قاضي قاضن جا ۽ پنج بيت ٻين شاعرن جا چيل آهن باقي فقط ڇهانوي سنڌي بيت شاهه عبدالڪريم جا آهن.

سيد عبدالڪريم رح جي سنڌي ڪلام کي ان وقت جي مشهور معروف پارسي صوفيانه ڪلامن جهڙوڪ: منطق الطير، حديقہ الحقيقت، گلشن راز ۽ مثنوي شريف سان ڀيٽي ۽ جاچي ڏسجي ٿو ته تسلي ٿئي ٿي، ته شاهه صاحب جي ڪلام تي مثنوي شريف جو خاص اثر آهي. آئون هيٺ مثالن سان ڏيکاريندس ته ڪٿي ڪٿي مثنوي شريف جي ٻن مصرعن واري. مصمون کي سيد صاحب هوبهو پنهنجي سليس ۽ سهني سنڌيءَ جي ٻن مصرعن ۾ سمائيندو يو آهي. ڪٿي ٿورڙو ڪو تفاوت رکيو اٿس. ڪٿي ڪٿي ته جو مصمون مثنوي شريف جي ٽن چئن لاڳيتن بيتن ۾ سمايل آهي، سارو مضمون سيد صاحب نهايت عمدي نزاڪت سان فقط ٻن مصرعن ۾ جڙي ڇڏيو آهي. انهيءَ جي اها مراد نه آهي، ته سيد صاحب مثنوي شريف جو ترجمو يا نقل ڪيو آهي، پر مطلب هيءُ آهي ته کيس مثنوي شريف سان ايتري دلچسپي هئي ۽ ان جو مضمون ايتري قدر ذهن نشين هون، جو جيڪو سندس ٺاهيل سنڌي شعر زبان مان پي نڪتو آهي، تنهن جو مضمون، مثنوي شريف جي مضمون سان ٺهڪندو ڦهڪندو آيو آهي. مثال:

(1) مثنوي شريف جي دفتر چوٿين، حڪايت ڇهين ۾ چيل آهي:

خار از چشم دل گربرڪني

چسم جان را حق بخشد روشني

يعني: ”جيڪڏهن دل جي اکين مان ڪٽر ڪڍي ڇڏيندين، ته خدا تعالى تنهنجي روح جي اکين کي روشني بخشيندو.“ انهيءَ ساڳئي مضمون کي سيد صاحب هن طرح سنڌي لباس پهرايو آهي:

پاڻيءَ جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکيون،

ڄر ڪجر جن وچ ۾، سي ڪيئن پرين پسن؟

(رساله ڪريمي بيت 81)

(2) دفتر چوٿون حڪايت ڇهين:

خشڪ باسي بر لب جو خشڪ لب،

ميدوي سوئي سراب اندر طلب.

يعني: ”اي اڃايل، درياءَ جي ڪناري تي اڃايل رهين ۽ رڃ جي پٺيان پاڻيءَ جو ڳولائو ٿيو. ڊوڙندو ٿو وتين.“

ساڳيو مضمون سيد صاحب هن طرح ٿو پنهنجي ڪلام ۾ چوي:

پاڻي اي جهوپڙا مورک اڃ مرن،

دانهون ڪن مٺن جان دم نه سڃاڻن.

(رساله ڪريمي بيت 56)

(3) دفتر پهريون حڪايت ٽين:

جان نا محرم نه بيند روءِ دوست،

جز هما جان که اصل اوزار ڪوءِ دوست.

يعني:” جنهن جي روح جي پاڙ، حقيقي دوست جي گهٽيءَ ۾ کتل آهي، تنهن روح ڌارا ڪو غير محرم روح حقيقي دوست جو ديدار ماڻي نه سگهندو.

سيد صاحب ساڳئي مضمون کي هن طرح ٿو ادا ڪري:

سڏ نه سلامي ٿيا، وهيءَ وريا نه جي،

هاڻي تني کي ناهي ماڳ ملير ۾.

(رساله ڪريمي بيت 57)

(4) ففتر ٽيون حڪايت ڏهين:

آن طرف که عشق مي افزود درد،

بو حنيفه، شافعي درسي نکه نه.

يعني:” امام ابو حنيه ۽ امام شافعي (عليہ الرحمته) جي فقہ يعني شرعي قاعدن قانونن جا استاد هئا، انهن انهيءَ طرف ڪو به سبق نه ڏنو آهي، جنن طرف حقيقي عشق دل جي درد کي وڌائيندو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org