سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 8

جفا ڪشي ۽ اورچائي:

1-      ”سوريءَ تي سو وار، ڏيهاڻي چنگ چڙهن،

جم ورچي ڇڏئين، سڪڻ جي پچار،

پرت نه پسين پار؛ نينهن جيائين نڱيو،

2-     پتنگ چائين پاڻ کي، ته ڄيري پئو ڄاڻي،

تان تان تاڻج تاءَ ڏي، جان آگ نه اجهاڻي،

وسہ وهاڻي؛ آڳ نه ڏجي عام کي.“

دنيا کي چنبڙي نه پوڻ:

فاني ني فاني، دنيا دم نه هيڪڙو؛

لٽي لوڙهه لتن سين جوڙيندءِ جاني؛

ڪوڏر ۽ ڪاني، آهه سر سڀڪنهن.

شاهه صاحب هر نموني جون اخلاقي نصيحتون پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آنديون آهن. زال ذات جو پنهنجي ڀتار سان وفادار رهڻ ۽ پرپٺ ان جي خير خواهي ڪرڻ (سر سامونڊي)، زال ذات جي سچي اشرافت ۽ وطن جي حب (سرمائي)، پنهنجي چوڪ قبول ڪري پڇتايائين (سر ليلان چنيسر)، مرداني سچي غيرت (سر مومل راڻو)، ڀائرن جو قرب (سر گهاتو)، وغيره وغيره.

عاشقانو ضمون

هن ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي، ته شاعري4 جو نور آهي عشق؛ عشق ڌاران شاعري معذور آهي، پوءِ اهو عشق پنهنجي سچي مالڪ سان هجي، مرشد يا هادي سان هجي، فطرت جي نظارن سان هجي، قوم ۽ ديس سان هجي يا انساني حسن سان هجي. شاه صاحب انهن سڀني عشقن جا پر پيالا پيتا هئا ۽ سندس سارو ڪلام انهن عشقن جي مذڪور سان ڀرپور آهي، مگر هت عاشقانو مضمون فقط انهيءَ کي ٿا سڏيون، جو انساني حقن جي عشق بابت آهي.

عاشقاني مضمون ۾ معشوق جي حسن جي تعريف، معشوق جي جفا ۽ بيپرواهي، عاشق جي وفا ۽ نهٺائي، خلق جون چٿرون، حاسدن ۽ رقيبن جون فتنه انگيزيون ۽ اٽڪاءَ؛ آخر سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جي سوڀ؛ اهي ڳالهيون اچيو وڃن ٿيون. شاه صاحب معشوق جي حسن جي تعريف ۾ ايراني شاعرن جي پيروي بلڪل نه ڪئي آهي، جيئن اڄ ڪلهه جي شاعرن جي شعر ۾ آهي. نه نرگس ۽ لاله سان معشوق جي اکين ۽ ڳلن جي ڀيٽ ڪئي اٿس، نه سرو ۽ شمشاد سان يار جو قد ڀيٽيو اٿس؛ نه صبا ۽ نسيم کي قاصد بنايو اٿس. انهن شين جو سنڌ ملڪ سان سٻنڌ ئي ڪونهي. شاهه صاحب معشوق جي سونهن بيان ڪرڻ وقت اهڙين شين جي ڀيٽ ڪم آندي آهي، ۽ اهڙيون شيون تمثيل طرح پيش ڪيون اٿس، جن کي سنڌ جو سڀ ڪو ماڻهو ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿو. اهو ئي سبب آهي،  جنهن ڪري شاه جي شاعري جي عبارت نقلي شاعرن جي داغ کان آجي آهي. شاه جي عاشقاني مضمون مان ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا؛

معشوق جو حسن:

1-      ”پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀلائيءَ جا ڀير؛

اڱڻ اُڪنڊين جي، ڏئي پاٻوهيو پير؛

قمر پاڙي ڪير؟  شمس سپيرين سين.“

چنڊ! تنهنجي ذات، پاڙيان نه پرين سين؛

پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلن ڪرين هزار؛

جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوستن جو.”

3-     ”کڻي نيڻ خمار مان، ناز ڪيائون نظر؛

سورج شاخون جهڪيون ڪوماڻو قمر؛

تارا ڪتيون تائب ٿيا ديکيندي دلبر؛

جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سان.“

4-     ”جهڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿسن سائيون؛

عطر ۽ عنبير سان تازا ڪيائون تن؛

مڙهيا گهڻو مشڪ سين؛ چوٽا ساڻ چندن؛

سونهن رپي سون سين سندا ڪامڻ ڪن؛

ڪيائين لعل لطيف چئي، وڏا ويس ورن؛

منجهه مرڪيس من سوڍي سين سڱ ٿيو.“

معشوق جي جفا ۽ عاشق جي وفا:

1-      ”صورت“ گهڻو سهڻا، ٽاڻا سندن ٽوهه،

ريلو ڏئي روح، جو کائي سو کامي مري.“

2-     ”تون صاحبزادو سپرين، آءٌ نسورو نوڪر؛

بي حد ڪريان بندگي، هٿ ٻڌي حاضر؛

ڇن ڇڏيندس ڪينڪي، دوست اوهان جو در؛

مون تان مهر نظر، پرين لاهه ۾ پنهنجي.“

3-     ”هوڏ ڇڏي هوڏي، جي مان گهر اچين سپرين،

ڳالهيون ڳجهه اندر جون، رتن گهريون توڏي،

جي وهين گڏ گوڏي، ته دور سڻائين دل جا.“

عاشق تي چٿرون ۽ اٽڪاءُ:

1-      ”پورب تي مارياس، ڪنهن در ڏيان دانهڙي؟

متيون ڏيندي لوڪ کي، چري پاڻ ٿياس؛

جنهين نه جيهاس، مون لڳي تن سان.“

2-     ”ککي هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ؛

سمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري ان سين.“

3-     ”کرکي کپر کاءُ نانگ مڻيارو نڪري؛

اُڀي جو اوناءِ، سر پر سندي سڄڻين.“

4-     ”خبر ٿي کرن کي ته مون کي ڪندا ڪوهه؟

صورت سپريان جي، ڏٺي ڪونهي ڏوهه؛

لوري لڳم لوءِ، جنهين رت رئاريو.“

5-      ”الله کر جين، مدي جن جي من ۾،

اسان ۽ پرين جون اميدون پسن،

تنهان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ سور ۾”

عاشقاني مضمون جا تفصيل وارا ڀاڱا سر سهڻي، سر آبري، معذوري،ديسي، ڪوهياري، حسيني، بروي ۽ مومل راڻي ۾ بيان ٿيل آهن.

فطرت نگاري يا طبعي مضمون:

فطرت يا سرشتيءَ جا نظارا ڪنهن به روشن دل شاعر جو ڪشادو ڪتب خانو آهي. شاه صاحب انهيءَ ڪتب خاني جي هر هڪ ڪتاب کي اندر جي اکين سان مطالع ڪيو هو. قدرت جو پکڙيل حسن ئي آهي، جو حقيقي حسن  ڏانهن روح کي رجوع ڪري ٿو ۽ حقيقي معشوق جي پاڪ هستيءَ بابت پڪو ويساه ڄمائي ٿو. انهيءَ ڪري قدرت جا نظارا پاڻمرادا شاعر جي دل ۾ امنگ پيدا ڪندڙ آهن. فطرت جا سرشتيءَ جي نظارن کي سليس ۽ چڀندڙ لفظن ۾ اهڙيءَ طرح بيان ڪرڻ، جو بي جان شيون به جاندار نظر اچن ۽ اڻ ڏٺل نظارا به اکين اڳيان تري اچن، تنهن کي چئجي فطرت نگاري يا شاعراڻو طبعي مضمون.

شاه صاحب پهريون ئي شاعر آهي، جنهن سنڌ جي طبعي مضمون وارا شعر چيا آهن. سر سارنگ جي سر ۾، برسات جون عجيب عجيب ڪيفيتون ۽ آسمان جا نظارا، سهڻيءَ ۾ درياءَ ۽ ان جي ڪنارن ۽ ڪنن جو نقشو، سر سامونڊيءَ ۾ سمنڊ جون لهرون، طوفان جون تيزيون ۽ ملاحن جي چستي ۽ سستيءَ جا نتيجا، سر آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسينيءَ ۾ جبلن ۽ ڏونگرن جا فوٽا، هاڙهي جي حب ۽ رڻن جون رونقون، سر مائيءَ ۾ ٿر ۽ ڀٽن تي برسات جي ڪري پيدا ٿيل چهچٽا، سر ڏهر ۾ ڍنڍن ۽ ان ۾ گذاريندڙ مڇين جي دلچسپ احوال، ڪونجڙين جون قطارون ۽ انهن جا درد ڀريا آواز، سر شينهن ڪيڏاري ۾ جنگ جي جانورن جون چلولايون، سر ڪاموڏ ۽ سر ڪارايل ۾ مڇي ماريندر ماڻهن جي رڇن، ڪڙهين، مڪڙين ۽ ڄارين جا داستان ۽ ڍنڍ جي پکين جا پيغام ڳايا اٿس.

مدحيه مضمون:

شاعرن جو اصل کان وٺي دستور آهي ته پنهنجي شعر ۾ ڪن بزرگن ۽ گڻائين انسانن جي تعريف ڪندا آهن. اهڙي قسم جي شعر کي مدحيه يعني ساراهه جي مضمون وارا شعر چوندا آهن. شاه صاحب سر ڪلياڻ ۽ سر ڌناسري ۾ حضرت نبي ڪريم صلعم جي تعريف ڪئي آهي. سر بلاول ۾ علاؤالدين بادشاه، ڏونگر راءِ ابڙي، سمي، جادم جکري جون واکاڻون بلڪل سهائيندڙ لفظن ۾ ڪيون اٿس. سر پرڀات ۾ وري سپڙ سخيءَ جي سخاوت جي ساراهه ڪئي اٿس.

ساڳئي سر بلاول جي پڇاڙيءَ واري داستان ۾ وڳنڌ فقير سان خوش طبعي ٿيل آهي، جنهنک ي ظريفانه يعني چرچي ڀوڳ جهڙو شعر چئبو آهي.

شاهه جي ڪلام جو پوين شاعرن تي اثر:

شاه ڀٽائي جي وقت ۾ توڙي کانئس پوءِ، جيڪي سنڌ ۾ شاعر ٿيندا آيا، سي شاه صاحب جي سڌاريل نموني تي ڏوهيڙا ٺاهيندا آيا. سنڌ ۾ علم عروض جي قاعدن تي شعر ٺاهڻ جو رواج پيو، تنهن کان پوءِ به شاه جي طرز تي ڏوهيڙن ٺاهڻ جو رواج بند ڪونه ٿيو آهي. اڄ ڪلهه به ٻهراڙين م سوين گمنام شاعرن جا شعر ڏوهيڙن جي طرز تي پڌرا ٿيندا رهن ٿا. شاه عنايت، صادق فقير، سچل فقير، سوامي چئنراءِ، مينگهو ڀڳت، دلپتراءِ صوفي ۽ ٻين هزارن شاعرن جا شاه صاحب جي ڏوهيڙي جي طرز تي ڏوهيڙا لکيل آهن.

انهيءَ طرز تي سنڌ جي شاعرن نه رڳو متفرقا ڏوهيڙا ٺاهيا آهن، پر سڄا سڄا قصا به انهن ڏوهيڙن ۾ لکيا اٿن، جهڙوڪ: سسئي پنهون، مومل راڻو، سهڻي ميهار، ڪامروپ وغيره.

شاه صاحب سنڌ ۾ ”وائي“ جو رواج پيدا ڪيو. انهيءَ وائيءَ مان وري ”ڪافي“ جي صورت پيدا ٿي، سنڌ ۾ هزارين شاعر ٿي گذريا آهن ۽ اڃا به آهن؛ جن شاه صاحب جي وائيءَ جي طرز تي ڪافيون ٺاهيون آهن. جيئن شاه صاحب پنهنجيون وايون جدا جدا سرن راڳن ۽ راڳڻين تي ڳائڻ جو رواج پيدا ڪيو، تئن کانئس پوءِ وارا شاعر به پنهنجيون ڪافيون جدا جدا سرن ۾ راڳڻتين جي جدا جدا سازن تي ڳائيندا اچن ٿا. انهيءَ ڪي سنڌ جي سنڌي راڳ جو اڳواڻ شاهه ڀٽائي ليکيو وڃي ٿو.

جئن شاهه ڀٽائي مشهور عشقي قصن جو خاص خاص ٽڪرن تي شعر ٺاهي روح يريجهايو آهي، تئن کانئس پوءِ وارن ڪافين ٺاهيندڙن شاعرن به ڪيو آهي. سهڻي جي قصي مان ڪن شاعرن فقط سهڻيءَ جي ٻڏڻ واري حالت تي ڪافيون ٺاهيون آهن.سسئيءَ جي قصي مان فقط جبل جهاڳڻ وارو ڀاڱو ڳايو آهي ۽ ڪن فقط چنيسر اڳيان پڇتاءُ ظاهر ڪيو آهي، ته ڪن مارئي بڻجي فقط وطن، جي سڪ ڳائي آهي، ته ڪن مومل بڻجي مينڌري کي پرچائڻ لاءِ ٻاڏايو آهي. مطلب ته شاه صاحب جي ڪلام جي طرز ۽ مضمون جو اثر اڄ تائين سنڌ ۾ قائم آهي. شاه صاحب کان پوءِ سنڌ ۾ اهڙو ڪو به شاعر پيدا نه ٿيو آهي، جنهن ڪو نئون گس پيدا ڪيو هجي. علم عروض  جي قاعدن تي شعر ٺاهيندڙنم شاعرن شعر جي طرز بيشڪ مٽئي آهي، پر مضمون ۾ يا ته هروڀرو ايراني شاعرن جو نقل کڻي اختيار ڪيو اٿن يا ساڳيا شاه صاحب وارا پير اچي ورتا اٿن.

شاه صاحب جي ڪلام جي سنڌي

 شاه عبداللطيفجي سنڌي ساڳي آهي جا مخدوم ابو الحسن ۽ هن جي همعصرن ڪم آندي آهي. نحوي ترڪيبون ۽ صورتخطيءَ جا قاعدا به ساڳيا آهن.

شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا نسڌڏي ٻولي ڪم آندي آهي، تنهن کي نجس نڌي ٻولي چوڻ درست آهي، ڇاڪاڻ جو ان ۾ سنڌ جي طبعي (پراڪرت) ٻوليءَ جا لفظ به موجود آهن، مڪمل سڌريل (سنسڪرت) ٻوليءَ جا لفظ موجود آهن ۽ عربي ۽ پارسي لفظ به قائم آهن. اهي سڀ اهڙا عام فهم آهن، جي سنڌ جو هر ڪو هندو خواه مسلمان آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو.

شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ نڪي اهڙا ڳرا سنسڪرت ٻوليءَ جا لفظ ڪم آندا آهن، جهڙا سامي صاحب پنهنجن سلوڪن ۾ ڪتب آندا آهن  ۽ نڪي اهڙا ڳوڙها عربي ۽ پارسي لفظ ۽ محاورا ڪم آندا اٿس، جهڙا اڄ ڪلهه جا مسلمان شاعر پنهنجن پنهنجن ڪلامن ۾ ڪم آني رهيا آهن. جتي قرآن شريف جون آيتون يا حديث شريف جا جنسي حوالا ڏنل آهن، تن هنڌن کان سواءِ باقي ڪلام ۾ شاه صاحب اهڙي سنڌي ٻولي ڪم آندي آهي، جا سنڌ جي هندن خواه مسلمانن لاءِ هڪ جهڙي مروج آهي.

(1)

”اکر ڇٽي هيڪڙي، ٻهون جي نه ٻجن،

ڪوه ڪبو کي تن، سڄي سڻائي ڳالهڙي“.

(2)

”پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،

پاڻان ڏوه چڙهن، جئن ورق ورائين وترا“.

مٿيان ٻه بيت مثال طرح ڏنا ويا آهن. انهن ۾ سنسڪرت بنياد وارا لفظ به آهن جهڙوڪ: اکر ٻهون، ٻجهن، سڄي ۽ ڏوهه، سنڌ جي طبعي (پراڪرت) ٻويل جا لفظ به موجود آهن، جهڙوڪ: ڪوه، ڳالهه ۽ وترا، ۽ عربي ٻوليءَ جا لفظ به آهن جهڙوڪ: قلوب ۽ ورق، مگر انهن ۾ اهڙو ڪو به لفظ ڪونهي، جو ڪنهن هندو يا مسلمان کي سمجهه ۾ نه ايندو هجي.

سڀڪنهن ٻوليءَ جو اهو دستور آهي، ته جئن جئن حڪومتون وينديون آهن مٽبيون سٽبيون ۽ نوان لفظ ۽ محاور ويندا آهن ڪتب ايندا، تئن تئن اصلوڪا پراڻا لفظ ۽ محاورا ويندا آهن گم ٿيندا. شاه صاحب جي گذرئي هينئر ٻه صديون ٿي ويون آهن، تنهن ڪري سندس ڪلام ۾ ڪم آيل ڪيترائي پراڪرت لفظ هينئر ڳالهائڻ ٻولاهئڻ ۾ ڪم ڪونه ٿا اچن، ۽ ڪيترن ئي سنسڪرت ۽ عربي خواه پارسي لفظن جون صورتون اهڙيون مٽجي ويون آهن. جن جو بنياد صحي ڪرڻ مشڪل ڪم آهي.

[1]

اڄ پڻ امارو چوڏهين ماه چنڊ جو

[2]

من ۾ ٻار مچ، جم وڃني اوهري

[3]

ڪرهو نڪي ڪان، پيرين آءٌ نه پڄڻي

[4]

سڳر سوٺائون، ٿيا رحمان سين

[5]

اسان اڌارا آڻي آونگ چاڙهيا.

مٿين مثالن ۾ (1) ”امارو“ = نرواري، پڌرائي، (2) ”جم“= متان (3) ”اورهڻ“ = کسڪي وڃڻ، تڳي وڃڻ، اهي اهڙن جهونن پراڪرت لفظن جا مثال آهن، جي اڄ ڪلهه جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ ۾ نٿا اچن.

”ڪان“ اصل سنسڪرت لفظ آهي. ”ڪانڍ“= گهوڙو پر سنديس صورت اهڙ: مٽجي وئي يآهي، جو ان جو بنياد لهڻ آسان نه آهي.

اهڙيءَ طرح ”سڳر“= (رستو) اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ”ثنر“، ”آونگ“ =(برتن يا ٿانءُ) اصل ۾ پارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي ”آوندا“

ڪيترائي سنسڪرت، عربي ۽ پارسي ٻولين جا بگڙيل لفظ جي شاه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن؛ سي سندس زماني ۾ ئي اهڙين بگڙيل صورتن ۾ ڪم پيا ايندا هئا ۽ انهن مان ڪيترائي لفظ اڄ تائين به ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڪم پيا اچن. ۽ صاف سنڌي پيا ڀائنجن.

شاه صاحب جي ڪلام ۾ شاعراڻيون خوبيون

زبانداني:

زبانداني يعني ٻوليءَ جي واقفيت شاعر لاءِ ضروري خوبي آهي. شاه صاحب سنڌيءَ ٻوليءَ جو ته نهايت قابل ڄاڻو هو، پر عبي ۽ پارسي ٻولين ۾ به ماهر هو. عربي آيتون ۽ گفتا پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ موقعي موقعي تي اهڙي طرح ويو آهي جڙيندو، جو ڄڻڪ عربي به ڪا مادري ٻولي هيس. حيرت انگيز قابليت هيءَ چئبي جو قرآن شريف جي آيتن، حديث شريف ۽ عربي مقالن کي پنهنجي سنڌي مضمون جي مراد سان اهڙي طرح ملائيندو ويو آهي، جو گويا انهن آيتن، حديثن يا مقالن جو تفسير ٿو بيان ڪري. مثال:

1-      آگي ڪيا اڳهين نسوروئي نور،

”لاخوف عليهم ولاهم يحزنون“ سچن ڪونهي سور،

مولي ڪيو معمور؛ انگ ازل ۾ ان جي.

(سر ڪلياڻ)

2-     موت مند نه آهي، طالب ٿيو تڪڙا

”عجلو ابا التوبہ قيل الموت“ ويرم لاهي،

پريان ڪارڻ پاڻ کي، سگهو ويهه سنباهي........

(سر آسا)

3-     ”فيدالماءُ“ ٿيوم، هت اڙانگي گهاريان،

’هماڪ جسمي والفوادالديڪم‘ هنيو هت سندوم

قادر شال ڪندوم، ميڙائوسين مارئين!

(سرمارئي)

پهرئين بيت ۾ قرآن شريف جي هڪڙي آيت جا پويان لفظ ڪم آندا اٿس. اڳيان پڍيان ٻه مصرعون اهڙيون جڙي ڇڏيون اٿس، جو گويا ساري آيت جو مطلب بيان ٿي چڪو آهي.

ٻئي بيت ۾ گناهن جي پڇاڙيءَ واري حديث شريف جا لفظ ڏيئي سائين ڏانهن سچي حب رکڻ جو سبق سيکاريو اٿس. ٽئين بيت ۾ هڪڙي عربي مقولي کي مارئي جي حال سان ٺهڪائي ڦهڪائي بيهاريو اٿس.

سر ڪلياڻ جي ٽئين داستان جي پهرينءَ وائيءَ ۾ ٻه پارسي سٽون شاه صاحب پنهنجون ڪم آڻي پوءِ حافظ شيرازي جي غزل جون مصرعون ڪم آنديون آهن جئن ته:

شيشه را پر ڪن و بردار بيا           شاه صاحب

جام را پر ڪن و بر خيز بيان

ساقيا برخيز درده جام را

خاڪ بر سر ڪن غم ايام را

بادشاه درده چند زين باد غور

خاڪ بر سر نقس نافر جام را

گويا وائي  جو ٿل پنهنجو ڳنڍي مصرعون حافظ صاحب جي غزل جون ڪم آنديون اٿس.

”سر بروي هندي“ جي پڇاڙيءَ ۾ مثنوي شريف جا بيت ۽ ’ثنائي‘ شاعر جو پارسي غزل وائي طرح ڪم آيل آهن، ان مان به ثابت ٿئي ٿو ته شاه صاحب کي پارسي زبان سان خاص دلچسپي هئي.

هندي ٻوليءَ جو ته شاه صاحب پورو پورو ماهر هو. ”سر بروو هندي“ جنهن ۾ رڳا هندي بيت آهن سو جيتوڻيڪ ساروئي شاه صاحب جو ٺاهيل نه آهي، ڇاڪاڻ جو ٻين فقيرن جا بيت به ان ۾ نالن سان نروار ٿيل آهن، ته به انهن مان گهڻا بيت خود شاه صاحب جا ٺاهيل آهن. هندي وايون به ڪن ڪن سرن ۾ شاه صاحب پنهنجون ڏنيون آهن، جهڙوڪ: سر ڪلياڻ جي داستان ٽئين جي پڇاڙيءَ  ۾، سر سورٺ جي داستان چوٿين جي پڇاڙيءَ  به7عٿ

 

واريون وايون.

سرائڪي ٻوليءَ ۾ سر ”هير رانجهو“ ٺهيل آهي ۽ بلوچڪي ٻوليءَ جا چهچٽا سر ديسيءَ جي فصل ستين ۾ چڱا ڏيکاريل آهن. پنجابي ٻوليءَ جون ڪي وايون به شاه صاحب ڪم آنديون آهن، جهڙوڪ: سر سارنگ ۾.

سنڌي ٻوليءَ ته شاه صاحب اهڙي مٺي ۽ رسيلي ڪم آندي آهي، جو ڍڪ ڀري پيئجي ته به ڍؤ نه ٿئي. جهڙي نموني جي ماڻهوءَ جو ذڪر ڪيو اٿس، تهڙي نموني جي ٻولي ڪتب آندي اٿس.

فطرت جو اڀياس ۽ فطرت نگاري:

قرآن شريف ۾ خدا تعاليٰ فطرت يعني سرشٽيءَ جي اڀياس جو هنڌ هنڌ تي تاڪيد فرمايو آهي. انسان جو وجود ۾ بناوت تي ويچار، آسمان ۽ آسماني جسمن جي ڪاررواين تي ڌيان، مرن، پکين ۽ جيتن جي چرپر تي خيال، جبلن، جو اڀياس آهي، جنهن جي وسيلي خدا تعاليٰ جي پاڪ هستيءَ تي يقين ڄمي ٿو ۽ سندس قدرت، ڪاريگري ۽ ڪرم تي انسان جو روح قربان ٿئي ٿو.

تمام چڱيءَ طرح ڪيو هو، تنهنڪري ئي قدرت جا نظارا اهڙي دلچسپ نموني ۾ بيان ڪيا اٿس، جو سنڌ جو ٻيو ڪو به شاعر پنهنجي ڪلام ۾ اهڙي فطرت نگاري ڏيکاري نه سگهيو آهي. شاهه صاحب جهنگن، جبلن، ماٿرين ۽ ميدانن جا جي گشت ڪيا هئا، سي کيس فطرت جي اڀياس جي ڪشش ئي ڪرايا هئا.

سر سارنگ ۾ برساتي نظاري جو بيان کنيو اٿس، ته سادن سودن لفظن ۾ پيش ڪري چڪو آهي. هارين ۽ مالدارن کي برسات جو انتظار، تاڙي جو توارڻ ۽ سنگهارن کي پيٽ ۾ ساهه پوڻ، ڪڪرن جا ڪارا ويس، وڄ جا چمڪا، گوڙ جا دهل دماما، ٿر بر پلر جي پاڻيءَ سان ٽمٽار ٿي وڃن، هارين جو آباديءَ کي لڳي وڃڻ، ڏيهه ۾ سک ۽ سڪار پيدا ٿيڻ. اسر مارئيءَ ۾ ڀٽن ۽ ميدانن تي برسات جا پيدا ڪيل نظارا، نهايت دلڪش عبادت ۾ بيان ڪيا اٿس. سر کنڀات ۾ چنڊ ۽ چانڊوڪيءَ کي ڳايو اٿس. سر ساموندي ۾ سمنڊ جو قدرتي نظام اهڙو بيان ڪيو اٿس، جو ڄڻڪ اکين سان نظارا پيا ڏسجن. سر سهڻيءَ ۾ درياءَ جون موجون ۽ ڪنن جا ڪڙڪا، سر آبري معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني ۾ جبلن ۽ ڪوهستان جي تصوير، سر ڪاموڏ ۾ ڍنڍن ۽ ڍورن جي رونق، سر ڪارايل ۾ ڪونجن جون قطارون ۽ ٻچن جي پياس، سر بسنت ۾ وڻن جا پراڻا پن ڇڻڻ ۽ ساوا ويس ڍڪڻ.

انساني طبيعتن جو اڀياس ۽ سيرت نگاري:

شاهه صاحب انسان انسان ذات جي طبيعتن جو اڀياس به بلڪل ڳوڙهي طرح ڪيو هو، انهيءَ ڪري هر نموني جي انسان جي سيرت پنهنجن سادن ۽ سليس لفظن ۾ اهڙي چٽي اٿس، جو ڄڻڪ ايامن جا گذريل انسان اکين اڳيان اچيو بيهن. سامين ۽ سنياسين جي سيرت بيان ٿو ڪري ته گويا پاڻ ئي سچو پچو جوڳي آهي. سهڻيءَ جي فلڪ ۽ جرئت، سسئي جو ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو ۽ رائي ۾ پير رت ٿيئڻ، مومل جي شاهاڻي ڇنڊ ڦوڪ ۽ عيش مزاجي، ليلان جي ڳهيلائي ۽ پڇتاءُ، مارئي جي لاک وتي لوئي ۽ ٿر جي ٿڌي واري، گنڌڙيءَ جي خوش نصيبي ۽ مهاڻن جون موجون، ڪلاجيءَ جو ڪن ۽  گهاتن جي بي ڌڙڪائي،آهيڙين ۾ شڪار جي چالاڪي ۽ ڪتن جي سچائي وغيره وغيره. هستين جي سيرت نگاري جهڙي شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڏيکاري آهي. تهڙي اڄ تائين سنڌ جو ڪو ٻيو شاعر ڏيکاري نه سگهيو آهي.

بيت:

”دهشت ڌوم دريا ۾، جت ڪڙڪا ڪن ڪري،

ٻڇل ٻانڊي ۾ لهوريون لوڌا ڏين،

سناور ساميا، جت سيڻاهيا نه سنڍين،

ويريون واٽ نه ڏين، ساهڙ سير لنگهائين.“

مٿئين بيت ۾، شاهه صاحب اول درياءَ جو فطرتي نظارو ڏيکاري ٿو، ته ”درياءُ ڦوڪيو پيو وهي. ڪنن ۾ پاڻيءَ جا ڪڙڪا پيا پون، وڏا وڏا بنڊ به پاڻيءَ جي تکائيءَ ڪري هيٺ مٿي ٿيندا لڙهندا وڃن ٿا.“ انهن ٻن سٽن ۾ ساهه صاحب گويا درياءَ جي تصوير نهايت چٽائيءَ سان ڏيکاري آهي.

هاڻي اچي ٿو سيرت تي؛ ”ساندارن ترڻ وارا تارو ماڻهو، جن کي درياءَ جو ڪو ڀئو نه هوندو آهي، سي به درياءَ ۾ گهڙڻ لاءِ ڇاتي نه پي جهلي سگهيا، مگر سهڻي جي فلڪ ۽ سڪ ڀريل جرئت ڏسو؛ جو ” پياري ساهڙ تون مدد گار ٿج.“ اهي لفظ، چئي دلو پيٽ جي هيٺان ڏئي ڌوڪي پئي درياءَ ۾.“

بيت:

پير کنيائيون پر ۾، پيارين پهون،

سنجن سالڪن تي؛ وڏيءَ وير رهون،

پايو جر جندن ۾، ڪوٽان ڪن ڪهون،

ڏينهان ڏينهن نئون، مونکي ورهه ويڙهيچن جو.

”برسات نه هئڻ جي حالت ۾ ٿر جا ماڻهو پوٺن ۾ کوٽيل کوهن تي ٻڪرين کي پاڻي پياريندا آهن. اهي کوهه، ساٺيڪا يعني سٺ گز کن هيٺ (تمام اونها) هوندا آهن. جوان ڇوڪريون يا زالون صبح جو سوير پاڻي ڪڍڻ وينديون آهن ۽ جنڊ جهڙيون ڳريون چڙهيون شوق سان ڊوڙون پائي انهن کوهن مان پاڻي سان ڀري ڇڪي ڀاهر پيون ڪڍنديون آهن. انهن ساهيڙين ۽ عزيزن جي اڪير مون ئي نئين سج، نئين دل ۾ پيدا پيئي ٿئي.“

مٿئين بيت ۾ شاهه صاحب لفظ ٿورا ۽ سادا ڪم آندا آهن، پر انهن ٿورڙن ۽ سادن لفظن ۾ مارئي ۽ ان جي ساهيڙين جي سيرت جو نقشو تمام ڪشسادو ۽ دلچسپ چٽي وڃي پار پيو آهي. فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري جي مثالن جي شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ڪمي ئي ڪانهي. فقط غور سان سندن ڪلام کي مطالع ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ديس جي رسمن رواجن جو اڀياس:

سنڌ ديس جي اهڙي ڪا قوم ڪانه هئي، اهڙو ڪو به ڌنڌو ۽ رسم رواج نه هو؛ جنهن جو شاهه صاحب غور جي نظر سان اڀياس نه ڪيو هجي ۽ انهيءَ ڌنڌي يا رسم رواج مان روحاني سبق نه پرايا هجنس.

صراف، وينجهر، سونارا، لوهار، رنگريز، ڪوري، ڪاسائي، ڪتيندڙ، واڳيندڙ، ڪاتب، درزي، گتيوال، سوداگر، ملاح، موالي، مهاڻا، مڇي وڪڻندڙ، پکين جو شڪار ڪندڙ، جهنگ جي جانورنجو شڪار ڪندڙ،  زنانيون رسمون ۽ رواج، مطلب ته شاهه صاحب جي ڪلام ۾ اهي نڪتا ڏسي کيس ”هر فن مولا“ سڏجي، ته وڌاءُ نه اهي، حالانڪه هو فقيرن ۾ به سچو فقير هو. نموني خاطر فقط ٻه ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

”ڪاتب لکي جئي، لايو لام الف سين،

اسان سڄڻ ٿئن، رهيوآهي روح ۾.“

جن ڏينهن ڇاپخانه ڪين هئا، تن ڏينهن سڀ ڪتاب ڪاتب پنهنجن هٿن سان لکندا هئا. عربي صورتخطيءَ ۾ ڪتاب ’ل‘ سان ’الف‘ هن طرح ملائي لکندا هئا: ”لا“ (ه)

انهن ٻن اکرن جي ملاوت اهڙي ٿيو وڃي، جو ڪوبه سنڌو وچ ۾ نٿ ٿو اچي. ’روح‘ ۽ ’رب‘ جي ملاوت هڪڙي غير محسوس حالت آهي، پر ڪاتب جي ’ل‘ ۽ ’الف‘ جي ملاوت جو مثال انهيءَ غير محسوس حالت کي ’محسوس‘ بڻائي ڏيکاريو.

انهيءَ مان ثابت ٿيو، ته شاهه صاحب هوشيار پڙهيل ماڻهو هو. جنهنڪري ڪاتب جي ڌنڌي کي باريڪه نظر سان ڏسي ان مان روحاني سبق حاصل ڪيو اٿس.

”ڇنن توءِ م ڇن، پاءِ ’اميري‘ ان سان.“

مٿئين بيت ۾ شاهه صاحب ڪورين جي ڌنڌي مان سبق پرايو آهي. جڏهن اڏي ۾ ويهي اڻندي ڪا تند ٽٽي پوندي آهي، تڏهن ڪوري چپٽيءَ سان اهي ٽٽل تندون ڳنڍي، پنهنجي اڻاوت ۾ لڳو رهندو آهي. اهڙيءَ ڳنڍ کي سڏبو آهي ’اميري‘

شاهه صاحب جيڪڏهن ڪورين جي اُڻاوت جو ڪم غور سان نه جاچي ها ته جيڪر اهو عجيب روحاني سبق اهڙي اڻ لڀ مثال سان ڪيئن بيان ڪري سگهي ها.

”رچي جي ’ريٽو‘ ٿيا، ڪين اٻاٽجن اوءِ،

کنڀ نه کاري تنهن کي، جو ”هالاري“ هوءِ،

توڻي ڌوٻي ڌوءِ ته به لالائي نه لهي.“

هن ڪلام ۾ شاهه صاحب رنگريزن جي هنر جاچڻ مان سبق پرايو آهي. جئن هن وقت ”گهوٽ“ ڪنوارين جي طرفان قيمتي لونگيون ۽ عمدا رومان پاکر طرح پهريندا آهن، تئن اڳي ”گهوٽ“ کي ”ريٽو“ سان ڍڪيندا هئا،جو فنگريز اڻ ڦٽندڙ ڳاڙهي رنگ ۾ رکيندا هئا، سچي مڃٺ ۾ رکيل مليريا ٻئي ڪپڙي کي رنگريز ”هالاري“ سڏيندا هئا. هالاري رڱيل ڪپڙو سوکڙين طرح ڪم ايندو هو، ”ريٽو“ ۽ ”هالاري“ ڪپڙو ڦاٽڻ ڦاٽيو ويندو هو، پر ان جو رنگ توڙ تائين ڪين ڦٽندو هو. شاهه صاحب رنگريزن جي انهيءَ سبق مان هي سبق ٿو سمجهائي ته ”سچي سڪ وارن جو حقيقي عشق ڪهڙين به تڪليفن ۽ جاکوڙن پيش اچڻ ڪري دل جي فرهيءَ تان ڊهي نٿو سگهي.

”پوڄا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا؛

مون ڀائيو تنهنوير، ڪوجهي ڪندو پرتڙي.“

هندن خواهه ڪن مسلمانن ۾ قديم رواج هو، ته شاڪيءَ وقت گهوٽ کي لت سان ڍڪڻ ڀڃائيندا هئا، (اڃان به ڪن هندن ۾ اهو رواج آهي). جيڪڏهن گهوٽ جو پير ڍڪڻ تي سولو اچي پيو ۽ هڪڙيئي داڦوڙي سن ڍڪڻ پرزا پرزا ٿي پيو، ته گهوٽ ۽ ڪنوار جي عاقبت چڱي سمجهندا هئا، پر جيڪڏهن پير  پوري طرح نه آيو، ته بدسوڻ سمجهيو ويندو هو. ليلان چنيسر جي رسامي وقت چوي ٿي، ته جڏهن چنيسر سان منهنجي شادي ٿي ٿئي، تڏهن ئي مون کي چنيسر جو پير ڍڪڻ تي پورو آيل نظر ڪو نه آيو. ان وقت ئي منهنجي دل ۾ کڙڪو پيدا ٿيو، ته چنيسر مون سان چڱي توڙ ڪين نڀائيندو.

شاهه صاحب جي باريڪه بين نظر کي آفرين آهي، جنهن کان ڍڪڻ ڀڃائڻ جهڙي زناني رسم به گسي نه سگهي آهي.

جدت ۽ بلند خيالي:

شاعر خداداد لياقت سان ڪابه نئين طرز يا مضمون ادا ڪرڻ جو نئون نمونو پيدا ڪري، تنهن لياقت کي چئجي ”جدت“ يا ”ايجاد“ ڪلام جي طرز ۽ مضمون جي ادائگيءَ ۾ نئون نمونو پيدا ڪرڻ انهيءَ فطرتي شاعر جو ڪم آهي، جو همه صفت موصوف هوندو. سنڌ جي شاعرن ۾ شاهه صاحب پهريون ئي شاعر آهي، جنهن پنهنجو ڪلام نئين طرز تي ٺاهي تيار ڪيو ۽ پنهنجا مضمون نرالي نموني ۾ ادا ڪيا آهن. ڏوهيڙن جو نمونو سڌارڻ، وائيءَ ۽ ڪافيءَ جو سنڌي ٻولي ۾ بنياد وجهڻ، سنڌي ٻوليءَ جي شعر کي هندستان جي راڳن ۽ راڳڻين موجب ڳائڻ جو رواج پيدا ڪرڻ؛ پراڻن قصن ۽ آکاڻين جا چونڊ ڀاڱا وٺي، انهن کي روحاني رنگ ۾ بيان ڪرڻ؛ هر قسم جي ڌنڌي ۽ رسم رواج مان روحاني سبق سمجهائڻ اهڙيون سڀ نيون نيون ڳالهيون شاهه صاحب سنڌي شاعريءَ ۾ پيدا ڪيون.

شاهه صاحب جي طبيعت ۾ خدا تعاليٰ نه رڳو ”جدت“ جو مادو رکيو هو؛ پر منجهس خيال به نهايت بلند ۽ اعليٰ سمايائين. ڪهڙي به سادي شيءِ بابت سادن لفظن ۾ شاهه صاحب اهڙا اهڙا بلند خيال ظاهر ڪيا آهن. ”يڪ مشت“ نمونه خروار“ وانر هت هڪ ئي مثال ڪافي آهي.

”پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون سئيءَ ساڻ؛

ڍڪي اگهاڙن کي؛ ڪين ڍڪيائين پاڻ،

ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.“

ڪپڙن سبڻ جي سئي ڪنهن نه ڏٺي هوندي؟ پر ان سئيءَ مان سبق پرائڻ ڏانهن ڪنهن جو خيال ئي ڪونه ڊوڙندو اهي.

شاهه صاحب مارئيءَ جي زبان م چوي ٿو ته ” منهنجيون“ سرتيون، جا سئي ڪتب آنين ٿيون تنهن سان ڪنهن بادشاهيءَ کي برابر ڪري نٿي سمجهان؛ ڇاڪاڻ جو کيس پنهنجي پاڻ ڍڪڻ جي پرواهه ئي ڪانهي، ته به ڪپڙا سبيو بين اگهاڙن کي پيئي ڍڪي. اي انسان ! تون پاڻ ماري پوءِ جيئرو رهندين، تڏهن انهيءَ ننڍڙي سئيءَ جون وصفون پروڙي سگهندين.“

ڇا لڳي سئي، ته ڇا ان بابت شاهه صاحب جي بلند خيالي!

سوز ۽ اثر

”سوز“ آهي دل جو درد. شعر اهي، شاعر جي دل جي اندروني تصوير يا هنئين جو پاڻي. جيتري قدر شاعر جي دل ۾ درد هوندو، اوتري قدر سندس ڪلام ۾ سوز نه آهي، جيترو شاهه صاحب جي ڪلام ۾ آهي. صديون گذري ويون آهن، ته به شاهه صاحب جي ڪلام ۾ سوز تازو ئي تازو رکيو آهي.

شاهه صاحب جنهن طرز ۽ طريقي سان پنهنجو ڪلام پاڻڳايو هو، سا طرز ۽ طريقو اڄ تائين ڀٽائي جي فقيرن وٽ موجود آهن. شاهه صاحب جي ڪلام جي سوز جي پروڙ تڏهن پوي ٿي، جڏهن هيڪر ڀٽائي جي فقيرن جي واتان شاهه جو ڪلام سڻجي ٿو، جنهن انسان کي خدا تعاليٰ جي طرف جو ڌيان ۽ سڪ هوندي، يا مجازي عشق جي لهر من ۾ هونديس، يا ڪن پيارن عزيزن جو وڇوڙو لڳل هوندس، سو جڏهن به شاهه جو سوز ڀريل ڪلام ٻڌندو، تڏهن ان جي ظاهري حالت اڻ پڇيو مٽجي ويندي. فقير طبع انسانن کي ته شاهه صاحب جي ڪلام ٻڌڻ وقت حال ۽ وجد ۾ ڦٿڪندو ڏسبو آهي.

سنڌ ۾ جيترو شاهه صاحب جي ڪلام جو اثر آهي، اوترو ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام جو اثر نه آهي. شهرن ۾، ٻهراڙين ۾ بلڪه بنين ۽ جهنگن ۾ به شاهه صاحب جي ڪلام جون تنوارون ٻڌبيون آهن.

 

شاهه صاحب جي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت

(الف) فصاحت ۽ فلاغت جي وصف:

ڪلام ۾ عام فهم ۽ نزاڪت دار ٻولي ڪم آڻڻ، لفظن جي باقاعدي جڙت ۽ ساڳيو مطلب جدا جدا لفظن ۾ بيان ڪرڻ کي چئجي فصاحت. شاهه صاحب اهري بولي پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندي آهي. جو سنڌ جو سڀڪو ماڻهو آسانيءَ سان سمجهيو سگهي ٿو. ڪلام ۾ نزاڪت ۽ لسائي وري اهڙي رکيل آهن،جو ڪيترا به ڀيرا ڪلام پڙهبو ته ڀيري ڀيري سان نئون لطف پيو حاصل ٿيندو. سنڌ جا شاعر هيءَ قابليت شاهه صاحب جي ڪلام مان ئي سکيا اهن، جو شعر جي هر هڪ مصرع ۾ ساڳئي آواز سان شروع ٿيندڙ لفظن جون قطارون لڳيون بيٺيون آهن. مثال:

”سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساهه؛

ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه؛

هنيون منهنجو هت ٿيو، هت مٽي ءَ ڪوٽ ۾.“

پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.“

لفظن جي جڙاءَ بنسبت شاهه صاحب جو ڪلام اهڙو پختو آهي؛ جو سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جا اصول ئي شاهه جي ٻوليءَ کي مثال طور اڳيان رکي پوءِ ٺاهيا ويا آهن.

ساڳيو مطلب جدا جدا لفظن ۾ ادا ڪرڻ ته شاهه صاحب جي ڪامل ذهن جو ئي شيوو هو. ”روح“ ۽ ”رب“ جي تعلق کي ڪٿي سهڻي ۽ ميهار جو لباس ڍڪايو اٿس، ته ڪٿي گنڌريءَ ۽ ڄام تماچيڙ جو، ڪٿي سمنڊ جهاڳيندڙ سوداگرن ۽ سندن وفادار زالن جو پوش پهرايو اٿس، ته ڪٿي مڱڻهار ۽ سپڙ سخيءَ جو وغيره وغيره. شاهه صاحڀ هڪڙيءَ هڪڙيءَ شيءِ کي جدا جدا نالن ۾ بيان ڪرڻ جو ڪارستان هو. مثلا وڏڦڙو مينهن وسڻ، اگوندرو آب وسڻ، جهڙن جي جهونگار، سارنگ جي طرفان سار لهڻ، صراحيون پلٽڻ، بادل، وسڻ، جهڙ ڦڙ جو جهات ڏيڻ وغيره. لفظ فقط ”برسات پوڻ“ بابت ڪم آندا اٿس.

چانگو، ليڙو، ميو، ڪرهو، ڪنواٽ، ناقو، گئونرو، ڏاگهو، مهري، بردو وغيره نالا هڪڙي ”اٺ“ لفظ جي بدران ڪم آندا اٿس.

جنبور، ڪارائل، سگ موتيڙو، ڪلاب اها نالا ”ڪتي“ لاءِ ڪم آندا اٿس.

لفظن جي اهڙي ملاوت ڪرڻ، جو ڪنهن شيءِ جو لڪل گڻ به تمام پڌرو نظر اچي، يا سادي سودي لفظ کان سندس رواجي معنيٰ کسي ان کي ٻي اعليٰ درجي جي معنيٰ ڏيڻ کي چئجي ”بلاغت“ بلاغت جي معنيٰ آهي، سادن لفظن کي معنيٰ بنسبت اعليٰ درجي تي پهچائڻ. مثال:

”پايو جر ’جنڊن‘  ۾ ڪوڏان ڪن ڪهون.“

(سر مارئي)

”جنڊ“ لفظ جي رواجي معنيٰ آهي، پٿر جي چڪي، جا ان پيهڻ جي ڪم ايندي آهي. پر مٿئين ڪلام ۾ شاهه صاحب ”جنڊ“ لفظ مان سندس رواجي سادي سودي معنيٰ نه ورتي آهي، بلڪه ”جنڊ“ جي معنيٰ ورتي اٿس ”پاڻيءَ سان ڀريل ڪوس يا چڙهي.“ جنڊ کي انهيءَ نئين معنيٰ ڏيڻ ڪري پڙهندڙن کي هڪدم ذهن نشين ٿيو وڃي، ته پاڻيءَ سان ڀريل ڪوس؛ شڪل ۾ گول ۽ وزن ۾ تمام ڳرا ٿين ٿا، اهڙن ڳرن ڪوسن کي خوشيءَ سان ڊوڙون پائي انهن کوهن مان چڪي ڪڍڻ مان ذهن ۾ اچيو وڃي ته مارئي جون ساهيڙيون ڏاڍيون جفاڪش ۽ خوش گذاريندڙ هيون.


1  انهن کي دين توڙي دنيا ۾ نڪو خوف آهي نڪو خطرو رسڻو آهي. (2) مرڻ کان اڳ گناهن کان توبہ ڪريو. (3) جسم هتي اٿم ۽ دل توهان وٽ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org