سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 30

 

(2) ڪافي (روپ ڪوهياري)

ڪميني ڪيچن ڏي روحاني رڙندي

رند وٺي رڙندي يار.

1-      ڏاڍا ڏونگر ڏيهه جا

چاڙهيون هيءَ چڙهندي يار.

2-     ڏيئي باهه ڀنڀور کي

سورن ۾ سڙندي يار.

3-     رَمي هلندي راهه راهه ڏي

مرن ۾ مرندي يار.

4-     بيڪس باهه برهه جي ڏسي

نار ڏرني يار.

(3) ڪافي هڪ ٺپي (سر پورب)

عشقئون ٿو عبد سڏايان – آهيان الله

1-      هتڙي ٻانهون بانهن جئان

هتڙي شاهنشاهه.

2-     هتڙي ماٺ ماٽ ميان الا،

هت دهشت جو درياهه.

3-     ”الانسان سري و آنا سر“ الا

عاشق ٿيا آگاهه،

4-     بيڪس رک تون دل ۾ بلڪل

وحدت جو ويساهه.

 

 

آخوند حاجي فقير محمد (عاجز)

(1846ع کان 1918ع تائين)

حيدرآباد شهر جي کيانتي ٽنڊه سان لڳو لڳه ”آخوند عبدالڪريم غازي خان“ نالي سان قديم محلو اڄ تائين قائم آهي، جنهن کي عام طرح شراڻي آخوندن جو محلو سڏيندا آهن، انهيءَ محلي وارن آخوندن جا وڏا اصل عربستان جي مسقط شهر جا رهاڪو ”صديقي قريشي“ هئا، جي فاتح سنڌ محمد بن قاسم جي زماني ۾ ٺٽي شهر ۾ اچي رهاڪو ٿيا ۽ عربي تعليم ڏيڻ انهن جو خاص ڌنڌو هوندو هو. انهن آخوندن جي اولاد مان ڪي گهر جدا جدا وقتن تي سنڌ جي جدا جدا شهرن ڏي لڏيندا ويا ۽ اتي وڃي تعليم ڏيڻ جو ڪم ڪندا رهيا، انهن مان هڪڙو گهر ڳوٺ سن (تعلقہ ڪوٽڙي) ۾ به اچي رهيو هو. جن ڏينهن سنڌ ۾ مير غلام علي خان ۽ ان جي ٻن ننڍن ڀائرن جي حڪومت هئي، تن ڏينهن مير غلام علي خان ڳوٺ سن مان انهن آخوندن جو هڪڙو گهر، خاص پنهنجن ٻارن جي تعليم لاءِ لڏائي آڻي حيدرآباد ۾ رهايو، جنهن گهر جو وڏو اڳواڻ آخوند غازي خان بن سعد هو.

ان وقت کان وٺي اهي آخوند پشت به پشت مير صاحبن جي ٻارڙن کي تعليم ڏيندا آيا سندن اهل نساءِ وري مير صاحبن جي ديرن ۾ تعليم ڏيندا هئا.

آخوند غازي خان جو هڪڙو فرزند آخوند عبدالڪريم حديده (عربستان) واري درگاه، جنهن جو ذڪر گدا جي ڪلام ۾ ٿيل آهي، تنهن درگاه جي بزرگن جو سنڌ ملڪ لاءِ خاص خليفو هوندو هو؛ ۽ مير ڪرم علي خان جي حڪومت وقت ڪارداريءَ جو عهدو به هوس.

پارسي ۽ عربي جي واقفيت حاصل ڪرڻ بعد آخوند فقير محمد ان وقت جي سرڪاري سنڌي اسڪول ۾ به تعليم ورتي هئي. انهيءَ زماني ۾ جيڪو سنڌي ٻولي لکي پڙهي ڄاڻندو هو، تنهن کي بنا اٽڪ سرڪاري نوڪري ملندي هئي، تنهن ڪري آخوند کي ترت ئي تپه داريءَ جي نوڪري ملي هئي، پر آخوند ڪچيءَ کان فقيري طبيعت جو ماڻهو هوندو هو، تنهن ڪجهه وقت نوڪري ڪرڻ بعد استعيفا ڏيئي ڇڏي.

آخوند صاحب، کي اصلوڪي دستور موجب مير صاحبن جي طرفان گهر ويٺي ماهيانو وظيفو پيو ملندو هو، ۽ هز هائينس مير عبدالحسين خان (سانگي) جو درويش دل ۽ درويش پرور هوندو هو، سو آخوند فقير محمد کي خلاصو ساليانو وظيفو ڏيندو هو، تنهنڪري آخوند کي پنهنجي ۽ عيال جي گذران لاءِ ٻئي ڪنهن ڌنڌي ۾ مشغول رهڻ جي ضرورت ڪانه رهي، هو هر وقت ڪتابن مطالعه ڪرڻ، شعر لکڻ ۽ ذڪر و عبادت ۾ گذاريندو ۽ درويش خواه علم دوستن سان صحت ونڊيندو رهندو هو، مير سانگي ۽ گدا سان خاص صحبت هوندي هيس. پنهنجي ڪلام ۾ هڪڙي هنڌ آخوند فرمائي ٿو:

”عبدالحسين مير ٿيو سر چشمه فيوض،

جهڙس سخا ۾ ناهه ڪو عالي جناب ڪٿ،

احمد عطا ڪريس خدايار طولعمر،

ٺاهي سندس عديل ڪو گردون قباله ڪٿ

سانگيءَ جو شعر شيرين موزون و پرنمڪ،

آهي گدا به صاف فضيلت ماب ڪٿ.“

(ديوان عاجز غزل 25)

نوٽ: انهيءَ شعر ۾ ”صنعت ذو معنى“ يا ”صنعت ايهام“ طرح آخوند مير سانگي جي ٻنهين فرزندن (احمد يار خان ۽ خدايار خان) جا نالا به سمائي ڇڏيا آهن ۽ دعا به ڪئي اٿس.

ٻئي هڪڙي شعر ۾ مير سانگي ۽ گدا سان گڏ سندن هم صحبت حيدري کي به ياد ڪيو اٿس.

”ڪئين لطف عاجز، گدا، حيدري سان،

سنئون سانگ سانگي جو الله هادي.

(ديوان عاجز غزل 188)

آخوند فقير محمد پنهنجي ڀاءُ برادريءَ ۾ هميشه سڀڪنهن کي سچ چوندو هو ۽ نيڪ صلاح ڏيندو هو. سچ ۾ البت مچ آهي، تنهنڪري ڪيترائي عزيز ساڻس ٺهندائي ڪين هئا.

هزهائينس مير حسن علي خان (حسن) جي ديرن جي وفات بعد آخوند فقير محمد کي مير صاحبن جي طرفان ملڻ وارو ماهيانو وظيفو بند ٿي ويو هو، تنهنڪري هز هائينس مير عبدالحسن خان (سانگي) سفارش ڪري نواب شاهه ضلع ۾ نصرت واه تي اڍائي سو ايڪڙ زمين مالڪاڻي جي حقن سان آخوند کي سرڪار مان وٺائي ڏني، جا اڄ تائين سندس اولاد جي گذران جو وسيلو آهي.

آخوند عاجز جو ڪلام ۽ تصنيفات

آخوند عاجز سنڌ جي موزون ڪلام چوندڙن جهونن شاعرن مان هڪڙو مشهور شاعر هئو. سندس تصنيف ڪيل ”ديوان عاجز“ سندس هٿ جو لکيل سندس وارثن وٽ موجود آهي، ان ۾ باقاعدي رديف وار ڪل 107 غزل آهن، ۽ غزلن کان پوءِ 83 رباعيون آهن. اهو ديوان آخوند پنهنجي هٿ سان تاريخ 25 رمضان مبارڪ هجري سنه 1323 ۾ لکي تيار ڪيو هو.

غزلن جي پڇاڙيءَ ۾ ديوان جي پوري ٿيئڻ بابت چار تاريخي مادا ڏنل آهن، جن مان ٽي آخوند پاڻ ٺاهيا آهن چوٿون ماده سندس هم عصر نوجوان شاعر قاضي صلاح الدين (احقر) متعلوي جو پارسي شعر ۾ ٺاهيل آهي.

غزلن ۽ رباعين کان پوءِ آخوند صاحب پنهنجي ”ديوان“ جو مختصر ديباچو به نثر ۾ رکيو آهي ۽ ان سان گڏ نثر ۾ سمجهاڻي لکي اٿس، ته صوفين بزرگن جي ڪلام ۾ ڪفر، زلف، خط، خال، ابرو، عين، شراب، پياله، ساقي، ڪلال وغيره لفظن جي مراد ڇا ڇا سمجهڻ گهرجي.

انهيءَ سمجهاڻي ڏيندي وچ ۾ آخوند فرمائي ٿو:

(مثنوي)

ڏسين جي شعر هن ديوان جو اي يار

خرابات1 و خراباتي2 ۽ خمار3.

جڻيو، جي بت، ڪرنائي4، چليپا5،

برهمن6، گبر، ترسا7، دير8، مينا9.

شراب و شاهد10 و شمع شبستان11،

ڌڪڙ، طبلا ۽ ساز آواز مستان12،

گتو دارونءَ جو پڻ رند13 و خرابات،

حريف14 و ساقي و مرد15 مناجات.

جي خط ۽ خال، قد آزاد، ابرو،

ڳٽا ڳاڙها ۽ ور ور وار گيسو.

نه ڪر تابش انهن گفتن کان انڪار،

انهن مان ڳولي لهه مقصود اي يار.

اها صوفين جي ٻوليءَ جي عبارت،

پروڙي مغز ان جي ڪر زيارت.

نظر کي تيز ڪر سا طرز لهندين،

هو پردا کل جا لاهج مغز ڏسندين.

انهن لفظن ۾ هر ڪنهن جي نه جان آه،

اندر ۾ تنجي مخفي سڀ جهان آه،

تون تنجي جان کي کڻ جسم کي ڇڏ،

مسمى ڳولي لهه پڻ اسم کي ڇڏ.“

نوٽ: مٿي جيڪا فوٽ نوٽ ۾ لفطن جي معنى ڏيکاري ويئي آهي. سا لفظن جي اصلي يا لغوي معنى  ڏيکاي ويئي آهي. صوفين جي اصطلاحي معنى آخوند نثر ۾ کولي سمجهائي آهي.

”ديوان عاجز“ جي غزلن مان گهڻا غزل. ”ديوان حافظ جي پارسي غزلن جو ترجمو آهن. اهڙن غزلن تي آخوند ڏيکاريندو ويو آهي، ته ”برتتعبهءِ حافظ“. ڪل ٽيٽيهن غزلن تي آخوند لکيو آهي. برتتعه حافظ“ ۽ اهڙا پنج ڇهه غزل ٻيا به آهن، جن تي فقط لکيو پيو ”برتتبعه“، جنهن ڪري چئي نٿو سگهجي ته اهي ڪهڙن شاعرن جي شعر جي ”تتبعه“ تي ٺاهيا ويا آهن. در حقيقت ”تتبع“ جي معنى آهي. ڪنهن شاعر جي ٺاهيل شعر جي فقط وزن يا طرز تي شعر ٺاهڻ، پر مضمون پنهنجو ڪم آڻڻ؛ جئن مرزا قليچ بيگ ”سودائي خام“ ۾ ٻين شاعرن جي تتبع تي ڪافيون لکيون آهن. آخوند جمع جن غزلن تي لکيو، پر تتبع حافظ“ تن مان ڪي غزل ته سڄا ئي سڄا حافظ شيرازي جي غزلن  جو ترجمو آهن، ڪل ۾ ڪي بيت حافظ جي غزل جي بيتن جو ترجمو، ته ڪي بيت آخوند پنهنجا ڳنڍيا آهن ۽ ڪن ۾ فقط منڍ وارو بيت حافظ جي غزل مان ترجمو ڪري پوءِ ساڳئي وزن ۽ قافيه تي پنهنجو مضمون شامل ڪندو ويو آهي، جيڪي غزل حافظ جي غزلن جو ترجمو آهن، تن جو ترجمو نڪي اهڙو باقائدي درست ترجمو آهي، جهڙو مرزا صاحب پارسي شعرن جو ڪيو آهي؛ ۽ نڪي ترجمو اهڙي صاف ۽ بامحاوره سنڌي ۾ آهي، جنهن مان حافظ جي ڪلام واري مراد ڪو به سنڌي خواندو صاف طرح سمجهي سگهي؛ اسين مثال خاطر هت ٻه ٽي ترجمو ٿيل بيت پيش ڪريون ٿا ۽ حافظ شيرازي جي بيتن واري عبارت سان اهي ڀيٽي ڏيکاريون ٿا:

”ديوان عاجز“ جو غزل نمبر 17 سڄو ئي ”ديوان حافظ“ جي پارسي غزل جو ترجمو آهي.

حافظ شيرازي:

”زباخ وصل تو يابد رياض رضوان آب،

ز تاب هجر تو دارد شرار دوزخ تاب.“

معنى: اي حقيقي محبوب! بهشت جي باغن کي هيترو شرف ۽ عزت هن ڪري حاصل ٿي آهي، جو اتي عاشقن کي تنهنجو ديدار نصيب ٿيڻو آهي! دوزخ جو عذاب هن ڪري ٿو هيبت ناڪ لڳي جو اتي تو کان وڇڙيل ٿي رهڻو آهي: يعني اي حقيقي محبوب بهشت آهي تنهنجو وصال ۽ دوزخ آهي تنهنجو وڇوڙو.

آخوند:

”تنهنجي باغ وصل کان بهشت ٿيو آب،

۽ درد هجر کان تنهنجي وٺي ٿو دوزخ تاب.“

نوٽ:- ”بهشت  جو آب ٿيڻ“ ۽ دوزخ جو تاب وٺڻ“ سنڌي زبان جو محاورا ئي نه آهن؛ تنهن ڪري ڪو به سنڌي خواندو مٿئين بيت مان اها مراد پروڙي ئي ڪين سگهندو. جا مراد ڪو به پارسي خواندو ماڻهو حافظ شيرازي جي لفظن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو.

بحسن عارض و قد تو بردند پناه،

بهشت وطوبى، طوبى لهم و حسن ماب

”ديوان عاجز“ ۾ جيڪي به رباعيون ڏنل آهن، سي آخوند جي چوڻ موجب سڀ پارسي تان ترجمو ٿيل آهن، مگر اهو ڏيکاريل نه آهي، ته ڪهڙن پارسي، شاعرن جي رباعين تان ترجمو ڪيون وييون آهن، ”ديوان عاجز“ کان سواءِ ٻه هڪڙا نثر جا ڪتاب به آخوند جا ٺاهيل ۽ سندس هٿ جا لکيل اڃا موجود آهن. هڪڙو چاليهن صفحن جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ”سوره فاتحہ“ جو تفسير صوفيانه اصول تي لکيو اٿس. ٻيو ڪتاب ”گلشن راحت افزا“  آهي، جو اردو قصي تان آخوند ترجمو ڪيو آهي ۽ سڄوئي ”گل خندان“ ڪتاب جي نموني تي تڪ بنديءَ سان ٺهيل آهي، منجهس جدا جدا موقعن تي بيت، قطعا ۽ غزل به درج ٿيل آهن، جي اصل ڪتاب وارن اردو بيتن، قطعن ۽ غزلن جو ترجمو آهن. اهو ڪتاب به آخوند جي هٿ جو لکيل موجود آهي.

 

سيد مصري شاه

(1838ع)

 سيد مصري شاه نصرپوري سنڌ جي ڪامل درويشن ۽ نامور شاعرن مان هڪڙو هو.

هي سيد قادر شاهه جو پوٽو ۽ سيد بلند شاه جو فرزند هو. سيد مصري شاه ننڍڙو ئي هو، ته سندس والد وفات ڪري ويو“ سندس وڏو ڀاءُ سيد نافن شاه ڪنوارو ئي هو، ته حج ڪرڻ ويو ۽ اتي وڃي وفات ڪيائين. تنهنڪري سيد مصري شاه پنهنجي ڀاءُ سيد فتح محمد شاهه جي سنڀال هيٺ رهندو هو، جو هڪڙو خدا پرست انسان هو.

ننڍپڻ ۽ تعليم:

سيد مصري شاه هجري 1245 (مطابق 1838ع) ۾ تولد ٿيو هو، تن ڏينهن نصرپور ۾ پارسي ۽ عربي جي تعليم جا وڏا مدرسا هوندا هئا، جتي نه رڳو مسلمان، پر ڪيترا ڀاٽيا ۽ سهتا هندو به تعليم وٺندا هئا. سيد مصري شاهه ننڍي هوندي پنهنجي ڳوٺ ۾ قرآن شريف ۽ پارسي جي تعليم چڱي طرح ورتي هئي. سندس ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن شريف جي معنى ۽ حديثن جي به واقفيت چڱي هيس. پارسي م اهڙو قابل هو، جو فقيري واري زماني ۾ پنهنجي ڀاڻيجي قادر شاه بن ڏنل شاه کي مثنوي شريف جو سبق ڏيندو هو ۽ ان جي معنى شرح به سمجهائيندو هوس. مصري شاه جا جيڪي هٿ لکيل اکر سندس رسالي ۾ موجود آهن، تن مان ڏسجي ٿو ته سنڌي لکڻ جو گهڻو استعمال ڪونه هوس.

جواني ۽ گذران:

سيد مصري شاه قداور ۽ نهايت حسين جوان هو. شاعريءَ جي ڏات ڪچيءَ کان عطا ٿيل هيس ۽ وري مجازي حسن ۾ حقيقي حسن جو پارکو هو، تنهنڪري مجازي جي ميخ به جوانيءَ جي اوائل ۾ ئي جيءَ سان جڙجي ويس، هو پنهنجي چاچي سيد ڏنل شاه جي گهران مڱيو به هو، پر شادي نه ڪيائين. ساداتن جي ڪوٽ سان لاڳو قاضين جي محلي مان هڪڙي قاضيءَ جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ گهڻو ئي شائق هو، پر قاضين انهيءَ سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، شاه صاحب راڳ جي مجلسن ۽ ميڙن ملاکڙن جو شوقين هوندو هو.

سيد مصري شاه:

1- سيد مصري شاه هڪڙو پارسي دان عالم شاعر هو. ان جي جئن سليس رواجي سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪلام چيل آهي، تئن پارسي آميز سنڌيءَ ۾ جيڪو ڪلام سليس رواجي سنڌيءَ ۾ چيو اٿس تنهن ۾ ڪٿي ڪٿي سنڌي ٻوليءَ جا پراڻا لفظ به ڪم آندا اٿس، جئن ته:

1-      هي جي انديشا اٽڪل وارا-

”لا“ سين سڀ لڙهاءِ-

آسانگو اڙ ڀيم ڀرم جو.

2-     مصري ساڻ مچائي مجلس

رنگپور روز رهاڻيون ۽ رس

بره اڏي بازاريون

تو سرهي سڀڪنهن سٿ ڪي.

3-     وڃيو ڪوه ووڙين وڻڪار ور ۾،

پرانهون نه پاسي آهي گهوٽ تنهنجي گهر ۾.

تو ۾ تخت تڪيو تون ڄٽي ڪوه نه ڄاڻين؟

سندر نور نجهرو صحي ڪر سڃاڻي

نمي ڪي نهارج آه ڪانڌ تنهنجي ڪر ۾

4-     اسين عيبدار پرن پير! پاڙي جي ان کي

5-      ڪر ها ڪوڏ ڳچيءَ ڳل پوائين،

ميان موڏ متان مڪرائين

ڪرها ڪر نه قصور.

(1) ڀروسو (2) مجلس يا ڪچهري (3) ڇو (4) پري (5) جاءِ، آستان (6) مڙس (7) پاسو يا ڀر (8) پارت (9) اُٺ (10) سانڪا ڪرين، گسائين.

(2) سيد مصري شاه سنڌي ڪلام ۾ ڪي به فعلي صورتون هالو چالو سنڌي صرف و نحو جي ابتڙ ڪم نه آنديون آهن ڪن ٿورن هنڌن قافيه جي پورت لاءِ يا وزن قائم رکڻ لاءِ صرف نحو جي قانون جي خلاف فعلي صورتون ڪم آنديون اٿس.

مصري شاه به پنهنجي ڪلام ۾ قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن جا ٽڪرا ڪم آندا آهن، پر قديم شاعرن ۽ مصري شاه جي انهيءَ ملاوت ۾ وڏو فرق هيءُ آهي، جو قديم شاعرن جهڙوڪ شاه ڀٽائي توڙي محمد اشرف شاه جن جي ڪلام ۾ عربي تڪن اچڻ ڪري ڪلام جي مصرعه مقرر وزن کان گهڻو وڌيو وڃي ٿي، پر مصري شاه جو ڪلام عربي تڪن گڏجاڻي ڪري به مقرر وزن تي قائم رهي ٿو، جئن آخوند محمد قاسم هالائي ۽ سيد محمد فاضل شاه حيدرآبادي جي موزون  ڪلام ۾ آهي. ائين ٿئي ٿو ته وزن جي برقراريءَ لاءِ بعضي عربي تڪن جي اصلوڪي تلفظ  ۾ ڦير ڦار ٿيو وڃي ٿي.

مثال:

1-      وحدت ڪثرت وچ ۾ فرق نه ڪوئي ڦير

ڪل شبي محيط ٿيو پرجهي پاتائين پير.

2-     تو نوازيا ڪيئن جي عسري،

هي غلام هڪو ئي مصري.

3-     فان مع العسريسري،

آن ڪيا اقرار.

شاه صاحب جو ڪلام ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي:

علم موسيقي جي اصول تي ٺهيل ڪافيون

موزون ڪلام جنهن ۾ غزل، مثلث، قصيدا، منقبت ۽ مناجاتون اچيو وڃن ٿيون، شاه صاحب غزلن، مثلثن ۽ قصيدن کي به علم موسقي جي سرن جا نالا ڏنا آهن؛ ڇاڪاڻ جو ان پنهن جو سمورو ڪلام به علم موسيقي جي ٺهرايل سرن ۾ ڳارايو آهي.

مصري شاه جو ڪلام رڳو نج سنڌي يا پارسي آميز سنڌي نه آهي، پر سرائڪي ۽ اردو آميز پنجابي ۾ به گهڻيون ئي ڪافيون اٿس جي سڀ سندس رسالي ۾ موجود آهن، انهيءَ زماني ۾ گهڻا امير اُمراءَ ۽ انهن جا نوڪر چاڪر خواه لاڳاپيدار سرائڪي ٻولي گهڻي قدر ڪم آڻيندا هئا، تنهن ڪري سيد مصري شاه توڙي ان جي هم عصر ڪافيون ٺاهيندڙ شاعر (جهڙوڪ سيد مهدي شاه، پير اميد علي شاه وغيره) به سنڌي ڪافين سان گڏ سرائڪيءَ ۾ پڻ ڪافيون ٺاهيندا هئا. ٻيو ته ان زماني ۾ بلا شاه جون اردو آميز پنجابي ڪافيون سنڌ ۾ خاص دلچسپي حاصل ڪري چڪيون هيون. تنهنڪري سيد مصري شاه ۽ ان جا هم عصر شاعر به بلا شاه جي ڪافين جي طرز تي اردو آميز پنجابي ڪافيون ٺاهيندا هئا.

سيد مصري شاه جي ساري رسالي ۾ اهڙو هڪڙو به ڪلام ڪونهي، جو سڄو ئي پارسي ۾ ياصاف اردو ۾ هجي.

سيد مصري شاه جي ڪلام ۾ سندس هم عصر شاعرن جي ڪلامن به نسبت هڪڙي خاص خوبي هيءَ به آهي، جو سندس ڪلام ۾ تاريخي حوالا سرس آهن، جن مان ثابت آهي ته مصري شاه عربستان ۽ ايران جي تاريخ گهڻي قدر مطالعه ڪئي هئي. مثلاً هڪڙي هنڌ پنهنجي ڪلام ۾ چوي ٿو:

”ڪن ڪمان ابرو اڌواڌ رخش، رستم، زال کي،

سام برزو گيو کان ٿا وٺن وارا بي سبب.“

نوٽ: رخش (رستم جو خاص گهوڙو)، رستم، زال، سام، برزو ۽ گيو آهي فردوسي جي ”شاهنامه“ جا خاص اداڪار آهن.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

پيو پرتوو طور تي نؤر خدا جو،

نه ماهر ٿيو موسى به مذڪور جو،

کڻن بار بي حد ڀلي بؤ ترابي.

مصري شاه جو سمورو ڪلام اڻ ڇاپيل صورت ۾ سندس هاڻوڪي جاءِ نشين سيد مريد علي شاه صاحب وٽ موجود آهي جو سڄو ئي مصري شاه جي حياتي ۾ لکيو ويو آهي. ان ۾ جدا جدا نمونن جي اکرن ۾ جدا جدا ڪلام لکيل آهن. انهي جو سبب هيءُ پڌرو ڪندو هو، تنهن وقت جيڪو به پڙهيل ماڻهو وٽس حاضر هوندو هو، تنهن کي چوندو هو ته اهو ڪلام رسالي ۾ داخل ڪري ڇڏ. پوءِ پاڻ زبان  سان چوندو ويندو هو ۽ لکڻ وارو لکندو ويندو هو؛ ڪي لکڻ وارا پارسي دان ۽ پڪي صورت خطي لکندڙ هوندا هئا. ۽ ڪي سنڌي دان ڪچي صورت خطي لکڻ وارا، انهيءَ ڪري رسالي ۾ ڪي ڪلام اهڙيءَ صورت خطيءَ ۾ به لکيل آهن، جي سڀڪو صحيح طرح پڙهي نه سگهندو. ڪهڙي نه سهڻي ڳالهه ٿي پوي، جو ڪتاب جا مالڪ انهيءَ رسالي جو صحيح ۽ رواجي صورت خطيءَ ۾ نقل ڪرائي ڪنهن ادبي سوسائٽيءَ جي حوالي ڪري ته شايع ٿي پوي.

انهيءَ رسالي مان ڪي ڪلام نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

 

(1) ڪافي (ڏيڍي)

(هستي ڦٽي ڪر)

هستي ڇڏ هن جاءِ،

ٿيءُ ساڪن ملڪ عدم جو،

1-      هيٺ هئڻ جي حيف حويلي وک وطن ڏي پاءِ،

ڪوڙيون ملهه تنهنجي قدم جو.

2-     هي جي انديشا اٽڪل وارا ”لا“ سين سڀ لڙهاءِ

آسانگو آڙ ڀيم ڀرم جو.

3-     سير صفا تي دم درجا تي وچ تي وهم وڃاءِ،

ڀڃ تهه خانو هن طلسم جو.

4-     موتواقبل الموت جو مصري منجهه ئي مچ مچاءِ،

معنى مطلب نينهن نظم جو.

ڪافي (چوٺپي)

(هيءُ ماڳ تنهنجو نه آهي)

آهي اهو افسوس،

ماڳ مسافر ٿي مالڪ ويٺئون

1-      ديس پرائو نه دعوا تنهن جي،

موڙهو آهن ڪري منهنجي منهنجي

گياڻو تون گس! گوس،

ٺاهيئي ٺاه ٺلهو هت ٺيٺئون.

2-     منزل ڏور تون تنها آهين،

بار ڳرو ٿو بر ۾ لاهين

پسي پاڻيءَ پوس.

پاپي پڃري ۾ پاڻيهي پيٺئون.

3-     جتان جوانن مڪڙا موڙيا

تتي تعلق تو تڪيا جوڙيا.

ڀونءِ انهيءَ جو ڀرواس

رکج چست چڪاسي چيٺئون.

4-     سالڪ ان ساعت کي سڃاڻن.

پرس پرولي ڪي پرمل ڄاڻن،

دليون ڏيئي دوس

محبت ماکيءَ جون مصري ميٺئون.

غزل (سر جوڳ)

(حق هر جاءِ حاضر)

سوري ويم ٻئي جڳ،

جڏهن دل جان سان ڏٺم.

مهتاب سک محبوب جو،

محراب منهن منور ڏٺم،

1-      دل سڃاتو سڄڻ جو اچي سير سڀ ڪنهن جاءِ تي،

منهنجي ٿيا مطلب مڙيئي پورا پرين پو ور ڏٺم.

2-     شيخ قاضي پاڪ دامن اي مشائخ مولوي.

ڪر نصيحت کي ڦٽو هر جاءِ حق حاضر ڏٺم.

3-     دين ۽ ايمان، تقوى زلف جي پيا پيچ ۾،

دام ۾ داڻي مثل تڪرار ڪارو تر ۾ ڏٺم.

4-     عمر ساريءَ جي عبادت تر هڻي تاراج ڪي،

ويو کڻي هندو هڻي ڪعبي اندر ڪافر ڏٺم،

5-      ڏس همت حضرت حسين جي پٽ اکيون اي آسمان،

دل ڪٺل دشت بلا ۾ ساقي ڪوثر ڏٺم.

6-     پڙ مٿي پوري ڪئي منصور مصري سڀ مراد،

سربسر صورت اللهي سونهن سندس سرور ڏٺم.

 

پير محمد اشرف شاه

(1799ع)

پير محمد اشرف شاه سنڌ جي ڪامل بزرگ شاعرن مان هڪڙو هو. سندن آخرين سڪونت گاه ۽ درگاه ڪاماره شريف تعلقه ٽنڊه الهيار ۾ آهي.

ولادت، تعليم ۽ رهڻي ڪهڻي

پير محمد اشرف شاه هجري سنه 2114 مطابق عيسوي سنه 1799ع ۾ ڳوٺ ڪرم خان جمالي تعلقه ٽنڊه باگي ۾ تولد ٿيو هو. سندس والد شريف جو هڪڙو علم دوست بزرگ هو، تنهن سندس تعليم، لاءِ هڪڙو مولوي وهاريو هو، پر هن کي، جو ڪچيءَ کان ”علم لدني“ جي ڏات خدا تعالى بخشي هئي، سو مولوي صاحب جي تعليم تي گهڻو ڌيان ڪين ڏيندو هو. شعر ٺاهڻ جي ڏات به ننڍي هوندي کان عطا ٿيل هيس. هڪڙي ڀيري جڏهن مولوي صاحب پڙهڻ لاءِ مٿس ڪجهه سختي ڪئي، تڏهن هيءَ ڪافي چيائين:

ڪافي (سر جوڳ)

ميان معلم مون م مار

پڙهڻ پريت کان ڪين ٿو ٿيئي

1-      سڪ جنهين سان ٿئي سرسي

سو مون سبق سيکار

مئي دل جنهين سان جيئي

2-     مئي پيالو محبت مد جو

پيتو هوئي ته پيار

جڏو جيءُ جيئي پر پيئي

3-     سڪڻ پڙهڻ لڳي ڪين پاڻ ۾

رويو هنجون رت هار

پيهه پنن تي ڪوهه جا ڪيئي

4-     وار ورق و في انفسڪم

ورق ڪلي ٻيا وسار

پاڙهه اها سٽ جيڪس پڙهيئي

5-      وهو معڪم اينما ڪنتم

اشرف نظر نهار.

رمز ڳجهي سک جا نه سکيئي.

انهيءَ ڪافي ٻڌڻ کان پوءِ مولوي صاحب پير محمد غوث کي اچي عرض ڪيو، ته ”هن صاحبزادي کي منهنجي تعليم جي ڪا به ضرورت ڪانهي تنهن ڪري مون کي اجازت ملي.“

پير محمد اشرف شاه استاد وٽ ظاهري تعليم فقط قرآن شريف ۽ ٿوري سنڌي (ابو الحسن واري) بابت ورتي هئي.

پير محمد اشرف شاه ننڍي هوندي کان ئي فقيريءَ ۽ خداشناسيءَ جي خيالن وارو هوندو هو. سيد محمد محسن شاه ونجهيري (تعلقه هالا) وارو بزرگ، جنهن سان پير محمد غوث جو گهڻو عقيدتمندانه ۽ دوستانه رستو هوندو هو، تنهن کي پير محمد اشرف شاه پنهنجو مرشد ڪري مڃيندو هو.

پير محمد اشرف شاه رضا تي راضي رهڻ ۽ صبر ڪرڻ بابت پنهنجي هڪڙي ڪلام ۾ هيئن ٿو فرمائي:

ڪافي (سر کنڀات)

مڃ عاشق اتون بر سر جيڪا رب جي رضا

1-      ٿي شاڪر ڪر شڪر جا بڻي سا بڻي

سا سڀائي حق جي واحد کي وڻي.

رهه سدائين خوشتر ماڻ صبر جا مزا.

مڃ عاشق......

2-     جا ٿيڻي سا ٿيندي جي کلين جي روئين

محبوبن کي معلوم ڇا چيو ٿو چوئين

ڪين ٽري ڪنهن پر  جا قادر قضا.

مڃ عاشق....

3-     انگ اصل کان لکيو پارڻ سوئي پيو

ڪوهه کجين ڪوهه کرپين ڏيهه کي ڏوهه ڏيو

درد گهٽج دل اندر سڪ جي لهندؤن سزا

مڃ عاشق...

4-     اشرف روز ازل کان ٿيو ”جف القلم“

ٿيءُ رضا تي راضي کوڙي قابو قدم

آگو پاڻ اپر ڏيندءِ خير جزا

مڃ عاشق...

پير اشرف شاهه جو ڪلام

پير اشرف شاهه جو ڪلام نج سنڌي ڪلام آهي. ان ۾ نج ۽ پراڻا سنڌي لفظ بي شمار ڪم آيل آهن، جن مان گهڻا تڻا اڄ ڪلهه جي رواجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ئي ڪين اچن ٿا، مگر انهن مان گهڻا لفظ لاڙ جي ٻهراڙين ۾ عام طرح گفتگو ۾ ڪم ايندا آهن.

پير صاحب جي ساري ڪلام (مولودن، ڪافين، مداحن خواه ڏوهيڙن) ۾ حرفي تجنيس اهڙيائي نزاڪت ڀري آهي جهڙي جهونن بزرگ شاعرن جهڙوڪ شاه ڪريم، شاه ڀٽائي، شاه عنايت، جي ڪلامن ۾ آهي. فصاحت ۽ بلاغت سليس ۽ سنئين سنواٽي ٻوليءَ ۾ چيل ڪلام جو قدرتي ڏاج آهي، ان جي اصولن ڪم آڻڻ لاءِ شاعر کي ڪوشش ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪا نه ٿي ٿئي. تنهنڪري پير صاحب جي نج سنڌي ڪلام ۾ تشبيهون، استعارا، مجاز، ڪنايا ۽ صنعتون چڱيءَ طرح سمايل آهن.

پير صاحب جو سمورو ڪلام هاڻوڪي سجاده نشين پير ميان حاجي خان محمد صاحب سنه 1914ع ۾ ليٿو ۾ ڇاپايو هو، جنهن جون ڪاپيون هينئر شايد ڪامياب هجن.

انهيءَ رسالي مان پير صاحب جا ڪي ڪلام نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

مولود شريف (سر معذوري)

قاصد چئج ادا سڀڪا منهنجي صدا

مير مديني جي ڄام کي

سڪڻ سوراخا ڪيا سيد سرمدا

سرور پنهنجي ساٿ سان ڪريو گڏ گدا

واريو واءُ وصل جو ڪيس فراق فدا

ڪريان قرباني جندڙو مشفق آن مهندا

پڇج ڪي پازي کي اچي احمدا

الله لڳ اشرف چوي جاني ٿڻ ۾ جدا.

(3) ڪافي (سر بلاول)

(عشق ڌاران عبادتون بيڪار)

عشق ڄاڻج تون امام- ٻيو ڇڏ ڪوڙ ڪمام

رسم ريا  جا نقل نمازون ايءُ نه آهي اسلام

ورد وظيفو تسبيح مصلو نينهن بنا ناڪام

شوق شهود جي سرڪ ساقي کان

پي ٿي مست مدام

اشرف پير مغان توکي مئي جو

جال پياري جام.

ڪافي (سر اجوڳ)

(لباسي فقير کي ڇينڀ)

نفع ضرر جي خبر رکين ٿو

بندگي ويلي بي خبري

ويس ڍڪيو ٿو هنر هلائين

عين اها ئي بي خبري

1-      ڪامل بزرگ نيڪ ڪهاڻين

ٺڳه ٺڳيءَ جا ٺاهه ٺهائين

لوڪ اڳيان لس لڙڪ وهائين

اثر نه آهي اي بي اثري

2-     نفس جي غرض جي تو تمنا ڪي

عالم ليکي استغراقي

يار وساري ٿيئڙين يا ڪي

ذرو نه وسر ئي سيم زري

3-     دوست وساريو ٿين ديوانا

دام بنديو ذرد پڙهڻ دگانا

يار حقيقي بنان يارانا

ڪرڻ سراسر بي ثمري

4-     ويئي جواني آئي پيري

ظاهر ٿيا عنوان ظهيري

ريش سفيد احوال صغيري

اڃا ته توکي بي فڪري

5-      هي هي عمر وڃايئي هاريا

بلڪل سمجهين ڪين سنواريا

نفس ڪميني جي ڪم ڪاريا

ڪري ستار نه بي ستري

6-     اشرف عاشق نام سڏائين

پئسا پانديون ڪيو ڇڏائين.

پوءِ وريو ڪئن پاڻ پڏائين

صبر اچئي ڇڏ بي صبري.

ڪافي (سر بروو)

(ڪوڙا لاڳاپا ڦٽا ڪر)

تون ته دانهن ڪري اٿي ڀڄ

هت اڳئي سرتين سور پرايا

1-      ڇڏ اڙانگا ڪوڙا سانگا

ڀڄ ٻيلي ٿي رڄ

ان ڦير هئڻ جي ڪئين ڦيرايا.

2-     وير وڏا هن وير لڙاهايا

هيئن ۾ حرص ۾ هڄ

ان ڪن ڪپر ڪوڙئين ڪيرايا

3-     ڪوڙي قيل مقال اجائي

ڀڳل گهڙي جئن م وڄ

ان ڇيڏڪ نفاق هزارين ڇيرايا

4-     اشرف غير گمان وڃائي

پرين سان نا پهڄ

توتان ناحق اجايا ٿيڻ هيرايا.


 


1 گتو يا ڪلال خانو، 2- موالي، 3- گيتوال، 4- شرناءِ،5- صليب يا ڪراس، 6- آتش پرست، 7- عيسائي، 8- آتش پرستن جي مڙهي، 9- ٻاٽلي، 10- معشوق، 11- رات ٽڪڻ جي جاءِ، 12- مستن جو گوڙ، 13- موالي، 14- مقابلو ڪندڙ، 15- خدا پرست مرد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org