شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ صاحب ”ديوان قاسم“ جي نئين ڪاپي
تيار ڪري ويو هو (معنائن ۽ مختصر نوٽن سان)، جا
ويجهڙائيءَ ۾ سندن فرزند ڇاپائي پڌري ڪئي آهي.
انهيءَ نئين ڪاپي ۾ اصلوڪي ڇاپيل ڪاپيءَ وارا ڊٺل
ڦٽل لفظ برابر درست ڪيا ويا آهن، مگر جيڪي عربي ۽
پارسي مصرعون اصلوڪي ڪاپيءَ ۾ اڌو گابريون ڇاپيل
آهن، سي هن نئين ڪاپيءَ ۾ به ائين جو ائين اڌو
گابريون رهيل آهن.
نئين ڪاپيءَ ۾ سڀني غزلن تي ساري سنڀاري نمبر هنيا ويا آهن. پر
قصيدن تي به غزل نالو لکي ساڳئي جريان نمبر ۾ ڏنا
ويا آهن. مگر افسوس جو انهيءَ نئين ڪاپيءَ ۾ وري
آخوند صاحب جو متفرقه ڪلام (فرد، قطعا، مثنويون،
مخمس، ترجيح بند وغيره) داخل ئي نه ڪيا ويا آهن.
نئين ڪاپيءَ ۾ انهن جي داخل نه ٿيڻ ڪري اهي سڀ
چيدا ڪلام سنڌي لٽريچر مان هميشه لاءِ گم ٿي وڃڻا
آهن. ”ديوان قاسم“ جي صحيح، مڪمل ۽ باترتيب نسخہ
تيار ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي.
(2) مضمون:
ساقي، شراب، جام، زلف، خط، خال، سرو، گل، بلبل، نرگس ۽ لاله
وارو اڌارو مضمون ديوان قاسم ۾ پوين شاعرن جي ڪلام
به نسبت تمام ٿورو آهي. آخوند صاحب پنهنجي ذاتي
حالت ۽ ذاتي جذبا ۽ خيال پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا
آهن. ٻين شاعرن وارا مضمون پنهجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ
کي آخوند صاحب وڏو عيب سمجهندو هو. جئن فرمائي ٿو:
”معرڪي معيوب آهن ڪل مضامين مستعار،
منجهه مضامين مجدد مرد وس مقدور جو.“
(ديوان قاسم غ 97)
آخوند قاسم جي سنڌي ڪلام ۾ نڪو فطرت نگاري ۽ سيرت نگاريءَ وارو
مضمون آهي، نڪو هجويه ۽ مذاقيه مضمون آهي. ساري
”ديوان قاسم“ ۾ ڪٿي به ڪنهن قدرتي نظاري جو ذڪر
ڪيل ڪونهي، نڪو ڪنهن مرد يا زال جو قصو يا آکاڻي
ڏنل آهي، جنهن مان سيرت نگاريءَ جي قابليت جي خبر
پوي. گلا ۽ کل چرچي جهڙي ڪلام کان آخوند صاحب کي
نفرت هوندي هئي، جئن فرمايو اٿس:
”قاسم ڪائي ڪرم اجائي
روءِ ريائي تات پرائي،
ڳالهه اها ئي سڻ سک سائي،
چال چڱائي مهر مدارا.“
(غ 3)
”رب سندي ذمه ۾ ره اي دل
ٻي سڀئي سمجهه ڌوڙ ڇائي ڳالهه.“
”ڳالهه ڪنهنجي ڪرين ته سهڻي ڪر،
ڇو گلا سان گڏين پرائي ڳالهه.“
(غ 82)
انهيءَ ڪري ”ديوان قاسم“ ۾ فقط صوفيانه مضمون، اخلاقي مضمون ۽
عاشقانه مضمون آهي.
(1) صوفيانه مضمون:
صوفيانه خيال ۽ تصوف جا اصول جئن قديم وقت کان وٺي سنڌ جا بزرگ
شاعر پنهنجن ڪلامن ۾ بيان ڪندا آهن، تئن آخوند
قاسم به پنهنجي ڪلام ۾ ظاهر ڪيا آهن، مثال:
1- حقيقي عشق:
1- ”آءُ اي دل عشق ۾ الله جي،
نرت نوڙت رک نه ڪر ڪنهن سان نفاق.“
(غ 68)
2- ”رب جي رمز ۾ رهي اي دل،
ٻي سڀئي سمجهه ڌوڙ ڇائي ڳالهه.“
(غ 83)
3- ”ويسلو رهه ڪيم هت
هت نيٺ ايندءِ ڪم خدا،
خوف رک ڊڄ کان خدا،
ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.“
(غ 85)
2- نقي ۽ اثبات:
”سناسي سير ڪر منجهه نفي اثبات،
انهن جو پنٿ آهي نت نيارو.“
(غ 98)
عشق حضرت نبي ڪريم صلعم:
”چلي چم دل ڏئي دلدار جي چانٺ،
سڄڻ صحبت سٺي سردار جي چانٺ،
زيارت ذوق سان ڪر تن، جو آهي،
چڱي چوکي مٺي مختار جي چانٺ،
مبارڪ لاءِ مشتاقن اپر آهه،
سڌار سرور هنئين جي هار جي چانٺ.
(غ 17)
عشق اصحاب:
”پڻ سندس اصحاب افضل چست چوکا چار يار،
جن ڪيو سر ساهه صدقو مير مرسل تان سدا.“
(غ 1)
اهل بيت اطهر:
”پنجتن سي پاڪ پارس عز ان جو رب ڪيو،
آخرت ۾ آهه آخر مرتبو جن جو جهجهو،
اڳ ۾ احمد پس علي دان پس حسن زان پس حسين
فاطمہ بنت النبي پس پاڪ دامن پاڪ روَ.“
(مولود 157)
اخلاقي يا ناصحانه مضمون:
”ديوان قاسم“ ۾ اخلاقي يا ناصحانه مضمون تي خاص طرح زور رکيل
آهي. سڄي ديوان قاسم ۾ ڏهه آنا اخلاقي مضمون آهي
باقي ڇهه آنا صوفيانه ۽ عاشقانه مضمون آهي. اخلاقي
يا ناصحانه مضمون جا ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
شريعت تي هلڻ جو تاڪيد:
”رهن صاف سالڪ ديانت درون،
لهم مايشائون مايشتهون،
سڃاڻن شريعت سندي شان کي،
عجب خادم الشرع خير القرون.
وٺي واٽ مرسل محمد سندي،
اولئک باثار لاءِ مقتدون.“
(غ 87)
علم پرائڻ:
”علم سک علم ري نه ڪر ٻي ڪار،
تان لهين عز علم جي پرڪار،
علم ري آدمي گڏهه گمراهه،
جاهلن گڏ گهڙي به ڪيم گذار.“
(غ 40)
سچ ۽ کوٽ جي ڀيٽ:
”جي سچا سچ کي سڃاڻن؛ کوٽ ۾ کوٽا رهن،
ڇا پروڙن مان پلائن جي پين ٿا روز رٻ“.
(غ 9)
(3) عبارت ۽ ٻولي
1- گڏ وچڙ ۽ نج سنڌي:
آخوند قاسم جن وارو زمانو عربي ۽ پارسي جي ماهر شاعرن جو زمانو
هو، تنهنڪري پنهنجي شعر ۾ زباندانيءَ جي لياقت ۽
علمي مايه ڏيکارڻ انهن لاءِ فطرتي طرح فخر هو.،
جئن آخوند صاحب پاڻ فرمائي ٿو:
”قيل ان المرء يعرف علمہ عندالڪلام،
قلت في تحسينہ لابد نظما هؤلاءِ“.
(غزل 108)
معنى: چوڻ ۾ اچي ٿو، ته مرد جو علم بيشڪ ان جي ڪلام مان معلوم
ٿيندو آهي: اهڙي علم دوست ڪلام چوندڙ کي آفرين ڏيڻ
لاءِ مون کي ضرور نظم ٺاهڻا پيا.“
ستين غزل ۾ عربي ۽ پارسي مصرعون شامل ڪري پڇاڙيءَ ۾ آخوند صاحب
پنهنجن هم عصرن کي ساڳئي نموني تي شعر ٺاهڻ لاءِ
ترغيب ٿو ڏئي:
”مثال قاسم بنا بنائڻ رکي مضامين رس رسائڻ،
انهيءَ نموني غزل ٺهائڻ جئن چون جس سخن سڌارا.“
(غ 7)
انهن حالتن ڪري آخوند جي ڪلام ۽ خليفه گل جي ڪلام به نسبت نج
سنڌي عبارت جو انداز گهڻو گهٽ آهي، تنهن هوندي به
سندس سڀ ڪلام برجستو، جذبي ڀريل ۽ اثرائتو آهي.
مثال:
1- هاءِ هرگز ڪونه ڪو وس آهه هن وهلور جو،
ڪئن تري منجهه سمنڊ اڻ تارو ستايل سور جو؟
تو ڏٺي بي حس حرڪت حال مون مهجور جو،
ڄڻ ڏٺو موسى ڪليم الله، مشعل طور جو،
جنهن مسخر ملڪ معنى سو بصورت في المثل،
ڪوهه فرمان بر رهي خاقان جو فغفور جو،
سنڌ ٻوليءَ ۾ صفا انصاف قاسم ڪيم ڇڏ،
”مست“ جو جوڙيل غزل آهي عجب دستور جو.“
(غزل 96)
2- ”پرت جو پيچ پاڻ پائين ٿو
پوءِ وري محب منهن لڪائين ٿو
ڳالهه ساڻ جا ڳجهي ڳرهيان
سارقيبن سڄڻ سڻائين ٿو.“
چاه چت ۾ چڱو رکي چيٺي
مون سندي ساه ۾ سمائين ٿو
دل ڌتارڻ سندي ڪري دعوا
ناز سان خلق کي نوائين ٿو
هڪ نظر سان هزار حيرت ۾
تن وجهي وس ڪنان وڃائين ٿو
ڇو اسان سان رکين رسڻ جي ريت
هر ڪنهين ساڻ رس رسائين ٿو
منجهه اسان جي اڱڻ اچي اڄ رات
ڀال پنهنجو ڀلا ڀلائين ٿو
من سندي حال ۽ حقيقت جو
هر ڳليءَ ڳوٺ هل هلائين ٿو
ڪيترا عش باز عمر سڄي
رهزنن سان رلي رلائين ٿو
چشم چوري هزار چور ڪيئي
دل لٽڻ لاءِ لوٽ لائين ٿو
قرب جي ڪات سان ڪهي قاسم
مهر جو منهن مٺا مٽائين ٿو.“
(غزل 194)
آخوند قاسم عربي پارسي ٻوليءَ جو شائق هو، ته به نج سنڌي لفظ به
جام ڪم آندا اٿس.
مثال:
1- دانهين سندو اُت داد ڪر
جت سام ناهن تو سوا.“
2- ”بيوهه ڪارڻ واهه ڪر،
لہ ڪارڻي سڌ سار ڪا.“
3- ”عاصين سندي ٿي اوٽ اڙ
آڌار عالم آسرا.“
(غزل 2)
فصاحت ۽ بلاغت:
آخوند قاسم جيتري قدر پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت جي
اصولن جي بجاوريءَ بابت دعوى ڪئي آهي. جئن ته
فرمائي ٿو:
1- ”آه منهن جو ڪلام قل1
و دل،
عيب واري منجهس نه آهي آل،
طبع منهنجي ڪڏهن طوالت ۾
ٿي ڪري کان علو اوت اُڇل.
منجهه سخن دستگہ درست ڏني،
آهه مون کي خداءِ عزوجل
انا2 في النظم مفخر الفصحاءِ،
ته سخن ۾ سندم نه ونگ نه ول.
دوست منهنجا سخن سڻي خوش ٿين،
دزد دشمن ڇڏين کاڻا کل،
ڪوهه قاسم سندءِ ڪلام ڏسي،
هون حاسد سندي جگر ۾ جل.“
(غزل 80)
بيشڪ آخوند قاسم سنڌي موزون ڪلام ۾ جهڙا عربي ۽ پارسي زبان مان
نقل ڪيل استعارا تشبيهون؛ ڪنايا، اصطلاح ۽ پهاڪا
جام ڪم آندا آهن. تهڙائي نج سنڌي استعارا؛ تشبيهون
وغيره. صنعتون به لفظي خواه معنوي اهڙيون اهڙيون
ڪم آنديون اٿس، جي کانئس اڳ وارن شاعرن مان ڪنهن
به ڪم نه آنديون آهن.
1- شعر جو قسم:
علم عروض جي اصول موجب جيڪي شعر جا قسم ٺهن ٿا، تن مان هيٺيان
قسم ”ديوان قاسم“ اصلوڪي نسخي ۾ موجود آهن: 1-
غزل، 2- مستزاد، 3- قصيدو، 4- مثنوي، 5- ترجيع
بند، 6- مخمس، 7- فرد، 8- بيت، 9- قطعہ ۽ 10-
رباعي.
”ديوان قاسم“ جي پڇاڙي ۾ جملي يارهن رباعيون (سنڌي خواه پارسي)
آهن، پر اهي سڀ بي قاعدي آهن.
اوائل وارن موزون ڪلام چوندڙ بزرگ شاعرن ”رباعي“ جي فقط لفظي
معنى ورتي آهي يعني چئن مصرعن وارو شعر، جنهن ۾
پهرين؛ ٻي ۽ چوٿين مصرعه پاڻ ۾ هم قافيه هجن، مگر
”رباعي“ جي صحيح وصف اها نه آهي. اصل ۾ عرب شاعرن
وٽ رباعي ٺاهڻ جو رواج ئي ڪونه هو. اهو شعر جو قسم
ايران جي شاعرن جو ايجاد ڪيل آهي، جن علم عروض
موجب ”رباعي“ جي هيءَ وصف مقرر ڪري ڇڏي آهي.
”رباعي“ اهو چئن مصرعن وارو نظم آهي، جو ”بحر هزج“ مان خاص طرح
ايجاد ڪيلن چوويهن بحرن مان ڪنهن به بحر تي ٺاهيو
وڃي ۽ سندس پهرين، ٻي ۽ چوٿين مصرعه پاڻ ۾ هم
قافيه رکيون وڃن. انهن چوويهن بحرن کان سواءِ ٻئي
ڪنهن به بحر تي رباعي ٺاهڻ ناجائز ۽ بي قاعدي
آهي.“
”بحر هزج“ جي رڪن ”مفاعيلن“ ۾ نو ”زحاف“ (مٽائون سٽائون) ڪم
آڻي. ان مان ڪل نو رڪن ٺاهيا اٿن. 1- مفعول
(اخرب)، 2- مفعولن (اخرم)، 3- مفاعيل (مڪفوف)، 4-
مفاعلن (مقبوض)، 5- فاعلن (اشتر)، 6- فعول (اهتم)،
7- فعل (مجبوب)، 8- فاع (ازل)، 9- فع (ابتر)، انهن
نون رڪنن کي جدا جدا ترتيب سان ملائي ڪل چوويهه
بحر ٺاهيا اٿن. فقط انهن خاص چوويهن بحرن مان ڪنهن
به هڪڙي بحر ۾ ”رباعي“ جي هر مصرع انهن چوويهن
بحرن مان ڪنهن تي به قائم رکڻي آهي.
آخوند قاسم انهن بحرن تي رباعيون ٺاهيون آهن، جن تي عام طرح
غزل، فرد، بيت، قطعہ، وغيره ٺاهبا آهن. مثال:
1- ”زماني جي دورنگي آه دستور،
سندي ان چش چکي مکه جئن مٿي چور،
رکي کان قرب رب جو دور دل کي.
ڪرين تون مجتمع ڇو مال موفور.“
2- ”ڪئين ڪيا ڪڪ ڪئن دريا منجهه دوڌ.
لوڀ اهنڪار، موه ڪام، ڪروڌ
سيل ۽ سانت کي ڇڏي ڇو هئون،
جي چئي ان لڳا پئي تن لوڌ.“
آخوند صاحب جي پهرين رباعي ”بحر هزج مسدس مقصور“ تي ٺهيل آهي ۽
ٻي ”بحر خفيف“ تي. اهڙيءَ طرح ٻيون رباعيون ”بحر
رمل مسدس مقصور“،”بحر رمل مثمن محذوف“ ۽ ”بحر
تقارب مثمن مقصور“ تي ٺاهيل آهن، جي بحر رباعي
ٺاهڻ لاءِ جائز ٺهرايل نه آهن.
آخوند قاسم، علم موسيقي جي اصول تي به ڪافيون ٺاهيون آهن، جن
مان ٻه ڪافيون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون، جي سيد
فاضل شاه جي ڪتاب ”چونڊ ڪافين“ مان ڪڍيون ويون
آهن.
ڪافي ڏيڍي – سر ڪسوري
(صنعت تشطير)
ڏاڍڙي لائي وئين، ڏاڍڙي لائي وئين
عشق سندي مون کي چات چکائي وئين.
1- آ بره تنهنجي ڪهڙو ڪيئڙو بت بيراڳي
ساڻ سيباڻي تنهنجي صورت ساڳي
فند فڪر سان منهنجي دلڙي ڦسائي وئين.
2- اڻ تڻ لائي تنهنجي عشق اندر ۾
جوش تنهنجو پئڙو جان جگر ۾
درد جي دل ۾ دونهين دکائي وئين
3- ناز نظر تنهن جا بره جا ڀالا
روز چڪن ٿا اي ڦٽ آلا
ديد دکائي منهنجون اکڙيون اڙائي وئين.
4- قاسم ڪيئڙو سر قرباني
جان فدا تو تان جانب جاني
رمز ڏيکاري منهنجو روح ريجهائي وئين.
(2) ڪافي ڏيڍي – سر ڪوهياري
(صنعت تشطير ۽ ذوقافيتين
جيڪا يار کي ٿي ساري
سا ته رات ڏينهن رڙندي
1- جا پنهل کي ٿي پراهين
لڪ لنگهي سا ويندي اوڏانهين
2- باه بره جي جنهن کي ٿي ڀڙڪي
ڪن ڏکن جو تنهن لئي ڪڙڪي
وڃي پار سخن پنهنجا پاري
دلو دوست ڪري ترندي.
3- ريءَ راڻي ٿي مومل ماندي
هردم حسرت ساڻ هيڪاندي
جيڪا گوندر منجهه گذاري
سڪ سي سور سهي سڙندي،
4- مارئي محبت مان ماري
ساري سٿ ٿي سرتين ساري
سا وار وطن ڏي واري
وڃي شال ملير ۾ مرندي.
5- قاسم ڪارڻ يار پيارا
نيڻ کڻي ڪر ڀال ڀلارا
موهيس نيڻ نظاري
ڪين سڄڻ مون کي سرندي.
سيد حيدر شاهه بن سيد اسماعيل شاهه
(1813ع کان 1889ع تائين)
سيد حيدر شاهه بن سيد اسماعيل شاهه تاريخ 27 ربيع الاول 1228
برابر سنه 1813ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ڄائو هو.
مٽيارين واري مولوي عبدالڪريم وٽ عربي تعليم حاصل
ڪئي هئائين. عربي، پارسي، علم جفر ۽ علم نجوم ۾
قابل هو. تعويذ نويسيءَ ۽ وظيفي خواني سندس خاص
مشغولي هئي. حيدرآباد توڙي آسپاس جا ڪيترائي خاص
عام ماڻهو سندس معتقد ۽ مريد هوندا هئا. سيد حيدر
شاهه علم موسيقيءَ جي اصولن تي شعر چوندو هو.
اٺهتر ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 4 رمضان هجري 1306
برابر 1889ع ۾ وفات ڪيائين سندس ڇهه فرزند هئا.
سيد حيدر شاهه جو ڪلام
سيد حيدر شاه ڏوهيڙن جي صورت ۾ ”ليلى مجنون“ ڪتاب ٺاهيو هو جو
بمبئي جي ليٿو ڇاپي ۾ ڇاپيل هوندو هو ۽ سنڌ ۾ گهڻي
دلچسپيءَ سان پڙهيو ويندو هو. ڪن مڪتبن ۾ اهو ڪتاب
درسي ڪتاب طرح به پاڙهيو ويندو هو، هن وقت اهو
ڪتاب اڻ لڀ آهي.
هن وقت اسان وٽ سيد حيدر شاهه جي فقط هڪ ڪافي موجود آهي، جا
”چونڊ ڪافين“ واري ڪتاب تان ورتل آهي. اها ڪافي
هيءَ آهي:
ڪافي ڏيڍ ٺپي
سر جوڳ
1- اڏي ويهج يار ولهيءَ جي جانب جلويدار
دل اندر ديرو.
2- ڪر نه جاني يار جڏيءَ سان سونهن ڀريا سردار
ڀيرو ڪي ميوو.
3- صدقي توتان سڄڻ سائين دل گهريا دلدار
جگر ۽ جيرو.
4- حيدر شاهه چئي هوت اوهان لئي واٽ وڇايم وار
پاڻ کڻي پيرو.
|