انهن پنجن ورهين جي اندر ڀنڀي کي ٻي نياڻي به اٿارڻي پيئي.
تنهنڪري پنجن ورهين جي بدران ست ورهيه اهو واپاري
پنجاهه جريبن جي ڪل پيدائش کڻندو رهيو. ماڻهن ڀنڀي
کي حساب ڪري ٻڌايو ته واپاريءَ انهن ستن ورهين ۾
ٽن هزارن کان ٽيڻي چوڻي زمين جي پيدائش مان حاصل
ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري هاڻي ان کي ٽي هزار نه ڏيڻ
گهرجن ۽ زمين کائنس وٺڻ گهرجي، پر ڀنڀي چيو ته
”مون جيڪا زبان ڪئي آهي، تنهن ۾ ڦير نه ڪندس.“ نيٺ
ستن سالن کان پوءِ ٽي هزار روپيا واپاري کي ڏيئي
پوءِ اها زمين پنهنجي قبضي ۾ آندائين.
(3) ڀنڀي جو هڪڙو عزيز ڇتن نالي هو، جو ڀنڀي ۽ ٻين سان گڏ
زمينداريءَ جي چوٿين پتيءَ جو مالڪ هو. ڇتن هڪڙو
ننڍڙو پٽ بچيل نالي ڇڏي مري ويو ۽ ڇتن جي زال به
جلد ئي رضا ڪئي.
سڀني جي مرضي ٿي ته سالياني پيدائش مان بچيل جي کاڌ خوراڪ جو
حساب ڌار ڪري باقي سڀ پيدائش اسين ورهائي کڻندا
رهون. جڏهن بچيل وڏو ٿيندو، تڏهن پاڻيهي اسان مان
هر هڪ کان پنهنجو حساب وٺندو. ڀنڀي کي اها ڳالهه
نه وڻي، تنهن چيو ته ”يتيم ٻار جو حق کائڻ بڇڙو ڪم
آهي، تنهنڪري توهان مان ڪو به بچيل جي تربيت جو
بار کڻي، سالياني پيدائش مان ان جي کاڌ خوراڪ جو
خرچ لاهي باقي بچت سال بسال ڪنهن شاهوڪار وٽ ڌراوت
طرح رکندو رهي. جڏهن بچيل وڏو لائق ٿئي، تڏهن
شاهوڪار کان سڀ ڌراوت ان کي وٺي ڏجي.“ آخر سڀني کي
اها صلاح وڻي. تن بچيل جي تربيت جو ڪم ڀنڀي جي
حوالي ڪيو.
ڀنڀي پنهنجي اولاد سان گڏ بچيل کي پاليو ۽ مڪتب ۾ تعليم
ڏياريائينس. جڏهن وڏو ٿيو تڏهن ڪنهن چڱي گهر مان
ڌام ڌوم سان شادي ڪرائينس. بچيل جڏهن ارڙهن ورهين
جو ٿيو، تڏهن ڀنڀي راڄ جا چڱا مڙس گڏ ڪري بچيل جي
حصي جو حساب ڪتاب پيش ڪيو، ان جي کاڌ خوراڪ ۽
شاديءَ جو خرچ لاهي باقي ڇهه هزار روپيا صافي بچت
مان هڪڙي خلاصي زمينداري خريد ڪري ڏنائينس.
بچيل هڪڙو وڏو معزز زميندار ٿي حياتي گذارڻ لڳو ۽ ڀنڀي جو جس
جاءِ بجاءِ ڳائڻ لڳو.
سيد ميران محمد شاه ولد سيد محمد شاهه متعلوي
سيد ميران محمد شاه جي بزرگ آنريبل سيد ميران محمد شاه وزير سنڌ
جو جد امجد هو. انگريزن جي اوائلي زماني ۾ سندس
ادبي خدمت لائق ستائش آهي.
سندس تصنيف ٿيل 2 ڪتاب ”سڌا تورو ۽ ڪڌاتورو“ ۽ آڪاسي نروار“
مشهور آهن جن جو تفصيل وار احوال هيٺ ڏجي ٿو.
(1) سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه
ڪتاب جي حقيقت: هي ڪتاب اصل هندي ٻوليءَ ۾ پنڊت بنسي ڌر جو
ٺاهيل هو، جو سر بارٽل فريئر صاحب جي حڪم موجب سيد
ميران محمد شاه سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ڪتاب جو مضمون
هنديءَ تان ترجمو ٿيل آهي، مگر ماڻهن جا نالا سنڌ
جا ڪم آيل پيا ڏسجن. هي ڪتاب به شروعات وارن ڏينهن
۾ ابتدائي اسڪولن ۾ درسي ڪتاب طور ڪم ايندو هو.
مضمون:
مٿرا شهر ۾ ٻه ماڻهو رهندا هئا، هڪڙو سمهابو (لحاظ ۽ لياقت
وارو) ۽ ٻيو آمهابو (بي مروت). سمهابي جي پٽ جو
نالو سڌاتورو (حلالي پٽ) هو ۽ امهابي جي پٽ جو
نالو ڪڌاتورو. سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو ٻئي اسڪول ۾
پڙهندا هئا. سڌاتوري کي گهر ۾ سلڇڻائيءَ جا سبق به
ملندا هئا ۽ لفنگن ڇوڪرن جي سنگت کان به هو پري
رهندو هو، مگر ڪڌاتوري جي گهر ۾ کوٽ ۽ ڪپت جو
وهنوار هلندڙ هو ۽ هو بدڪار ڇوڪرن جي سنگت ۾
گذاريندو هو. سڌاتورو اسڪول ۾ چاه ۽ محنت سان
پڙهندو هو ۽ ڏاڍو هوشيار ٿي پيو. هڪڙي ڀيري ڪليڪٽر
صاحب ۽ ٻيا آفيسر اسڪول ۾ آيا ۽ اچي امتحان
ورتائون.
سڌاتوري جي هوشياري ۽ فضيلت ڪليڪٽر صاحب کي اهي وڻي جو ان کي
انعام به چڱو ڏنائين ۽ اسڪول ڇڏڻ شرط تپيداريءَ جي
نوڪري ڏنائينس. انهيءَ نوڪريءَ ۾ هن اهڙا
ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جا ڪم ڏيکاريا. جو نوڪريءَ
۾ وڌندو ويو ۽ آخر هڪڙو نامور ۽ عادل مختيارڪار
وڃي ٿيو.
ڪڌاتورو به لکڻ پڙهڻ جهڙو ٿيو ۽ گهڻا ڌڪا ڌوما کائي آخر دفتردار
جي آفيس ۾ منشگيري جي جاءِ وڃي حاصل ڪيائين.
نوڪريءَ جي وقت ۾ به ان پنهنجا ننڍي هوندي وارا
بدچال سنگتي نه ڇڏيا ۽ پڪو جواري بڻجي پيو. هڪڙي
ڀيري ڪنهن ڌر کي ناجائز فائدي ڏيڻ لاءِ رشوت وٺي
سرڪاري ڪاغذن ۾ بي ايماني ڪيائين. جنهنڪري ٽي
ورهيه سخت پورهئي سان قيد جي سزا مليس.
مٿئين مضمون جا ڪي ٽڪر جنسي صورت خطي ۽ عبارت ۾ هيٺ لکجن ٿا:
1- سمهابي پنهنجي پٽ کي باب پڙهڻ وهاريو ۽ جڏهن اهو ڇوڪر ستن
ورهين جو ٿيو تڏهن مهابي کي هي ڳڻتي ٿي ته مون کي
ته پاڻ ان جي سيکارڻ جيتري واند ڪائي ڪانه آهي ۽
ڇوڪر جي سيکارڻ جي پڻ مهل اها آهي، جيڪڏهن ان ۾ ڪا
ويسلائي ڪبي ته ڇوڪر ڄٽ ٿي پوندو. انهي ڳالهه جو
بار سدا منهجي مٿي تي رهندو. ڏاهن چيو ته آهي ته
جو مائٽ پنهنجي وياءَ کي لکڻ پڙهڻ نه سيکاري سو ڪر
ان جو ويري آهي.
(صفحه 2 ۽ 3)
2- سڌاتورو ٻن ٽن ورهن ۾ ليکي جي ڪتابن ۾ جبر مقابلي ۽ ڌرتي
نروار ۽ علم هيئت ۽ چٽن ۽ تاريخن جي ۾ ۽ ٻين علمن
۾ ڀڙ ٿيو، پڙهڻ جي مهل ان جو اهڙو حال هو ته جنهن
ٽولي ڇوڪرن جي سين دوري هو تنهن ٽولي کان سگهوئي
پنهنجي ڀڙپائي سر نڪريو مٿي ٽولي کي ٿي پهتو.“
(صفحه 4-5)
صورت خطي، عبارت ۽ ٻولي:
هي ڪتاب سنه 1855ع ۾ ٺهيل آهي. ان وقت جي ٺهيلن ڪتابن بنسبت هن
ڪتاب ۾ نئين مقرر ٿيل عربي سنڌي آئيويٽا جا سڀ اکر
صحيح صورت ۾ ڪم آيل آهن: جهڙوڪ ٺ، جهه، گهه، ڱ
وغيره. هر هڪ لفظ تي اعرابون ڪم آڻڻ يعني شاگردن
کي لفظن جو صحيح تلفظ سيکارڻ ته ان وقت جي درسي
ڪتابن جو ڪارائتو اصول هو. نون غنہ ۽ مرڪب آوازن
وارن لفظن جي صورتخطي هن ڪتاب ۾ به اها ئي ڪم آيل
جا ان وقت جي ٻين درسي ڪتابن ۾ ڪتب آيل آهي.
ٺٽي وارن بزرگن جيڪا عبارت پنهنجن ڪتابن (جهڙوڪ هندستان جي
تاريخ قاضي غلام علي واري ۽ ڀنڀي زميندار جي ڳالهه
ميان غلام حسين واري) ۾ ڪم آندي، تنهن بنسبت هن
ڪتاب ۾ وڌيڪ درست ۽ سڌريل عبارت ڪم آيل آهي، تنهن
هوندي به هن ڪتاب جا ڪيترائي جملا سنڌي ۾ ڪو ”صرف
و نحو“ جو ڪتاب موجود ئي ڪونه هو.
مثال 1- ”تڏهن صاحب مٿي ڇوڪرن جي پرک وٺتي پوءِ جيڪو ڇوڪر ته
ڍرڙو هو ۽ لکپڙهه تي چاهه نه وس ان کي ڪوٺئو ٿي
چيائين ته جيڪڏه تو ڳهن ڪري لکيو پڙهيو هو ۽
پنهنجو واڌارو ڏيکارئو هو ته جيڪر توکي پڻ ڏاڻ
ملئو، ڏس تنهنجي چرڙائي تنهنجي انعام کي جهلئو.
(صفحه 5)
سنڌي ”صرف و نحو“ ۽ هاڻوڪي محاوري موجب مٿئين عبارت هن طرح هئڻ
گهرجي:
”تڏهن مٿئين صاحب ڇوڪرن جي پرک ورتي (ڇوڪرن جو امتحان ورتو).
پوءِ جيڪو جيڪو ڇوڪر ڍرڙو (گهٽ) هو، يا جنهن جنهن
ڇوڪر جو لکڻ پڙهڻ تي چاهه نه هو، تنهن کي ڪوٺيو
چيائين ٿي، ته ”جيڪڏهن تون ڳهر نه ڪري (ڌيان لڳائي
لکين پڙهين ها ۽ پنهنجو واڌارو ڏيکارين ها، ته
جيڪر توکي به ڏاڻ (انعام) ملي ها. ڏس تنهنجي
ڍرڙائي (گهٽتائي) توکي انعام کٽڻ ۾ اٽڪ ڪئي.“
مثال 2- ” سڌاتورو چيت گهڻي سين ڪم ۾ رهڻو هيڪي ڀيري ڪليڪٽر
صاحب جلالپور جي تپيدار کي حڪم ڏنو ته هتي نقشو
ٻني جو جوڙڻ مهل سنئون ۽ سوڌو نٺهيو آهي ان لاءِ
توکي گهرجي ته ٻنين کي مئي نئين سر نوءُ نقشو سئون
۽ سوڌو جوڙي آءٌ ۽ ان نقشي جين خسرو پڻ ٺاهي آءُ
ان صاحب جي منہ تي ته آنہ آنہ ڪي پر ٻنن جو نقشو
جوڙڻ ڪ اهڙو سهکو نهو.“
(صفحه 8)
مٿين عبارت هاڻوڪي دستور موجب:
”سڌاتورو گهڻي چيت (ڌيان) سان ڪم ۾ لڳو رهيو. هڪڙي ڀيري ڪليڪٽر
صاحب جلالپور جي تپيدار کي حڪم ڏنو، ته ”هتي وارين
ٻنين جو نقشو جوڙن مهل سنئون سڌو نه ٺهيو آهي،
تنهنڪري توکي گهرجي، ته ٻنين کي نئين سر ماپي ٻيو
سنئون سڌو نئون نقشو جوڙي آءُ، ۽ انهيءَ نقشي موجب
خسرو (ڍل جو حساب) به ٺاهي اچ.،“ تپيدار صاحب جي
روبرو ته ”هائو سائين، حاضر سائين“ پي ڪيو، پر
ٻنيون ماپي انهن جو نقشو ٺاهڻ ڪو سٿرو ڪم نه هو.“
هن ڪتاب جو مصنف مٽيارين جو ويٺل هو ته به ڪي ڪي لفظ ۽ محاور
ٺٽوي بزرگن جهڙا ڪم آندا اٿس. مثلاً:
هيڪڙو (هڪڙو) هيڪو هيڪو (هر هڪ) هيڪي دوئي ڊول (هڪ نه ٻيءَ ريت
يا ڪنهن نه ڪنهن ريت). آنهه (هائو) ۾ ڪر (نه ڪر)
ماڻهو (ماڻهون)، وغيره.
ڪي لفظ ٺٽوي بزرگن به نسبت درست صورت ۾ ڪم آيل آهن:
ٺٽوين لکيو ايڙو مصنف لکيو اهڙو
=
=
جيڙو
=
=
جهڙو
=
=
جڏين
=
=
جڏه
=
=
تڏين
=
=
تڏه
=
=
هير
=
=
هير (هينئر)
هن ڪتاب ۾ ڪي نرالا نج سنڌي لفظ به ڪم آيل آهن:
ڳهن (ڌيان)، آرکڻ (اصل عربي لفظ ”آرڪان“=
لڇڻ، آراڌو (اصل عربي لفظ ”علحدو“
+
نرالو الڳ)، رڳڙو (جهيڙو)، آنئٺو (غير آباد ٻني)،
ڍاڪو (نار يا هرلو)، کنڊائي (دل جو کوٽ)، آپلئو
(آڻ جهل)، ول (تفاوت)، ويڇو (تفاوت)، رمٺو ائڻ
(رنج ٿيڻ)، نبير نچيڙ (فيصلو)، کاپ (خرچ)، چيت
(حوصلو).
هن ڪتاب ۾ ڪي لفظ غلط صورت ۾ به لکيل آهن، جئن ته:
وڏ ماڻو هئڻ گهرجي وڏ ماڻهپي
چڱماڻوئپ
= =
چڱ ماڻهپي
نيها
=
=
نياءُ
مهاورو
=
=
محاورو
دڪت
=
=
دقت
هن ڪتاب ۾ ڪي نج سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح به ڪم آيل آهن، جئن ته:
(1) سلو سرجنديئي ڀلو. پهاڪو
(2) بڙ جا پن اُڀرنديئي سڻڀا.
=
=
(3) پاڻ ڦرائي به ڪم ڪڍجي.
=
=
(1) جوف ۾ منهن وجهڻ=
لوڀ ڪرڻ اصطلاح
(2) ڪوڏيءَ جو ول پوڻ
=
ٿورڙو تفاوت نڪرڻ
=
=
(3) پاڻي پاڻي کير کير ڪرڻ
=
پورو انصاف ڪرڻ
=
=
(2) آڪاسي نروار
ڪتاب جي حقيقت: هندي ٻوليءَ ۾ نظام شمسي نالي هڪڙو ڪتاب پنڊت
بنسي ڌر جو جوڙيل هو، جو سر بارٽل فريئر صاحب جي
حڪم موجب سيد ميران محمد شاهه ولد سيد محمد شاهه
متعلوي سنڌي ۾ ترجمو ڪري سندس نالو رکيو آڪاسي
نروار يعني خلاصه نظام شمسي (نظام شمسيءَ جو خاص
بيان). هي ڪتاب وڏن شاگردن لاءِ درسي ڪتاب هو.
مضمون:
سنڌي ٻوليءَ ۾ علم هيئت بابت هي پهريون پهريون ڪتاب ٺهيل آهي،
جنهن ۾ ڌرتي، سج، چنڊ، سيارن (گرهن)، ثوابت (نکترن
يعني بيٺل تارن) پڇر تارن، ڪسوف (سج گرهڻ) ۽ خشوف
(چنڊ گرهڻ) بابت ماڻهن جا جيڪي اڻڄاڻائيءَ جهڙا
خيال ۽ عقيدا هئا، تن کي ڪوڙو ثابت ڪيو ويو آهي ۽
هر هڪ آسماني جسم جي تحقيقات ڪيل شڪل، گردش،
مفاصلي ۽ انهن جي اثرن (جهڙوڪ رات ۽ ڏينهن ٿيڻ جي
حقيقت ۽ موسمن جي مٽ سٽ، بابت سمجهاڻيون ڏنيون
ويون آهن ڪيترن آسماني جسمن جون شڪليون به ڏنيون
ويون آهن. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي، ته
نجومي يا جوتشي ماڻهن جي حال چال ۽ دنيا جي
ڪاروبار تي سيارن ۽ تارن جي حڪمراني بابت جيڪي
اڳڪٿيون ڪندا آهن تن تي ويساه ڪرڻ مورکائي آهي.
علم هيئت سکڻ مان ڪهڙا فائدا آهن، تن جو بيان ڪري
ڪتاب پورو ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب جي مضمون ۾ جيڪا خاص ۽ تعريف جوڳي خوبي آهي. سا هيءَ جو
چپي چپي تي پڙهندڙن جو ڌيان خدا تعالى جي پاڪ
هستي، ان جي بي انت قدرت ۽ فرمانبرادريءَ ڏانهن
ڇڪايو ويو آهي: گويا آسماني جسمن بابت واقفيت
ڏيندي پڙهندڙن کي روحاني تعليم جا سبق ڏنا ويا
آهن.
مثلاً:
1- ”پڌرو هجي، ته سج ۽ چنڊ تارا ڄميل يعني ثابت ۽ تارا گهمندڙ
يعني سيار ڏينها ڏينهه ننڍپڻ کان ماڻهو جي نهار1
۾ اچن ٿا ته تاپه 2 (هو) ان جوڙيندڙ جي جوڙ ۽
وڏائي جو ڪي (ڪجهه) ويچار نٿو ڪري.“
(صفحه 1 ڪتاب جي
شروعات)
2- ”اهڙين ڳالهين جي سوچ1
کان هيون2 ڌڻي ڏي ورندي آهي جو هو سڀني جو
اُپائيندڙ ۽ واهي3 آهي گهرجي ته ان جي ٻانپ4 ڪجي ۽
ان جو دڳو5
مڃجي.“
(صفحه 6)
هن ڪتاب ۾ نئين مقرر ٿيل آئيويٽا جا سڀ اکر درست صورتن ۾ ڪم آيل
آهن، ۽ اعرابون به ڪنهن ورلي لفظ تي لکيل آهن، مگر
ٻه زبرون، ٻه زيرون ۽ ٻه پيش گهڻي قدر ڪتب آندا
ويا آهن. باقي ”نون غنہ“ جي آوازن وارا لفظ جهڙوڪ
”جنهن“،”ڪنهن“ وغيره انهن ئي صورتن ۾ ڪم آيل آهن،
جن صورتن ۾ ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري“، ڪتاب ۾ ٻوليءَ جو
ڍنگ به اهو ساڳيوئي ڪتب آيل آهي.
ميان محمد حيدرآبادي
ميان محمد حيدرآباد ۾ فقير جي پڙ واري سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر
هو. سربارٽل فريئر جي فهمائش موجب هن صاحب سنڌي
صرف و نحو جو ڪتاب لکيو جو سنڌي اسڪول ۾ رائج ٿيو.
ميان محمد پارسيءَ جو چڱو ڄاڻو هو ۽ ان جي آڌار تي
سنڌي گرامر گهڻي وضاحت سان لکيو اٿس.
سنڌي صرف و نحو
ڪتاب جي حقيقت: سربارٽل فريئر صاحب ڪمشنر جي فرمائش موجب هي
سنڌي ٻوليءَ جو پهريون پهريون تفصيلوار صرف و نحو
سنڌي ٻوليءَ ۾ منشي محمد سنڌي اسڪول ماستر تيار
ڪيو هو، جنهن ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ ديوان پرڀداس
انندرام انگريزي اسڪول جي اسسٽنٽ ماستر جي به صلاح
حاصل ڪئي هئي. هن ڪتاب تيار ٿيڻ بعد ميجر گولڊ سمٿ
صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر جو سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر
به هو، تنهن يوروپين جي مطالعه لاءِ ان جو اختصار
انگريزي ۾ لکيو. اهو انگريزي اختصار به سنڌي صرف و
نحو جي پڇاڙيءَ ۾ شامل ٿيل آهي، انهيءَ انگريزي
اختصار جي منڍ ۾ ميجر گولڊ سمٿ صاحب منشي محمد کي
”مولانا محمد“ ڪري لکي ٿو.
مضمون:
هي صرف و نحو هو به هو عربي ۽ پارسي صرف و نحو جي اصول تي ٺهيل
آهي. هن ۾ پهريائين سنڌي الف بي جا اکر ڏنا ويا
آهن ۽ هر هڪ اکر جي سامهون اهڙو لفظ ڏنو ويو آهي،
جنهن ۾ اهو اکر ڪم اچي ٿو. مثلاً:
الف........ اَڪ، ب..... باهه، ٻ.... ٻانهون، ڀ.... ڀاءُ، پ...
پيءُ وغيره.
انهيءَ کان پوءِ هر هڪ اکر جون ٽي صورتون (منڍ، وچ ۽ پڇاڙيءَ ۾
لکجڻ واريون صورتون، ڏنل آهن، تنهن کان پوءِ
آئيويٽا جي اکرن جا ٽي قسم آهن، تنهن کان پوءِ
آئيويٽا جي اکرن جا ٽي قسم مسروري، ملفوظي ۽
مڪتوبي سمجهايا ويا آهن. پوءِ نج عربي اکر، نج
سنڌي اکر، خاص هندي ۽ سنڌي اکر جي عربي ۽ پارسي ۾
ڪم ئي نه ايندا آهن؛ اهي اکر، جي عربي، پارسي،
هندي ۽ سنڌيءَ ۾ عام آهن، ۽ اهي اکر جي خاص پارسي
آئيويٽا جا آهن، سي سمجهائي پوءِ اعرابن ۽ حرف
علتن جي ڪشادي سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. تنهن کان
پوءِ سمجهايل ڪم جا استعمالي سوال (جوابن سميت)
ڏنا ويا آهن.
ڳالهائڻ جا لفظ عربي ۽ پارسي صرف و نحو موجب فقط ٽي ٺهرايا ويا
آهن.:
اسم، فعل ۽ حرف انهن ٽنهي جي مختصر وصفن ڏيڻ کان پوءِ اسم جا
پنج قسم ٺهرايا ويا آهن. 1- اسم خاص ۽ عام، 2- اصم
صفت، 3- اسم عدد، 4- اسم ضمير ۽ 5- اسم ظرف. هر هڪ
جي مختصر وصف ڏيئي پوءِ اسم جي جنس ۽ عدد جو بيان
ڏنو ويو آهي؛ جنهن ۾ هيءَ ڳالهه چٽيءَ طرح سمجهائي
۽ ثابت ڪئي ويئي آهي، ته اعرابن جوءِ ڄاڻڻ ۽ ڪم
آڻڻ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي جنسن، عددن، حالتن ۽
گردانن پروڙڻ لاءِ گهڻي قدر ضروري آهي.
اسم جي گردانن سمجهائڻ کان پوءِ اسم صفت جا ٽي درجا (خالص،
تفضيل ۽ مبالغو) سمجهائي فعل ۽ اسم مان صفت ٺاهڻ
جون ريتيون ۽ مثال ڏنا ويا آهن. حقيقت ڪري اهو
لفظن ٺاهڻ جو ڪم ”نحو“ واري ڀاڱي ۾ اچڻ گهرجي. پر
هن ڪتاب ۾ مصنف اهو ڪم به اتيئي ڇڏيو آهي. صفت کان
پوءِ اسم ظرف ۾ انجا ٽي قسم( ظرف تميز، ظرف زمان ۽
ظرف مڪان) مختصر وصفن سان ڏيئي پوءِ، اسم، صفت ۽
فعل مان ٺهيل ظرفن جا مثال به اتيئي سمجهايا ويا
آهن.
اسم ظرف کان پوءِ اسم عدد جو بيان تمام ڪشادگيءَ سان سمجهايو
ويو آهي. اتي به عدد جي پڇاڙين جي ڦير گهير
سمجهائڻ لاءِ اعرابن کان ڪم ورتو ويو آهي. اسم
ضمير ۽ ان جا قسم مثالن ۽ گردانن سميت سمجهائڻ کان
پوءِ اسم مان اسم فاعل، اسم مان اسم، صفت (اڳ ڏنل
سمجهاڻيءَ کان ڪشاديءَ طرح)، صفت مان اسم، فعل مان
اسم، فعل مان صفت، مرڪب اسم ٺاهڻ جون ريتيون ۽ اسم
تصغير جا مثال سمجهايا ويا آهن، جي خاص ”نحو“ واري
باب ۾ سمجهائڻ وڌيڪ زيباور هئا، مگر هن ڪتاب ۾ هن
مصنف نحو تي، ڪو جدا باب ڏنو ئي ڪونهي. فعل جا
قسم، زمان، صيغا ۽ گردان سمجهائي پوءِ حرف جر ۽
حرف جملي جا قسم ۽ مثال کولي سمجهايا ويا آهن.حرف
ندا جي سمجهاڻي تمام مختصر ڏني ويئي آهي. هن ”صرف
و نحو“ ۾ ”پريوگ“ سمجهايل نه آهن؛ ڇاڪاڻ جو عربي ۽
پارسي ”صرف و نحو“ ۾ ”پريوگ“ جو ذڪر ئي ڪونهي. سو
هن ڪري جو پارسيءَ ۾ فعل سدائين فاعل موجب مٽبو
آهي ۽ مفعول جي عدد ۽ جنس سان ان جو ڪو به واسطو
نه رهندو آهي. عربي ”صرف و نحو“ ۾ فقط تعليلات
فاعل موجب عدد ۽ جنس موجب فعل جي صورتن مٽجڻ جا
سبب هن طرح سمجهايل آهن. پارسي ۾ ته فعل سان جنس
جو ڪو به واسطو ڪونهي.
صورتخطي، عبارت ۽ ٻولي:
هي ڪتاب وڏن شاگردن ۽ ماسترن لاءِ ٺاهيل آهي. هن ڪتاب جي ديباچي
۾ هر هڪ لفظ تي اعرابون پوري طرح ڪم آيل آهن. پر
ڪتاب جي مضمون ۾ ڪٿي ڪا ورلي اعراب ڪم آيل آهي؛
مگر ٻٽيون اعرابون جاءِ بجاءِ ڪم آيل آهن، جئن ته
وڏيءَ (وڏيون)، ”اسءُ“ (اسين) وغيره. ڪٿي ڪٿي ته
وري ٻٽين اعرابن جي بدران هاڻوڪي نموني وانگر حرف
علت جي پٺيان ”نون“ ڪم آندل آهن جيئن ته
”اُتاهون“، ”چوٿون“، ”پويون“ وغيره. ڪيترن لفظن جي
صورتخطي اصلوڪي نموني ۾ لکيل آهي جئن ته جہ
(جنهن)، تہ (تنهن)، ڏينہ (ڏينهن)، اوان (اوهان)،
ڳال (ڳالهه) وغيره.
هن ڪتاب ۾ ٻولي صاف سليس ڪم آيل آهي ۽ نج پراڻا سنڌي لفظ گهڻي
قدر ڪم آيل آهن: جهڙوڪ هير (استعمال)، پريون (قسم،
نمونا)، نڪڻي (خاص طرح) مهنديون (اڳيون)، پهت
(پسند)، کٿاب (مڪتب) وغيره.
هن ڪتاب ۾ جهڙي صاف ۽ وڏن چٽن اکرن ۾ صورتخطي لکيل آهي، تهڙي ان
وقت جي ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ نه آهي.
واڌو مل چنديرام ٽلٽي وارو
ٽلٽيءَ جي ديوانن مان واڌو مل هڪ مشهور نثر نويس ٿي گذريو آهي
جنهن جي تاريخ انگلستان ڇاپي ۾ موجود آهي.
منتخب تاريخ انگلستان
ڪتاب جي حقيقت: هن کان اڳ مسٽر پرڀداس انندرام جي ترجمو ڪيل
انگلنڊ جي تاريخ جي ٻن جلدن جو بيان ڏنو ويو آهي؛
اهي انگلنڊ جون مفصل تاريخون آهن، پر سر بارٽل
فريئر صاحب ڪمشنر جي حڪم موجب ”انگلنڊ جي تاريخ“
جي انگريزي ۾ لکيل انتخاب جو هي ترجمو مسٽر واڌو
مل ڪيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”منتخب تاريخ
انگلستان“
جئن اوائلي زماني جا مصنف پهريائين ڌڻي سڳوري جي تعريف ڪري پوءِ
ڪتاب بابت حال حقيقت لکندا هئا، مسٽر واڌو مل صاحب
به انهيءَ طرح ڪتاب جو ديباچو لکيو آهي. ديوان
صاحب جا هم عصر مصنف جن جي تصنيفات جو بيان هن کان
اڳ لکيو ويو آهي. يا هن کان پوءِ لکيو ويندو تن
مان ڪنهن به مصنف انهيءَ ريت ديباچو نه لکيو آهي.
هن صاحب هن طرح ديباچو شروع ڪيو آهي:
ديباچو تواريخ جو
”وڏي وڏائي ڌڻيءَ جي جنهن پنهن جي ڀال ۽ ڀلائيءَ ساڻ انسان کي
اپائي پروڙ (جنهنڪري قدرت ڌڻيءَ جي پسڻ ۾ اچي ٿي)
ڏنانس. لک شڪرانا ۽ ٿورا ڌڻيءَ جا جنهن پنهنجي
ٻاجهه ساڻ ڪيترن ڏينهن کون واڳ وڏي ڀاڱي ملڪ
هندستان جي هٿ حاڪم انگريز بهادر نياءَ واري جي
ڏني ۽ ويتر هلائيندڙ حڪومت سنڌ جو حاڪم عادل جناب
سر بارٽل فريئر ڪي، ٽي، بي ڪمشنر بهادر ( جنهن جي
حڪومت ۾ اهڙو نياءُ آهي، جو شينهن ٻڪريءَ تي گڏ
پاڻي پيئندي ڪي پئي نٿو سگهي). آءٌ ڇا چوان، سڀڪو
چوندو ته ماڻهو هن ڏيهه جا سڀيئي گهڻي سرهائيءَ
ساڻ دعا ڪندڙ وڏائي حضور مٿئين جا آهن ۽ جناب ميجر
گولڊ سمٿ صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر جنهن جي ڏاهپ ۽
پروڙ افلاطون وانگي سڄي ملڪ ۾ پڌري ۽ ان جي سخا
کان سڀڪو ننڍو وڏو فيض پائيندڙ آهي. حڪم ڏنو
تنهنڪري مون ڪينڪي ڄاڻندڙ واڌو مل پٽ ديوان
چنديرام ويٺل ٽلٽي جي هي ڪتاب تواريخ ملڪ انگلستان
جو، جنهن ۾ سڄيئي واٽ بادشاهي انگريزن جي لکيل
آهي، انگريزي ٻوليءَ مان سنڌي وائيءَ ۾ ترجمو
ڪيو.“
صورتخطي، عبارت ۽ ٻولي:
هن ڪتاب ۾ نئين مقرر ٿيل عربي سنڌي آئيويٽا موجب سڀني اکرن جون
صورتون درست طرح ڪم آيل آهن. مگر ڇڙهيون يا ٻٽيون
اعرابون هر هڪ لفظ تي ڪتب آيل آهن. تفاوت رڳو هيءُ
آهي جو ٻين اعرابن وارن ڪتابن ۾ واو مجهول جي
اڳئين اکر تي ”پيش“ ڪم آيل آهي ۽ هن ۾ ”زير“.
جيئن ته ”پيارو“ ٻين لکيو آهي”پيارؤ“ هن ۾ ”پيارو“
”ڄاتو“ ٻين لکيو آهي. ”ڄاتو“ هن ۾ آهي ”ڄاتو“”وڏو“ ٻين لکيو
آهي. ”وڏو“ هن ۾ آهي”وڏو“ وغيره.
ٻين ڪيترن لفطن جي صورت خطيءَ ۾ هن ڪتاب ۽ ٻين هم عصر ڪتابن ۾
ڪجهه تفاوت آهي. جئن ته:
”ڪنهن“ کي ٻين لکيو آهي ”ڪہ“ يا ”ڪنہ“ هن ۾ آهي ”ڪهي“.
”جڏهن“ ٻين لکيو آهي ”جڏه“ يا ”جڏهِ“ هن ۾ آهي ”جڏهي“.
”تڏهن“ ٻين لکيو آهي ”تڏه“ يا ”تڏهِ“ هن ۾ آهي. ”تڏهي“.
”مون“ ٻين لکيو آهي ”مو“ هن ۾ آهي ”من“ وغيره.
هن ڪتاب جي عبارت ۾ به موجوده سنڌي ”صرف و نحو“ جي قاعدن جون
فروگذاشتون اهڙيون ئي آهن جهڙيون سندس هم عصر
ڪتابن ۾، مگر ٻولي صاف ۽ رسيلي ڪم آيل آهي ۽ مناسب
موقعن تي چڱا چڱا اصطلاح ڪتب آيل آهن. جئن ته:
(1) لانگ ڇٽو هئڻ
=
زاني هئڻ اصطلاح
(2) چوڄ ڪرڻ
=
مزا ماڻڻ اصطلاح
(3) انبوريءَ (انباري) چاڙهڻ=وڏو
درجو بخشڻ اصطلاح وغيره
(4) راجا راڄ، پرجا سک پهاڪو
(5) خون کٿوري ڳجهو نه رهي پهاڪو
(6) جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي پهاڪو
راءِ بهادر سيٺ آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي
هي ڪراچيءَ جي مشهور ڀوڄواڻي خاندان مان ٿي گذريو آهي. هي صاحب
ڳچ وقت سنڌ جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر هو. سندس لکيل
ڪتاب هيٺيان آهن.
(1) سنڌ جي مختصر تاريخ
ڪتاب جي حقيقت: هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيلن سنڌ جي تاريخن تان
مختصر حقيقتون وٺي سنڌيءَ ۾ راءِ بهادر سيٺ آلومل
تيار ڪئي هئي ۽ تعليم کاتي جيڪي اوائل ۾ اسڪولن
لاءِ درسي ڪتاب تيار ڪرايا هئا، تن سان گڏ تيار ٿي
هئي. ان وقت کان وٺي هن وقت تائين هيءَ تاريخ درسي
ڪتابن جي ياداشت ۾ داخل آهي؛ پر ٿورا ورهيه ٿيندا،
جو سنڌ جون نيون با تصوير تاريخون درسي ڪتاب طور
ڪم اچڻ لاءِ منظور ٿي ويون آهن، تنهنڪري هي تاريخ
اسڪولن ۾ ڪم ڪا نه ٿي اچي.
صورتخطي، عبارت ۽ ٻولي:
جيتوڻيڪ اصل تصنيف جو ٽيون ڇاپو اسان جي هٿ ۾ آهي ته به منجهس
اعرابون (ڇڙهيون خواه ٻٽيون) چڱيءَ طرح ڪم آيل
آهن. ڪيترن ئي لفظن تي غلط تلفظ پيدا ڪندڙ اعرابون
ڪتب آيل آهن، جن مان ثابت آهي ته مصنف عربي ۽
پارسي ٻولين مان اهڙو بخوبي واقف نه هو. جهڙوڪ
ديوان ننديرام، ديوان اڌارام، ديوان واڌومل وغيره
هئا. جئن ته،
”ذڪر“ جي بدران ”ذڪر“
”احوال“
= =
”احَوالَ“
”معلوم“
= =
”معلوم“
”مسلمان“
= =
”مسِلمان“
”مذهب“
= = ”مذهب“
وغيره.
مرزا غلام رضا بيگ ولد مرزا فريدون بيگ
مفتاح القلب
مرزا غلام رضا بيگ حيدرآباد سنڌ جي مشهور معروف مرزا خاندان مان
ٿي گذريو آهي. انهيءَ ساڳئي خاندان مان شمس
العلماءَ مرزا قليچ بيگ هو. مرزا غلام رضا بيگ سنڌ
جي تعليم کاتي سان ڪجهه وقت وابسته رهيو، تنهن ڪري
ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ
سنڌيءَ ۾ منطق جو ڪتاب لکيائين. سنڌ ۾ اهو ئي
پهريون منطق جو ڪتاب آهي، جنهن جهڙو اڃا تائين
سنڌيءَ ۾ ٻيو ڪتاب ڪونه نڪتو آهي. ساڳئي مرزا
خاندان مان خانبهادر مرزا صادق علي بيگ هو جنهن
علم معاشيات تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيو.
ڪتاب جي حقيقت: هن ڪتاب ۾ علم منطق جا قاعدا ۽ اصول سمجهايل
آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ علم منطق بابت هي هڪڙو ئي ڪتاب
لکيل آهي. هي ڪتاب سنه 1871ع ۾ لکيو ويو هو،
انهيءَ وچ ۾ ٻين علمن تي ڪيترن ئي مصنفن جدا جدا
نمونن جا ڪتاب لکيا آهن؛ مگر علم منطق تي ڪتابن
لکڻ جي جرئت ڪنهن به مصنف نه ڪئي آهي.
مرزا غلام رضا بيگ مرحوم عربي، پارسي ۽ انگريزي ۾ لکيل منطق جي
ڍنگ ۾ هي ڪتاب لکيو آهي ۽ اهڙيءَ چٽائيءَ ۽
صفائيءَ سان منطق جا قاعدا ۽ اصول سمجهايا اٿس. جو
عربي ۽ پارسي ۾ لکيل منطق جو ڪتاب مشڪل هٿ اچي
سگهندو. هي ڪنهن خاص ڪتاب جو ترجمو نه آهي، پر علم
منطق ۾ مرزا صاحب مرحوم کي اونهي واقفيت ۽ قابليت
هئي، تنهنجو نتيجو آهي.
مضمون:
جئن اڻ پڙهيل ۾ اڻ پڙهيل مرد، زالون ۽ ٻار پنهنجي روز مره جي
گفتگو ۾ ”صرف و نحو“ ، ”علم معاني“ ۽ ”علم بيان“
جا متا ۽ اصول ڪم پيا آڻين، مگر انهن جي صحيح يا
غلط هئڻ جي پروڙ ڪانه اٿن، تئن اهي پنهنجي ڳالهه
ٻول ۽ سوال جواب ۾ ”علم منطق“ جا متا ۽ اصول پيا
ڪم آڻين، مگر انهن متن ۽ اصولن جي صحيح يا غلط هئن
جي معلومات کين نه آهي. هن ڪتاب ۾ اول مصنف
سمجهايو آهي، ته علم منطق ڇا آهي ۽ ٻوليءَ سان ان
جو ڪهڙو لاڳاپو آهي. تنهن کان پوءِ علم منطق جون
اوائلي وصفون نهايت سليس نموني ۾ جدولن ۽ شڪلين جي
وسيلي سمجهايون اٿس ۽ پوءِ
”ڪلام“،”مقدمه“.”دليل“،”نتيجه“۽”قياس“ بابت مثالن
سان ڪشاديون سمجهاڻيون ڏنيون اٿس، جي علم منطق جا
آخرين مقصد آهن. تنهن کان پوءِ سڄي ڪتاب ۾ ڏنلن
سمجهاڻين جي استعمال لاءِ 48”فقرا“”مقدما“ ڏنا
اٿس. پڇاڙيءَ ۾ انهن ذومعنى لفظن جي ياداشت ڏيئي
ڪتاب پورو ڪيو اٿس، جن جي ڪم آڻڻ ڪري ”نتيجه“ ۽
”قياس“ تي اثر پوي ٿو.
ڪتاب جي مضمون جا ڪي جنسي ٽڪرا ساڳي صورت خطي ۽ عبارت ۾ هيٺ
لکجن ٿا.
1- ڪتاب جي ديباچي ۾ مصنف پنهنجو ذڪر ”ضمير غائب“ ۾ ڪيو آهي ۽
ديباچو لکندي چوي ٿو:
”سڀڪنهن ٻوليءَ کي جيترو گرامر يعني صرف و نحو جو ضرور آهي
اوترو بلڪ انهين کان به واڌو منطق جو ضرور آهي،
تنهن ڪري ڄاتائين ته اِنهين ٺهراءَ ڪرڻ مان بلڪل
فائدو ٿيندو ۽ پنهنجي دل ۾ انهين ٺهراءَ ڪرڻ کان
پوءِ اهڙي ڪتاب جي مضمون تي فراغت جي وقت ۾ خيال
ڪندو هو ۽ جيڪا لکڻ جهڙي ڳالهه دل تي چڙهي ايندي
هيس ته انهين کي وري ياد آڻن لاءِ مختصر لفظن ۾
لکي ڇڏيندو هو پر ايترو فراغت جو وقت ڪين ميسر
ٿيندو هوس جو هي مختصر لفظن ۾ بيان ڪيلن ڳالهين کي
سڌاري صفا عبارت ۾ وجهي رٿي اڳپوءِ ڪري لکي ۽ ٻيو
به جيڪي واجب ڄاڻي اهو منجهنس ملائي سڄو ڪتاب تيار
ڪري. پوءِ هڪڙو اهڙو افسوس جهڙو اتفاق ٿي پيو جنهن
ڪري سندس بمبئي ۾ وڃي الفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهڻ موقوف
ٿيو. نيٺ اهو پور ڪيائين ته خانه نشينيءَ ۾ اجايو
وقت ضايع ڪرڻ صلاح ناهي، جيئن ته ڏاهن جو چوڻ آهي
ته بيڪار کان بيگار چڱي آهي پر هي ته بيگر جهڙو ڪم
ناهي بلڪ ٻئن کي توڙي پاڻ کي گهڻو فائدي جهڙو آهي،
تنهنڪري منطق جو ڪتاب جنهن جي جوڙڻ جو گهڻو شوق
هوس انهين جي جوڙڻ ۾ مشغول ٿيو ۽ گهڻي ڪشالي ۽
ڪوشش ڪرڻ ڪري ٿوري عرصي ۾ سنه 1871ع جي مئي مهيني
جي 8 تاريخ يا سنه 1288هه جي صفر جي مهيني جي 17
تاريخ انگريزي منطق جي ڪتابن جي نموني تي جوڙي
تمام ڪيو ۽ مٿس مفتاح
1القلب نالو رکيو..“
2- ”لاجڪ لفظ يوناني زبان جي لوگاس لفظ مان نڪتل آهي. جنهن
لوگاس لفظ جي معنى لفظ يا سبب آهي، تنهنڪري لاجڪ
لفظ جي معنى ٻولي ڳالهائڻ يا سبب ڏيڻ جو هنر يا
علم آهي.“
”منطق عربي لفظ نطق منجهان نڪتل آهي، هن نطق لفظ جي معنى يوناني
زبان جي لوگاس لفظ جهڙي آهي.“
”علم اصلن ۽ دليلن جو جوڙ آهي جنهن جي واهر سان اسين ڪو مضمون
بيان ڪريون ٿا. هنر قاعدن جو جوڙ آهي جن موجب ڪو
ڪم ٿي سگهندو. علم مان ڄاڻپ خاص ٿئي ٿي ۽ هنر مان
ڪم ڪرڻ جي واٽ سکجي ٿي. علم ڏيکاري ٿو ته ڪا شيءَ
هستي ۾ آهي ۽ سندس هستيءَ جا قاعدا ۽ سبب آهن. هنر
سيکاري ٿو ته ڪا به شيءَ پيدا ڪرڻ گهرجي.“
4- ”منطق جا ٽي ڀاڱا آهن پهريون ڪلمه2
ٻيو ڪلام3 ۽ ٽيون دليل4 اهي ٽيئي دل جي ٽن سگهن
سان مشابهت ٿا رکن.
اهي ٽي سگهون هي آهن. هڪڙي سمجهڻ جي سگهه ٻي فتوا ڏيڻ جي سگهه ۽
ٽي سبب ڏيڻ جي سگهه، سمجهڻ جي سگهه ڪلمه سان
موافقت آهي. فتوا ڏيڻ جي سگهه جي ڪلام سان ۽ سبب
ڏيڻ جي سگهه جي دليل سان.
ڪلمه جا مثال: سڪندر، ماڻهون، _ نيڪ گهوڙي جو لغام، جماعت ۽
ٻيا.
ڪلام جا مثال: سخيءَ جو هٿ منجهيئي ڪين. هي دنيا فاني آهي، ”تر
جي گٿي سؤ چوٽون کائي“.”سهڻا ٽوهه پٽن تي پئا
آهن.“
دليل جا مثال: ”جيڪو بادشاه پنهنجي رعيت جو خير خواه نه هو
انهيءَ حڪومت وڃائي آهي: نيپولين حڪومت وڃائي
آهي“. تنهن ڪري ”سڀ ماڻهو مرڻان آهن. يعقوب ماڻهو
آهي. يعقوب مرڻُون آهي.“
”چنگل گير پکي حلال نه آهي_ باز چنگل گير پکي آهي تنهن ڪري چنگل
پکي حلال نه آهي.“
”نيڪ ماڻهونءَ تي خدا هميشه راضي آهي، احمد نيڪ ماڻهو آهي تنهن
ڪري احمد تي خدا هميشہ راضي آهي.“ (صفحه
5-6)
5- ”جي هڪڙي يا هڪڙي واڌو ڏنلن ڪلامن مان ڪو ٻيو علحده ڪلام
ڪڍبو ته ان ڏنلن ڪلامن جي ميلاپ کي قياس چئبو.
قياس
1ٻن
پرين جا آهن. قياس باآزمودي ۽ قياس بي آزمودي.
قياس با آزمودي جو مثال: اسين هڪڙو پهڻ پاڻي ۾ اڇليون ٿا ۽ ڏسون
ٿا ته وڃيو ٿو تر وٺي. هن آزمودي مان اسين قياس
ڪري معلوم ڪريون ٿا ته جڏهن ڪڏهن ڪو پهڻ پاڻيءَ ۾
اڇلائبو ته وڃي تر وٺندو.
هاڻي پهرين
2
قاعدي موجب پاڻيءَ ۾ پهڻ جي ٻڏڻ جو ڪو سبب ڪو ضرور
هوندو ۽ اهو سبب هي آهي ته پهڻ
3پاڻ
جيڏي پاڻيءَ جي انداز کان باري آهي. ۽ ٻئي قاعدي
موجب جڏهن ڪڏهين اسين پاڻيءَ ۾ پهڻ ڏسون ٿا تڏهن
اسان کي پڪ ٿئي ٿي ته پهڻ پاڻيءَ ۾ اڇلبو ته جهڙو
پهرين دفع حال ٿئو هو اهڙو هينئر پڻ ٿيندو.“
(صفحه41-42)
6- ”جو ڪلام ٻئن ٻن ڪلامن مان نڪري ٿو ان کي نتيجو يا حاصل ڪلام
ڪري ڪوٺيندا آهن ۽ جن ڪلامن مان نتيجو ٿو نڪري
انهن مان هڪڙي هڪڙي کي مقدمو ڪري سڏيندا آهن.
مثال: ”سڀني شومن جو مال ڪانگين ڪتين ٿيندو آهي: هوت خان شوم
آهي: تنهنڪري سندس مال ڪانگين ڪتين ٿيندو.“
(صفحه 53)
جيتوڻيڪ هي ڪتاب 1871ع ۾ چاپيو آهي؛ ته به صورت خطي هن وقت جي
ڪتابن جهڙي آهي. ڪن ٿورڙن لفظن ڌاران ڪٿي به اعراب
ڪم آيل ڪانهي. تيئن مقرر ٿيل آئيويٽا موجب سڀيئي
حرف صحيح صورتن ۾ ڪم آيل آهن. ورنيڪيولر لٽريچر
ڪميٽي جن جن لفطن جون صورتون 15-1914ع ۾ درست طرح
مقرر ڪيون آهن: سي لفظ اصلوڪي نموني ۾ لکيل آهن.
مرزا صاحب مرحوم هن ڪتاب جي شروع ۾ پنهنجا ٺاهيل ست ڏوهيڙا لکيا
آهن، جن مان پهريون ڏوهيڙو ته ساروئي فاتحہ سوره
جي لفظن سان ٽمٽار ڪيو اٿس؛ ٻئي ۾ اخلاص سوره جو
مضمون سمايو اٿس ۽ باقي پنجن ۾ خدا تعالى جي تعريف
ڪئي اٿس. پڇاڙيءَ واري ڏوهيڙي ۾ پنهنجو تخلص قانع
ڪم آندو اٿس.
انهن ستن ڏوهيڙن مان چار هت لکجن ٿا:
1- ”الحمد تنهن الله جو جو رب العالمين،
سو رحمان سو رحيم سو مالڪ يوم الدين،
اياڪ نعبد بالصدق و اياڪ نستعين،
اهد ناالصراط المستقيم صراط الذين،
انعمت عليهم غيرالمغضوب عليهم والاالضالين،
آگا ڪر آمين، عرض هن اڄاڻ جا.“
2- ”صفتون صانع جون بيشڪ بيعدد،
احد الله اهو جو لم يلد ولم يولد،
هرجا حاضر هر زمان ساڳيو ئي صمد،
آهي سڀ احد، سوين صورتن ۾”.
3- ”صفت ڪر صانع جي، جو بيچون بيچگون،
جوڙيو جنهن جڳت کي چئي ڪن فيڪون،
سي ٿيا سرنگون، جن منهن مٽيو محبوب کان“
4- ”قادر تنهنجي ڪرمن جا ڪري ڪير بيان،
جوڙيئي هن جڳت ۾ آب منجهان انسان،
فهم ڏيئي فائقن ڪيئي سرت سبحان،
اشرف مخلوقن ۾ هي ناطق ڪيئي نندان،
آغا ڪر احسان، قانع تي ڪريم تون.“
مثالن مان ثابت آهي ته مرزا صاحب ڏوهيڙا نهايت پختا ۽ رسيلا
ٺاهيو ڄاڻندو هو. ڏوهيڙن ۾ شايد سندس ٻيو ڪو به
گهڻوئي ڪلام هجي. جو اڃا ظاهر نه ٿيو آهي.
آخوند عبدالرحيم ولد محمد وفا عباسي
ويٺل ڪراچي
سنڌي ادب جي مکيه هستين مان آخوند عبدالرحيم عباسي هڪ مشهور
معروف اديب ٿي گذريو آهي. سندس تولد يا زاد بوم جو
پڪو احوال ڪٿان ملي نه سگهيو آهي. پر اها ڳالهه
حقيقت کي پهتل آهي ته هو ڪراچي ضلع جي ڪوهستان
واري علائقي جو باشنده هو. انگريز حڪومت جي اوائلي
زماني ۾ جئن ديوان ننديرام اڌارام ۽ ميران محمد
شاهه صاحب سنڌي ادب جي اُسرائڻ ۾ ڪوششون ڪيون، تئن
هن بزرگ به سنڌي زبان جا جهونا قصا زباني ڪهاڻيون
هٿ ڪري ورنيڪيولر ڪميٽي جي سپرد ڪيون. آخوند صاحب
جي ممتاز تصنيف سندس لغت آهي جنهن سنڌي ادب ۾ چڱو
خاصو اضافو ڪيو آهي هيٺيان ڪتاب سندس نالي ۾
ڇاپايل آهن:
سيف الملوڪ، عمر مارئي، قصو ڪئا ۽ ٻلي، قصو سسئي پنهون، وڪئو
ڏاتار، جمجه سلطان، قصو عجائب شاهه، جواهر لغات.
(1) قصو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو
ڪتاب جي حقيقت: سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ برٽش سرڪار جي طرفان نه
رڳو هندي، پارسي ۽ انگريزي ڪتابن جي ترجمن ڪرڻ
لاءِ تعليم کي همٿايو ويندو هو، بلڪ جيڪي ديسي قصا
۽ آکاڻيون نثر يا نظم ۾ ڪن ماڻهن وٽ لکيون رکيون
وينديون هيون يا بر زبان پڙهيون يا ڳايون وينديون
هيون، سي قلم بند ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ جي
پيش ڪرڻ لاءِ به انهن کي ترغيب ڏني ويندي هئي.
اهڙي ترغيب ۽ همت افزائيءَ واري زماني ۾ آخوند
عبدالرحيم صاحب ٽي چار قصا هٿ ڪري ورنيڪيولر
لٽريچر ڪميٽي جي پيش ڪيا هئا، جن مان هڪڙو آهي سيف
الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصو.
هي قصو نظم ۾ بهار نالي ڪنهن شخص جو ٺاهيل آهي. جو ذات
......... حياتي بابت آخوند صاحب ڪو به احوال نه
لکيو آهي، مگر ان شاعر جيڪا ٻولي ڪم آندي آهي،
تنهن مان سمجهجي ٿو ته هو سنڌ جي اتر ڀاڱي جو
رهاڪو هو.
مضمون:
هن ڪتاب ۾ هڪڙو جهونو خيالي قصو آهي، جنهن ۾ جيتوڻيڪ عشق جي
تاثير ۽ ديون پرين سان وهنوار جو ذڪر گهڻو آهي، ته
به نمڪ حلالي، دل جي شرافت، صبر ۽ تحمل جهڙا
اخلاقي سبق به منجهس چڱي طرح سمايل آهن.
حضرت سليمان نبي عليہ السلام جي زماني ۾ هاشم بن سفيان نالي
هڪڙو مصر جو بادشاهه نهايت پهلوان، عادل ۽ رعيت
پرور هو، جنهن کي لشڪر ۽ خزاني، هيرن ۽ جواهرن جي
ڪا ڪمي ڪا نه هئي، مگر اولاد ڪونه هوس جنهنڪري:
”ويٺي وير ڪنهين جان ڪيو وير وهم،
جيڪر ڪو جوان هو، جي هوند ڄائو جم،
ته هي ملڪ خزانا مال ٿيو تنهن کي تم،
اهو گوندو غم، وٺي ويٺو پاڻ کي“.
(بيت 8)
”وٺي ويٺو پاڻ کي ڪري غم گيان،
نڪا ڪري ڪچهي نه دفتر نه ديوان،
همہ ڪل حيران، انهيءَ ويل وزير ٿيا.“
(بيت 9)
بادشاه جي وزيرن ۾ صالح بن جمشيد نهايت ڏاهو وزير هو، تنهن
بادشاهه کان وڃي حال احوال ورتو، جنهن کي بادشاه
پنهنجي دل جو ڏک بيان ڪري ٻڌايو. وزير بادشاهه کي
دلداري ڏيئي ڪچهري ۾ وٺي آيو ۽ جيڪي هوشيار حڪيم ۽
نجومي سجهندا هئس. سي گهرائي بادشاهه جي اولاد ٿيڻ
لاءِ حيلا حوالا پڇيائين. حڪيمن ۽ نجومين ٽن ڏينهن
کان پوءِ فتوا ڏني ته جيڪڏهن بادشاهه يمن جي
بادشاه شرف شاه جي ڌيءُ نگار بيبيءَ سان شادي ڪندو
ته ان مان فرزند عطا ٿيندس. صالح وزير هڪدم هيرا
جواهر ۽ قيمتي سوکڙيون، لشڪر لاءُ ۽ چنڊ کي
شرمائيندڙ چار سؤ ٻانهيون پاڻ سان وٺي يمن ڏي
روانو ٿيو. يمن جو بادشاه پهريائين ته هيڏو سارو
ڪٽڪ پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيندو ڏسي دهلجي ويو، پر
جڏهن پڪ ٿيس، ته صالح وزير فقط اوهان کان مصر جي
نامياري بادشاه هاشم شاه لاءِ نگار بيبيءَ جو سڱ
وٺڻ آيو آهي، تڏهن ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ صالح وزير جو
تمام گهڻو آڌر ڀاءُ ڪيائين. پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ
هاشم شاه لاءِ پنهنجي وزير جي نياڻيءَ جو سڱ صالح
وزير کي ڏنائين. هاشم شاه جي کني ۽ پڳ سان نگار
بيبيءَ لائون لڌيون ۽ صالح وزير به اتي جو اتي
شادي ڪئي. پوءِ شرف شاه پنهنجي نياڻيءَ کي بادشاهي
ڏاج ڏيوڻ ڏيئي مصر ڏي روانو ڪيو.
نون مهينن ۽ نون ڏينهن بعد هاشم شاه کي فرزند ڄائو، جنهن جو نالو سيف الملوڪ
رکيائون ۽ ساڳيءَ رات صالح وزير کي به پٽ ڄائو،
جنهن جو نالو سعد رکيائون. جو ذات جو ٻڀڙ هو. سيف
الملوڪ ۽ سعد جي پرورش به گڏ ٿي ۽ ٻنهي کي تعليم
به گڏ ملندي رهي.
عقل شعور اقبال کي پهتا پرس پڙهي،
وڃن سئل سودا تي چوڏهين ورهه چڙهي،
گهارن ڪا نه گهڙي، شهزادا شڪار ري“،
(بيت 38)
هڪڙي ڏينهن هي ٻئي نوجوان جڏهن بادشاه جي ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئا،
تڏهن بادشاهه هڪڙي سهڻي پيتي محلات مان گهرائي،
جنهن ۾ هڪڙي منڊي ۽ هڪڙي چادر پيل هئي. اهي ٻئي
شيون پنهنجي پٽ سيف الملوڪ کي ڏنائين ۽ چيائين ته
”هڪڙي رات ست پريون مون وٽ آيون هيون جن مون کي
حضرت سليمان جي پاران اچي سلام ڏنا ۽ هيءُ مهتر
سليمان جي منڊي ۽ چادر به ڏيئي وييون. اهي ٻئي
سوکڙيون آءُ توکي ٿو ڏيان.،
|