ٻولي ۽ عبارت
(1) گڏ وچڙ يا صاف سنڌي:
مرزا صاحب جدا جدا ٻولين ۾ ماهر هوندي به سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو
ڪلام چيو آهي، تنهن ۾ صاف ۽ سليس سنڌي ڪم آندي
اٿس، رواجي ٻوليءَ جي دستور موجب هن پنهنجي ڪلام ۾
جيڪي عربي ۽ فارسي لفظ ڪم آندا آهن، سي به بلڪل
سليس ۽ رواجي آهن.
مرزا صاحب نج ۽ پراڻن سنڌي لفظن جو به اهڙو ماهر هو، جو جهڙس
ٻيو ڪو سنڌ جو شاعر نه هوندو“ جئن سندس تصنيف ڪيل
ڪتاب ”لغات لطيفي“ مان ثابت ٿئي ٿو، تنهن هوندي به
هن پنهنجي ڪلام ۾ اهڙا پراڻا لفظ ڪم ئي نه آندا
آهن، جن جي معنى معلوم ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڊڪشنري يا
لغت جي ڪتاب کولڻ جي ضرورت ٿئي. مثال خاطر فقط
هڪڙو شعر پيش ڪجي ٿو، جنهن مان روشن ٿيندو، ته
مرزا صاحب، ڪهڙي نه صاف ۽ سليس سنڌي پنهنجي ڪلام ۾
آندي آهي.
(مثنوي)
”م چو مون کي حياتي خواب آهي
م ڀل دنيا عجب اسباب آهي
نه ٿيندو قبر ۾ آدم اوطاقي
بدن فاني مگر ٿيو روح باقي
اسان جو هت نه سک آهي نه ڏک ڪم
ترقي ۽ کپي تعميل هردم
اسان جو ڪم گهڻو ۽ عمر ٿوري
اجل ڪاهيو اچي پيو زور زوري
هي دنيا جنگ جو هڪ آهي ميدان
تون وڙهه مردن جان تنهن ۾ ٿي نه حيران
وساري ڇڏ تون مستقبل ۽ ماضي
هميشه حال تي ره يار راضي
سڀاڻي جي خوشي ڇڏ ڪالهه جو غم
خدا ڪر ياد اڄ، همت سان
ڇڏي جي نامور ويا پنهنجو نالو
ڪريون تن جان اسين پڻ اڄ ڪشالو
وٺون موٽي جڏهن رستو رباني
ڇڏيون ڪا پاڻ پوين لاءِ نشاني.“
”ته من ڪو رهگذر ان جي نهاري
لنگهي هن رڃ منجهان پهچي ڪناري.
اٿو يارو ٻڌو تان دل جي همت
ڪريون صبر ۽ صداقت ساڻ محنت.“
(سودائي خام جلد 1)
صرف و نحو:
سنڌ جي شاعرن ۾ مرزا صاحب پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ
بابت ”صرف ۽ نحو“ تي ڪتاب لکي شايع ڪيا، تنهن ڪري
ان جي ڪلام ۾ ”صرف و نحو“ جي قاعدن جي بلڪل پوريءَ
طرح پيروي ٿيل آهي.
فصاحت و بلاغت:
”فصاحت ۽ بلاغت“ جو جن عملن تي مدار آهي، صرف و نحو، علم لغت،
علم بيان، علم معافي، علم بدائع، تن جو مرزا صاحب
نه رڳو عالم هو، پر سنڌي زبان ۾ انهن علمن جو
پهريون پهريون شايع ڪندڙ ئي مرزا صاحب پاڻ هو.
”صرف و نحو“ ۽ ”علم لغت“ تي مرزا صاحب جا ٺاهيل
ڪتاب ڇاپيل ۽ مشهور آهن، علم بدائع تي سندس ٺاهيل
سنڌي ڪتاب اڃا سندس اڻ ڇاپيل تصنيفات ۾ موجود آهن،
انهيءَ ڪري مرزا صاحب جي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت
بابت آڱر سڃڻ جي ضرورت ڪانهي. فصاحت ۽ بلاغت لاءِ
هت هڪڙو ٻه مثال پيش ڪجن ٿا:
استعاره:
”صبر سان جاني ٽٻيون هڻ ڊپ ٻڏڻ جو ڪيم ڪير،“
ات پرين پاتار ۾ موتي مڻيا ايندءِ نظر،
دم جهلي دانہ هليو وڃ ڌيان ڌڌڪن تي نه ڌر،
يا ڪڍين موتي تري مان يار سين تون پرينءَ ڀر.
(سودائي خام جلد 1)
نوٽ: مٿين چئن مصرعن ۾ ئي فصاحت ۽ بلاغت جا ڪيترا جزا سمايل
آهن: ”پاتار“ (عشق حقيقي)، موتي مڻيا (روحاني
فيض)، ڌڌڪو (انساني ڪششون)، ”موتي“ (حقيقي وصال)،
”تري“ (حقيقي عشق جو انت)، ”پرين ڀر“ (منزل مقصود)
اهي سڀ استعارا باالتصريح (چٽائي چٽا) استعارا
آهن.
2- ٽٻيون ڏيڻ، ٻڏڻ جو ڊپ نه ڪرڻ، پاتار مان موتي ڪڍڻ، دم جهلڻ،
پرينءَ ڀر پهچڻ اهي سڀ هوشيار ”غواصن يا ٽوٻن) جا
ڪم آهن؛ پر نظم جي عبارت ۾ غواص يا ٽوٻي جو نالو
ئي ڪم آيل ڪونهي، تنهن کان سواءِ نظم جي مواد جو
لاڳاپو ”سالڪ“ يعني ”حقاني عاشق“ سان آهي، تنهن
ڪري قابل تعظيم شاعر اتي ”ٽوٻو يا غواص“ لکيو آهي”
سالڪ“ يا ”حقاني عاشق“ کي اهو آهي استعاره
بالڪنايہ (اڻ سڌو استعارو).
3- ”غواص“ يا ”ٽوٻي“ جي ذڪر ڪندي ان جي ڪارروائي سان تعلق رکندڙ
لفظ آڻي عبارت گڏ ڪرڻ اها آهي صنعت مراعات النظر
(بئي سان تعلق رکندڙ لفظن جو ڌيان رکڻ)
4- ٽٻيون هڻڻ (غور ۽ ويچار ڪرڻ)، ٻڏڻ (گمراه ٿيڻ) دم جهلڻ
(برداشت ڪرڻ) ۽ پرينءَ ڀر پهچڻ (سوڀارو ٿيڻ) اهي
پنهنجي سر نج سنڌي عمدا اصطلاح آهن.
تمثيل:
(رباعي)
دنيا سان قليچ رهه نه تون دل بستو؛
دل بستو وڌيڪ جو، سووڌ دل خستو،
آهن ٻه مٿا جي ساهميءَ کي سي ڏس،
هلڪو جو ٿيو آهه، سو وڌ برجستو.
(موتين جي دٻلي جلد ٻيو دستخط)
نوٽ: دنيا جي خواهش ۽ حرص کان جيتري قدر انسان آزاد هوندو
اوتري ان جي روح کي وڌيڪ چاڙهو نصيب ٿيندو، انهيءَ
حجت جي ثابتيءَ لاءِ مرزا صاحب ساهميءَ جي ٻن پڙن
جو عام فهم ۽ سهڻو تمثيل پيش ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو
ٻار کي خبر آهي، ته جنهن پڙ ۾ هلڪو بار هوندو سو
ڳري بار واري پڙ کان جلد کڄي ايندو ۽ مٿي بيٺل نظر
ايندو.
علم عروض ۽ علم موسيقي
شعر جا قسم:
مرزا صاحب شعر جا اهي سڀ قسم چيا آهن، جي علم عروض خواه علم
موسيقي جي اصولن موجب ٺاهي سگهجن ٿا. علم عروض جي
اصولن ۾ مرزا صاحب جي قابليت جو ثبوت ڪافي آهي، جو
جڏهن اڃا ايلفنسٽن ڪاليج بمبئي ۾ تعليم وٺندو هو،
تڏهن انگريزي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن جي سهوليت
لاءِ هن پارسي علم عروض جا قانون انگريزيءَ ۾ لکي
شايع ڪرايا، جو ڪتاب بمبئي يونيورسٽيءَ انگريزي
اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪم آڻڻ لاءِ منظور ڪيو هو. ان
ڪتاب جو نالو آهي ”پرشن پراسڊي“ يعني پارسي علم
عروضي.
سودائي خام جلد پهرئين جي پارسي نظمن مان ڪن ۾ بحرن جا نالا ۽
ارڪان بيان ڪيا اٿس، ته ڪن ۾ ”قافيه“ ۽ ”رديف“ جا
خاص جزا بيان ڪيا اٿس. تنهن ڪري مرزا جي ڪلام ۾
وزن يا قافيه به نسبت ڪا به نقطه چيني جهڙي ڳالهه
ڪانهي. مگر جئن هن کان اڳ وارن شاعرن جي ڪلامن ۾
ڪن لفظن جي تلفظ ۾ غير معمولي تخفيف ڪم آيل آهي،
تئن مرزا جي ڪلام ۾ به آهي. مثال:-
لفظن جي تلفظ ۾ غير معمولي تخفيف:
(الف) ”ڪڏهن خوشي آهه ڪڏهن غم،
ڪڏهن سک ۽ ڪڏهن ڏک،
مسئلو ڪونه هتي چون وچرا جو آهي.
(ب) جان وئي جسم منجهان جسم ٿيو جڏهن بي جان
تڏهن مزو جيئڻ ۾ وري ڇا جو آهي؟
هلان، چلان، ڊڪان ڊوڙان، چڙهان لهان آسان.
چوٿون آئون رهان جهنگ ۽ کليل هوا ۾ نت.
مڙئي چوويهه ڪلاڪ ڏينهن ۾ ٿيا.
(د) پهريون ننڊ جو هي جاڳ جو عالم.
نوٽ: مرزا وزن جي پوري رکڻ لاءِ ”ڪڏهن“ جو تلفظ ”ڪڏ“، ”تڏهن“
جي بدران ”تڏ“، ”ڊڪان“ جي بدران ”ڊڪ“،”رهان“ جي
بدران ”رهه“ ڪم آندو آهي. اسين هن کان اڳ بيان ٿيل
شاعرن جي ڪلامن بابت تنقيد ڪندي به چئي آيا آهيون،
ته اڄ ڪلهه جي نوجوان شاعرن کي ضرورت جي وقت اهڙن
لفظن جي تلفظ ۾ غير معمولي تخفيف تي اعتراض ڪرڻ نه
گهرجي، بلڪ انهن کي گهرجي، ته ضرورت جي وقت اهڙي
تخفيف کي پنهنجي لاءِ سند ڪري سمجهن.
علم موسيقي ۾ به مرزا صاحب ماهر هو. ستار تي به راڳ ڳائڻ سندس
پره ڦٽيءَ جي وقت جي وندر هوندي هئي. هن نه رڳو
علم موسيقي جي اصولن تي به هر قسم جا شعر ٺاهيا
آهن، بلڪ علم عروض جي اصولن تي ٺاهيل شعر به ستار
يا ٻئي ساز تي عمدي طرح ڳايو سگهندو هو.
(الف) نثر جا قسم
نثر ٽن قسمن جو آهي:
(1) مرجز يعني وزندار نثر (2) مسجع يا مقفى يعني تڪ بندي وارو
نثر (3) عاري يعني بنان سينگار نظم.
مرجز اهو نثر آهي، جنهن ۾ جملي جا ٻه ٽي فقرا پاڻ ۾ هم وزن ۽
موافق هجن، پر هم قافيه نه هجن جئن ته:
”سواءِ ذڪر قادر ڪار ساز جي وقت وڃائڻ ۽ سواءِ شغل خالق ڪردگار
جي حياتي گذارڻ نسورو نقصان آهي.“
مٿئين جملي ۾ منڍ وارن ٻن فقرن مان هڪڙي جي پڇاڙي ”وڃائڻ“ ۽ ٻي
جي پڇاڙي ”گذران“ آهي، اهي ٻئي فقرا پاڻ م هم
قافيه نه ٿيا، پر هم وزن آهن.
مرزا صاحب پنهنجي ناٽڪ جي ڪتابن ۾ نثر مرجز گهڻو ڪم آندو آهي.
نثر مسجع (سجع صنعت وارو) يا مقفى (قافيه وارو) يا تڪ بنديءَ
وارو اهو نثر آهي، جنهنجا جمالا پاڻ ۾ هم قافيه
هجن. صنعت سجع جا جيڪي ٽي نمونا لفظي صنعتن جي
بيان ۾ سمجهايا ويا آهن، سي جهڙيءَ طرح نظم ۾ ڪم
اچن ٿا، تهڙيءَ طرح نثر ۾ به ڪم اچن ٿا.
مرزا صاحب ”خورشيد“ ناٽڪ ۽ ”گلنار گلزار“ ناٽڪ ۾ تڪ بندي وارو
نثر تمام گهڻو ڪم آندو آهي ۽ سجع جا ٽيئي نمونا ان
نثر ۾ ڪم آيل آهن.
مثال:
بادشاه- اي وزير نيڪ تدبير ملڪ جو ڪهڙو حال آهي؟ منهنجي رعيت
ظلم ۽ ڏک کان فارغ البال آهي يا سندن دل تي ڪو فڪر
۽ ملال آهي؟
وزير- حضور جي اقبال سان غلام جي سنڀال سان ملڪ سڄو آباد آهي،
رعيت ساري شاد آهي، ننڍي توڙي وڏي جي دل غم و فڪر
کان آزاد آهي.
ظريف – وزير کي ته رڳي خوشامد ياد آهي، نه ته ملڪ دنگي ۽ فساد
سان برباد آهي.
سرڪار جي عمر دراز هجي ۽ بخت سدائين ساز هجي. هن تخت شهر ۾ ڏاڍو
فساد آهي، وزيرن ۽ اميرن ۾ بغض ۽ عناد آهي، نه داد
آهي، نه فرياد آهي جيڪو وزير صاحب جو ارشاد آهي،
سو نسورو غلط ۽ بي بنياد آهي.
نوٽ- دستور آهي، ته تڪ بنديءَ واري نثر جي جملن مان ڪي مرجز نثر
۾ به اچي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ جو انهن جا ڪي فقرا پاڻ ۾
اچيو هم وزن بيهن.
عاري نثر ته عام آهي، جنهن ۾ ڪو به تصنع يا ٺاه ٺوه نه هجي، فقط
نحو موجب جملن جي بناوت باقاعدي هجي.
نثر جا جيڪي ٽي قسم بيان ڪيا ويا آهن، سي فقط لفظن جي مدنظر تي،
معنى جي مدنظر تي نثر جا ٻه قسم آهن هڪڙو سليس ۽
ٻيو دقيق.
سليس اهو، جنهن جي معنى ۽ مطلب سمجهڻ ۾ ڪنهن کي به ڏکيائي نه
ٿئي. دقيق اهو نثر آهي، جنهن جي معنى سمجهڻ ۾ لغت
يا ڊڪشنريون اٿلائڻيون پون.
مرزا صاحب هميشہ سليس نثر لکندو رهيو. سندس ڪنهن به ڪتاب ۾ دقيق
نثر ڪم آيل نه آهي. اها سندس نثر نويسيءَ جي خاص
خوبي ليکجي ٿي. جيڪڏهن دقيق نثر لکڻ گهورو ٿئي ها،
ته وٽس ڳرن ڳرن عربي، فارسي ۽ ترڪي لفظن جي ڪا به
کوٽ ڪانه هئي.
ڪو ڪو نثر ٻولي جي لحاظ سان سليس مگر مضمون جي ڳوڙهي هئڻ ڪري
دقيق ٿيندو آهي. مرزا صاحب جي ڪن ڪتابن ۾ ڳوڙهي
مضمون وارو سليس نثر به لکيل آهي، سو هن ڪري جو جن
ڪتابن تان هن اهو نثر ترجمو ڪيو آهي، سي خود ڳوڙهي
مضمون وارا ڪتاب آهن، جهڙوڪ مقالات الحڪمت، علم
دستور المعاش، حاجتمنديءَ مان طاقتمندي وغيره.
سليس توڙي دقيق مضمون کي وري ٻن قسمن ۾ ورهايو اٿن، هڪڙو رنگين
۽ ٻيو سادو.
نثر سليس به هجي ۽ رنگين (علم بنان علم بديع جي اصولن موجب
سينگاريل) به هجي، سو اعلى درجي جي فصاحت ۽ بلاغت
وارو نثر ليکبو. اهڙي نثر ۾ مرزا صاحب جا ٻه ڪتاب
بينظير آهن: هڪڙو ناول ”زينت“ ۽ ٻيو ”گلن جي
ٽوڪري“.
(ب) نثر نويسيءَ جا نمونا ۽ دفعا
نثر نويسيءَ جا ٽي ڀاڱا آهن (1) تصنيف (2) تاليف (3) ترجمہ.
تصنيف جي معنى آهي پنهنجي واقفيت ۽ تجربي جي آڌار تي اهڙو ڪو به
ڪتاب تيار ڪرڻ، جو اڳ ڪنهن جو ٺاهيل نه آهي. مرزا
صاحب کي جدا جدا علمن ۽ مضمونن سان سنڌيءَ ٻوليءَ
کي ڀرپور ڪرڻ جو عشق هو، جا اهڙن علمن ۽ مضمونن
کان بلڪل بي بهره هئي، تنهن ڪري پنهنجو وقت تصنيف
کان زياده تاليف ۽ ترجمه ۾ صرف ڪيائين. انهيءَ ڪري
مرزا صاحب جا خود ساختا ڪي ٿورڙا آهن: جهڙوڪ
”زينت“، ”دلارام“ ،”انڪواري آفيسر“ وغيره.
تاليف جي معنى جدا جدا ڪتابن تان مضمون وٺي نئون ڪتاب تيار ڪرڻ
۽ ترجمه جي معنى ڪنهن ڌارين ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب جو
مضمون پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻڻ.
تاليف ۽ ترجمو مرزا صاحب جو خاص شغل هو. انگريزي، عربي، پارسي ۽
اردو ٻولين مان سوين ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾
آندا اٿس.
تصنيفات جي دفعن ۾ اهڙو ڪو به دفعو ڪونهي جنهن جا ڪتاب مرزا
صاحب مرحوم تصنيف، تاليف يا ترجمه ڪري سنڌي ٻوليءَ
۾ نه آندا هجن. ناٽڪ، ناول، ادب، تاريخ، اخلاق،
مذهب، کيتي، باغباني، فلاسافي، روحانيت، صحت وغيره
تي نه فقط هڪڙو هڪڙو ڪتاب پر ٻه به، چار چار بلڪ
ڪن تي اڃا به وڌيڪ لکيا اٿس.
مرزا صاحب ڪتابن پٺيان ڪتاب لکندو انبار ڪندو ويندو هو. ممڪن
آهي ته ڪن ڪتابن کي نظرثاني گهمائڻ ڌاران پريس جي
حوالي ڪيو هجيس، تنهن ڪري سندس ڪن ڪتابن جي نثر تي
ڪي ڇوٽي نظر وارا اهل قلم انگشت نمائي ڪندا آهن،
جا بلڪل بي واجبي آهي، جن علمن ڄاڻڻ تي نثر
نويسيءَ جو خاص مدار آهي، جهڙوڪ علم لغت، علم نحو،
علم معاني، علم بيان ۽ علم بديع، تن علمن ۾ نه رڳو
مرزا پورو پورو ماهر هو، بلڪ انهن مان هر هڪ علم
تي مجمل خواه مفصل سمجهاڻيون سنڌي زبان ۾ لکي به
ويو آهي.
مرزا کان سواءِ سنڌ جي ٻئي ڪنهن به اهل قلم هن وقت تائين مٿين
علمن بابت سنڌي زبان ۾ ڪجهه به نه لکيو آهي. اهڙي
عالم جي نثر نويسي تي نڪته چيني ڪندڙ کي شيخ سعدي
جي هيٺئين گفتي ڌاران ٻيو ڪي به چوڻ مناسب نه آهي:
بمير تا برهي اي حسود کاين رنجي است
که از مشقت او جز بمرگ نتوان رست
مرزا صاحب جا جيڪي ڪتاب (نظم خواه نثر ۾) ڇاپيل آهن تن جي
ياداشت هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي اٿئون. هت فقط سندس ٻن
خاص نثر جي ڪتابن جو ذڪر ڪريون ٿا.
(ث) مرزا صاحب جا ڪي خاص نثر جا ڪتاب
مرزا جا نثر ۾ لکيل (خود ساختا خواه ترجمه ڪيل) ڪتاب سون جي
تعداد ۾ آهن، جي مضمون جي نظر تي هڪ ٻئي کان ڪثر
آهن. پر هت ٻن ڪتابن جو بيان نمونه خاطر ڏيڻ ڪافي
آهي.
(1) زينت
مرزا جيڪي ڪتاب پنهنجي خيال مان ٺاهيا آهن، تن ۾ زينت هڪڙو بي
نظير ڪتاب آهي، هي ناول مرزا سن 1890ع ۾ ٺاهيو
آهي، جڏهن هو روهڙي ۾ مختارڪار هو.
هي ڪتاب هڪڙي باعزت ۽ با فضيلت ڪٽنب لاءِ بي بها هدايت آهي.
منهنجو هڪڙو جهونو دوست سفيد پوش اسڪول ماستر هو.
ان سان 1898ع ۾ جڏهن زينت مطالع ڪيو، تڏهن ان تي ايترو اثر ٿيو،
جو پڪو ارادو ڪيائين ته آءٌ پنهنجو گهر ۽ ڪٽنب
اهڙيءَ طرح سڌاريندس ۽ اهڙيءَ طرح حياتي گذاريندس.
جهڙيءَ طرح مرزا زينت ۾ سمجهائي آهي. هن پنهنجي اڻ
پڙهيل زال جو اڳيون نالو مٽائي زينت رکيو ۽ رات
ڏينهن محنت ڪري مائيءَ کي اهڙي تعليم ڏنائين، جو
هوءَ هڪڙي نامور ۽ نيڪدل ٽرينڊ ماسترياڻي بڻجي پئي
۽ پنهنجي مڙس کان به وڌيڪ پگهار کڻندي رهي.
ماءُ کي نياڻي توڙي پٽ جي شادي جي ڳڻتي سڱ ڏيڻ وٺڻ جو شريفانو
دستور، باعزت زالن جي هڪ بئي وٽ اچڻ وڃڻ جي ريت،
شادي ڪرڻ وقت ويچار جوڳيون ڳالهيون، زال ۽ مرد
ٻنهي جي پڙهيل هجڻ جي ضرورت، پڙهيل زال ۽ مرد جو
پاڻ ۾ اخلاق ۽ رسمن رواجن تي علمي ۽ عقلي بحث، زال
ذات جي مسافريءَ جا خطرا، سختي ۽ نڌڻڪائيءَ جي
حالت ۾ پنهنجي لڄ ۽ عزت بچائڻ لاءِ زال ذات جا
حيلا، پرديس ۾ پڙهيل زال ۽ پڙهيل مرد لاءِ باعزت
گذارڻ جا رستا، اولاد جي پرورش، وغيره گهرو،
ڳالهين بابت ”زينت“ ۾ ذڪر آهي.
”زينت“ نه رڳو مضمون جي لحاظ سان دلچسپ آهي، پر ان ۾ وڌيڪ
دلچسپي اها آهي، جو منجهنس سليس، صاف ۽ فصاحت
بلاغت ڀريل گهرو ٻولي ڪم آيل آهي، اسين نموني خاطر
”زينت“ مان ٻه ٽڪر هيٺ ڏيون ٿا.
سڱ گهرندڙ گهوٽ ماءُ کي ڪنوار ماءُ ٿي چوي:
”وري جئي شل منهنجو حامد به ويٺو آهي. جوان اچي ٿيو آهي، تنهنجو
به نيٺ بلو ڪرڻو اٿم، اڄ به مائٽ چون ٿا ته ”اٽي
تي اٽو، کارو نه کٽو، هڪڙي هٿ ۾ ڏيو، ٻئي هٿ ۾
وٺو“. سو جي آءٌ کڻي اهڙو پير تو سان ڀريان، ته
مائٽن کان به مور ويندس ۽ منهنجو
ڇوڪر
به رهجي ويندو.“
پنهنجي مڙس سان پردي بابت بحث ڪندي زال ٿي چوي:
”دنيا ۾ اهڙيون حرص وڌائڻ ۽ گمراه ڪرڻ جون شيون پکڙيون پيون
آهن، جو جڏهن مڙس به انهن تي ٺڳجي وڃن ٿا ۽ خطا
کايو وڃن، تڏهن زالون ڇا آهن؟ انهن کان گوشي تي
رهڻ ۽ انهن جي وڪڙ ۾ ته اچڻ به وڏي شي آهي. جي
بديءَ سان وڙهي ان تي غالب پوڻ وڏي نيڪي آهي، ته
بديءَ کي اصل ويجهو به نه وڃڻ يا ان کان ڀڄي پاسو
ڪرڻ ۾ به ننڍي نيڪي نه آهي. چوڻي به آهي، ته ”جت
پهچڻ ناهي جاءِ، تت ڀڄڻ ڪم وريام جو“ سو حقيقت ڪري
زالون ڄاڻي واڻي پردي ۾ رهڻ ڪري وريامن جو ڪم ٿيون
ڪن. اها به سندن هڪڙي بهادري آهي، اها به سندن
هڪڙي تعريف آهي.“
آءٌ جيڪر چوان ته مرزا صاحب مرحوم جي سڀني نثر وارن ڪتابن لاءِ
”زينت“ حقيقي زينت آهي. مگر افسوس! جو اڄ ڪلهه جا
شاگرد ۽ شاگردياڻيون توڙي پڙهيل مرد ۽ زالون
”زينت“ مان ايترو فيض حاصل ئي نٿا ڪن، جيترو فيض
ان مان هٿ ڪري سگهجي ٿو.
(3) مقالات الحڪمت
هي ڪتاب مرزا صاحب سنه 1877ع ۾ نامور انگريزي فلاسفر لارڊ بيڪن
جي ”بيڪنس ايسيز“ تان ترجمو ڪيو هو، سو به تڏهن،
جڏهن پاڻ اڃا بمبئي ۾ ”بي_اي“ پڙهندڙ هو.
هن ڪتاب جو مضمون آهي اخلاقي فلسفه اصل انگريزي ڪتاب جو مضمون
اهڙو ڳوڙهو ۽ ٻولي اهڙي دقيق آهي، جو اڄ تائين
سندس ڪيترن ٽڪرن جي درست معنائن جي شرح تي انگريزي
پاڙهيندڙ پروفيسر متفق راءِ نه آهن.
اهڙي ڳوڙهي مضمون ۽ دقيق ٻوليءَ واري ڪتاب جو مرزا صاحب اهڙي
سهڻي ۽ بامحاوره سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو اڄ ڪلهه
جا گريجوئيٽ توڙي ڊبل گريجوئيٽ سندس نثر نويسي جي
قابليت اڳيان سر تسليم خم پيا ڪن.
جنهن زماني ۾ سنڌي بولي سيکارڻ وقت اسڪولن ۾ پهاڪا، اصطلاح ۽
تمثيلات، جي ٻوليءَ جو تمام ضروري ڀاڱو آهن تن تي
ڌيان ئي ڏيڻ ۾ ڪونه ايندو هو، نڪو انهن بابت سنڌي
ٻوليءَ ۾ ڪو ڪتاب ئي شايع ٿيل هو تنهن زماني ۾
پهاڪن، اصطلاحن ۽ تمثيلات ڀريل يا فصاحت سان ڀريل
سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو بينظير ڪتاب لکڻ ڏيکاري ٿو ته
نثر نويسي خدائي ڏات طور ڪچيءَ کان ئي مرزا کي عطا
ٿيل هئي.
هيتري ڳالهه تسليم ڪرڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي، ته پڇاڙيءَ ۾ مرزا جو
تيز رفتار قلم نثر جا ڪتاب ائين رهڙيندو ويندو هو،
جئن ڪنهن تجربيڪار سر بند جو ڪارب پنهنجي تيز
رويءَ سببان سر بند کي سرن جي سر تان هٿڙي گهمائڻ
جي مهلت ڏيڻ ڌاران ويندو آهي، سرن پٺيان سرون
جڙيندو.
هن ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي، ته لارڊ بيڪن جو اصل ڪتاب به فصاحت ۽
بلاغات جو سرچشمو اهي، پر انهيءَ فصاحت ۽ بلاغت کي
اهڙي لباس ۾ پيش ڪرڻ، جو سڀڪو صحيح ڪري نه سگهي،
ته ”مقالات الحڪمت“ انگريزي تان ترجمو ٿيل آهي، يا
مرزا جو خود ساختو، سا قابليت مرزا کي ئي خدا بخشي
هئي.
”مقالات الحڪمت“ ۾ اصل ڪتاب کان وڌيڪ مرزا هي ڪم به ڪيو آهي، جو
ڪتاب جي منڍ ۾ سمجهايو اٿس ته فلسفه ڇا آهي؟ ۽ ان
جون شاخون ڪهڙيون آهن؟ نموني خاطر مقالات الحڪمت
مان ٻه ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا:
(1)
ڏک موت ڏانهن اڏامي وڃي ٿو، جو
”مرڻ مان دل ڏکوين کي به راحت ۽ شفا پهچي“ ڊپ موت کي آيو ٿو سمجهي، ۽ چوڻ ۾
به آهي، ته ”گيدي چکن موت، ڏه ڏه ڀيرا ڏينهن ۾“
رڳو رحم به ماڻهن کي موت ڏي مائل ڪري ٿو.
(2)
جي شڪ پاڻيهي ماڻهوءَ جي دل ۾ جاڳن ٿا، يا خيال ۾ اچيو گڏ ٿين
ٿا، سي رڳو ڀون ڀون ڪن ٿا، ٻي گهڻي حرڪت ڪانه ٿا
پهچائين. مگر جي شڪ لچائي ۽ اٽڪل ڪري ماڻهن جي مٿن
۾ وجهن ٿا، ۽ تجويزن سان ڪن ڳالهين ۽ قصن جي رستي
ٻين جي معرفت ڪنهن ۾ پيدا ڪن ٿا، انهن کي ڏنگ آهن.
هڪڙي انگريز عالم جو چوڻ آهي ته ”بيڪن صاحب جو اهو ڪتاب اهڙو
آهي، جنهن کي ٿورڙيئي وقت ۾ پڙهي پورو ڪري سگهجي
ٿو. پر جيڪڏهن ويهه ڀيرا ڪتاب پڙهبو ته ڀيري سان
نوان نوان خيال ۽ نڪتا منجها نئس هٿ ايندا.“
مقالات الحڪمت کي جيڪڏهن غور سان پڙهبو ته مٿيون چوڻ بلڪل سچو
نظر ايندو.
1- مرزا مرحوم جي خاندان جون علمي خدمتون
مرزا مرحوم جي ستن ڀائرن مان چئن ڄڻن سنڌي ادب جي اها خدمت ڪئي
آهي جو انهيءَ چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته چارئي سنڌي
ادب جا مکيه ارڪان هئا.
مرزا غلام رضا بيگ سنڌيءَ ۾ علم منطق تي ڪتاب لکي ثابت ڪري
ڏيکاريو آهي ته سنڌي زبان ايتري وسيع آهي جو ڪهڙو
به سائنس جو ڪتاب منجهنس لکي سگهجي ٿو. مرزا صادق
علي بيگ شرٽ صاحب سان گڏجي سنڌي انگريزي ۽ انگريزي
سنڌي لغتون تيار ڪيون. اهي ٻئي لغتون اڃا تائين
معتبر ريفرنس
Reference
ڪتاب آهن. مرزا صادق علي بيگ علم معاشيات تي هڪ
مفصل ڪتاب لکي سنڌ تي احسان ڪيو آهي. اڃا تائين
ٻئي ڪنهن به سنڌيءَ ۾ انهيءَ مضمون تي قلم فرسائي
نه ڪئي آهي.
وچٽ ڀاءُ مرزا علي قلي بيگ سنڌي ادب ۾ هي قيمتي اضافو ڪيو آهي
جو تڪليفون وٺي خرچ ڪري صوفين جي سرتاج سچل سائين
جو سارو ڪلام ۽ سندس سوانح هٿ ڪري ٻن وڏن جلدن ۾
ڇاپائي پڌرا ڪيائين. |