سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 28

 

سيد حاجي غلام محمد شاهه (گدا)

(1826ع کان 1905ع تائين)

سيد حاجي غلام محمد شاهه (گدا) خراساني رضوي سادات هو. سندس وڏا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ سنڌ ۾ اچي خدا آباد ۾ رهاڪو ٿيا هئا. گدا جو پڙ ڏاڏو سيد بچل شاهه، مير بجار خان ولد مير بهرام خان (شهيد) وٽ اچي نوڪريءَ ۾ بيٺو، تنهن کان پوءِ سندس پويان پشت به پشت شهداداڻي ٽالپرن وٽ رهندا آيا.

سيد حاجي غلام محمد شاهه (گدا) جو والد سيد حسن علي شاه مير نصير خان جي حڪومت وقت بجاراڻي ٽالپرن وٽ معزز ڪارڪن هو.

سيد حاجي غلام محمد شاهه (گدا) جي ڄمڻ جي تاريخ مظهر حق يعني 1253 هجري مطابق 1826ع.

گدا عربي ۽ پارسي ۾ قابل هو. پنهنجي ڦوه جواني جي وقت ۾ مير محمد خان جي ڳوٺ ۾ وڃي گهرٻار ڪري رهيو، جتي پوءِ هز هائينس مير عبدالحسين خان (سانگي) به اچي رهاڪو ٿيو هو.

گدا پنهنجي وقت ۾ اعلى درجي جو شاعر هو، کيس هزهائينس مير عبدالحسين خان (سانگي)  پنهنجو استاد ڪري مڃيندو هو. سانگي مرحوم شاه صاحب تي گويا عاشق هوندو هو ۽ طرحين طرحين نوازشن سان نوازيندو رهندو هوس. گدا پنهنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي سانگي مرحوم جي نوازشن جو اعتراف ڪيو آهي ۽ ان کي دعائون ڪيون اٿس. جيئن ته:

1- ”امير ذوالڪرام عبدالحسين خان

هجي فرزند پنهنجي سان سلامت،

سخن سنج و سخن فهم و سخن دان

فقيدالمثل مع صاحب فصاحت.

محمد مصطفى ان جو مددگار

علي جي ان کي هوءِ هردم حمايت.

گدا ان جو دعاگو آهيان دل سان

ڪري ٿو شاه منهنجو مون تي شفقت.

2- ”مير منهنجو ذوالڪرم عبدالحسين خان نامدار

فيض جو دريا چوان ان گوهر يڪتا کي آءٌ

شعر رنگين تي سندس نازڪ خيالي ختم ٿي.

ڪين همسر ان جو سمجهان! ناسخ و سودا کي آءٌ“

نه رڳو مير سانگي مرحوم، پر هز هائينس مير حسن علي خان (حسن)، هزهائينس مير حاجي نور محمد خان، مير شاهنواز خان، مير عبدالله خان، آنريبل الهه بخش خان (ٽنڊو محمد خان) مير الهداد خان (ٽنڊوڄام)، ڄام حاجي مير خان حاڪم لس ٻيلو ۽ ٻين اميرن ۽ معزز ماڻهن جي نوازشن جا اعتراف به حضرت گدا پنهنجي ڪلام ۾ ڪندو ويو آهي. بعضي بعضي ته انهن اميرن سان ڪنهن ڏي غزل ٺاهي موڪليندو هو ۽ ان کان بخشش گهريو به وٺندو هو. اهڙا غزل به ”ديوان گدا“ ۾ موجود آهن. نموني خاطر ٻه ٽي شعر هيٺ ڏجن ٿا.

مير عبدالله خان جي تعريف ڪري ان کي نوازش ڪرڻ جي يادگيري ٿو ڏياري:

سرو گلزار سخاوت مير عبدالله خان

جوهر تيغ شجاعت مير عبدالله خان

گوهر بحر امير حاجي بجار خان

بي نظير اندر شهامت مير عبدالله خان

ياورش در هرد و عالم خاتم پيغمبران

مرتضى هردم حمايت مير عبدالله خان

باوجود آگهي از حال من برمن نکرد

ذره جود و ڪرامت مير عبدالله خان

اي گدا برمن دعا يش لازم و واجب بود،

باد با اقبال و دولت مير عبدالله خان.

(2) مير شاه نواز خان کي خلعت (پوشاڪ) جي گهر:

”شاه مردان جي نوازئل مير صاحب شهنواز،

جڳ ۾ هوءَ جئرو سدائين شال با جاه و جلال

مير صاحب توکي پهرائين پاکر پنجتن،

ڏيار خلعت مون کي جنهن جو آه خاطر ۾ خيال.

(3) آنربل مير الله بخش خان (ٽنڊو محمد خان) کان جبو ۽ دستار گهرڻ:

”آءٌ مير الله بخش جو هر وقت دعاگو،

پوءِ ڇونه چوان جبه و دستار ڪرم ڪر.“

گدا تي اميرن جي طرفان نوازشن پٺيان نوازشون پييون ٿينديون هيون، تنهن ڪري هو پنهنجي ۽ پنهنجي عيال جي گذران لاءِ ڪو به ڌنڌو ڪونه ڪندو هو ۽ هميشہ خوش پيو گذاريندو هو. ڪنهن دوست بيڪار گذارڻ جو طعنو هنيس. تنهن کي ٿو جواب ۾ فرمائي:

”مون کي بيڪار ڇو چون ماڻهو

شاعري منهنجو اشتغال آهي،

بخت منهنجو ته بي زوال آهي.“

گدا ٻه ڀيرا حج ڪري آيو هو. هڪڙي ڀيري ڄام حاجي مير خان لس ٻيلي جي حاڪم پاڻ سان حج تي وٺي ويو هوس ۽ ٻئي ڀيري مير حاجي نور محمد خان وٺي ويو هوس. پوئين حج بابت پنهن جي ڪلام ۾ هن طرح ٿو فرمائي:

به افضال خداوند زمانه،

طرف حرمين جي ٿياسون روانه.

ڪراچي ۾ نون ڏينهن مدت،

عدن پهچي اتي ڪي سون اقامت.

اتي درگاه شاه عبد روس آه،

عجائب فيض جي سا جاءِ وه واه.

ازان پس ٿياسون بابوره ۾ راڪب،

طرف قمران جي ٿياسون مخاطب.

انهيءَ هنڌ پنج پورا ڏينهن هئاسون،

حديده ڏي اتان راهي ٿياسون.

اچي خواجه جي ات ڪي سون زيارت،

صفي الله جو صاحب ڪرامت.

اتان هون پوءِ جده ۾ رسياسون،

ڏسي جده کي خيلي خوش ٿياسون.

”ازان پس ٿياسون بيت الله ڏي تيار،

رسي مڪي ۾ ڪيوسون حمد دادار،

چون نوشيديم آب شاه زمرد،

ويا وسري اسان کي درد ۽ غم.

بحمدالله پڙهيوسون حج اڪبر،

ڪندو مقبول سو ڏاتار داور.

مديني پار پوءِ راهي ٿياسون،

ڏهن ڏينهن پڄاڻا ات رسياسون.

ڏٺو سون شهر ختم الانبيا جو،

ڏٺو سون شهر محبوب خدا جو.

اسان جي قافله ساري جہ سالار،

سخي نور محمد خان هوا سردار.

وطن ڏي پوءِ وري راهي ٿياسون،

ڪراچي جا اچي اڄ وڻ ڏٺاسون.

نوٽ: انهيءَ حج جو تفصيلوار بيان مثنوي جي صورت ۾ لکيل آهي، اسان ان مان فقط ٿورا بيت نمونه خاطر ڏنا آهن.

گدا کي حج ڪري اچڻ کان پوءِ وري وري حج ڪرڻ جي سڪ توڙ تائين رهندي آئي. جيئن فرمائي ٿو:

(1) ”اٿم هي آرزو هردم ڪرم پنهنجو ڪري ڪامل

در دولت سرا جي شل وري چائنٺ چمائيندا.

وڃي پو پيش تن جي جيڪي آهن آل پيغمبر،

اهي فياض فائق توکي مولى سان ملائيندا.“

(2) ”خدا ڪيو خلق سرور محمد

پيارو پاڪ پيغمبر محمد،

گدا جي آه ايءَ اميد دل جي

وري ڏيکاري پنهنجو در محمد.“

(3) ”رک سدائين سڪ تو حرمين جي

شوق ڪر همراهه ڏس بيت الحرم.

اي گدا ڇا سنڌ ۾ توکي سريو

هل وري ڏس روضہ شاه امم.“

گدا سائين حضرت پيغمبر ڪريم عليہ الصلواة والسلام جو سچو عاشق ۽ اهل بيت ڪرام جو پورو پورو مداح ۽ معتقد هوندو هو. ”ديوان گدا“ ۾ اهڙو ڪو ورلي غزل هوندو، جنهن ۾ هڪڙو يا ٻه بيت اهل بيتن جي حب ۾ چيل نه هوندا. خاص مناقب ۽ مدحون چيون اٿس، سي تنهن کان سواءِ. هونءَ جيڪر چئجي ته گدا شيعه مذهب رکندڙ هو، پر اصحابن سڳورن جون صفتون ۽ حضرت غوث اعظم جيلاني عليہ الرحمته ڏانهن صدق ۽ سچائي ٻين ولين ۽ درويشن جون ساراهون جي پنهنجي ڪلام ۾ گهڻي قدر ڪيون اٿس، تن جي ڪري چئي سگهجي ٿو، ته شاه صاحب اهل بيتن سان سچي حب رکندڙ سني هو. مثال:

(1) ”اللهي بود در پناه و امان

شہ هفت ڪشور خداداد خان.

خداداد خان مير عالي تبار،

اللهي بود در جهان پائدار.

بحق محمد نبي الانام

عليہ الصلواة و عليہ السلام.

بحق ابابڪر والا همم

بحق امير امم ذوالڪرم.

به اعزاز عثمان عالي وقار

به اڪرام حيدر شہ ذوالفقار.

بحس حسين و بحق حسن

بود زير حڪمش زمين و زمن.“

(2) ”اي گدا بادشہ محي الدين

سڀ ولين جي آهه سر جو ڇٽ.“

نوٽ: حضرت بغدادي بادشاه جي ساراه ۾ ٻه ٽي قصيدا اٿس جي ديوان ۾ موجود آهن.

(3) هالن پراڻن جي ڀٽي بزرگن ڏانهن صداقت:

”اشتياق آهه مون کي شال ڏسان

صوفي با صفا بزرگ ڀٽي.

گدا روزه ۽ نماز جو نهايت پابند ۽ صوفيانه اصولن جو معتقد ۽ فقيراڻي چال چلگت وارو هو. هميشه سائو ڦيرئون دستار ٻڌندو هو ۽ ڪاري کڻي پام رنڱي چادر ڪلهي تي هوندي هيس. جيتوڻيڪ ڌن دولت جام هوندو هوس ته به ان سان قرب ڪڏهن به نه رکيائين. ڪپڙي گنديءَ ۽ رهڻيءَ ڪهنيءَ ۾ سادگي پسند بزرگ هو. پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ فرمائي ٿو:

 

”دولت ديدار تنهنجي اٿم درڪار يار،

ڌوڙ ۾ داخل ڪريان تنهنجي سوا دنيا کي آءُ

پنهنجي هن خرقه پراڻي جي برابر ڪئن ڪريان.

قاقم ۽ سنجاب ۽ زربفت ۽ دنيا کي آءٌ.،“

”پوءِ ته درويشيءَ جي دعوا منهنجي باطل جي خلاف هڪ نظر سان جي نهاريان دولت دنيا کي آءُ.“

گدا حق جو عاشق هو، مجازي حسن کي حقاني تجلو ڄاڻندو هو. گدا پاڻ به نهايت حسين ۽ شڪيل هوندو هو. پڇاڙيءَ جي دم تائين به سندس ڳل گلاب جو گل پي نظر آيا. حقاني عشق ۽ حسن پرستيءَ بابت سندس ڪلام مان ٽي ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

(1) ”عشق رک مولى جو دمبدم

عشق ري ٻيو توکي ايندو ڪين ڪم.

خوف حق جو رک سدائين دل ۾ تون

ڊڄ ڌڻيءَ جي ڊاءَ کان تون دمبدم.

شرع جو حبل المتين مضبوط وٺ

دين تي تون هج سدا ثابت قدم.

لابقا اقبال تي ڪهڙو غرور؟

مستعار آهي سڀئي جاه و حشم.

ڏس ڪٿي شداد ۽ نمرود آهه

ڪيڏي اسڪندر ويو دارا ۽ جم.

آهه هي دنيا ته مانجهاندي جو ماڳ

سڀڪو ٿيندو رهرو ملڪ عدم.

رک سدائين سڪ تون حرمين جي

شوق ڪر همراه ڏس بيت الحرم.

اي گدا ڇا سنڌ ۾ توکي سريو؟

هل وري ڏس روضہ شام امم.“

 گدا پنهنجن عزيزن مان شادي ڪئي هئي. کيس ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي هئي، ٻئي فرزند لائق جوان اچي ٿيا هئا، هڪ پرڻيل ۽ اولادي هو ۽ ٻيو ڪنوارو هو، پر افسوس! جو ٻنهي هڪ ٻئي جي پٺيان رضا ڪئ. انهن ٻنهي نوجوان فرزندن جي رحلت جو صدمو جنهن صبر ۽ تحمل سان گدا برداشت ڪيو، تنهن صبر ۽ تحمل تي اڄ تائين سندس وقت جا ماڻهو ”آفرين! آفرين!“ پيا ڪن. گدا پاڻ ٿو هڪڙي هنڌ فرمائي:

”اولاد آهين سيد صابر حسين جو،

ڪر مصطفائي صبر تون هڪ خشڪ سال ۾.“

گدا اٺهٺ ورهين جي عمر ۾ تاريخ 4- ذوالقعد سنه 1322 هجري مطابق تاريخ 11 جنوري 1905ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

گدا مرحوم جو ڪلام

گدا جي ڪلام جو هڪڙو دستخط مجموعو هن وقت هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن جو نالو لکيل آهي ”ديوان گدا“

هن بياض ۾ الف بي جي رديف موجب غزل لکيل نه آهن، جئن ديوانن ۾ غزلن لکڻ جو دستور ٿيندو آهي، نڪي غزلن، قصيدن، مثنوين، قطعن ۽ رباعين کي الڳ الڳ باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ڀانئجي ٿو، ته جيئن جيئن گدا نظم ٺاهيندو ويو آهي؛ تئن تئن هن بياض ۾ لکيا ويا آهن. وري نظمن کي ترتيب وار لکڻ جو ڪو موقعو ئي نه ٿيو آهي. هن بياض ۾ ڪل 279 نظم آهن، جن ۾ غزلن ۽ قصيدن جو انداز تمام گهڻو آهي ۽ مثنوين، قطعن ۽ رباعين جو انداز ٿوروئي آهي. انهن نظمن ۾ سنڌي ڪلامن سان گڏ پارسي ۽ اردو غزل، قصيدا، مثنويون ۽ قطعا به گهڻا آهن.

ڪيترائي سنڌي نظم پارسي صورت خطيءَ ۾ لکيل آهن، جئن اڳئين وقت ۾ سنڌي نظمن لکڻ جو دستور هو، جيڪي سنڌي صورت خطيءَ ۾ نظم لکيل آهن، تن ۾ هاڻوڪي رواجي سنڌي صورت خطي ڪم آيل نه آهي.

بياض جا ڪي نظم موتين جهڙن نهايت سهڻن اکرن ۾ لکيل اهن، ته ڪي نظم ڪچن ۽ ٻاراڻن اکرن ۾ لکيل آهن.

گدا جي ڪلام ۾ خصوصيتون ۽ ايجادون:

 گدا جي ڪلام ۾ ڪي فاصل شاه جي ڪلام واريون خصوصيتون موجود آهن، ته ڪي حافظ حاجي حامد جي ڪلام واريون ۽ ڪي سانگي جي ڪلام واريون ۽ گدا جي ڪلام ۾ هيءَ هڪ ٻه نرالي خصوصيت آهي.

(1) سانگي سندس ڪلام ۾ انگريزي ٻوليءَ جا فقط لفظ ڪم آندا آهن، پر گدا انگريزيءَ جي ”اي بي سي“ به پڙهيل نه هو، ته به ٻڌل سئل انگريزي لفظ ۽ تڪون پنهنجي ڪلام ۾ جام ڪم آنديون اٿس. گدا جي هم عمر ۽ هم عصر شاعرن جي ڪلام بنسبت اها گدا جي ڪلام ۾ خصوصيت ليکجي ته به ٺهي ۽ جي ايجاد چئجي ته به جڳائي.

مثال:

”مئڊيئر1 آهه فس ڪلاس2 اهو،

رباعيءَ جو جنهن کي ياد گزٽ3،“

”جڏهن ٿي عاشقن جو امتحان ٿيو،

تڏهن فل4 پاس ٿيس آءٌ امتحان ۾.“

گدا پنهنجي وقت جي نوجوان شاعرن کي به پنهنجي ڪلام ۾ سخن جو داد ڏنو آهي ۽ انهن جي همت افزائي ڪئي اٿس، جهڙوڪ سانگي، حيدري، پير ميان صاحبڏنه، شاهه، ماتم، مخلص، مجتبائي، فدا وغيره. گدا جي هم عمر ۽ هم عصر شاعرن مان ٻئي ڪنهن به بزرگ نوخيز شاعرن جي اهڙي همت افزائي پنهنجي ڪلام ۾ نه ڪئي آهي:

مثال:

1-      ”عديم المثل ٿيندو مجتبائي،

فصاحت ۾ بلاغت ۾ بيان ۾.“

2-     ”هڪڙو مخلص ٻيو مجتبائي شاه،

اي گدا منهنجا دوستدار ٻئي“

3-     مضامين فهم معنى ياب

صائب فڪرت و فائق.

سلامت حق رکي هر جا

فدا جهڙي سخندان کي“.

4-     آهه ماتم منهنجو مونس بااليقين

هر دو آهيون حيدرآبادي ادا.

واه واه انجو غزل هو بي بدل،

هن زمين جي ان ڪي آبادي ادا“.

ٻولي ۽ عبارت

گڏ وچڙ ۽ نج سنڌي:

 گدا به عربي ۽ پارسي جي ذوق شوق واري زماني جو شاعر هو، تنهن ڪري ان جي پارسي ۽ اردو ڪلامن کان سواءِ جيڪو سندس سنڌي ڪلام آهي، تنهن ۾ به عربي پارسي لفظ ۽ محاورا آل جال ڪم آيل آهن. هن جي ڪلام ۾ نج ۽ پراڻن سنڌي لفظن جو انداز ايترو نه آهي، جيترو آخوند قاسم يا فاضل شاه جي ڪلامن ۾ آهي. بگڙيل عربي يا پارسي لفظ به گدا جي ڪلام ۾ ڪو ورلي ڪم آيل آهي. گدا جي ڪلام ۾ ڪم آيل نج ۽ پراڻن لفظن مان ڪي نموني خاطر هيٺ ڏجن ٿا:

سنرو (خوش)، ٻاڙودو (ٻٽونار)، ڏجهڻ (راڪاس يا ڏائڻ)، (ڏجهڻ لفظ حافظ حاجي حامد گهڻي قدر ڪم آندو آهي) سهو (طوطو)، هين (مڇي)، چئنچل (هاٿي)، تسلا (تسلي جي بگڙيل صورت)، اشت (شايد جي بگڙيل صورت) وغيره وغيره.

گدا جو پارسي ۽ اردو ڪلام ته اعلى درجي جو آهي، پر سندس سنڌي ڪلام به بيشڪ اثر ۽ ميٺاج وارو آهي، جن غزلن ۾ گدا عربي ۽ پارسي، لفظن جي اڻ لکي آميزش ڪئي آهي، تن مان هڪڙو غزل سربستو هيٺ ڏجي ٿو:

”سوال منهنجو سڻي سڄڻ سائين

مون کي ڀاڪر ڪو پرت جو پائين.

مون کي ماڻن سان يار ٿو مارين

مون کي گهورن سان يار ٿو گهائين.

تون نه ڀائين نه ڀانءِ تنهنجي خوشي

آءُ ته ڀانيان ٿو مون کي ٿو ڀانئين.

توتي فرياد آءٌ ڏيان ڪنهن کي؟

منهنجو فرياد آه تو تائين.

سو لڱا توکي مون ته پرچايو

هڪ لڱا مون کي ڇو نه پرچائين؟

جي چمي تو ڏني ته واري وٺ

منهنجا محبوب ڇو ٿو ڏرمائين.

تنهنجي قدمن تي سر ڪريان قربان

جي اڱڻ منهنجي پيرڙا پائين.

وره ٿيا وصل لاءِ واجهه وجهان

يار مون ساڻ اڄ ته ڪر آئين.

حسن جي ملڪ جو تون آهين شاه

ڇو نه پنهنجي گدا کي پرچائين.

 

سيد غلام مرتضى شاه (مرتضائي) ٺٽوي

سيد غلام مرتضى شاه (مرتضائي) سنڌ جو هڪڙو نامور شاعر ٿي گذريو آهي. هي رضوي ساداتن مان هو. سندن وڏا خراسان مان لڏي، بکر (سنڌ) ۾ اچي رهيا هئا، تنهنڪري هي بکري سادات به سڏبا آهن. سيد محمد يوسف شاهه، مرزا جاني بيگ جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ روهڙيءَ مان لڏي ٺٽي ۾ اچي رهيو هو. سيد محمد يوسف شاهه وڏو خدا رسيدو بزرگ هو. سيد عبدالڪريم شاه بلڙيءَ واري جو هم عصر ۽ هم صحبت هو. انهيءَ سيد محمد يوسف شاه جي ڀائٽي ناٺي سيد اسحاق جنهن کي پرڏيهي ڪري سڏيندا آهن، تنهنجي ستين پيڙهيءَ ۾ سيد ذوالفقار علي شاهه صاحب هو ۽ مير صاحبن جي حڪومت وات وزير سلطنت هو ۽ جڏهن ڪرنيل ”پاٽينچر“ صاحب، مير صاحبن سان انگريزن جي پاران دوستيءَ جي واٽ قائم ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ آيو هو، تڏهن سيد ذوالفقار علي شاه ان جون چڱيون خدمتون ڪيون هيون. اهي سرٽيفڪيٽ ۽ سندون اڄ سندس اولاد وٽ موجود آهن. سيد ذوالفقار علي شاه جو فرزند سيد روشن علي صاحب انگريز سرڪار جي حڪومت جي اوائل وارن ڏينهن ۾ اول ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جو ۽ پوءِ ڪليڪٽر جي آفيس جو منشي هو ۽ پوءِ مختارڪار هو. سيد روشن علي شاه صاحب پارسي زبان جو زبردست شاعر ۽ اعلى درجي جو ڪاتب هوندو هو، سندس تخلص هو روشن. سيد غلام مرتضيٰ شاه (مرتضائي) انهي سيد روشن علي شاه صاحب جو فرزند هو.

سيد مرتضائي صاحب ٺٽي ۾ ڄائو هو. هن کي عربي ۽ پارسي ۾ تمام چڱي تعليم مليل هئي. هن ڪجهه وقت سيد امام بخش شاه (فدائي) وٽ به پارسي جي تعليم ورتي هئي، جو پارسي ۽ سنڌي شعر چڱو چوندو هو. ۽ سندس عزيز به هو.

سندس گذران اباڻي زمينداريءَ تي هوندو هو ۽ سنڌ جي ٽالپرن جا پويان به سندس سار سنڀال چڱي طرح لهندا هئا، خاص ڪري آنريبل مير الهه بخش خان جاگيردار ”ٽنڊو محمد خان“ کيس مقرر لوازمو پهچائيندو هو؛ ڇاڪاڻ جو مرتضائي صاحب جي ڏاڏي سيد حاجي ذوالفقار علي شاه جو ڀاءُ سيد همت علي شاه، آنريبل مير الله بخش خان جي ڏاڏي مير غلام شاه جو خاص مصاحب هو ۽ ان سان گڏ ”مٺياڻي“ واري جنگ ۾ شهيد ٿيو هو.

سيد مرتضائي صاحب جو ڪلام

 شاعري گويا سيد مرتضائي صاحب جو مائٽاڻو ورثو هو. سندس خاندان ۾ پهريون پهريون نامور شاعر سيد مير * لطف علي شاه هو، جنهن جو تخلص هو همت تنهن کان پوءِ سيد مير پٺو صاحب صوفي شاعر ٿي گذريو هو (3) سيد نواب ڪمال الدين (ڪمال) مصنف ”اصطلاحات رضويه“ ۽ ”شرح ديوان حافظ“ مشهور شاعر ۽ نثر نويس ٿي گذريو هو. (4) سيد مير غلام مرتضيٰ شاه (الهام) جو مرزا صائب تبريزي جو شاگرد هو، (5) سيد مير نجم الدين (عزلت) جنهن جو ”ديوان عزلت“ ۽ ”طوطي نامه“ پارسي نثر ۾ مشهور آهي (6) سيد رفعت علي شاه (رفعت) (7) سيد عسڪر علي شاه (8) سيد روشن علي شاه (روشن) جو سيد مرتضائي صاحب جو والد هو (9) سيد موٽيل شاه (ڪمتر) ۽ (10) سيد امام بخش شاه (فدائي).

سيد مرتضائي صاحب به ننڍي هوندي کان وٺي پارسي ۽ سنڌي موزون ڪلام چوندو هو. اسان وٽ مرتضائي صاحب جا ڳچ جيترا غزل موجود آهن، جي جهوني پارسي اخبار مفرح القلوب ۽ جهونين  سنڌي اخبارن معاون الاسلام، معين الاسلام، وغيره مان هٿ ڪيا اٿئون. سيد مرتضائي صاحب جا ٻه وڏا ڪتاب سنڌي نظم ۾ شايع ٿيل آهن. (1)هڪڙو ”يوسف زليخا“ سنڌي ۽ ٻيو ”سڪندر نامه“ سنڌي. جئن ته سڪندر نامه سنڌي مولوي غلام محمد صاحب اڳ ۾ لکيو هو ۽ مرتضائي صاحب پوءِ لکيو هو  تنهن ڪري ان جو بيان. هت ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي. باقي ”يوسف زليخا“ کي هت ادبي نظر سان ڏسنداسون.

ڪتاب ”يوسف زليخا“ سنڌي

هي سارو ڪتاب سيد مرتضائي انهيءَ ساڳئي ”بحر هزج مسدس“ ۾ مثنوي جي طور تي ٺاهيو آهي، جنهن بحر ۽ طور تي مولانا ”جامي“ پارسي  ۾ ”يوسف زليخا“ لکيو آهي. سيد مرتضائي مولانا جامي واري پارسي ڪتاب جو سربستو ترجمو ڪري نه سگهيو آهي؛ ڇاڪاڻ جو مولانا جامي جي پارسي ڪتاب ۾ ڪي ڪي بيت اهڙن ڳوڙهن خيالن ۽ اعلى درجي جي بلاغت سان ڀرپور آهن، جو انهن جو هم وزن سنڌي بيتن ۾ ترجمو ڪرڻ جيڪڏهن ممڪن نه آهي، ته اڪ جي ماکي به نه آهي، تنهن ڪري مرتضائي مرحوم مولانا جامي واري پارسي ڪتاب جا ڪي بيت صفا ڇڏي ڏنا آهن، ته ڪنهن ڪنهن پارسي بيت جي مراد ۽ ٻن ٽن سنڌي بيتن ۾ هڪڙي مصرعه جو پورو ترجمو ڏيئي ٻي مصرعه پنهنجي ٺاهيل وجهي پورت ڪئي اٿس.

آکاڻيءَ جو حاصل مطلب مرتضائي به ساڳيو قائم رکيو آهي جو مولانا جامي جي پارسي ڪتاب ۾ سمايل آهي، سيد مرتضائي جي زيادتي ڪتاب ۾ ڪئي آهي، جو حضرت يوسف عليہ السلام بابت جيڪي تذڪرا ۽ احوال ڪن عربي ۽ پارسي تفسيرن ۾ ڏنل آهن، جي مولانا جامي پنهنجي ڪتاب ۾ داخل نه ڪيا آهن، سي موقعه بي موقعه نظم ڪندو ويو آهي.

ڪلام جون خصوصيتون:

هن ڪتاب ۾ نالي خاطر حضرت يوسف ۽ بيبي زليخا جي آکاڻي ڏنل آهي، پر حقيقت ڪري سارو ڪتاب جدا جدا علمن، جدا جدا هنرن، اخلاقن ۽ نصيحتن جو بي نظير خزانو آهي.

جتي شعر سازيءَ جو بيان کنيل آهي، اتي علم عروض جا اصطلاح  ۽ وصفون چٽائيءَ سان ڏنل آهن، جتي راڳ جي مجلس جو ذڪر آهي، اتي مصنف علم موسيقي جا سڀ جزا ۽ ڀاڱا سمجهائي وڃي پار پيو آهي. اهڙيءَ طرح علم رمل، علم نجوم، علم جفر وغيره علمن جي نهايت خاص واقفيت ڪتاب ۾ سمايل آهن، جتي ڪنهن عمارت جو ذڪر ڇيڙيل آهي، اتي عمارت سازيءَ جا سڀ اوزار ۽ سامان بيان ڪيا ويا آهن. جتي کاڌي خوراڪ جي محفل جو ذڪر آهي، اتي بورچيخاني جو سامان ۽ اميراڻا کاڌا خوراڪون تفصيل سان بيان ڪيون ويون آهن. اهڙي طرح ڪاتين جو هنر، ناچ ڪندڙن جو هنر، طبابت جو فن وغيره هنرن بابت چڱي واقفيت ڏني آهي.

ازانسواءِ عبادت جي ضرورت ۽ فائدا، بت پرستيءَ جي ماهيت عشق ۽ فراق بابت فيلسوفانه بحث، مردانه ۽ زنانه حسن جون ڪامل وصفون، شادي ڪرڻ بابت خبرداريون، مهمان نوازي جا اصول اولاد جي سعادتمنديءَ جون وصفون، پاڪدامني، بي حيائي، رحم، يتيم پروري، خدا ترسي، عدالت، ظلم، حسد وغيره گڻ ۽ اوگڻ نهايت اثرائتي طرز ۾ سمجهايا آهن.

(2) فطرت نگاري ۽ سيرت نگاري به هن ڪتاب ۾ حد درجي جي ڏيکاريل آهي. جهڙوڪ باغن ۽ بيابانن جا نقشا، حيا فروش زالن ۽ پاڪدامن انسانن جون اخلاقي تصويرون، باخبر انسانن ۽ چرين جون حالتون وغيره.

جدا جدا علمن، هنرن، اخلاقن ۽ نصيحتن کي جهڙي تفصيل ۽ طرز سان مولانا جامي پارسي ڪتاب ۾ ادا ڪيو آهي، اهڙو تفصيل ۽ اثر سيد مرتضائي سنڌي ڪتاب ۾ قائم رکي نه سگهيو آهي، تنهن هوندي به ان جي دماغي محنت ۽ جفاڪشيءَ تي هزار آفرينون هجن، جو ههڙي جامع علوم و فنون جي ڏکئي ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ سان سنڌي ادب ۾ قابل فخر اضافو ڪيو اٿس.

موسم بهار جو نقشو:

(حضرت يوسف جو عزيز مصر ٿيڻ وارو موقعو صفحه 430)

”بهار آيو ويو گذري سيارو

ڪڍيو مشرق سعادت جو ستارو

گل و گلشن آيو شادمانو

غمن ۽ گوندرن جو ويو زمانو

نسيم ناز آيو باغ اندر

دل دشمن ڏسان اڄ داغ اندر

صبا آندو وٺي ڪو عطر عنبر

گلن بلبل جو سڀ آڻايو لشڪر

چمن ۾ آهه چرچو بلبلن جو

تماشو آهه سوسن سنبلن جو

دوپهري زنبق و ميندين جون موڙون

گلاب و گونٽو دائودي جون جوڙون

معطر موتيا خوشبوءِ ۾ آيا

ڏسو غنچه انهيءَ خوشبو ۾ ڄايا

مگر رابيل پهرين وڻ جي ڏارن

ٿي بابونا ۽ لاله لعل پارن

وليون پهرين چڙهيون ڏسجن وڻن تي

سنهن سبزا ٿا لعلائي گلن تي

برابر باغ ۾ طوطن تنوارون

عجائب عندليبن جون پڪارون

ڪري ڪڙڪو ٿي قمري سرو پاسي

گلن ڪيو باغ ڏس خوشبوءِ سان واسئي

ڏسو جاري رهن ٿيون جوئبارون

وٺا مينهڙا ٿيون کنوڻين کي سارون

جبل ۽ جهنگ سڀ ساوا سٺا ٿيا،

اندر صحرا عجب ميوا مٺا ٿيا.“

ٻولي ۽ عبارت

گڏ وچڙ ۽ نج ٻولي:

ڪتاب ۾ عربي ۽ پارسي لفظ، اضافتون ۽ تڪون ڪم آيل آهن، ڇاڪاڻ جو اهو زمانو ئي عربي پارسي لفظن جي آميزش جو هو ۽ ان زماني ۾ سنڌ ۾ عربي ۽ پارسي ڄاڻندڙن ۽ علم دوستن جو اندازو خاصو هو.

جتي جتي سيد مرتضائي صاف ۽ نج سنڌي ڪم آندي آهي، اتي ”لاڙي“ ٻوليءَ جا لفط ۽ ورجيسون گهڻيون ڪم آنديون اٿس، ڇاڪاڻ جو هو ”ٺٽي“ جو ويٺل هو، جو لاڙ جو مرڪز آهي، جئن ته:

1-      جڏهن يعقوب سڻي اهڙي حقيقت

ته آهي ڪو اهو اوڃاڻ فرقت

2-     ڏسان توتي ته ڪن ڪا ٻاجهه ”هوئي“

وڃين ڇو ٿو پٺيان تن جي ڌون ”پوئي“

3-     سڃاڻي ڄاڻي اکيون ٿا ڊڪيو اڄ

اوهان ايمان پنهنجي کي وڪيو هت

4-     لڪي ڪيئن شمس جي بادل لڪائي

لڪي ڇا چنڊ جت ”اونڌائي“ آهي

5-      ڏٺيءِ هڪ لاٽ آتش عشق واري

سڙي ٿينءَ سوز کي ڦليار ڇاري

6-     خدا جي واسطي ڪا ٻاجهه آڻي

ٻڌائي ڪير تون ڪهڙي ٽڪاڻي؟

7-     رڙي روئي پيو واٽن تي ويٺو

پڇي ”واٽوڙين“ کان ڏس انجو

نوٽ: اوڃاڻ (اهڃاڻ)، هوئي (اهو يا اهي)، پوئي (پوءِ)، ڊڪيو (ڍڪبو)، اونڌائي (اوندهه يا اونداهي)، ڦليار (ڦلهر)، ٻڌائي (ٻڌاءِ، امر واحد حاضر کي مضارع غائب واحد جي صورت ڏيئي ڳالهائڻ لاڙ ملڪ جي اڄ تائين عام ورجيس آهي)، واٽوڙين (واٽهڙن) اهي خاص طرح لاڙ جا تلفظ ۽ محاورا آهن. اهي لاڙي تلفظ وارا لفظ ۽ ورجيسون هن ڪتاب ۾ ڪم آيل آهن.

مولوي غلام محمد ۽ سندس سڪندر نامه

مولوي غلام محمد صاحب جو ٻيو ڪلام اسان کي هٿ نه آيو آهي، فقط سندس سنڌي نظم ۾ ٺاهيل ”سڪندرنامو“ هٿ آيل آهي، جو مولوي صاحب هجري سنه 1290 مطابق 1873ع ۾ تيار ڪيو هو ۽ سورهن ورهين بعد يعني 1889ع ۾ اهو ڪتاب ڇاپيو هو. هت اسين فقط مولوي صاحب جي انهيءَ ڪلام کي ادبي نظر سان ڏسون ٿا.

”سڪندرنامو“ سنڌي

مولانا نظامي جو ٺاهيل سڪندرنامه پارسي مشهور آهي، جو ڪن ايامن کان وٺي سنڌ ۾ پارسي زبان جي تعليمي نصاب جو آخرين ڪتاب ليکيو ويندو هو.

اگرچه مولوي غلام محمد سنڌي ”سڪندرنامه“ جي پڇاڙيءَ ۾ فرمائي ٿو، ته:

1-      ”ٿيو هي قصو صاف بري بحال،

سنڌي ته ترجمہ ساڻ اي خوش خيال.

ته جيڪو لکيو شيخ نظام الدين

قصو هي تواريخ واري امين.

اهو سو ڪيم صاف سنڌي زبان،

تنهين مان ڪيم ڪونه ذرو زبان.“

مگر اسين امانت طرح چئي سگهون ٿا، ته مولوي صاحب مولانا نظامي جي سڪندرنامه جو سربستو ترجمو بلڪل نه ڪيو آهي، پر جيڪڏهن چئجي ته اصلوڪي سڪندرنامه جو فقط ”انتخاب“ يا ”اختصار“  يا ”اقتباس“ مولوي صاحب ڪيو آهي، ته ائين چوڻ جڳائي ٿو.

مولوي صاحب تخفيف کان ڪم ورتو آهي. گهڻو ڪري ساري ڪتاب ۾ اصلوڪي ڪتاب جو حاصل مطلب خود ساختن بيتن ۾ ڏنو ويو آهي. سو به دلچسپ نه.

مولوي غلام محمد کان پوءِ سيد غلام مرتضى شاهه (مرتضائي) ٺٽوي به ”سڪندرنامه“ تيار ڪيو آهي. مولوي صاحب اڃا مولانا نظامي جو ڀرپاسو وٺندو آيو آهي، پر مرتضائي صاحب ته ڪٿي ڪٿي نالي خاطر اصلوڪي سڪندر نامه جي ڪنهن بيت جو  پورو سورو ترجمو ڏيئي پوءِ خيال ۽ رايا به پنهنجا داخل ڪندو ويو آهي. مثال ۽ ڀيٽ خاطر اسين هڪڙو ٻه مثال هيٺ ڏيون ٿا:

(1) فيلقوس بادشاه پنهنجي پٽ سڪندر کي تعليم ڏيارڻ شروع ڪري ٿو تنهن بابت مولانا نظامي فرمائي ٿو:

”خوشا روزگار يکه دارد ڪشي.

که بازار حرصش نبا شد بسي.

بقدر بسندش بسياري بود،

ڪند ڪاري ارمرد ڪاري بود.“

نوٽ: مولانا نظامي سڪندر جي تعليم جو ذڪر ڇيڙڻ کان اڳ ڇهه بيت ڪفايت، قناعت ۽ سانگ صرفه سان هلڻ بابت تمهيد طرح چيا آهن، جن مان ٻه بيت مٿي ڏنا ويا آهن. هيٺ انهن ڇهن ئي بيتن جو ترجمو نثر ۾ ڏجي ٿو:

(1) انهيءَ ماڻهوءَ جي حياتي تمام خوشيءَ جهڙي ليکبي، جنهن کي گهڻو لوڀ لالچ نه آهي. (2) سندس گهرج آهر وٽس موجودات هجي، ۽ هو جيڪڏهن هنر ۽ گڻ وارو مرد آهي، ته ان کي اهڙي گذران ۾ پنهنجو هنر ۽ گڻ ڏيکارڻ گهرجي، يعني پاڻ کي ٻين لاءِ ڪارائتو ثابت ڪرڻ گهرجي. (3) اهڙو ماڻهو خوش دليءَ سان چڱيءَ طرح کائي پئي ٿو ۽ پنهنجي حال سارو وک وڌائي ٿو. (4) نه اهڙي فضول خرچي ڪري ٿو، سڃو سکڻو رهڻو پويس ۽ نڪي اهڙو مرچوٺ ٿئي ٿو. جو هوندي سوندي بکون ڪاٽي. (5) مرچوٺ رهڻ ڪري سڀ قسم جي تڪليف سهڻي پوي ٿي ۽ هٿ ڦاڙ ٿيڻ سان پنهنجو خانو خراب ڪجي ٿو. (6) تون اهڙيءَ طرح حياتي گذارج جو پاڻ به فائدو حاصل ڪرين ۽ ٻئي ڪنهن کي به زيان نه پهچائين.

نوٽ: تعليم جي ذڪر کان اڳ ۾ مولانا نظامي جي ڏنل اخلاقي نصيحت مولوي صاحب صفا ڦٽي ڪري ڇڏي آهي. سيد مرتضائي صاحب به اها نصيحت ترجمو نه ڪئي آهي.

ٻيو مثال: سڪندر جي تعليم بابت ذڪر ڪندي مولانا نظامي فرمائي ٿو:

”چو استاد دانا بفرهنگ و راءِ،

ملڪزاده را ديد بر گنج پاءِ،

به تعليم او بيشتر برد رنج،

که خوشدل کند مرد را پاس گنج.“

معنى: ”جڏهن دانا استاد عقل ۽ سياڻپ سان معلوم ڪيو ته شهزادو نصيب وارو آهي. تڏهن ان جي سيکارڻ ۾ وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ لڳو؛ ڇاڪاڻ جو ملهائتي يا خزاني جهڙي شيءَ سنڀالڻ مان ماڻهو کي خوشي حاصل ٿيندي آهي.“

نوٽ: مولوي صاحب مٿين ٻن بيتن جو ترجمو فقط هڪ بيت ۾ ڪيو آهي سو به بلڪل اڻ پورو. مولوي صاحب فرمائي ٿو:

”عقل مند استاد دانہ تڏهن،

ڏٺو گنج تي شاهزادو جڏهن.“

(صفحه 19)

ڪلام جون خصوصيتون:

مولوي صاحب: وارو ”سڪندرنامو“ جيتوڻيڪ مولانا نظامي جي ”سڪندرنامه“ جو درست ۽ باقاعدي ترجمو نه آهي، ته به مولوي صاحب جيڪو سنڌي ڪلام پيش ڪيو آهي، سو خصوصيتن کان خالي نه آهي، اگرچه اهي خصوصيتون اصلوڪي ڪتاب جي ڪلام جون ليکبيون، ته به سنڌي زبان ۾ اهڙين خصوصيتن واري ڪلام پيش ڪرڻ جو جس مولوي صاحب لهڻو.

(1) سڪندر بادشاهه جهڙي نامور شهنشاه بابت تاريخي حقيقتون ۽ عبرت جهڙيون ڳالهيون هن ڪلام ۾ سمايل آهن.

(2) هر هڪ حقيقت بيان ڪندي ان حقيقت سان تعلق رکندڙ اخلاقي يا روحاني يا مذهبي نصيحتون منڍ ۾، يا وچ ۾ يا پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن. جيتوڻيڪ اصلوڪي پارسي ڪتاب ۾ ڏنلن نصيحتن بنسبت سنڌي ڪتاب ۾ تمام گهٽ نصيحتون ڏنل آهن، ته به سنڌي ڪتاب اهڙين قيمتي نصيحتن کان خالي نه آهي.

مثال:

سڪندر جي پيءُ فيلقوس جي وفات جو ذڪر ڪري پڇاڙيءَ ۾ شاعر فرمائي ٿو:

”نه آهي ڪهين کي دنيا کان پناه

توڻي ڪو پيناگر توڻي بادشاه.

ڪني جي حوالي ڪري تاج تخت

ڪني جي مٿي تي رکي موت سخت.

اتاهون ادا دل تپاسي ڪجي

لبي هيڪڙي پوک ٻي پوکجي.

ته جيڪي ڏسين تون دنيا باغ ۾

ته هوندا سڀئي درد جي داغ ۾.

مثال:

”سو آيو هلي مرد ميدان ۾

کڻي گرز کي جنگ جولان ۾.“

”چوي آهيان مرد جنگي جوان

ذرا چؤ منهنجو نام نالو نشان.“

”جي منهنجي اڳيان شينهن ڪيهر اچي

ته منهنجي هٿان رت ۾ سو رچي.“

”مثل ازدها رت ماڻهو پيان،

نه ماڻهو ڪهان بلڪ ماڻهو کيان.“

”نه مون کي ڪنهين کان اچي شرم ٿو

نه دل کي ڪنهين تي ڪريان نرم ٿو.“

”ائين چئي وڌائين ڀرونءَ تي گهنڊي

ويٺو پاڻ تي جئن وهي ٿي لنڊي.“

”اُٿيو ٻيو وري هيڪ رومي جوان

زراچي اٿي ويو ڪري جوش جان.“

زراچي ڪيو پڻ تنهين کي زبون

ٿيو مرد رومي مري خاڪ خون.

چون ٿا زراچي سيہ خام خر

انهيءَ طور تي ماريا سڀ ستر.

زراچي جڏهن جنگ جو جوش ڪيو

تنهين کي ڏسي رومين هوش ويو.

سڪندر تنهان پوءِ ڇڏي جاءِ جنگ

ڪيائين قصد پانهنجو جئن پتنگ

ڪري ويس جنگي سڪندر جوان

جسي تي زره پهريو پهلوان

ڪمر بند سونو ٻڌو نامدار

ٻڌائين ڪمر ساڻ هندي ترار

رکيائين ڪلهي پانهنجي تي ڪمند

زراچي اتي قصد ڪيو هوشمند

رکي بور تي سنج سونا سينگار

ٿيو بور تي شهه سڪندر سوار

آندو شاه ميدان ۾ بور کي

جو ماري تنهين آدمي خور کي

ڪري پهلواني ڪڍي گرز گيو

الاري چيائين، ته اي دزد ديو

ته اي ڪانو ڪارا جهلي پير بيهه

جو عقاب آيو ڏسي تو شبيهه

چوين آدمي خور مان آهيان

اچي کاءُ جو تنهنجي اڳيان آهيان

ٻڌو ٿئي ڪڏهن اي زراچا سياهه؟

سڪندر جو ٿيو روم جو بادشاه

اهو آهي مان سڪندر جوان

گهريو جي خدا تان ڪندو سين زيان

ڏمر سان ڏيئي زور رڪاب تي

سڪندر رهيو گرز بي تاب تي،

ذرا چو سڪندر سندي گرز سان

ٻه پرزا ٿيو پلڪ ۾ لرز سان.“

(سڪندر ۽ حبش جي جنگ صفحه 36)

نوٽ: مٿئين مثال ۾ سپاهيانه سيرت جو نقشو به عمدو چٽيل آهي.

مضمون:

هن ڪتاب ۾ سڪندر بادشاهه جو احوال سربستو لکيل آهي، جنهن جو اختصار هي آهي:

يونان جا قديم شاعر چون ٿا، ته هڪڙي حامله رومن زال، جا نهايت خدا پرست هئي، سا چريائيءَ جي حالت ۾ جهنگ کان وڃي نڪتي: اتي پٽ ڄڻيائين. پر پاڻ مري ويئي. يونان (مقدونيا) جو بادشاه فيلقوس پنهنجي اٽالي سان شڪار ڪرڻ ويو هو، تنهن جهنگ ۾ معصوم ٻار مئل ماءُ جي ڀرسان ڏٺو، جنهن کي ڌڻي سڳوري جي قدرت سان هٿ جي آڱر چوپڻ مان ماءُ جي ٿڃ جو مزو پي آيو، بادشاهه مردو دفنائي ڇوڪر کي پنهنجي محلات ۾ آڻي پاليو ۽ تاتيو، ۽ ان کي پنهنجو وليعهد ڪيائين. اهو ڇوڪرو سڪندر هو، جنهن سڄي دنيا تي بادشاهي ڪئي.

فردوسي شاعر ”شاهه نامه“ ۾ فرمائي ٿو، ته سڪندر فيلقوس جو حقيقي پٽ هو. فيلقوس پنهنجي پياري پٽ جي تعليم لاءِ لقوماچس حڪيم مقرر ڪيو، جنهن پنهنجي پٽ ارسطو يا ارسطاطاليس سان گڏ ان کي اعلى درجي جي تعليم ڏني.

فيلقوس جي وفات کان پوءِ سڪندر تخت تي ويٺو، ۽ ارسطوءَ کي پنهنجي استاد جي وصيت موجب پنهنجو وزير مقرر ڪيائين. ارسطو به توڙ تائين سڪندر جو ساڄو بازو ۽ وفادار وزير ٿي رهيو.

مصر ملڪ جي ماڻهن جي فرياد ڪرڻ تي سڪندر حبش ملڪ تي ڪاهي ويو ۽ سخت جنگين کان پوءِ اهو ملڪ پنهنجي تابع ڪيائين. اتان فتح ڪري موٽڻ وقت مصر جي اترئين ڇيهه تي سمنڊ جي ڪناري تي اسڪندريه شهر ٻڌايائين جو اڄ تائين قائم آهي. حبش کي فتح ڪرڻ کان پوءِ سڪندر ۾ جرات وڌي ويئي. اول ايران جي شهنشاهه دارا کي ڍل ڏيڻ کان جواب ڏنائين، جنهنڪري دارا وڏو ڪٽڪ وٺي سڪندر جي ملڪ تي ڪاهي آيو. موصل وٽ سخت جنگيون ٿيون، آخر دارا مارجي ويو ۽ ايران جو سارو ملڪ سڪندر جي هٿ ۾ آيو. دارا جي وصيت موجب ان جي ڌيءَ روشنگ سان سڪندر شادي ڪئي.

ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ سڪندر ملڪن پٺيان ملڪ فتح ڪندو هندستان، ۽ ٿٻيٽ تي دڳو ڄمائيندو وڃي چين کان نڪتو. اهو ملڪ به پنهنجو ذاتي ڪري وري پنهنجي وطن ۾ آيو. ڳچ وقت وطن ۾ گذارڻ بعد روس ملڪ تي ڪاهي ويو ۽ گهڻين سخت جنگين کان پوءِ اهو به سارو ملڪ پنهنجي حڪم هيٺ ڪيائين.

تنهن کان پوءِ هن کي ڪنهن پير مرد چيو ته ”اتر قطب وٽ، جتي چوڌاري ظلمات (اونده انڌوڪار) لڳي پيئي آهي، نه سج، نه چنڊ ۽ نه تارو آهي، اتي آب حيات جو چشمو آهي. ان چشمي مان جيڪڏهن پاڻي پيئندين، ته سدائين پيو جيئندين ۽ ڪڏهن ڪين مرندين“. سڪندر کي به اچي اها سودا لڳي ته ”ڪنهن طرح آب حيات هٿ ڪري پيان؛ جنهن ڪري سدائين پيو جيان“. پوءِ ته سڪندر سيڌا سامان کڻي لشڪر لاءِ وٺي ڪاهي ويو، اتر قطب تي. اتي ظلمات (اوندهه انڌوڪار)  ۾ گهڻيئي ٿوٿا ڏنائين ٿاٻا کاڌائين پر آب حيات جو حوض هٿ ڪونه آيس. سخت ۾ سخت مونجهارن ۽ تڪليفن کان پوءِ ظلمات کان ٻاهر نڪتو ۽ اچي مقدونيا ۾ حڪومت هلائڻ لڳو. پوءِ خدا تعالى جي اهڙي بندگي ڪيائين، جو کيس نبوت جو درجو مليو.

نوٽ: مولانا نظامي سڪندر کي متي ميڙي ۾ ڇڏي ڏنو آهي، يعني ان جي پڇاڙي ۽ موت جو ذڪر ڪيو ئي ڪونه اٿس. ”سڪندر نامه“ جي پڇاڙيءَ ۾ لکيو اٿس، ته ”سڪندر ٻه سفر ڪيا هڪڙو خشڪيءَ جو ۽ ٻيو سمنڊ جو، خشڪيءَ جي سفر جو بيان هن ڪتاب ۾ لکيو اٿم، باقي سامونڊي سفر جو بيان ٻئي جلد ۾ لکندس“ جنهن ”سڪندرنامه“ جو بيان اسين ڪري رهيا آهيون. سڪندر نامه بري“ چوندا آهن، ٻيو ”سڪندر نامه بحري“ آهي، تنهن سان هن وقت اسان جو واسطو ڪونهي.


1- Mydear  2- 1st class  3- Guzatte  4- Full

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org