سچل فقير يا سچل سرمست
(1739ع – 1829ع)
”صورت سڀ سلطان،
پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو“
ميان سچل جو اصل نالو ميان عبدالوهاب هو، پر ننڍي هوندي اصل
مائٽ کيس سچيڏنو سڏيندا هئا. پاڻ به ڪافين ۾ تخلص
طرح ڪٿي سچڍو، ڪٿي سچل ۽ ڪٿي سچيڏنو سڏيو اٿس، مگر
هڪڙيءَ ڪافيءَ ۾ پاڻ کي ’خدائي‘ جي تخلص سان سڏيو
اٿس.
سچل فقير پنهنجي پارسي ڪلام ”ديوان آشڪارا“ ۾ پاڻ کي آشڪارا جي
تخلص سان سڏيو آهي ۽ ”رازنامه“ ۽ رهبرنامه“ ۾
پنهنجو تخلص خدائي ڪم آندو اٿس.
هو فاروقي خاندان، يعني حضرت عمر فاروق رضي الله تعالى عنہ جي
اولاد مان هو. سچل فقير درازن جي ڳوٺ ۾ هجري سنه
1152 مطابق عيسوي سنه 1739 ۾ تولد ٿيو. هو اڃا
ننڍچو ئي هو، ته سندس والد ميان صلاح الدين رضا
ڪئي، تنهن ڪري هو پنهنجي چاچي ميان عبدالحق جي
سنڀال هيٺ رهيو. فقير صاحبڏنه درويش جي وفات کان
پوءِ ان جي فقيراڻي گاديءَ جو ڌڻي ميان عبدالحق
ٿيو، تنهن ڪري ميان عبدالحق سچل جو مرشد به ٿي.
سچل فقير سان ميان عبدالحق جو ڏاڍو پيار هوندو هو،
۽ ان پنهنجي ڀائٽي کي روحاني فيض به چڱو بخشيو.
سچل فقير پنهنجي پارسي ڪلام، توڙي سنڌي ڪلام ۾،
پنهنجي چاچي (مرشد) جي فيض بخشڻ جي تمام گهڻي
تعريف ڪئي آهي.
جنهن وقت سچل فقير پنجن ورهين جي عمر جو هو، تنهن وقت شاهه
ڀٽائي، فقير صاحڏبنه درويش جي ملاقات لاءِ درازن
جي ڳوٺ ۾ آيو هو ۽ سچل فقير کي ڏسي، فقير صاحبڏنه
کي چيائين: ته ”اسان جيڪو ڪنون رڌو آهي، تنهن جو
ڍڪڻ، هي ڇوڪرو لاهيندو“ (يعني پنهنجي ڪلام ۾ الاهي
راز کولي ڳائيندو)
سچل فقير جو تعليمي استاد حافظ عبدالله مرحوم هو، جنهن جي تربت
سچل فقير جي قبي جي ايوان ۾ سائي رنگ جي سرن سان
ٻڌل اڃا موجود آهي. سچل فقير قرآن شريف بر زبان
ياد ڪيو، پر پارسيءُ ۽ تصوف جا پارسي ڪتاب به گهڻا
مطالع ڪيا هئائين، انهن تصوف جي ڪتابن مان کيس شيخ
فريد الدين عطار جو ”منطق الطير“ ۽ وصلت نامه شيخ
شمس الحق تبريزي جو ”ديوان شمس تبريزي. اهڙا
روحانيت ڀريل ۽ پر فيض نظر آيا، جو شيخ عطار ۽ شمس
تبريزي کي پنهنجي پارسي ڪلام ۾ روحاني مرشد ڪري
مڃيو اٿس، روميءَ ۽ جاميءَ کي انهن کان گهٽ ڪري
ليکيو اٿس. مثال:
”اي دلا خوشبو زشہ عطار در جانم رسيد،
آن زمان يکبارگي از ڪفر و دين مارا ڪشيد.
چه جلال الدين چه جامي غاشيه بردار او،
اين چنين تعريف من از پير عبدالحق شنيد.“
(ديوان آشڪارا)
سچل فقير جوانيءَ جي شروعاتي زماني ۾، پنهنجن وڏن وانگر روزي
نماز ۽ ٻين شرعي ڪمن تي پورو هوندو هو، چشتيه
طريقي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن موج ۽ مستيءَ ۾
اچي ويو، تڏهن ظاهري شريعت جي پابندي ڇڏي ڏنائين،
۽ ”استغراق“ جي حالت ۾ پيو هوندو هو. طبلي، سارنگي
يا ٻئي ڪنهن ساز تي هٿ لڳندو هو، ته فقير صاحب
بيخود ٿي ويندو هو، مٿي جا وار کڙا ٿيو ويندا هئس
۽ اکين مان پاڻي جاري رهندو هوس. شعر به انهيءَ
حال جي حالت ۾ چوندو هو.
فقير صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي هنڌ، اهڙي بيوسيءَ جو زڪر ڪيو
آهي. جئن ته:
ٿل: هو ڪهڙي واٽ ويام،
آءٌ تان ڳوٺ رهيس سڀ ڳولي.
(آخرين مصرع)
”سچل“ آءٌ تان ناهيان، پوءِ ساري سڏ پيام،
ٿو پاڻ ٻاروچو ٻولي. (ڪافي نمبر 452)
سچل فقير، شاهه ڀٽائيءَ وانگر وڏا وڏا سفر ۽ مسافريون ڪين ڪيون
هيون: هو فقط روهڙي، سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي تائين
ايندو ويندو هو ۽ جتي جتي منزل انداز ٿيو هو، اتي
فقيرن ۽ صحبتين جا ميڙا لڳيو ويندا هئا.
فقير صاحب نوي وهرني جي ڄمار ۾، تاريخ 14- رمضان مبارڪ سنه 1242
هجري، مطابق 1829ع درازن ۾ وصال ڪيو.
تصنيفات:
جنهن زماني کان وٺي سنڌ جي شاعرن جا ڪلام ظاهر ٿي چڪا آهن، تنهن
زماني کان وٺي اڄ تائين ٻئي ڪنهن به شاعر پارسي،
اردو، پنجابي، سرائڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترو گهڻو
۽ اهڙيءَ طرز جو شعر ڪو نه چيو آهي، جيترو سچل
فقير چيو آهي. سندس نظمي تصنيفات جو تفصيل هن طرح
آهي:
1- ديوان آشڪارا پارسي
2- رازنامه
=
3- رهبرنامه
=
4- گداز نامه
=
5- تارنامه
=
6- رساله سچل فقير جلد پهريون
=
(سنڌي ڪافيون ۽ غزل)
7- رساله سچل فقير جلد ٻيو
=
(سنڌي ۽ پنجابي ڏوهيڙا)
رساله سچل فقير جلد پهرئين ۾ سنڌي؛ سرائڪي؛ پنجابيءَ ٻوليءَ جون
ڪافيون، غزل، جهولڻا ۽ ريختا آهن، جن جو ڪل انداز
(1340) هڪ هزار ٽي سئو چاليهه آهي. جلد ٻئي ۾ ڏهه
سي حرفيون (پنجابي ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾)، 195 پنجابي
ڏوهيڙا، مرغ نامه: جنهن ۾ 125 کن سنڌي ڏوهيڙا آهن.
وحدت نامه: جنهن ۾ 180 مصرعن وارو يڪو سنڌي
ڏوهيڙو، سسئي جا بيت، جي اڍائي سو کن سنڌي ڏوهيڙا
آهن، مارئيءَ جا بيت، پؤڻا ٻه سئو کن سنڌي ڏوهيڙا،
مومل جا بيت، پنجويهه کن سنڌي ڏوهيڙا، نوري ۽ ڄام
تماچي جا منو سو کن ڏوهيڙا، ’روجهه‘ بابت سترهن
سنڌي ڏوهيڙا، پورب جا بيت اٺاويهه ڏوهيڙا، وحدت جا
بيت پنجٽيهه ڏوهيڙا، حقيقت بابت پنجويهه کن ڏوهيڙا
۽ جهولڻو سسئي ۽ پنهونءَ بابت. ٻئي جلد ۾ سي حرفين
سميت ڪل يارهن سو کن ڏوهيڙا آهن.
اسين هت سچل فقير عليہ الرحمت جي پارسي ڪلام کي ڇڏي فقط سندس
ٻين رسالن تي تبصرو ڪنداسون، جن جو سنڌي ٻوليءَ
سان تعلق آهي.
شاهه ڀٽائي صاحب ۽ سچل سائين جي ڪلامن جو مضمون ساڳيو ئي نج
تصوف آهي، يعني روح ۽ رب جو تعلق ۽ سچو عشق يا
حقيقي عشق، مگر شاهه صاحب جيڪي روحاني حقيقتون،
پردي ۽ پوش سان بيان ڪيون آهن. سي سچل سائينءَ بي
ڌڙڪ ٿي، کليون کلائيون چئي ڏنيون آهن. شاهه صحب جو
ڪلام درد، سوز ۽ نماڻائيءَ سان ڀريل آهي، پر سچل
سرمست جو ڪلام درد، سوز ۽ جرئت (جوش) سان ٽمٽار
آهي.
(1) شريعت ۽ حقيقت:
شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾، جيتوڻيڪ طريقت ۽ حقيقت جو درجو شريعت
کان مٿڀرو ڏيکاريو آهي، ته به شريعت جو ادب توڙ
تائين رکندو آيو آهي ۽ جيتوڻيڪ مڃيو اٿس ته خدا
تعالى جي راضپي ۽ وصال حاصل ڪرڻ جو وسيلو فقط
طريقت (روحاني عمل ئي آهي، ته به جسماني عمل، يعني
روزن نمازن کي سهڻو ڪم ڪري سڏيو اٿس. جئن ته:
ساري سک سبق، شريعت سندو سهڻي،
طريقتان تکو وهي، حقيقت جو حق،
معرفت مرڪ، اصل عاشق جو.
[2]
روزا نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،
پر او ڪيو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي
(شاهه صاحب جو رسالو)
مگر سچل سرمست ”دين ۽ بيديني“،”ڪفر“۽ ”اسلام“ جي وچ وارا پردا
ئي، عشق حقيقي جي آتش سان جلائي ڦٽا ڪري ڇڏي ٿو.
ڪافي نمبر 49
اتي ڪفر نه اسلام آهي سڀن کي سلام،
1- ڪڏهن ڏسي ڪينڪي اهو آرانڀو آرام.
2- مذهب مور نه مڃيان آءٌ مشرف منجهه مدام.
3- قيد ڀڃي ظاهر ٿيا آءٌ جاري پيان جام.
4- هادي سائين پاڻ سچوءَ کي عشق ڪيو انعام.
(2) روح ۽ رب جي وچ ۾ ڪو به ويڇو ڪونهي:
شاهه ڀٽائي صاحب به اها دعوى ڪئي آهي ته ”آءٌ خدا آهيان“، مگر پوش ۽ پردي ۾.
جيئن ته:
”پنهون هيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.“
مگر سچل سرمست بي ڌڙڪ چوي ٿو:
ڪافي نمبر439
ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀل، تون ته آدم نه آهين،
لڪيو ٿو لاتيون ڪرين، جئن باغ اندر بلبل،
(3) سڀ ۾ خدا يا سڀڪجهه خدا:
همد از او است (سڀڪجهه ان کان آهي)، ۽ همہ اوست (سڀڪجهه هو پاڻ
آهي)، انهيءَ صوفيانه مسئلي کي شاهه صاحب به گهڻي
قدر ڳايو آهي، پر نرم لفطن ۾، جئن ته:
”سوهي، سو هو، سو اجل، سو الله،
سو پرين، سو پساهه؛ سو ويري، سو واهرو“
”پاڻ ئي جل جلالہ، پاڻ ئي جان جمال،
پاڻ ئي صورت پرينءَ جي، پاڻ ئي حسن ڪمال،
پاڻ ئي پير مريد ٿئي، پاڻ ئي پاڻ خيال،
سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.“
سچل سائينءَ انهيءَ مسئلي کي نرالي ڍنگ ۾ ڳايو آهي. مثلاً:
ڪافي نمبر 1296
سڀڪنهن صورت ۾ سپرين.
سرتيون ري ساري ڳالهه سليائون.
1- ڏيو ٻاري سج کي، ڪاٿي ڪين ڏٺائون.
2- ساڻ روشني سج جي، پر جهي سج پسيائون.
3- وحدت ڪثرت هڪڙي جئن مينهن ڦڙيون مورائون.
4- ’سچو‘ سندي نانءَ ۾ اهڙيءَ طرح اُتائون.
سچل فقير ٻيا به اهي صوفيانه سڀ مسئلا پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيا
آهن، جي قديم خواه جديد صوفي، جدا جدا رنگ ۾ ظاهر
ڪري ويا آهن.
سچل فقير، علم موسيقي يا سنگيت وديا جي سرن راڳن ۽ راڳڻين جي
نظر تي ڪافي جا ڪيترائي نمونا ٺاهيا آهن. اهو ڪو
ورلي سر، راڳ ۽ راڳڻي هوندي، جنهن ۾ سچل فقير هر
قسم جون ڪافيون نه ٺاهيون آهن. وڏي خوبي اها آهي،
جو ڪنهن به ڪافيءَ کي دل جي مرضي موجب ڪهڙي به سر
يا راڳاڻيءَ ۾ ڳائي سگهجي ٿو.
هن وقت تائين جيتري قدر سنڌي ڪلامن جي تحقيقات ٿي سگهي آهي،
تنهن موجب چئي سگهجي ٿو، ته سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪي
ڪافين جا نمونا ٺاهڻ ۽ ڳائڻ ۾ اچن پيا،م تن جو
بانيڪار سچل سرمست ئي هو، ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ
ڪنهن به سنڌي شاعر ايترن نمونن ۾ ايتري انداز ۾
ڪافيون نه ٺاهيون هيون.
غزل:
سچل فقير جي رساله جلد پهرئين ۾ غزلن (موزون ڪلام) جو انداز
بلڪل گهڻو آهي. جيڪي سنڌي غزل آهن تن کي رساله ۾
”ڪافي“ ڪري لکيو اٿن ۽ جيڪي اردو يا پنجابي ٻوليءَ
۾ غزل اهن، تن کي ’ريختو‘ نالو ڏنو اٿن.
’سچل سائين‘ پنهنجي ڪلام ۾ سنڌي ٻولي اها ڪم آندي آهي، جا سنڌ
جي سري يعني اوترئين ڀاڱي ۾ ڪم ايندي آهي. شاه
ڀٽائي صاحب جي ڪلام واري سنڌي سنڌ جي ڪهڙي به ڀاڱي
جو ماڻهو پڙهندوو، ته ان کي اها پنهنجي ديس جي
رواجي ٻولي پيئي نظر ايندي. مگر سچل سائين جي ڪلام
واري سنڌي ٻوليءَ ۾ نحوي ورجيسون سنڌ جي عام
ٻوليءَ کان ٻيءَ طرح ڏسڻ م اينديون، جئن اتردي
ٻوليءَ جو دسترو آهي.
نمونه خاطر ٻه ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
1- اوهان ٻاجهون دلبر سائين آهيون اداسي ’اسي‘.
2- مران تا نا بر ناهيان پنهنجي ”ڪڍ“ قطارج ميان.
3- ’ڪاٿئين‘ ٻڍڙو پير ٿيو ’ڪاٿئين‘ ٻولي ٻار.
4- اڄ هو تن ريءَ هت هاڻ پيا ڪير لهن مون’ساران‘.
مروجه گرامر جي قانون موجب جڏهن زمان حال ۽ زمان مضارع واري فعل
جو فاعل ضمير متڪلم آهي؛ مگر اتر ۾ اتي به ”مون“
ڪم آڻيندا آهن. سچو فقير پنهنجي ڪلام ۾ آءٌ ۽ مان
ڪم آندو آهي، پر ڪيترن هنڌن ”مون“ لفظ به ڪم آندو
اٿس.
مثال:
تنهنجي طالب آهيان محبت مون تان ميثاقي:
تنهن کان سواءِ حرف جر ۽ ظرف مڪان جا لفظ به اتٿرادي ورجيس موجب
ڪم آندا اٿس جئن ته:
کون
=
کان، اوڏاهون=
اتان. ڏانهن
=
کان. مون
=
منجهان. تون=
تان. ڪاڏي، جاڏي، تاڏي وغيره. |