(5) قصو عجائب شاهه
ڪتاب جي حقيقت: هي هڪڙو ڇاپيل جهونو ڪتاب هٿ آيل آهي، جنهن جو
ٽائيٽل پيج ڪونهي. مگر قصي جي نموني ۽ ڇاپي مان
سمجهجي ٿو، ته هي سيف الملوڪ وغيره نظمي قصن سان
گڏ آخوند عبدالرحيم مرحوم هٿ ڪري ورنيڪيولر لٽريچر
ڪميٽيءَ کي ڏنو، جنهن ڇاپائي پڌرو ڪيو هو.
مضمون:
هن ڪتاب ۾ اهڙو ئي خيالي قصو نظم ۾ آندل آهي، جهڙوڪ ”ڪامسين
ڪامروپ“ ۽ ”سيف الملوڪ بديع الجمال“ آهن. آکاڻيءَ
جو اختصار هي آهي:
بهگرد شاه نالي هڪڙو زبردست بادشاه هو، جنهن وٽ لشڪر ۽ مال
خزاني جي ڪا به کوٽ ڪانه هئي؛ مگر:
”مرد ماندائي من ۾ هئي اشتياق اصيل،
خزانا خيرات ڪئو ٿو نر لٽائي نيل،
آهون در الله جي ڪري سنجهه سبيل،
هر دم در جليل، فريادي فرزند جو.“
”مرد ماندائي من ۾ پڻ گهڻي سڪ عورت
خزانا خيرات ڪيو ٿي هردم کڻي هٿ
جو سنگ سونهي ۾ سٿ، سو گهر مون ڏيو گهوٽيو.“ (بيت 4 ۽ 5)
ڌڻي تعالى انهن ٻنهي زال مڙسن جو سوال اگهايو ۽ انهن کي پٽ
ڄائو.
”ٻار ٻٽيهون لکڻو ڄاڻ ڀري وڄايو،
راڻين رهسيو1،
راءِ سان نئين ڳر2 ڳڌو3 لايو،
نانء پسر جو پاتشاهه ٻولي ٻڌايو،
احسانئون آيو، عجائب اسان4 مٿي.“ (بيت 7)
جنهن رات بهگر شاه کي پٽ ڄائو هو، تنهن ساڳيءَ رات اڪرم وزير کي
به پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رکيائون رهسنگ.
عجائب شاهه ۽ رهسنگ جي تربيت ۽ تعليم لاءِ هڪجهڙو بندوبست ٿيو،
جڏهن هو ٻئي لائق جوان ٿيا، تڏهن هڪڙي ڏينهن بهگرد
شاه پنهنجي پٽ کي ڪچهريءَ ۾ سڏي چيو ته ”پٽ! توکي
ڌڻي سڳوري لائق ڪيو آهي، تنهن ڪري ويهي تخت ماڻ ته
آءٌ هڪ هنڌ ويهي پنهنجي ڌڻيءُ کي ياد ڪريان ۽
تنهنجي حق ۾ دعائون پنندو رهان.، تڏهن:
”عرض عجائب شاه ڪيو، ڪر ٻڌي5 قربدار
مٿي تخت طريل تون هجين ماه مڻيادار
راضي ٿيءُ رضا تي صاحب لڳ ستار،
آءٌ جوڙان6 ۽ جنسار، ڏسان ماڳ ملڪ جا.“
بادشاه چيو: ”پٽ! توکي اکين کان پري ڪرڻ دل نٿي گهري، پر تنهنجي
مرضي به پڇيو نٿو سگهان.“
عجائب شاهه پنهنجي دوست وزير رهسنگ سان گڏ گهمندو ڦرندو ۽ سئل
شڪار ڪندو وتندو هو. هڪڙي ڏينهن شڪار ڪندي شهزادو
پنهنجن همراهن سميت جهنگل ۾ ڪن وڻن جي ڇانءِ هيٺ
ويٺو هو،ته ايتري ۾ ڪو پير مرد سيلاني اتي اچي
نڪتو. سيلاني فقير جدا جدا شهرن ۽ ملڪن جون
حقيقتون ٻڌائيندي شهزادي کي چيو ته ”بيت العمان“
نالي هڪڙو ديون جو ملڪ آهي، ان جهڙو سهڻو ۽ وڻندڙ
ملڪ ٻيو دنيا ۾ ڪونه ڏٺم. ان ملڪ جي شهزادي نوش لب
جهڙي سهڻي شهزادي به ڪا دنيا ۾ نه هوندي.“
انهيءَ مذڪور ٻڌڻ شرط عجائب شاه اڻ ڏٺي نوش لب جو عاشق بنجي
پيو:
”ٿئس حب حبيب جي، محڪم اندر من؛
عشق عجائب شاه تي پر1
ٽيو پر2 پون؛
سورن جو سرير ۾ ڪيا دانہ3 کيچي4، دن5؛
محبت محبوبن جي ڇايون6 وانگي ڇن7؛
تنهين کيس تمام ڪيو، پر جي چڪ8 چڪن؛
رهسنگ ريجهايو ڪري ڪنهن فائق ساڻ فنن؛
ڦيريا فصل چوي سورهيه سيورَن9؛
لعل لنگهي بر بن، آيا شير شهر ۾.“ (بيت 32)
پنهنجي گهر اچڻ کان پوءِ عجائب شاه اونڌي منجي ڪري پئجي رهيو.
بادشاه، راڻي، وزير امير ۽ نوڪر چاڪر سڀ شهزادي جي
بي حالي ڏسي ارمان ۾ پئجي ويا. گهڻئي حڪيم ۽ طبيب
اچي حاضر ٿيا؛ پر:
”ڇڏ تون لالچ لئونگ چوي اڀري ٿي پري؛
انهيءَ ويڄ نه وسهان ته ڪا ڦڪي فرق ڪري؛
دارون دوست ڳري؛ جي اوڀري هن آزار جا.“ (بيت 47)
آخر عجائب شاه کي پنهنجي محبوب ڳولي هٿ ڪرڻ لاءِ اجازت ڏيڻ
ڌاران ٻيو ڪو به حيلو نظر ڪونه آيو. عجائب شاه ۽
رهسنگ شڪار ڪندي پنهنجي ماڻهن کان تڳي ويا ۽ هڪڙي
عاليشان شهر کان وڃي نڪتا، جو ديون جو شهر هو، اتي
رهسنگ ديون سان دوستي رکي بيت العمال جو ڏس پتو
پڇيو، ۽ ان ڏس موجب وري ٻيڙا تيار ڪري سمنڊ
هاڪاريائون. اتي اهڙو سخت طوفان اچي لڳو، جو تختو
نه تختي ڀيڙُ ٿيو. شهزادو هڪڙي تختي تي ٽلڪندو
وتيو.
سائو1
سنگ2 سمنڊ جو دهوڙي3 داناءَ،
سرتا4 ساريو سو ڳري جو هاري جاڙاءَ5،
هڪ ورو6 تهڙو وزير هو پانہ7 جو پرچاءَ،
سو به جدا جانب کان ٿيو وير ڇني ڇوهاءِ8،
رويو چوي راءِ، رهسنگ پرتئين رب کي.“ (بيت 81)
شهزادو ٽلندي ٽلڪندي ڪنهن ٻيٽ تي اچي پهتو. اتي هڪڙي باغ ۾
عاليشان عمارت ڏٺائين. اندر ويو ته ترڪستان جي
بادشاه بهرام شاه جي ڌيءَ مست ناز کي اتي
ڏٺائين.جا ڪنهن زبردست ديو اتي آڻي بند ڪئي هئي.
هڪ ٻئي سان حال احوال ڪندي شهزادي کي معلوم ٿيو،
ته اها مست ناز، نوش لب جي ساهيڙي آهي؛ تنهنڪري ان
کي پنهن جي ڀيڻ بڻايائين ۽ ان ديو کي ماري کيس آجو
ڪري ترڪستان پهچايائين.
ترڪستان جي بهرام شاه عجائب شاه جو ٿورو مڃيو ۽ ان کي سندس
مرضيءَ موجب باغ ۾ الڳ محلات ڏنائين ۽ هر طرح جا
بندوبست رکي ڏنائينس. عجائب شاه جي چوڻ تي بهرام
شاه پنهنجا سپاهي چوطرف پکيڙيا، جي رهسنگ کي ملڪن
مان ڳولي هٿ ڪري آيا. عجائب شاه ۽ رهسنگ خوش ٿي هڪ
ٻئي سان مليا ۽ اميراڻي نموني ۾ ڪجهه وقت
گذاريائون.
مست ناز جي خير سلامتيءَ سان اچڻ ڪري سنديس سڀ ساهيڙيون پريون
نوش لب سميت کيس ملڻ ۽ مبارڪون ڏيڻ آيون. اتي مست
ناز جي معرفت عجائب شاه ۽ نوش لب جي ملاقات ٿي.
”تو آئي عيدان ٿيون، جاني جئين شال،
ڪوٺائڻ قريب کي منهنجي ڇاهي مجال،
ڀلائيءَ جا ڀال، عجيبن اچي ڪيا.“ (بيت 150)
اوتي اکڙين سان، پرتئون پيتائون.
ڪيف ڪڪوريا نينهن جا سي سک سيتائون
ڪي ڳڻ ڪيتائون1،
جائون2 ٿي جار3 پيار. (بيت158)
نوش لب جي ماءُ اها خبر ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙي تنهن عجائب شاهه کي کنڀن
سان اهڙي اڇل ڏني، جو هڪڙي اونداهي کوهه ۾ وڃي
پيو. مست ناز ۽ نوش لب جي ڪوشش سان گهڻين تڪليفن
کان پوءِ عجائب شاهه کوهه مان نڪتو ۽ سنديس شادي
نوش لب سان ۽ رهسنگ جي شادي مست ناز سان ٿي. ڳچ
ڏينهن اتي گذاري پوءِ عجائب شاهه ۽ رهسنگ پنهنجين
ڪنوارين سميت پنهنجي ديس ۾ آيا.
”تڏهن مير گڏيو پيءُ ماءُ کي ڪوڏئون ساڻ قرار،
دانہ دور گهمايو چوڪندين چوڌار،
ٿيا مجري مير ملوڪ جي مڙيئي منصبدار،
پانو پنهنجي پٽ کي دل ٻڌي دستار4،
راڄئي رعيت انعام ڪئي ٽي سال سڄا سردار،
ميلو محبتن جو ڪيو ڏينهن ڏاتار،
جي لهن ڪلمي سار، وينداسي ايمان سان.“ (بيت 245 آخرين)
نوٽ- هن آکاڻي ۾ به ٻن ٽن شاعرن جي نالن سان ڏوهيڙا پيل آهن:
ڪٿي فاضل، ڪٿي فضل ۽ ڪٿي لؤنگ، اها خبر نه اهي، ته
اهي شاعر ڪير ۽ ڪٿي جا هئا. مگر ٻوليءَ جي ورجيس
مان تسلي ٿئي ٿي، ته اهي شاعر سنڌ جي اتر ڀاڱي جا
هئا. جئن ته:
”بابي سنديون بندگيون ڪري جوڙيون جماعتان1
باڪي بهگرد ڪيون تڏهن خوشيون خيراتان2
اڄ پسر جي پور کان ٿئس آجو آءٌ تان،
هو جي بيگانيون باتان3، سي فرزند مون ڦٽيون ڪيون.“
(بيت 58)
(6) جواهر لغات
ڪتاب جي حقيقت: جنهن وقت اڃا ڪا به سنڌي ٻوليءَ بابت لغت ٺهيل
نه هئي، سواءِ سٽئڪ صاحب واري ڊڪشنريءَ جي، جنهن ۾
سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ناگري اکرن ۾ ۽ معنى انگريزي ۾
ڏنل آهي، تنهن وقت آخوند عبدالرحيم عباسي ٻه ٽي
هزار سنڌي ۽ رواجي عربي خواه پارسي لفظ گڏ ڪري
هڪڙي لغت تيار ڪئي هئي، جنهن جو نالو رکيائين
”جواهر لغات“ اها اڄ تائين آخوند صاحب جي هٿن جي
لکيل دستخط حالت ۾ موجود آهي. ان جي ڇاپائڻ جو
تعليم کاتي خيال نه ڪيو، سو شايد هن ڪري جو هڪڙو
ته ان جي صورتخطي بلڪل جهوني نموني جي آهي، ٻيو ته
سنڌي لفظن جي فقط لفظي معنى پارسيءَ ۾ لکيل آهي، ۽
ٽيون ته شرٽ صاحب واري سنڌي انگريزي ڊڪشنري تيار
ٿي هئي، تنهن ۾ هن لغت جا لفظ به ڪم اچي ويا هيا.
مضمون:
هن لغت ۾ مصنف پهريائين سنڌي آئيويٽا ڏني آهي، جنهن ۾ نج اکرن
جون صورتون اهڙيون من گهڙت ڪم آنديون اٿس، جهڙيون
ٽرمپ صاحب شاه جي رسالي ڇاپائڻ وقت ڪم آنديون
هيون.
تنهن کان پوءِ ”چوڻ“ مصدر جا سڀني زمانن ۾ ڦيرا (گردان) پارسي
معنى سان لکيا اٿس. پوءِ الف بي وارن سنڌي لفظن
جون معنائون پارسيءَ ۾ ڏنيون اٿس ۽ هر هڪ لفظ جي
سامهون ان جو گرامر جو نالو ۽ جنس، عدد (جي فعل
آهي، ته فعلي صيغي جو نالو وغيره) ڏيندو ويو آهي.
مثال:
اَباهن بخشيندن مصدر
اَبداڻو نيفه مذڪر اسم، خاص، جنس
اَجڙي دهقاني مذڪر اسم صفاتي است
پاهڻ پرورش و رحم ڪردن مصدر
جاڳو خبر از غيب گوئي گرفتن مذڪر اسم ذات
نوٽ: مٿيان سنڌي لفظ ڪتاب ۾ ڪم آيل صورتخطيءَ ۾ نه لکيا ويا
آهن، پر هالو چالو صورتخطيءَ ۾ لکيا ويا آهن.
ڪتاب جي سبب تاليف بابت آخوند صاحب هئن لکيو آهي:
”جڏهن ڏينهن هيڪڙي (هڪڙي ڏينهن) هي اٻالو عبدالرحيم پٽ محمد وفا
جو عباسي گنبذي (گنبذ جو ويٺل) هاڻي رهاسو (رهاڪو)
ڪراچي جو مجنهه سٿ ساٿارين جي (دوستن جي مجلس ۾)
ويٺو هو ته اوچتو ئي ڳالهه ٻولهه لفظن سندن (سنڌي
لفظن جي ڳالهه ٻولهه ) وچ ۾ آئي تڏهن ڪن منجهان
ساٿارين (ساٿارين مان ڪن) چيو ته جيڪڏهن تون ڪو
ڪتاب سنڌي جوڙين ته جيڪر ماڻهن جو گڻ ۽ فائدو ٿي
پوي) تڏهن ڪيترا لفظ گڏ ڪري نالو هن ڪتاب جو جواهر
لغات (سنڌي اڪيچار) رکيم ۽ ٺهوڙ (بناوت) هن ڪتاب
جو (جي) مٿي ٿن ڀاڱن (ٽن ڀاڳن) ۾ ڪيم.“
نوٽ: ”جواهر لغات“ مان معلوم ٿئي ٿو ته آخوند عبدالرحيم صاحب جي
مادري ٻولي سنڌي نه هئي، ڇاڪاڻ ته لغت ۾ ڪيترن
مذڪر اسمن کي مؤنث ۽ مؤنث اسمن کي مذڪر ڪري لکندو
ويو آهي. تنهن کان سواءِ سڄي ديباچي پڙهڻ مان صفا
ظاهر ٿئي ٿو ته هو پارسيءَ جو عالم هو ۽ سنڌ ۾
گذارڻ سان سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس به چڱيءَ طرح ڪيو
هئائين، مگر صحيح سنڌي عبارت ۽ محاورن ڪم آڻڻ جو
استعمال ڪونه هوس.
سنڌ جي شاعريءَ جو نئون روپ.
شاعريءَ جي اصليت ۽ قيمت:
شاعري انسان ذات لاءِ قدرتي بخشش اهي. دنيا ۾ اهڙو ڪو به ديس يا
قوم ڪا نه هوندي، جنهن ۾ ”شعر يا شاعري“ اصل کان
وٺي اڄ تائين نه هلي آئي هجي. قوم جي ستل جذبن کي
ڪنهن طرف ڏانهن کڙو ۽ تيز ڪرڻ ۽ مئل دلين ۾ روح
ڦوڪڻ شاعريءَ جو اهڙو فطرتي ڪم آهي. جهڙو اُڀرڻ
ساڻ گرمي پيدا ڪرڻ سج جو قدرتي ڪم آهي. عربستان جو
ڪو شاعر جڏهن پنهنجي قبيلي ۾ جنگي روح ڦوڪڻ لاءِ
ٽڪريءَ تي چڙهي شعر پڙهندو هو، تڏهن سندس هم قوم
جوش ۽ جذبي ۾ کڙا ٿيو ويندا هئا، ۽ مخالف ڌر ۾
ٻاڪر ڪٽو وجهيو ڏيندا هئا؛ ۽ عرب زالن جا ”رجز“
(جنگي شعر) بزدلن کي به شيردل بڻايو وجهندا هئا.
راجپوت شاعرن جي جوش ۽ غيرت پيدا ڪندڙ شعر جي اثر
ڪري مرد ته پتنگن وانگر پاڻ کي ترارين جي تاءَ تي
اڇليو وجهندا هئا، پر زالون به ڌارين جي هٿ چڙهڻ
کان پاڻ کي جيئرو (جوهر) جلائڻ فخر سمجهنديون
هيون.
انگلنڊ جو بادشاه ايڊورڊ جنهن سنه 1272ع کان 1307ع تائين حڪومت
ڪئي هئي، سو جڏهن ڳري لشڪر ۽ اسباب سان ويلس جي
جابلو ماڻهن تي ڪاهي ويو هو، تڏهن ويلس جي شاعرن
پنهنجي قوم ۾ ايڏو جوش ۽ غيرت پيدا ڪري وڌي، جو
انهن ايڊورڊ بادشاه کي رڪ جا چڻا چٻاڙائي ڇڏيا.
آخر جڏهن ڪنهن صلاح ملڻ تي ان ويلس جا سڀ شاعر گڏ
ڪري مارائي ڇڏيا، تڏهن اتي جا ماڻهو ڍرا ۽ وائڙا
ٿي جيتجي پيا.
شاعريءَ جو روپ مٽجڻ:
سڀڪنهن ملڪ جي شاعري ملڪ جي حالتن ۽ تبديلين جي مدنظر تي پنهنجو
روپ مٽائيندي رهي آهي، جنهن وقت کان وٺي عربستان ۽
ايران ۾ خود مختار حڪومتون شروع ٿيون، ملڪ ۾
اندروني امن امان ۽ عيش عشرت وڌندو ويو ۽ شاعر به
قومن جي هٿن مان نڪري وڃي حاڪمن ۽ اميرن جي ڄارن ۾
ڦاٿا، تنهن وقت کان وٺي اتيجي شاعري جو روپ مٽجڻ
لڳو؛ ان مان قوميت جو روح صفا نڪري ويو ۽ خدا
تعالى ڏي روح جي ڪشش وارو مضمون ويو اُجهامندو؛
انهن جي عوض حسن پرستي، شراب نوشي، ناز و نياز،
عيش عشرت، وصل ۽ هجر، حاڪمن ۽ اميرن جي گهوڙن کي
آسمان اڏامندڙ ۽ تلوار کي اُڀ چيريندڙ بڻائي انهن
کي خوش ڪرڻ وارا مضمون منجهس ويا ٺوسبا،حسن پرستي
ذڪر کي سنگارڻ لاءِ ساڻس گل و بلبل سرو و صنوبر،
نرگس ۽ لاله وغيره فطرتي حسن جي اسباب کي شامل ڪرڻ
سان اها شاعري اهڙي مقبول ۽ عام پسند ٿي ويئي، جو
جيڪي خدا پرست بزرگ شاعر دنيا جي وهنوارن کان ئي
الڳ هئا، سي به پنهنجي روحاني جذبن ۽ اُمنگن کي
انهيءَ نئين روپ واريءَ شاعريءَ جي لباس ۾ بيان
ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ جو هونءُ سندن خيالن کي عام خاص ۾
مقبوليت حاصل ٿيئڻ جو رستو ئي ڪونه رهيو هو.
انهيءَ ڪري ئي مولانا جلال الدين رومي رح جهڙي
بزرگ کي به هيءَ فتوا ڏيڻي پيئي:
”بهتر آن باشد که سر دوستان،
گفته آيد در حديث ديگران.“
(بهتر ائين ٿيندو ته آئنده حقيقي محبوبن جو راز ٻين جي ڍنگ ۾
بيان ڪجي، جو عام پسند آهي.)
جيڪي روحاني مضمون حسن پرستيءَ جي لباس ۾ نظم ٿيندا آيا، سي عام
خاص ۾ قبول پوندا ويا؛ خاص ماڻهن نئين روپ هوندي
به انهن مان روحاني جذبو پي حاصل ڪيو آهي، تن اهڙي
لباس واري روحاني مضمون کي به پڌري حسن پرستي ڄاڻي
ان سان دلچسپي پي رکي آهي ۽ اهڙن روحاني ڪلامن کي
حسن پرستي ۽ عشق بازيءَ ۾ لڳڻ لاءِ بزرگن کان مليل
سرٽيفڪيٽ پي ڄاتو اٿن.
شاعريءَ جي انهيءَ نئين روپ پکڙجڻ مان آخر هي نتيجو نروار ٿيندو
آيو آهي، جو جئن پوءِ تئن ديس ۽ قوم ۾ حسن پرستي،
عشقبازي ۽ عيش عشرت جي ڪشش ۽ سستي ويئي آهي وڌندي،
۽ روحاني ۽ قومي جذبن جي تازگي، جا شاعريءَ جي
قدرتي ۽ اصل مراد آهي، سا ويئي آهي ريٽبي، شهنشاه
اورنگزيب عالمگير شاهي محلات وارن مڪتبن ۾”غزليات
سعدي“، ”ديوان حافظ“ ۽ ”ديوان شمس تبريزي“ جهڙن
ڪتابن (جنجو روحاني مضمون حسن پرستيءَ جي لباس ۾
ڍڪيل آهي) ڪم آڻڻ جي سخت منع ڪري ڇڏي هئي، سا منع
ڪا بي معنى نه هئي.
هندستان ۽ سنڌ جي شاعري:
اها ايراني شاعري مغل گهراڻي جي حڪومت واري زماني کان وٺي
هندستان توڙي سنڌ ۾ پختا پير ڄمائڻ لڳي ۽ ڄمائي
ويئي.
هندستان جي قديم شاعريءَ جو رخ هڪڙي پاسي قومي ۽ جنگي روح ڦوڪڻ
ڏانهن هوندو هو. ته ٻئي پاسي روحاني جذبن کي دنيا
جي خرابين کان بچڻ ۽ خدا ڏانهن رجوع ٿيڻ طرف رکندو
آيو. آخر انهيءَ شاعريءَ مان به قومي ۽ جنگي روح
نڪري ويو ۽ فقط روحاني جذبو وڃي منجهس رهيو آهي.
انساني روح کي فطرت جي حسن ڏانهن جا قدرتي ڪشش
آهي، تنهن کي به سڀڪنهن ديس ۽ قوم ۾ قديم وقت کان
وٺي زنده رکندي آئي آهي. هندستان جي قديم شاعريءَ
۾ به حسن عشق جو مضمون آهي، پر ائين، جئن اٽي ۾
لوڻ.
سنڌ جي ادبي تاريخ جي پهرئين جلد ۾ سنڌ جي اوائلي نج ۽ سليس
شاعريءَ جو نقشو چڱي طرح ڏيکاريل آهي، جنهن مان
صاف طرح نظر ايندو، ته انهيءَ شاعريءَ جو حاصل
مطلب آهي فقط مذهبي، اخلاقي ۽ روحاني جذبن کي تيز
تکو ڪرڻ، جيتوڻيڪ انهيءَ دور واريءَ شاعريءَ ۾
قوميت جو روح خير ڪو آهي ته به منجهانئس قوم ۽ ديس
تي اخلاق، شريعت ۽ طريقت جو ڪافي اثر پئجي سگهيو
آهي. جتي جتي انهيءَ دور وارن بزرگ شاعرن ”عشق و
حسن“ جو مسئلو کنيو آهي، اتي ان کي به گهڙي بڻائي
روحاني جذبي ۽ اخلاق ڏانهن رجوع پي ڪيو اٿن.
هاڻي اسين سنڌ جي شاعريءَ جو جيڪو روپ بيان ڪنداسون، سو اولائلي
دور واريءَ شاعريءَ جي روپ کان بلڪل علحدو آهي:
مضمون علحدو، ٺاه ۽ بناوت جو نمونو علحدو ۽ عبارت
جي ادائيءَ جو ڍنگ علحدو.
سنڌي شاعريءَ جو اهو نئون روپ هوبهو انهيءَ ايراني شاعريءَ جو
نقل آهي جنهن جو بيان هن باب جي منڍ ۾ ڪري آيا
آهيون.
هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ جي شاعريءَ جو هي نئون روپ
اسان کي چڱيءَ طرح ٻڌائيندو، ته انهيءَ دور ۾ سنڌي
زبان جي لفظن، اصطلاحن ۽ عبارتي محاورن ۾ ڪيتري
قدر ڦيريون گهيريون ۽ ڪهڙيون زيادتيون ٿي ويون آهن
۽ انهيءَ روپ مان اسان کي هي يقين به ٿيندو، ته
عربي ۽ ايراني شاعريءَ مان فصاحت ۽ بلاغت جو ايترو
سامان اسان جي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ موجود ٿي چڪو آهي،
جو جيڪڏهن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهو پاڙهيو ۽ پروڙايو
وڃي، ته ايندڙ وقت جي سنڌي شاعري اصلي ۽ حقيقي
معنى ۾ نج ۽ دلچسپ شاعري بڻجي وڃي.
نئين روپ واري سنڌي شاعري، جنهن جو بيان اڳتي اسان کي تفصيلوار
ڪرڻو آهي، تنهن ۾ روحاني جذبا ۽ جوش موجود آهن. پر
ڄاڻن ۽ ويچار وانن لاءِ، نه ٽڙي ٽامڙيءَ لاءِ؛ ان
۾ اخلاقي اسباب اڪيچار آهي، پر تار ترندڙ لاءِ؛ نه
اڻ تارن لاءِ. باقي قوميت جو روح انهيءَ نئين روپ
واريءَ سنڌي شاعريءَ کان گهڻو پري آهي؛ ڇاڪاڻ جو”
حسن پرستي“ ۽ ”قومي زندگيءَ“ جو پاڻ ۾ کوڙوئي لڳڻو
نه آهي.،
سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ ايراني روپ مٽائڻ لاءِ هن کان اڳ ٻه
ڀيرا ڪوششيون ٿيون هيون: پهرين ڪوشش مولوي الهه
بخش مرحوم (اٻوجهو) ڪري چڪو هو ۽ ٻي ڪوشش 1919ع ۽
1925ع جي وچ ۾ هندستان ۽ سنڌ جي ڪن سرويچ هندو ۽
مسلمان شاعرن ڪئي هئي؛ جنهن بابت مفصل حقيقت اميد
ته هن ئي ڪتاب ۾ پنهنجي پنهنجي موقعي تي بيان
ٿيندي؛ پر انهن ڪوششن کي نڪو ٽيڪو مليو ۽ نه اُسرڻ
جو موقعو ئي مليو، تنهن ڪي اهي برساتي کنڀين وانگر
اتي جو اتي خاڪ درخاڪ ٿي وييون.
ائين نه سمجهڻ گهرجي، ته سنڌي شاعريءَ جو نئون روپ سنڌ جي
اوائلي شاعريءَ واري روپ کي صفا تڙي چڪو آهي: نه
نه، سنڌي شاعريءَ جو اصلوڪو روپ به اڄ تائين سنڌ ۾
هليو ٿو اچي (جئن هن ڪتاب ۾ موقعي به موقعي نظر
ايندو)
هن کان اڳتي اسين نئين روپ واري سنڌي شاعريءَ کي ”علم عروض“ جي
احوال تي ٺهيل ڪلام يا موزون ڪلام جي نالي سان
سڏيندا اينداسون.
|