ڪيولرام سلامت راءِ
(1809ع – 1890ع)
سنڌ جي اڳوڻن نثر نويسن مان هڪ مشهور نثر نويس مسٽر ڪيولرام
سلامت راءِ هو. هن جي ٺيٺ ۽ نج سنڌي خاص امتياز
واري آهي. جنهن جي عبارت ۾ هڪ انوکي ڪشش آهي.
پارسي کان واقف هجڻ جي باوجود هن اهڙي مٺي ۽ سلوڻي
سنڌي لکي آهي جو سڀڪو سنڌي شهر جو يا ڳوٺ جو سڀ
ڪنهن وقت حظه حاصل ڪري سگهي ٿو. هن جون مشهور
تصنيفون ”گل شڪر“ ۽ ”سوکڙي“ آهن. گل شڪر ۾ 5700
سنڌي پهاڪا آهن جن جي تشريح ڏاڍي دلچسپ نموني ۾
ڏنل آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ مسٽر ڪيولرام هئن لکي ٿو:
”ڌڻي جو آسرؤ“
ساراه ٿو ڪريان ڌڻيءَ جي، جنهن پنهنجي توهه سان هن ماڻهوءَ کي
سڀن ساه وارن ۾ وڏي مان وارو ڪيو آهي. ڳالهائڻ
لاءِ ڄڀ ۽ سمجهڻ لاءِ ڏاهپ بخشي، مٿس اشرف
المخلوقات نالو رکيو اٿس، ۽ سندس کائڻ پيئن ۽ پهرڻ
لاءِ طرحين طرحين جون وٿون جوڙيون اٿس. تڏهن هن کي
پڻ جڳائي جو پنهنجي ڏاهپ آهر ڄڀ سان هن جي ساراهه
ڪري ۽ پڄنديءَ سارو سندس وڏائي چئي سڻائي. ان
ٻاجهاري جو شڪرانو ٿو ڪريان جو مون کي پڻ انهن
ماڻهن ۾ اپائي. ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي نالو
رکي حيدرآباد سنڌ ۾ رهاڪو فرمايو اٿس. تنهن
اپائڻهار جي دڳي سان ڪي ڏهاڙا مير صاحبن جي راج جا
۽ گهڻا ڏهاڙا سرڪار جهاندار انگريز صاحب بهادر جي
سلطنت جا ايمان ۽ مان سان نوڪري ڪري تاريخ 16
فبروري 1864ع کان وٺي 100 روپين مهيني تي پينشن ۾
آيو آهيان. هڪڙيءَ مهل هڪڙي سردار سنڌي پهاڪن ٻڌڻ
جي دل رکي تڏهن سو ٻه سو پهاڪا لکائي پڇايامانس پر
ويچار ڪيم جو پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ملڪ جا اصلاحي اکر
آيا آهن جن مان ڪي اکر سنڌ جي سڀني ماڻهن کي پڻ
سمجهڻ ۾ نه اچن جن جي ٻولي ماءُ پٺيان آهي تڏهن
ٻين ملڪن جي ماڻهن کي جي ٻولي ٿا سکن، سمجهاڻي جي
گهرج ڇو نه ٿيندي، تنهن خيال تي هن ريت جي ڪتاب جي
رٿ ڪيم.
اڳي گهڻن سياڻن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب جوڙيا آهن. پر اهي عمر جا
جوان ۽ عقل جا تکا سي وڏن ڪاريگرن وانگي آهن: جهڙا
وينجهر، جي موتي ونڌن، يا خاتوبند جي ڪاٺ ۽ عاج تي
اچا اچا ڪم ڪن يا جڙيا، جي سون ۾ جواهر جي جوت
جوڙين يا نقاش جي چڱيون مورتون جوڙين، تن جي اڳيان
آءُ هڪڙو پوڙهو، اياڻو ڌوڙ ڏئي جهڙو سادي ڪم وارو
آهيان. جنهن جو ڪم فقط اهو آهي جو سونارن جي هٽن
جو ٻهر گڏ ڪري، ڌوئي منجهانئس مال ڪڍي. تن وانگي
مون پڻ گهڻن جا چيل سادا پهاڪا گڏ ڪري پورهئي سان
منجهانئن پنهنجو مطلب ڪڍيو آهي. مگر پڙهندڙن جي
مهرباني ۾ هي اميد ٿو رکان جو جيڪو منجهن ٻولو،
رولو ڏسن تنهنجي ڏڏائي ڏي نه نهارين ۽ پنهنجو لائق
سڃاڻي ان ڀل چوڪ کي سنواري ڇڏين.
پهريائين ڀانيم جو هڪڙي هڪڙي ذڪر بابت ڌار ڌار ڪري بابت لکان پر
پهاڪا گهڻن ذڪرن بابت آهن ان طرح جيڪر گهڻا باب ٿي
پون ها، سو ڪره تي ڪي پهاڪا اهڙا آهن جو جيڪر هڪڙي
پهاڪي لاءِ ڌار باب ڪرڻو پوي ها، تنهن ڪري سنڌي
الف ب جي تختيءَ تي نظر رکي هڪ ٻئي پٺيان هڪڙي
هڪڙي منڍ واري اکر جا پهاڪا لکان ٿو.
2-3 پهاڪا سمجهاڻين سميت هيٺ ڏجن ٿا. جن مان معلوم ٿيندو ته اڳ
۾ هندن کي ڪيتري قدر پارسيءَ تي دسترس هوندي هئي.
”اڻندو اها جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.“
هي پهاڪو ظاهري واٽ ۾ ڪوريءَ جي اختياري ڏيکاري ٿو. جو جڏهن
تاڃي اڳيان پکڙيل آهي ۽ پيٺي لاءِ نڙو هٿ ۾ اٿس.
تڏهن ڪپڙو گهاٽو اڻي توڙي ڇڊو ته مرضي سنديس پر
حقيقت جي واٽ ۾ مطلب هي اٿس جو ڌڻي سڀ ڪم لاءِ
سگهه وارو آهي، نه ڪنهن جي صلاح وهڻيو، نه ڪنهن جو
دلبو کائي نه ڪنهن جو مٿس زور هلي نه ڪنهن جي واهر
گهري جيڪي وڻيس سو ڪري. جهڙو فارسيءَ واري چيو
آهي:
قادرا! قدرت تو داري هرچه خواهي ان کني
مرده را جاني به بخش زنده را بيجان کني
شاه راتاجي به ستاني آرزوئي نان ڪني
هر گدائي راکه خواهي آن زمان سلطان کني.
سنڌي – اي ڌڻي سگهارو آهين جيڪي وڻيئي سو ڪرين مئي کي جيارين
جيئري کي مارين راجا کان ڇٿ کسي ان کي مانيءَ جو
محتاج ڪرين – جنهن پينار کي وڻيئي، تنهن کي ان مهل
راجا ڪرين.
نمبر 16- ”ڏاند چڙهي ته ڏک ڏسي.“
جنهن غريب ماڻهوءَ کي پنڌ ۾ چڙهڻ واسطي ڏاند ملي سو پنڌڙئي کان
سکيو هلندو، پر جڏهين اهڙي حالت ۾ بي راضي ٿئي
تڏهين ڄاڻبو جو ڌڻيءَ جي ڏني تي بي شڪري ڪيائين هن
پهاڪي جو مخاطب آهي. مثال هڪڙو غريب ماڻهو ڪٿان
لڏي جنڊ مٿي تي کڻي جوءِ ڏاند تي چاڙهي ڪاڏي هليو.
واٽ تي زال کي هڪڙي ساهيڙي ملي تنهن کيڪاري پڇيس،
تنهنجي اڳيان مڙس ڏي هٿ کڻي چيائين جو هو جنڊ کنيو
جشن ڪندو هلي. آءٌ ڏاند چڙهي ڏک ڏسندي ٿي وڃان.
تنهن تي ساهيڙي چيو جو مڙس توکي مهرباني ڪري ڏاند
تي چاڙهيو آهي. ته به بدران سندس گلا ٿي ڪرين. سو
مڙس توکان ڇا راضي ٿيندو. تنهن وانگر جو شخص ڌڻيءَ
جي همت جو شڪر نه ڪندو، تنهن سان ڌڻي راضي نه
رهندو. جهڙو فارسي واري چيو آهي.
خدا وند ز آن بنده خورسند نيست
که راضي به قسمت خدا وند نيست
سنڌي- اُن ٻانهي کان ڌني راضي نه آهي
جو ڌڻيءَ جي ورهاڱي تي راضي نه آهي.
|