سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 18

 

ديوان اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي

۽

ديوان نولراءِ شوقيرام آڏواڻي (1822)

جي تصنيفات

(1) سنڌي پهريون ڪتاب

مضمون:

پهرئين ڪتاب جي شروع ۾” بابنامي“ وانگر آئيويٽا جا اکر ڏيئي پوءِ ”ڪڪ“ يعني هر هڪ اکر جا ڏهه آواز (ٽي اعرابن وارا ڇوٽا آواز، چار اعرابن وارا ڊگها آواز ۽ ٽي بنا اعراب ڊگها آواز) ڏنل آهن. تنهن کان پوءِ ٽن مکيه اعرابن ۽ ”جزم“ وارا ٻه اکرا لفظ هر هڪ اکر جون چار صورتون سمجهايون ويون آهن:

جدا لکجڻ جي صورت، وچ ۽ پڇاڙيءَ ۾ لکجڻ جي صورت، ايستائين”هجي“ جي استعمال جو ڪم پورو ٿيو وڃي ٿو. تنهن کان پوءِ سبق وارا لفظ ۽ جملا ڏنل آهن..

سبقن جي سلسلي رکڻ ۾ اها خوبي سمايل آهي، جو عربي سنڌي آئيويٽا جي سڀني اکرن مان جدا جدا ٺهيل لفظن جي پڙهڻ ۽ لکڻ جو استعمال اچيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري آئيويٽا جي نج عربي اکرن مان ٺهيل لفظن پڙهڻ لکڻ جو استعمال به پهرئين ڪتاب پڙهندڙن ٻارن کي چڱي طرح ٿيو وڃي ٿو. مثلاً: ثنا، مثل، مثنوي، بحث، بي وارث، صاحب، حرڪت، حلوائي، حاصل، محنت، صبح، ذڪر، مذڪور، ڪاغذ، مذڪر، مؤنث، مسطر، مشتمل، مشروع، علم، قلم، قلمدان، مشق، صبر، مصري، نصيحت، شخص، ضرور، مضبوط، قبض، نبض، طمع، مطلبي، غلط، ظلم، نظر، وعظ، غليظ، صحيح، ظالم، عقل، عذاب، معتبر، معلوم، شمع، تقصير، احمق، قابل، لفظ ۽ نقطا اهڙي نموني جا لفظ پهرئين ڪتاب جي جملن ۾ ڪم آيل آهن.

جملا به اهڙا ڪم آيل آهن، جن ۾ اخلاق، اٿ ويهه جي فضيلت عام پهاڪا ۽ چوڻيون ۽ لکڻ پڙهڻ جي ترغيب ۽ ٻاراڻي عام واقفيت چڱيءَ طرح ڏنل آهي. ڪي جملا نموني خاطر هيٺ ڏجن ٿا:

رات جو پڙهجي ته سبق چڱو ياد ٿئي.

ٻٻر ۾ پلڙا ٿيندا آهن سي ڍور کائيندا آهن.

چيتو چڙهيو توت تي چوپ توت چيتا.

بحث ڪرڻ سان علم وڌي ٿو.

وڃڻي هڻڻ ڪري پگهر سڪي ويندو آهي.

جيتري کنڊ وجهبي اوترو مٺو ٿيندو.

پاڻئون وڏي سان چرچو نه ڪجي.

هن ويچاري ڪهڙي تقصير ڪئي.

سدائي سچ ڳالهائجي ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائجي.

هنر سکڻ ۾ وڏا فائدا آهن.

هن ڪتاب ۾ ان وقت جي ٻين ڪتابن به نسبت ٻولي وڌيڪ صحيح ۽ سٺي ڪم آيل آهي ۽ عبارت به وڻندڙ ڪتب آيل آهي.

ڪتاب جي منڍ ۾ هي شعر لکيل آهي، جو بحر ۽ وزن ۾ بلڪل پورو آهي:

”نمان ٿو انهيءَ کي جو جڳ جو ڌڻي

ڪندو سڀ ڀلي سا جا ان کي وڻي.

سٽيان ٿو سبب سان هي پهريون ڪتاب،

ته هر ڪو پڙهي من ٿئي ڪامياب.“

ڪتاب جي پڇاڙي ۾ هڪڙي ”سي حرفي“ بحر ۽ وزن سان موافق ۽ ٻاراڻي عبارت ۾ لکي ويئي آهي، جنهن کي سر سان پڙهندي ٻارن کي ”الف“ کان ”ي“ سڀني اکرن جا نالا آسانيءَ سان ياد ٿيو ويندا هئا ۽ پوءِ انهن اکرن جي صورتن، نقطن جي تفاوتن ۽ اعرابن ياد رهڻ ۾ ڪا به ڏکيائي ڪا نه ٿيندي هئي. انهيءَ نظم جا ٻه ٽي بيت هيٺ ڏجن ٿا:

الف الله کي ياد ڪر

بي ڇڏ تون بدڪاري.

ٻي ڏي تون ٻن ٻيائيءَ کي

ڀي ڀر توبہ ڪر زاري

تي تج توڏَ تڪبير کي تون

ٿي ٿهمل وٺ واٽ ادا؛

ٽي ٽنڊ نه ڪر تون ڇڏ ٽر ٽر

ٺي ٺار بدن کي ٿيءُ صفا.

(2) سنڌي ٻيو ڪتاب

مضمون:

هن ڪتاب ۾ به پهريائين دور خاطر آئيويٽا جا اکر ۽ اعرابون سمجهائي پوءِ شروع ڪيا ويا آهن. ڪن سبقن ۾ اخلاقي نصيحتون، ڪن ۾ راند روند ۽ وندر جهڙيون ڳالهيون ۽ ڪن ۾ عام واقفيت ڏنل آهي، انهن سبقن مان ڪي نثر جا سبق ۽ ڪي نظم، هاڻوڪي ٻئي ۽ ٽئين ڪتاب ۾ به ٿيل آهن، پر گهڻا سبق صفا ڇڏي ڏنا ويا آهن.

جيڪي سبق نظم ۾ آهن، سي سڀ گهڻو ڪري مسٽر اڌارام پاڻ ٺاهيا آهن، فقط هڪڙو نظم آخوند حسام الدين جو ٺاهيل آهي هڪڙو نثر وارو سبق ۽ هڪڙو نظم وارو سبق هيٺ ڏجي ٿو:

سٻق ٻاويهون

شاگردن کي نصيحت:

گهر يا راند ڪرڻ جي هنڌ جيڪي ڪي ڪندا ٿا گهمو يا ڳالهايو (سو) مڪتب ۾ نه ڪريو، ڪتاب سان دل لائي سبق پڙهو. توهان سان ڪو ڇوڪر هجي ته (سبق پڙهڻ وقت) ان سان گڏ راند نه ڪريو ۽ ساڻس ڳالهيون به نه ڪريو. استاد نصيحت ڏئي سا مڃجي پاڻ کان ڀل ٿي هجي ۽ استاد ڏيکاري ته ان تي ڌيان رکجي. مڪتب ۾ سڀني تي ڪهل ڪرڻ گهرجي ڪنهن کي گاريون ڏيڻ نه گهرجن ڪنهن سان وڙهجي به نه. ڪو ڇوڪر ڪڏهن بڇڙو ڪم ڪري ته ان کي چوڻ گهرجي ته وري اهڙو ڪم نه ڪج. مڪتب مان موڪل ملي ته سامهون گهر هليو اچجي ۽ جي ماءُ پيءَ راند ڪرڻ جي موڪل ڏني هجي ته راند ڪري مهل سر گهر وڃجي پر پڙهڻ لکڻ سڀ کان چڱو آهي جئن ته چيو اٿن.

”اڻ پڙهيا پڙهين اڳيان ڀريون ڍوئيندا.“

سبق اڻا اسي

ادب (بيت)

ادب سنديون عادتون ڇڏيو ڪيم ڇوڪر

1-      ادب جي به عجب جي آنکي ڪانهي ڪر

جيڪر هو ٿيو خبر، ته رهو ڪين ادب ري.

 

2-     ادب سندي عجب جي آءُ ڪهڙي ڳالهه ڪريان

هڪڙي حب ماڻهن ۾ ٻيو آدر ڏين گهڻا

تنهن لاءِ آءٌ چوان، ته وٺو واٽ ادب جي.

 

3-     ادب وارو آدمي وڻي سڀ ڪنهن کي

وٺي وهارين وٽ ۾ سڏ ڪيو تنهن کي

آهي ادب جنهن کي، سوئي چئجي آدمي.

 

4-     ادب بنان آدمي آهي پسونءَ سمان

گهڻيون ڪري ڳالهڙيون ته به ڏسيس ڪونڪو مان

جي ساراهي پاڻ، ته به چئيس هٺيلو هرڪو.

 

5-      تڏهن ڇڏ تون هٺ هيا، کڻي وٺ ادب جي واٽ

ڪر تون نياز سڀن سان ٻيا ڇڏ سڳن ساٽ،

ته ڏيئي ڪونه ڏاٺ، سرهو رهين سر.

نظم:

مسٽر اڌارام جيڪي شعر ٻئي ڪتاب ۾ ڪم آندا آهن، تن مان ڪي ”ڏوهيڙا“ آهن ۽ ڪي ”موزون ڪلام“: ڪي پنهنجا ٺاهيا اٿس ۽ ڪي پارسي نظمن تان ترجمو ڪيا اٿس. ڪتاب ۾ جيڪي ٻه ٽي شعر ٻين شاعرن جا ڏنا اٿس. تن جي هيٺان انهن شاعرن جا نالا لکيا اٿس ۽ جيڪي پنهنجا ٺاهيا اٿس يا ترجمو ڪيا اٿس تن جي هيٺان پنهنجو نالو لکي ڇڏيو اٿس.

ديوان صاحب ڏوهيڙا به بلڪل پختا، رسيلا ۽ اثرائتا ٺاهيا آهن.

مثال 1-

1-      جي ڀائن سپتيو ٿيان، ته ڪوڙ ڪيم ڳالهاءِ

ننڍي وڏي نينگر سان سداءِ سچ الاءِ،

نه ته ملندءِ سزا، ٿيندين بڇڙو لوڪ ۾.

2-     بڇڙو ٿيندين لوڪ ۾ ڪونه ڪندءِ اعتبار

جيڏن ۽ سرتن ۾ ٿيندين گهڻو خوار

اها ڳالهه تڪرار کڻي، هنڊاءِ هنئين سان.

3-     کڻي هنڊاءِ هنئين سان تون منهنجي ڳالهه اها

ٿئي تفاوت تر جو، نه ڪر تون ويساهه

سدا سچ ڳالهاءِ، ته ڪوڙو چوني ڪونه ڪو.

موزون ڪلام جو مثال:

ڪنهين ملڪ ۾ هڪڙو پتشاهه هو،

پڙهڻ لاءِ تنهن پنهنجو پٽ موڪليو.

گهرڙائي پٽي ڪڙي چانديءَ جي؛

وڏي حب سان تنهن پنهنجي پٽ کي ڏني.

لکيا هئا مٿي اُن پٽي سون سان،

اکر هيءُ خاصا ڪنهن ڪاتب هٿان.

”ڏکو تاب استاد جو ٻار تي،

ڀلو آهه سو پيار کان بي سندي.“

(سبق 86)

مٿيون شعر ”گلستان سعدي“ جي هڪڙي پارسي شعر جو عمدو سنڌي ترجمو ڪيو اٿس، پر بحر مٽايو اٿس.

3- سنڌي صرف و نحو

ڪتاب جي حقيقت: پهريائين پهريائين سنڌي ٻوليءَ بابت ”صرف و نحو“ انگريزي زبان ۾ ڪن يوروپين عالمن جدا جدا لکيا هئا.

جي خاص طرح سنڌي ٻولي سکندڙن يوروپين عملدارن ۽ مرهٽن خواه پنجابي عملدارن کي ڪم ايندا هئا، جي انگريزي ٻوليءَ جو گرامر ڳيئي چڱيءَ طرح ڄاڻندا هئا. فريئر صاحب ڪمشنر سنڌيءَ ۾ ئي سنڌي ٻوليءَ بابت ”صرف و نحو“ تيار ڪرائڻ جو خواهشمند ٿيو. جنهن جي حڪم موجب مسٽر اڌارام هي ننڍڙو سنڌي ”صرف و نحو“ پارسي گرامرن مان ٺاهي تيار ڪيو.

سنڌي ادب جي جنهن دور بابت اسين بيان ڪري رهيا آهيون؛ تنهن دور ۾ جيترا ڀيرا هي ڪتاب وري وري پي ڇپيو آهي، اوترا ڀيرا ٻيو ڪو به ڪتاب نه ڇپيو هوندو؛ ۽ سڀ ڪنهن ڇاپي ۾ وڌيڪ سڌارا ۽ ڦيريون گهيريون منجهس ٿينديون رهيون.

جئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهريون” صرف و نحو“ جو ڪتاب هو، تنهنڪري ”صرف و نحو“ سان تعلق رکندڙ اصطلاح عربي صرف و نحو وارا ڪم آندا، جي پارسي ۾ صرف و نحو ۾ ڪم ايندڙ هئا.

4 – مفيد الطالبين

ڪتاب جي حقيقت: مسٽر اڌارام وڏي عمر ۾ انگريزي سکيو هو ۽ پنهنجي تيز فهميءَ ۽ پارسيءَ توڙي هنديءَ ۾ گهڻي محاوري هئڻ سبب هو انگريزيءَ ۾ به اهڙو هوشار ٿي ويو؛ جو گولڊ سمٿ صاحب جي حڪم موجب هڪڙو ائنگلو ورنيڪيولر ڪتاب ٺاهيائين، جنهن جي وسيلي انگريزي گرامر ڄاڻندڙ کي سنڌي ٻولي سکڻ آسان ٿئي ٿي ۽ سنڌي گرامر ڄاڻندڙ کي انگريزي ٻولي سکڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. انهيءَ ڪتاب جو نالو انگريزي ۾ Oodhoram’s Guide (اُڌارام گائيڊ) ۽ سنڌيءَ ۾ ”مفيد الطالبين“ (شاگردن کي فائدو ڏيندڙ) آهي.

5- پارسي آموز

ڪتاب جي حقيقت: پارسي زبان جي تعليم ڪن ايامن کان وٺي سنڌ ۾ چالو هئي، پر پارسي ٻوليءَ جو ”صرف و نحو“ سنڌي زبان ۾ لکيل نه هو، جڏهن سنڌيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحو به لکيل ڪونه هو، تڏهن پارسي صرف و نحو سنڌي ۾ سمجهائڻ ناممڪن هو. مسٽر اڌارام صرف و نحو ٺاهڻ کان پوءِ ساڳئي نموني تي پارسي ”صرف و نحو“ سنڌي ۾ لکيو، جنهن جو نالو آهي. پارسي آموز“ هي ڪتاب اڄ تائين درسي ڪتابن طور ڪم پيو اچي.

(1) دنيا جي مختصر تاريخ

ڪتاب جي حقيقت: جدا جدا انگريزي ڪتاب، جن ۾ دنيا جي قومن جو احوال يوروپين عالمن جي تحقيقات موجب لکيل آهي، تن تان هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي.

مضمون:

هن ڪتاب ۾ دنيا جي قومن جو بنياد وچ ايشيا کان شمار ڪيو ويو آهي. اول ايرين ۽ سميٽيڪ ٻه مکيه قومون هيون، ايرين قوم مان ايراني، آريه، انگريز، جرمن، يوناني ۽ رومي قومون پيدا ٿيون، سميٽيڪ قوم مان يهودي، عرب، مصر جا ماڻهو وغيره پيدا ٿيا ۽ ٽيوري مين خانه بدوش قومون هيون، جن مان ڪيتريون ئي شاخون جدا جدا ملڪن ۾ پکڙجي ويون.

حضرت عيسيٰ کان ٻه هزار ٽي سو ورهه اڳ ”خالديه“ حڪومت ساري ايشيا تي غالب هئي. حضرت عيسى کان هڪ هزار ٻه سو ورهه اڳي ”ميڊيا“ حڪومت زور ورتو. حضرت عيسى کان ڇهه سو پنجويهه ورهيه اڳ ”بابيلان“ حڪومت زور ورتو. يونان، روم ۽ ايران جي حڪومتن جي زور کان پوءِ ”اسلام“ زور ورتو. يوروپي قومن جي پاڻ ۾ فتحن ۽ شڪستن کان پوءِ يوروپ کي حصن ۾ ورهائڻ، يوروپ ۽ اسلام جي وچ ۾ ڪروسيڊس (ڌرمي جنگين) بيان ڪرڻ، يوروپين قومن جو ساري دنيا ۾ نو آبادين هٿ ڪرڻ، هندستان ۾ڪ يورويپن قومن جو اچڻ ۽ هڪ ٻئي جو زور ڀڃڻ ۽ هندستان ۾ آخر انگريزي قوم جو ٻين يوروپي قومن تي غالب پوڻ جو بيان ڏيئي ڪتاب پورو ڪيو اٿن.

هي ڪتاب جيتوڻيڪ وڏن ڪلاسن ۾ تعليم وٺندڙ جي مطالع لاءِ هو، ته به ڪن ضروري لفظن جي صحيح تلفظ خاطر انهن تي زير، زبر ۽ پيش ڪم آندل آهن. مثلاً فرات، خطاب، عهدو، قوم وغيره.“ ”نون غنہ“ جي بدران ٻه زيرون، ٻه زبرون ۽ ٻه پيش ڪم آندل آهن جئن ته:

وڌاءِ .................................... وڌائين.

ڪياءُ ................................ ڪيائون.

اڏاوت ............................... اڏاوتون وغيره.

سنڌي ادب جي نئين دور وارن ڪتابن م عام طرح سنڌي ”صرف و نحو“ جي قاعدن جي پابندي ڪانهي، پر هن ڪتاب ۾ ڪم آيل ٻولي جي قاعدن سان موافق ۽ سلوڻي سليس آهي.

رئسيلاس

هي ڪتاب جانسن صاحب نالي انگريز انگريزيءَ ۾ تصنيف ڪيو هو، جنهن جي ترجمي ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي اشتهار ڪڍيو، ته جيڪو شخص انهيءَ انگريزي ڪتاب جو صاف سنڌي ۾ ترجمو ڪندو، تنهن کي سرڪار انعام ڏيندي. مسٽر اڏارام ۽ مسٽر نولراءِ گڏجي اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جو ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي پسند ڪيو ۽ انهن ٻنهي صاحبن کي انعام مليو. اهو ڪتاب ڪيترائي ورهيه ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن لاءِ درسي ڪتاب طور ڪم پيو ايندو هو.

مضمون:

هن ڪتاب ۾ انسان ذات جي دماغي ۽ دلي طاقتن ۽ خواهشن جون حقيقتون ۽ مثال، انسان ذات جي غم ۽ خوشيءَ جا سبب ۽ نتيجا، ۽ انسان ذات جي زندگيءَ جون منزلون ۽ مقصد هڪڙي دلچسپ آکاڻيءَ جي صورت ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جا آکاڻي جيتوڻيڪ خيالي آهي، مگر حقيقتن سان ڀرپور آهي.

آکاڻي جو اختيار هيءَ آهي:

مصر ملڪ ڏانهن قديم زماني کان وٺي هي دستور هوندو هو، ته بادشاهه پنهنجي پٽن ۽ ڌيئن کي اهڙين محلاتن ۾ رهائيندا هئا، جي شهرن کان دور هوندا هئا، جڏهن ڪنهن شهزادي يا شهزاديءَ کي تخت جو ڌڻي ٿيڻو هوندو هو، فقط تڏهن ان کي محلات کان ٻاهر ڪڍيو ويندو هو.حبش جي شهنشاه پنهنجي پٽن ۽ ڌيئن لاءِ جيڪي محلات ٺهرايا هئا، سي آمهاري بادشاهت جي هڪڙي سرسبز ماٿريءَ ۾ هئا. ماٿريءَ جي چوڌاري تمام وڏا جبل هئا. محلاتن ڏي اچڻ وڃن لاءِ هڪڙو غار هوندو هو، جنهن جي اندرئين منهن تي ڳرا لوهي دروازا ڏنل هوندا هئا. ماٿريءَ ۾ محلاتن جي آسپاس جبلن تان لهندڙ لهرون، چشما ۽ شفاف پاڻيءَ سان ڀريل تلاءَ هوندا هئا. باغ باغيچن، گلن گلزارين سان ساري ماٿري ڪشمير بني پيئي هوندي هئي. هر قسم جا جهنگلي جانور، هر قسم جا پکي هر قسم جون مڇيون، هر قسم جا گهرو جانور ماٿريءَ ۾ موجود هوندا هئا. کاڌي خوراڪ ۽ عيش عشرت جو جيڪو سامان دنيا ۾ ملي سگهي ٿو سو سڀ اتي موجود هو. دنيا ۾ جيڪي مشهور مشهور ڪاريگر ۽ هنرمند ماڻهو سجهندا هئا، سي ان ماٿريءَ ۾ داخل ڪيا ويندا هئا. شهزادين ۽ شهزادن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ عالم ۽ معلمات، نوڪر ۽ نوڪرياڻيون، راڳ روپ ۽ ناچ تماشا ڪندڙ سڀ انهيءَ ماٿريءَ ۾ موجود هوندا هئا. شهزادن ۽ شهزادين کي کائڻ پيئڻ راڳن روپن ٻڌڻ، ناچ تماشن ۽ ماٿري اندر موجود ٿيل قدرتي نظارن ڏسڻ ڌاران ڪو به ڪم ڪونه هوندو هو.

اهڙي عيش عشرت واري زندگيءَ مان حبش جو شهزادو رئسيلاس ۽ سندس ڀيڻ نيڪايا کٽا ٿي پيا انهن کي خيال اچي ٿيو ته، ته هتي رهڻ ۾ اسان جي دل کي ڪا به خوشي ۽ ڪو به سک نٿو حاصل ٿئي، تنهن ڪري هن قيدخاني مان نڪري جبلن  کان ٻاهر وڃي ڳولا ڦولا ڪريون. اميد آهي ته اسان کي ضروري خوشي ۽ سک هٿ اچي ويندو. ٻئي ڀاءُ، ڀيڻ ۽ عملاڪ نالي هڪڙو هوشيار پڙهيل ۽ جهانديد و فيلسوف شاعر جو پڻ ان ماٿريءَ واري قيد ۾ تنگ ٿي پيو هو. سي ٽيئي آخر لڪ چوري جبل ٽڪي ٻاهر نڪتا.

شهزادي رئسيلاس پهريائين عملاڪ کان سندس گذريل حياتيءَ جو بيان پڇيو. جنهن ۾ ان پنهنجي شاهوڪار سوداگر پيءُ جا خيال ۽ ارادا، پنهنجي تعليم جو ذڪر، ڪيل مسافرين جون حقيقتون بيان ڪيون.

انهيءَ بيان ۾ هيٺين ڳالهين بابت رئسيلاس ۽ عملاڪ جي وچ ۾ بحث مباحثا ٿيا.

شاهوڪارن کي پئسن لڪائڻ جو خيال (2) دولت وڌائڻ جي سڌ (3) سفر مان ڇا ڇا پرائڻ گهرجي. (4) شاهوڪار کي مسافريءَ ۾ انديشا ۽ ڪي سولايون (5) شاعريءَ جي حقيقت ۽ درجو (6) زيارت لاءِ پاڪ جايون  ڀيٽڻ (7) وڏن شهرن ۾ گڏ ٿيل ماڻهن جا نمونا ۽ خيال (8) مٽن مائٽن جي خود غرضي (9) ماٿريءَ ۾ اچي داخل ٿيڻ جي خواهش.

عملاڪ پنهنجي زندگيءَ جي احوال بيان ڪرڻ سان شهزادي رئسيلاس کي تسلي ڏني ته دنيا ۾ ڪو به انسان خوش ۽ سکيو ڪونهي؛ مگر رئسيلاس ۽ نيڪايا پاڻ سان بيشمار هيرا ۽ جواهر کنيا هئا، تنهنڪري انهن کي دنيا جي سير ڪرڻ ۾ ڪا به رنڊڪ ڪانه ٿي. ڪنهن نه ڪنهن طبقي جا انسان ضرور خوش ۽ بي گوندر گذاريندا هوندا؛ انهيءَ ڳالهه جاچڻ لاءِ رئسيلاس ۽ نيڪايا جدا جدا هنڌن جدا جدا حيثيت جي ماڻهن سان رل مل ٿي آزمودا حاصل ڪيا ۽ سک جي ڳولي لهڻ لاءِ بي آرام رهيا. انهن هيٺين ماڻهن جون حالتون جاچيون ۽ ان بعد بحث ڪيا.

1- ريڍارن ۽ دهقاني ڌراڙن جون حالتون، 2- البيلي حياتي گذاريندڙ نوجوانن جون حالتون؛ 3- سياڻن ۽ وعظ ڪندڙن بزرگن جون حالتون؛ 4- شاهوڪارن جون خطرناڪ حالتون؛ 5- ايڪانت واسين يعني خلوت نشينن جون حالتون؛ 6- دنيا جي قاعدي قانون موجب هلندڙ ماڻهن جون حالتون؛ 7- درباري ۽ وڏن ماڻهن جون حالتون؛ 8- سفيد پوش ماڻهن جون گهرو حالتون؛ 9- ڇڙهي ۽ پرڻيل ماڻهن جون حالتون؛ 10- نهايت قابل نجومين جون حالتون؛ 11- جهنگلي ڌاڙيلن جون گهرو حالتون؛ 12- روح کي فاني ڄاڻندڙن ۽ غير فاني ڄانندڙن جون حالتون.

انهن سڀني تجربن ۽ آزمائشن کان پوءِ رئسيلاس، نيڪايا ۽ نيڪايا جي پڙهيل نوڪرياڻي پيڪوا هيٺينءَ طرح حياتي گذارڻ ۾ دل جي خوشي ۽ سک سمجهيو:

رئسيلاس- ننڍڙي بادشاهت، جنهن جي سڀني ڀاڱن تي نظر ڪري سگهجي، سا هٿ ڪري پاڻ پنهنجي سر عدل ۽ انصاف ڪرڻ رعيت جو واڌارو ۽ سڌارو ڪرڻ.

نيڪايا- علم ۾ ڀڙ ٽي زالن کي علم ۾ هوشيار ڪرڻ ۽ عقل، ڏاهپ ۽ دينداري جو مثال بڻجڻ.

پيڪوا – فقيراڻو آسان کولي ڪنوارين ڇوڪرين کي علم ۽ دينداريءَ ۾ لائق بڻائڻ.

عملاڪ – ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ نيڪ نيتي سان مشغول رهي حياتي گذارڻ.

ڪتاب جي مضمون جو اختيار مٿي ڏنو ويو آهي هاڻي مضمون جا ٻه ٽي جنسي ٽڪر هيٺ ڏجن ٿا:

1- ”مون ڏٺو ته 20 ڏينهن تائين سج پي اُڀريو ۽ لٿو ۽ سوجهري هوندي به ڪو فائدو ڪونه پرايم. انهيءَ وقت ۾ پکي پنهنجي مائرن جا آکيرا ڇڏي وڃي جهنگ ۽ اڀ ۾ اڏامڻ لڳا، ۽ ڇيلا ڌائڻ ڇڏي پنهنجي روءِ سوءِ چرڻ لاءِ جبلن ۽ ٽڪرن تي چڙهڻ سکيا آهن. رڳو منهنجو ئي واڌارو ڪونه ٿيو آهي ۽ اڃا تائين اڄاڻ ۽ نرمل رهيو آهيان. چنڊ ويهن گهمرن کان به وڌيڪ گهمرا ڦرڻ ڪري مون کي پروڙ ڏني آهي، ته حياتي ڪيئن ٿي گذري. منهنجي پيرن اڳيان جا ندي وهي ويئي آهي، تنهن منهنجي سستيءَ تي کڻي طعنا هنيا آهن. ڌرتي جيڪي نصيحتون ڏنيون ۽ گرهن جيڪي فهمائشون ڏنيون، تن تي ڌيان ڏيڻ ڌاران ويچار ڪرڻ جي مزن ۾ آءٌ ڏاڍو محو ٿي ويس. ويهه مهينا گذري ويا هليا! هاڻي اهي ويهه مهينا ڪير مون کي موٽائي ڏيندو؟ اهي ڏک ڀريل ويچار سندس دل تي ڄمي ويا ۽ چيائين ته هاڻي اجاين خيالن ۾ اڳتي وقت ڪونه وڃائيندس... اجاين خيالن ڪرڻ کان چڱو آهي ته ڪو اُدم ڪجي.“        

(صفحه 21-22)

نوٽ- مٿيون ٽڪر رئسيلاس تڏهن چيو آهي، جڏهن ماٿريءَ ۾ رهڻ پنهنجي لاءِ سستي ۽ نڪمائي سمجهي اٿس.

 2- ”تنهنتي عملاڪ چيو، ته منهنجي تاريخ تمام طول نه آهي. جي حياتي جا ڏينهن علم حاصل ڪرڻ ۾ گذرن ٿا، سي ماٺ ۾ گذريو وڃن ۽ طرح طرح جا ڪم منجهس ڪي ٿورا ٿا ٿين. پڙهيل ماڻهوءَ جو اهو ئي ڪم آهي، ماڻهن ۾ گفتگو ڪرڻ، ايڪانت ۾ خيال پچائڻ، پڙهڻ، ٻڌڻ، پڇڻ ۽ ڪو پڇي ته ان کي جواب ڏيڻ ۽ اهو ماڻهو دنيا ۾ پڻ ٽنڊ يا جرات کان سواءِ ٿو گهمي ۽ جيڪي ماڻهو سندس جهڙا آهن، تن ۾ ئي ان جو قدر ۽ سڃاڻپ آهي.“              

(صفحه 37)

3- ”منهنجي سنگتين ڪنهن سبب سمجهيو ته آءٌ دنيادار آهيان، ۽ مون جي ڳالهيون پي پڇيون ۽ عجب ۾ پي پيس تنهن کان سمجهيائون ته آئون اڄاڻ آهيان، تنهنڪري مون کي نئون سمجهي ڄاتائون ته هن سان دغا ڪرڻ ته اسان کي حق آهي، ۽ اهڙن ئي هرجن سان دولاب جو هنر سکي سگهندو نوڪرن جي هٿان منهنجي سامان جي چوري ڪرايائون ۽ عملدارن کي چيائون ته هن کي ڦريو ۽ پي ڏٺائون ته آءٌ ڪوڙن بهانن تي پي ڦريس، جنهن مان کين نڪي هڙ نڪي حاصل هو. پر اها ئي خوشي ٿي ٿين. ته اسين پنهنجي هنر ۾ ڏاڍا هوشيار آهيون.“

(صفحه 46)

4- ”جنهن مڙس ۽ زال کي ڏهاڙي گهرو ڪمن جي ٿوري ٿوري ڳالهه بابت ويچار ڪرڻو ٿيندو ۽ عقل سان ملائڻو ٿيندو ته برابر آهي يا نه، سي ڏاڍا ڏکي چئبا، تنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. جي ماڻهو وڏا ٿي پرڻجن ٿا، سي پنهنجي ٻارن جي حسد کان گهڻو ڪري ڇٽن ٿا، پر انهيءَ فائدي ڪري وري هي نقصان ٿو ٿئي، ته هو مري ويندا ۽ سندن ٻار ڀانئجي ٿو، ته اڄاڻ ۽ ويچارا سنڀاليندڙن جي هٿ ڇڏڻا ٿيندا؛ يا جيڪڏهن ائين کڻي نه به ٿئي ته به جن کي داناءَ يا وڏي ڏسڻ جي گهڻي حب اٿن تن کي ائين ڏسڻ کان اڳي دنيا ڇڏي ويندا.“                 (صفحه 151)

نيڪايا چيو ته ”مصر ملڪ جي ماڻهن جهڙن ڏاهن ائين ڪئن سمجهيو هوندو، ته روح جڙ آهي، جيڪڏهن روح هيڪر جسم کان جدا ٿي پوءِ به جسم ۾ قائم رهي، ته پوءِ ان کي جسم مان ڇا ملڻو يا ڇا سهڻو آهي؟“                                       (صفحه 255-257)

هن ڪتاب جي مضمون جي چپي چپي تي اهڙا اهڙا ڳوڙها خيال آهن جن جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ علم ۽ مغز گهرجي. مثال خاطر ٻه ٽي خيال هيٺ لکجن ٿا:

مثال:

”ٻڍاپڻ ۾ شرم ۽ غم گهڻو نٿو هلي، جيڪس هن ڪري ته جي سور گهڻن ڏينهن تائين سٺا آهن، سي سهڻ سو کا ٿين ٿا يا ٻڍاپڻ ۾ مان نٿو ملي، تنهنڪري ٻين کي به ٿورو ئي مان ٿو ڏجي؛ يا ته معنى کائي مٿي اچڻ جي سبب ڪري انهن سورن کان ستت ڇٽبو، تنهنڪري سور خيال ۾ به نٿا آڻجن.“                           (صفحه 16)

جنهن انگريزي ڪتاب تان هي ڪتاب ترجمو ٿيل آهي، سو فصاحت، بلاغت ۽ نزاڪت ۾ توڙي جملن جي باقاعدي جزائيءَ ۾ تعريف جهڙو آهي. مسٽر اڌارام کي پارسي، انگريزي ۽ سنڌي ”صرف و نحو“ ۾ پوري دسترس هئي، تنهن ڪري سنڌي ادب جي نئين دور وارن ڪتابن ۾ هي ڪتاب صحيح سنڌي ٻوليءَ جي ڪري يا عبارت جي سينگار ڪري پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

انگريزيءَ مان ترجمو ڪندي جتي جتي نج عربي يا پارسي لفظ پوري ۽ ڪشادي معنى وارا ڪم آڻڻ ضروري ڄاتا ويا آهن، اتي هن صاحب اهي ڪم آندا آهن، ۽ جتي جتي سنسڪرت لفظن مان پورو مطلب ۽ مراد نڪرندي نظر آئي اٿس اتي مناسب سنسڪرت لفظ به ڪم آندا اٿس، انهيءَ دور جي ڪتابن ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ لفظن ڪم آڻڻ جو اهو تعريف لائق سرشتو ڪم آندل آهي، ڪتاب جي نثر جا ڪي ٽڪر ڏجن ٿا.

مثال 1 ۽ 2:

1- ”شهزاديءَ چيو، ته ڪي قومون ته پنهنجا لاشا باهه ۾ ساڙينديون آهن، ۽ ڪي قومون زمين ۾ دفن ڪنديون آهن؛ ۽ سڀني قومن جي اها راءِ آهي، ته هالو چالو ڪريا ڪرم ٿيڻ کان پوءِ انهن کي پنهنجين اکين کان پاسي ڪجي، پوءِ مصر جا ماڻهو جو ايتري خرچ ڪري پنهنجا لاشا سنڀالي ٿا رکن تنهن جو سبب ڇا آهي؟“

1- عملاڪ چيو، ته ”انهن قديم رسمن جي بنياد جي گهڻو ڪري ماڻهن کي خبر نه آهي، ڇاکون ته جنهن سبب ڪري اهي رسمون پيدا ٿين ٿيون، تنهن سبب جو اثر جيڪڏهن بند ٿي ٿو وڃي ته به رواج هليو پيو اچي..... پر سڀئي ماڻهو سمجهندا آهن، ته مصر جا ماڻهو ائين وسهندا هئا ته جيستائين لاشو ڳري نٿو وڃي، تيستائين روح ان ۾ رهي ٿو، تنهن ڪري موت کي ٽارڻ لاءِ اهو دستور ڪڍيو  هئائون.“

ڪم آندل عربي لفظ:

رقت، تصدق، تواضع، درڪ، اِدراڪ، منجم، منطقہ البروج، خط، سرطان، نظام شمسي، دانش، پرداخت، سپرد وغيره.

سنسڪرت لفظ:

پران، شڪتي، پوتر تپشا، ورسپت گرهه، وکيه، ورکا، دوت، داس، نهه ڦلتا، مول، سنڪلپ، گيان، جڙ وستو وغيره.

8 – مهر منير ۽ بدر منير جو قصو

ڪتاب جي حقيقت:

اردو نثر ۾ مهر منير ۽ بدر منير جو قصو مشهور آهي. مسٽر پرڀداس اهو قصو نظم ۾ ٺاهيو آهي ۽ سمورو نظم پاڻ ٺاهيو اٿس. ديباچي ۾ هي صاحب هن طرح لکي ٿو؛ پڌرو هجي ته سنڌيءَ ۾ نظم جا ڪتاب ڪي ٿورا لڀندا ۽ جيڪي لڀندا، سي به ڪن ايامن جا ۽ گهڻو ڪري هڪڙي قسم جي بحر جا هوندا، مير صاحبن جي وقت ۾ گهڻن ورهن کان ۽ جڏهانڪر انگريز سرڪار ملڪ ورتو آهي، تڏهانڪر ڪنهن جو نظم ۾ ٺاهيل ڪتاب ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. هاڻي هن حقير اڌارام ٽانور داس مير چنداڻي ويٺل حيدرآباد اسسٽنٽ ترجمان سنڌ جي هي قصو مهر منير ۽ بدر منير نظم ۾ ٺاهيو آهي.هن ۾ ڪيترن قسمن جا بحر آهن ۽ هي قصو بلڪل دل کي وڻندڙ آهي ۽ ڪو سمجهو ماڻهو هوندو ۽ ان کي چڱي طرح خوش الحان سان پڙهندو يا ڳائيندو، ته ان کي ڏاڍي لذت ايندي. پر هي پهرين ڪوشش آهي سو اميد آهي ته پڙهندڙ هن ۾ ڪا ڀل خطا ڏسن ته ڀلائي ڪري معاف ڪن، بلڪ صلاح جي ڪلڪ سان سڌاري ڇڏين.“

هن ڪتاب ۾ جيڪا آکاڻي لکيل آهي؛ تنهن جو اختصار هي آهي:

”ڪنهن بادشاهه کي اولاد ڪونه ٿيندو هو؛ آخر هڪڙي الهه لوڪ بزرگ جي ڏس موجب هلڻ ڪري ان کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو رکيائين مهر منير. مهر منير جڏهن جوان ٿيو تڏهن هڪڙي ڏينهن شڪار ڪندي ڪنهن هرڻ جي پٺيان گهوڙو ايتري قدر ڊوڙايائين جو سنگتين کان به وڇڙي ويو ۽ هرڻ به وٽانئس گم ٿي ويو.

مهر منير ڀٽڪندو ڀٽڪندو هڪڙي جبل تي ڪنهن فقير جي آستان تي وڃي پهتو. رات جو چار پريون اڏام کٽوليءَ جي رستي فقير جي زيارت ڪرڻ آيون، جن کي بدر منير پريءَ ڏانهن وڃڻو هو، پريون انهيءَ فقير جون مريداڻيون هيون، تنهنڪري فقير جي چوڻ موجب سندس مهمان (مهر منير) کي به اڏام کٽوليءَ تي چاڙهي بدر منير پري وٽ ويئون. پريون جڏهن بدر منير سان ملاقات ڪري اڏامڻ لاءِ سنڀريون تڏهن مهر منير ساڻن هلڻ کان هڪڙي پاسي پڙ ڪڍي بيٺو، ته بدر منير وري ان کي ڇڏي وڃڻ لاءِ ٻئي پاسي پرين کي منٿون ڪرڻ لڳي. پريون ڏاڍيون پريشان ۽ پشيمان ٿيون؛ ڇاڪاڻ جو انهن کي پنهنجي مرشد وٽان لنگهندي ان جو مهمان ضرور امانت باسلامت پهچائڻو هو. آخر جڏهن مهر منير ۽ بدر منير ٻنهي کي ننڊ اچي ويئي، تڏهن چارئي پريون مهر منير کي اڏام کٽوليءَ تي رکي اٿي اڏاڻيوڻ ۽ فقير جي آستان تي ان کي ستل ئي ڇڏي پنهنجي ملڪ هليون ويئون.

صبح جو ننڊ مان اٿڻ شرط مهر منير، بدر منير جي رهاڻ کي ياد ڪري مستانو ٿي ويو ۽ هوڏانهن وري سندس شڪار گاه وارا وڇڙيل همراهه به اتي اچي پهتا، انهن شهزادي کي گهر هلڻ لاءِ وڏا وس ڪيا، پر هو چوي ته بدر منير ڏانهن وڃڻ ڌاران ٻئي پاسي مون کي هلڻوئي نه آهي. همراهه اهو حالت ڏسي شهزادي کي زوران زوري پالڪيءَ ۾ قابو ڪري اچي پنهنجي ڳوٺان نڪتا. بادشاه ۽ راڻي پنهنجي پٽ کي بي حال ڏسي پنهنجي پاڻيءَ کان نڪري ويا. آخر ڏاهي وزير جي صلاح موجب بدر منير پريءَ جي پيءُ ڏي سڱ ڏيڻ لاءِ قاصد ۽ سوکڙيون سوغاتون موڪليائون.

ڪتاب جي پڇاڙي ۾ مصنف چوي ٿو:

پوءِ پرڻائي پٽڙي کي ڪيائين، موٽڻ جو سعيو

ننهن پٽ پنهنجو پاڻ سان ڏيهه وٺي آيو

ٿيو سرهو گهڻو سرير ۾، هن جشن ڪرايو

پرڀرو پڄايو، مطلب هن جي من جو.

جهڙي پني هن سان تهڙي ڪل جي سال پڄي

اوڻيهه سا ڇويهه مٿي ٿو سنبت سال سڄي

متي چوڏهين ڏينهن ٻڌ ٿيو مهنو مانگهه ٻجهي

احقر ٿيو اُجهي، رکج ڀرم ڀڳونت تون.“

نظم جو نمونو:

هندي زبان ۾ ٺهيلن ڪيترن ئي نظم جي ڪتابن ۾ جئن جدا جدا وزنن (ماترائن) وارا دوهرا (ڇند، دوها، رها ۽ سوها) گڏ وچڙ هوندا آهن، فقط هن ڪري ته جدا جدا سرن ۽ طرزن ڪم آڻڻ ڪري ڪتاب ۾ سمايل مضمون مان پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي وڌيڪ سواد اچي، تئن هن صاحب به  هن ڪتاب ۾ نه رڳو جدا جدا ماترائن وارا ڏوهيڙا ڪم آندا آهن، پر موزون ڪلام به جدا جدا نمونن جا ڪم آڻيندو ويو آهي. مثلاً فرد، قطعہ، مثنوي، موزون ڪلام گهڻي قدر بحر تقارب محذوف ۽ مقصور ۾ آهن، باقي ٻه ٽي قطعا بحر متدارڪ مضاعف سالم تي ۽ هڪڙو فرد بحر رجز مثمن سالم تي آهي.

مسٽر اڌارام جو ڪلام (ڏوهيڙا توڙي موزون) پڪو پختو ۽ نزاڪت ڀريو آهي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:

1-      ساراهيان سچو ڌڻي جنهن سرجيو سڀ سنسار

قادر پنهنجي قدرت سان رچيو رنگ اپار

تنهن پاڻيءَ جي بوند مان ڪيا منک مرون اظهار

جن جوڙيائين ديو ٻيا ڪيائين پريون پديدار

آگي جو اسرار، ڪنهين پروڙ يه ڪينڪي.“

2-     رنگين رنگين روپ ٿيا ۽ عجب نظارا

ڪي گورا ڪي سانورا ڪي منهن جا موچارا

ڪي ٻاهرون ٻوليءَ جا مٺا ڪي اندر جا ڪارا

ڪن جي ڏٺي دل ٽهي، ڪي جيءَ جا جيارا

تنهنجا وڏا پسارا، سو آهي صاحب سرپ جو.“

(ڪتاب جي شروعات)

نوٽ- مٿيان ٻئي ڏوهيڙا سڌريل نموني جي ڏوهيڙن جا آهن. هيٺ ٻه ٽي مثال اهڙن ڏوهيڙن جا ڏجن ٿا، جي شاهه ڪريم (رحه) جي ڏوهيڙن جي طرز تي ٺهيل آهن:

 

1-      ”لنگهيا پهر ٽي رات جا اهڙي خوشيءَ منجهان

جو سگهي ڄڀ انسان جي ڪري ڪين بيان.“

2-     ”جڏهن ان پرين جي ٿي وڃڻ جي وير،

تڏهن چيائون شهزادي کي هل اسان سان هير.“

9 – قصو ڪامسين ۽ ڪامروپ

ڪتاب جي حقيقت: ڳوٺ وڳڻ تعلقه نوشهر فيروز ۾ لعلو ڀڳت رهندو جو اکين کان معذور هو. ان ڪامسين ۽ ڪامروپ جو قصو سنڌي ڏوهيڙن ۾ ٺاهيو هو. جو ديوناگري اکرن ۾ لکيل هو. مسٽر اڌارام اهو قصو هٿ ڪري عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکي تعليم کاتي کي ڏنو، جنهن منظور ڪري ڇاپايو؛ ڇاڪاڻ جو ان وقت تعليم کاتي جي طرفان اها ئي ڪوشش هئي، ته ڪو به سنڌي نثر يا نظم، جو اڳ ڇاپيو نه ويو هجي سو هٿ ڪري ڇاپائجي ته سنڌي لٽريچر جو واڌارو ٿئي.

مضمون:

هن ڪتاب ۾ جهوني نموني جي هڪڙي خيالي آکاڻي لکيل آهي، جنهن جي مراد ۽ مقصد هيءُ آهي، ته عشق ۽ محبت جو اثر جنهن انسان تي ٿئي ٿو، سو ڪهڙين به تڪليفن ۽ ڏکن کان منهن نٿو موڙي ۽ ان کي دنيا جا سڀ لڳ لاڳاپا زهر ٿيو اچن ٿا. عشق ۽ محبت وارن کي درد دک جي درياء ۾ تڙڳڻو ۽ طرح طرح فريبن جي اوڙاهه مان اُڪرڻو پوي ٿو، پر دل جي سچائي ۽ ارادي جي پڪائي کي آخر سوڀ ۽ فتح حاصل ٿئي ٿي.

آکاڻيءَ جو اختيار هيٺ ڏجي ٿو:

”مغرور ملڪ جي راجا نوڪر پال کي ڪامسين نالي هڪڙو سدا سهڻو جوان پٽ هو، جو ڪنهن رات پنهنجي ماڙيءَ تي ستو پيو هو، ته ڪو پرين جو جهنڊ مٿان اڏامي اچي لنگهيو، جن کي ڪامسين جي سونهن ڏاڍي وڻي، جڏهن پريون پنهنجي آستان تي وڃي گڏ ٿيون، تڏهن پاڻ صلاح ڪيائون، ته گجرات جي راجا جئه سنگهه راءِ جي ڌيءُ ڪامروپ، جا سونهن سوڀيا ۾ ڪامسين جو تل آهي، تنهن کي ۽ ڪامسين کي ڪنهن طرح هڪ ٻئي ۾ ملاقات ڪرائجي ته بهتر.

سو ڇا ڪيائون. جو هڪڙيءَ رات ڪي پريون ڪامسين کي کٽ سميت مغرور مان کڻي آيون ۽ ڪي وري ڪامروپ کي کٽ سميت گجرات مان کڻي آيون. ڪامسين ۽ ڪامروپ ساري رات پاڻ ۾ رس رهاڻ ڪئي ۽ پرهه ڦٽيءَ جو پريون وري انهن کي کٽن سميت پنهنجي پنهنجي گهر پهچائي آيون. صبح جو ننڊ مان اٿڻ شرط ڪامسين پيو مغرور ۾ ”ڪامروپ! ڪامروپ!“ ڪريو ديوانن وانگر دانهون ڪري، ته ڪامروپ وري گجرات ۾ ”ڪامسين! ڪامسين!“ پڪاريو پئي ڳوڙها ڳاڙي.

”نازڪ جاڳيو ننڊ مون ٿي سوره کي سار

جنهن جو پنڌ پري ٿيو، سو ياد ڪيائن يار،

تنهن ڦاڙي ويس ڦٽا ڪيا روئي زار و زار

پرين جي پچار، لئون لئون منجهه لکائبو.

(ڏوهيڙو 12)

راجا نوڪرپال کي جڏهن خبر پئي ته پٽس ڪامروپ جي برهه ۾ بي حال آهي، تڏهن پنهنجي وزير نظر صاف کي گجرات جي راجا ڏانهن سنڱ وٺڻ لاءِ موڪليائين. راجا جئه سنگهه راءِ پنهنجي ڌيءَ جو سنڱ خوشيءَ سان ڏيڻ قبول ڪيو.

”تڏهن ٻڌي حقيقت حال جي مائٽي مڃيائين،

ناريل چٽي نر ڏي موڙو مڪائين،

ورنہ ڏانهن وهانءِ جو لکيو لکيائين

سام وٺو سائين،اچي ٻارهين مهني پانهنجي.“

(ڏوهيڙو37)

ٻارهن مهنن گذرڻ بعد راجا نوڪر پال پنهنجي پٽ جي شادي ڪرڻ لاءِ مال اسباب گڏ ڪري ڄڃ وٺي گجرات ڏي ٿي ويو ته واٽ تي ڪنهن دشمن اچي وڪوڙيس. نوڪرپال اتي مارجي ويو ۽ ساري ڄڃ ڪوٽ بچائڻ لاءِ موٽي مغرور ڏي آئي.

راجا جئه سنگهه راءِ اها خبر ٻڌي پنهنجي ڌيءَ ڪامروپ وري ٻئي ڪنهن راجا سان مڱائي ڇڏي، جا ڳالهه ڪامروپ کي نهايت ناپسند آئي.

”سڻي حقيقت حال جي ڪامڻي ڪوماڻي،

سک ٿي سمهي ڪينڪي وتي ويڳاڻي،

مٺو نه لڳو منڌ کي پرين ري پاڻي،

نجو نماڻي پيٺ وٺي هي پانهنجي.“

(ڏوهيڙو 50)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org