سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو :4  

سيد صاحب پنهنجين مجلسي تقيرن ۾ جيڪي قاضي قاضن رح جا ٽي بيت لاڳيتا چيا [1] ڪنز قدوري ڪافيه ڪو ڪونه پڙهيوم...... [2] ڪنز قدوري ڪافيه جي پڙهي پروڙين سڀ......... [3] لوڪان نحو صرف...... تن ٽنهين بيتن ۾ اهو ساڳيو مضمون سمايل آهي، جو مثنوي شريف جي مٿئين بيت ۾ سمايل آهي. (رساله ڪريمي بيت 44، 45، 46)

(5) دفتر ٻيو، حڪايت چوٿين:

واز جهان فڪر تي اي ڪم زخر،

ايمن و غافل چو سگي بي خبر،

باش تا روزي که آن فڪر و خيال،

پر ڪشايد بي حجابي پروبال.

يعني:” تون فڪر ۽ ڌيان جي دنيا کان پٿر وانگر بي خبر، ويسلو ۽ بي اونو آهين: تون ته گڏهه کان به گهٽ آهين! ڪو وقت فڪر ۽ ڌيان ۾ گذاري ڏس، ته اهو فڪر ڌيان ڪيئن ٿو انداز جا پردا کولي.“

(6) دفتر پنجون حڪايت پنجين:

فڪر را اي جان بجاءِ خويش دان

زانکه شخص از فڪر دارد قدرهان!

فڪر غم گر راه شادي مي زند

ڪار سازيهاءِ شادي مي ڪند

يعني:” فڪر ۽ ويچار کي اي پيارا پنهنجي ساه جيان سمجهه، ڇاڪاڻ جو انسان فڪر جي ڪري ئي بيشڪ آب مان حاصل ڪري ٿو. فڪر ۽ ويچار جيتوڻيڪ ظاهري خوشيءَ کي مات ڪريو ڇڏي، ته به حقيقي خوشيءَ جون پورايون ڪري ٿو.“

جو مضمون مثنوي شريف جي مٿين چئن بيتن ۾ سمايل آهي، سو سمورو مضمون سيد صاحب سليس ۽ سوليءَ سنڌيءَ جي فقط هڪڙي بيت ۾ سمائي ڇڏيو آهي:

فڪر ڪر پرکي ور ونگائي لاهه (وکائي لاءِ)

سائي ساري هٿ ڪر، سڄڻ جا سياءِ.

(رساله ڪريمي بيت 36)

(7) دفتر ڇهون حڪايت نائين:

بهر ديده روشنان يزدان فرد

شش جهت را مظهر آيات کرد

تا بهر حيران نامي بنگرند

از رياض حسن رباني چرند

بهر آن فرمود با آن شاه او

”حيث وليتم فثم وجهہ.“

 يعني:” اندر جي سوجهري وارن لاءِ خدا تعالى ڇهن ئي طرفن کي پنهنجين نشانين جو جلوه گاهه بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ ته هر هڪ وڌندر ويجهندڙ پسون ڏي ويچار جي نظر سان ڏسن ۽ خدا تعالى جي لاثاني حسن جي باغن مان راحت حاصل ڪن. انهيءَ سبب ڪري خدا تعالى حضرت نبي سڳوري صلعم جن کي قران شريف ۾ فرمايو آهي ته ”اوهين جنهن طرف منهن ڦيرندؤ، تنهن طرف خدا تعالى موجود آهي.“

مثنوي شريف جي مٿين ٽنهي بيتن جي مراد سيد صاحب هڪڙيئي بيت ۾ سمائي ڇڏي:

سوئي هيڏانهن سوئي هوڏانهن سوئي من وسي،

تنهين سندي سوجهري سوئي سو پسي.

(رساله ڪريمي بيت 35)

 

(8) دفتر ٻيو حڪايت ٽين:

تو مڪاني اصل تو در لا مڪان

ايند کان بربند و بکشان آن دکان

يعني:” تو ۾ دوست جو آستان آهي، تنهنجو اصل وطن روحاني جهان آهي: دل جا دروازا هن دنيا جي طرف کان بند ڪر ۽ روحاني دنيا ڏانهن کول.“

مٿئين بيت جو مضمون سيد صاحب هن طرح پيش ڪيو آهي:

جي لياڪا لوڪ جا جان جان سي نه لٽاءِ!

تان تان ٿئي نه ماءِ، پسڻ پورو پرينءَ جو.

(رساله ڪريمي بيت 27)

(9) دفتر ٻيو حڪايت چوٿين:

از خودي  بگذر که تا يابي خدا

فاني حق شوکه تا يابي بقا

چون زخود رستي همہ برهان شدي

چونکه گفتي بنده ام سلطان شدي

يعني:” پاڻ ڦٽو ڪر ته خدا توکي حاصل ٿئي: حق ۾ فنا ٿيءُ ته بقا حاصل ٿئيئي. جڏهن پاڻ ڦٽو ڪندين، تڏهن ساروئي سوجهرو بڻجي ويندين. جڏهن پاڻ کي ٻانهو بڻائيندين، تڏهن بادشاهه بڻجي پوندين.“

سيد صاحب مختصر ۽ سليس سنڌيءَ ۾ مٿيون خيال هن طرح ٿو سمجهائي:

پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءَ لهه

تهان ڌار به سپرين، منهن منجهائي پاءِ.

(رساله ڪريمي بيت 21)

(10) دفتر پنجون حڪايت پنجين:

اين دهانش نڪته گويان يا جليس

وان دگر با حق بگفتار و آنيس

گوش ظاهر ضبط اين افسانه ڪن،

گوش باطن با ادب اسرار ”ڪن“

چسم ظاهر ضابطه حليه بشر

چشم دل حيران مازاغ الصبر

دست ظاهر مي کند دادو ستد

دست باطن برور فرد صمد

پاءِ ظاهر در صف مسجد صواب

پاءِ باطن فوق گردون در طواف.

يعني: سچي عاشق جو ظاهر وات هم نشينن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ لڳل رهي ٿو ۽ سندس دل جو وات خدا تعالى سان ڳالهائيندڙ ۽ وندرندڙ رهي ٿو. تون به پنهنجن ظاهر ڪنن سان هن زماني جون آکاڻيون سڻ، پر اندروني ڪنن کي ’ڪن فيڪون‘ جي اسرارن ڏي رڌل رک. ظاهر ياکيون ڀل ته ماڻهن جي منهن مهانڊن ڏسڻ ۾ لڳيون رهن، پر اندريون اکيون حقيقي ديدار ۾ مست هجن. ظاهر هٿ زماني جي ڏيتي ليتي ڪن ٿا، پر اندريان هٿ واحد خدا جي چانئٺ تي چمبڙيا رهن ٿا، ظاهري پير مسجد ۾ صفون بڻايو بيهن ٿا، پر باطني پير عرش تي طواف ڪرڻ لڳا رهن ٿا.

مثنوي شريف جي مٿين پنجن بيتن جو مضمون تفصيل سان آيل آهي، سو سمورو مضمون سيد صاحب فقط هڪڙي بيت ۾ اهڙي نزاڪت سان آندو آهي، جو گويا ڪوزي م درياءُ سمائي ڇڏيو اٿس:

هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ،

کڏيون ۽ کروتون اي پڻ سڳر ٿوڪ.

(رساله ڪريمي بيت 8)

 مٿيان ڏهه مثال فقط نمونه طور ڏنا ويا آهن. حقيقت جي ڳالهه هيءَ آهي، ته سيد عبدالڪيم رح جي ڪلام جو سارو مضمون مثنوي شريف جي رنگ ۾ رڱيل آهي. تفاوت صرف هيءُ آهي، جو مولوي رومي عليہ الرحمته طرحين طرحين آکاڻيون ۽ نقل ڏيئي تن مان روحاني نڪتا ۽ نصيحتون ڪڍي ٿو، پر سيد صاحب آکاڻيون ۽ نقل ڇڏي فقط روحاني گفتا ۽ فقيي هدايتون پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪري ٿو.

(ب) طرز تي اثر: سيد عبدالڪريم (عليہ الرحمته) جي ڪلام جو مضمون ايراني آهي، مگر سندس ساخت ۽ طرز نج هندستاني آهي. قديم زماني کان وٺي هندستان جا شاعر تاريخي، مذهبي خواه روحاني مضمون وارو شعر هڪڙي خاص طرز تي چوندا آيا، جنهن طرز کي ”دوها“ يا”دوهرا“ چوندا آهن. دوها يا دهرا جي معنى آهي ٻن سٽن وارو نظم

شاه عبدالڪريم جي ڪلام جو پوين شاعرن تي اثر

سيد عبدالڪريم (عليہ الرحمته) کان پوءِ ويجهي ۾ ويجهو جيڪو شاعر سنڌ ۾ پيدا ٿيو، جو سنڌ جي شاعرن جو سرتاج ۽ نج سنڌي راڳ جو بانيڪار ليکجي ٿو، سو هو سيد عبدالليف ڀٽائي (عليہ الرحمته)، سيد عبدالڪريم جي ڪلام ۽ ان جي مثال تي شاه ڀٽائيءَ جي ڪلام جي پيڙهه ٻڌل آهي، ۽ شاه ڀٽائيءَ کان پوءِ جن جن شاعرن علم موسيقيءَ جي اصول تي شعر ٺاهيا اهن، تن شاه ڀٽائي جي ڪلام جي طرز اختيار ڪئي آهي ۽ ان طرز ۾ مٽون سٽون ڪيون اٿن. تنهن ڪري سنڌ جي شاعريءَ تي سيد عبدالڪريم عليہ الرحمته جي ڪلام جو اثر غالب ليکبو.

رساله ڪريمي جي پهرئين بيت ۾ شاه صاحب جي مٿئين بيت جو مضمون هوبهو ساڳيو آهي، فقط لفظ ٻيا ٻيا آهن.

 

سنڌي علم ادب جو بنياد وجهندڙ ابو الحسن

(1075 هجري مطابق 1661ع)

”اڄاڻن جون اٻوجهون سڄاڻ سنيون ڪن،

ڍلا پٺ ڀلن جي رڙهي راه پون.“

(مقدمہ الصلواه صفحه 57)

1650ع کان پوءِ نواب حفظ الله جي حڪومت ۾ ننگر ٺٽي ۾ هڪ اهڙي تحريڪ جاري ٿي، جنهن ڪري سنڌي عالمن مجبور ٿي پارسيءَ ۽ عربي جي بدران سنڌي زبان ۾ تصنيف شروع ڪئي. بغدد جي مشهور قطب رباني سيد شيخ عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان شيخ يوسف الدين بغدادي ٺٽي ۾ آيو ۽ سنس وعظ ۽ نصيحت جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ ڪيترا غير مسلم اسلام ۾ داخل ٿيا. سنڌ ۾ ڪڇ جا ميمڻ (مومن) انهيءَ شيخ جي هدايت تي ٺٽي ۾ مسلمان ٿيا.

ايترن نو مسلمن کي، اسلام جي قاعدن قانونن کان واقف ڪرڻ لاءِ زباني وعظ نصيحت  ڪافي نه هئي، تنهن ڪري ان وقت جو مشهور عالم فقه مولو ابو الحسن، جو سنڌ جي تختگاه ٺٽي ۾ هو، تنهن سمجهيو ته ايترن عمر رسيده ماڻهن کي پارسي، عربي سيکاري اسلامي واقفيت ڏيڻ خاص ڪري فقه جي مسئلن کان واقف ڪرڻ ممڪن نه آهي، تنهن ڪري هن ماڻهن جي مادري زبان يعني سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن ڪهڙيءَ طرح پارسي، عربي لفظن مان ڀڃ گهڙ ڪري سنڌي الف بي ٺاهي، تنهن جي سمجهاني حيٺ ڏجي ٿي. هتي اسان کي معلوم ڪرڻو آهي ته مولويءَ جا عربيءَ ۾ ڪيترا ڪتاب لکيل آهن،  پر سنڌيءَ ۾ رڳو هڪ مقدمه الصلوات  يا ابو الحسن جي سنڌي آهي. ڪتاب جو مضمون نماز ۽ وضوءَ  جي مسئلن تي آهي. مولوي صاحب جي سنڌي هڪ خاص نظم ۾ آهي، جنهن کي ابو الحسن جي سنڌي سڏين ٿا. اها ابو الحسن جي سنڌي، مولوي ابو الحسن تائين محدود نه رهي، پر سنڌ جي مشهور عالمن ۽ فقيهن پنهنجي تصنيفات، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي حڪومت تائين انهيءَ سنڌيءَ ۾ ڪئي. مخدوم ميان محمد هاشم، مخدوم ضياءُ الدين، ميان عبداللطيف، مخدوم عبدالله، ميان غلاممحمد، حاجي ميان عبدالله، عبدالسلام ۽ ٻين ڪيترن عالمن ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ ڪتب لکيا. ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب تخميني 50 کن ٿيندا، جي انگريزن جي اوائلي وقت تائين سنڌ جا مسلمان ڏاڍي چاه سان پڙهندا هئا. ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب سڀيئي ليٿو ۾ ڇاپيل آهن، جن کي وڏيءَ عزت جي نگاه سان ڏبو آهي. هن وقت اها سنڌي جا اڳ م ننڍا ننڍا ٻار مڪتبن ۾ پڙهندا هئا ۽ گهر گهر ۾ زالون مطالع ڪنديون هيون. سا ڏکي ۽ مونجهاري واري ليکجڻ ۾ اچي ٿي. تنهن جو سبب اهو آهي. جو هڪ ته ليٿو جو رواج وڃي بند ٿيندو ۽ ٻيو ته لفظن جي صورتخطي به گهڻي ڦريل آهي. تنهن کان سواءِ ڪيترن لفطن جو محاورو به استعمال ۾ ڪونهي.

ابو الحسن پنهنجو ڪتاب مقدمہ الصلوات سال 1700ع ڌاري لکيو يعني سنڌي ۾ پهرين ڪتاب کي لکئي 249 سال ٿيا آهن. 1700ع کان اڳ ڪو به سنڌي ڪتاب لکيل ڪونه هو. مولوي ابو الحسن صاحب پنهنجو مقدمہ الصلوات 1715ع تائين پاڻ ٺٽي ۾ پاڙهندو هو ۽ سمجهائيندو هو. انهيءَ سال ڌاري پاڻ حج جي ارادي سان مڪه معطم ڏانهن روانا ٿيا. مولوي صاحب جي اسهڻ کان پوءِ مخدوم محمد هاشم مولوي صاحب جو برپا ٿيل ڪم زور شور سان ڪرڻ لڳو. مقدمہ الصلوات  جي فقهي جي مسئلن ۾ ڪي اوڻايون ڏٺائين، جي کيس نه وڻيون. روايت طور ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته مخدوم صاحب جو ارادو هو ته مقدمہ الصلوات مرڳو بند ڪجي ۽ ان جي عوض سندس ”فرائض اسلام“ ڪتاب  پڙهجي، پر مولوي صاحب جي شاگردن اعتراض ورتو. تنهن تي مخدوم صاحب انهن شاگردن جي مرضي رکي مقدمہ الصلوات ۾ ٻن ٽن هنڌن تي درستيون ڪيون ۽ ڪتاب جي حاشيه تي پنهنجي صحيح ڌائين. اهي درتيون ۽ مخدوم صاحب جي صحيح اڇان تائين مقدمہ الصلوات ۾ موجود آهي.

ابو الحسن مرحوم کي سنڌي صورتخطي ٺاهڻ ۾ جا دقت پيش آئي سا خاص طرح نج سنڌي آواز ڏيکاريندڙ حرفن ٺاهڻ ۾. نج سنڌي آواز ڏيکاريندڙ حرفن جي هاڻوڪي مقرر ٿيل صورت هي آهي:

ٻ ڀ ٿ ٽ ٺ ڦ ڄ جهه ڃ چ ڇ ڌ ڏ ڊ ڍ ڙ ک ڳ گهه ڱ ۽ ڻ.

مولوي صاحب مٿين نج سنڌي حرفن لاءِ هيٺيون صورتون مقرر ڪيون هيون:

ب= (هاڻوڪي صورت) ب؛ ڀ = بهه؛ ٿ  = تهه؛ ٽ  = ت (ڪٿي ڪٿي وري ) ڻ يا تر؛ ٺ = تهه؛ ڦ = ف (ڪٿي ڪٿي وري) پهه؛ ڄ ۽ جهه = ج؛ ڃ = نج (جيم جي اڳيان نون غنه)؛ ڇ = جهه؛ ڏ = دهه (ڪٿي ڪٿي وري) د؛ ڏ = ڻ؛ ڊ = در؛ ڍ = ڊ؛ ڙ= ر: ک =کهه؛ ڳ ۽ گهه = گ، ڱ = نگ (گاف اڳيان نون غنه)؛ ڻ =ن

ابو الحسن جو شعر

اصلوڪي هندستاني شعر، جنهن کي ”دوها“ يا ”دوهرا“ سڏين ٿا تنهن جا (3) نمونا آهن؛(1) ڪبت (2) دوهرا (3) بيت علم موسيقي موجب جيڪو وزن ”دوهرا“ لاءِ ٺهرايل آهي، تنهن وزن ۾ پنڌرهن ويهه لاڳيتيون هم قافيه مصرعون هجن، ته اهڙي شعر کي ”ڪبت“ چئبو آهي. بعضي ته سارو قصو يا آکاڻي ”ڪبت“ ۾ هوندي آهي. اهڙي شعر ۾ اصلوڪيون سنڌي آکاڻيون چيل آهن. جي ڀٽ فقير تنبورن تي ڳائيندا وتندا آهن. مولوي عبدالرحمان جو ٺاهيل ”سنڌي نور نامون“ سڄوئي ڪبت نموني جو سعر آهي، ڇاڪاڻ جو پهرين مصرع جو قافيو الف (آ) ورتو اٿس، ته سارو ئي ڪتاب انهيءَ قافيه ۾ وڃي پورو ڪيو اٿس، اوائل ۾ شامل ٿيل سرڪاري سنڌي چوٿين ڪتاب ۾ سيد ڪبير شاه جا ٻه ٽي دلچسپ سنڌي ”ڪبت“ لکيل آهن. دوها ۽ دهرا اهو شعر آهي. جنهن ۾ فقط ٻه ٻه سٽون پاڻ ۾ هم افيه هجن ۽ ٻنهي جو قافيو پڇاڙيءَ ۾ڪم آيل هجي. قاضي قاضن ۽ شاهه عبدالڪريم جو سمورو ڪلام انهيءَ قسم جو نظم آهي. دهرا جو سڌريل نمونو جنهن کي ڏوهيرو يا بيت چون ٿا. جنهن جو باني شاهه ڀٽائي ليکيو وڃي ٿو، تنهن ۾ به ٻه وڌيڪ سٽون پاڻ ۾ هم قافيه ٿين ٿيون. پهرين سٽ جو قافيو بعضي بعضي وچ ۾ اچي ٿو پر پوئين سٽ جو قافيو هميشه وچ ۾ ايندو آهي، باقي وچ وارين سٽن  جا قافيا پڇاڙيءَ ۾ ايندا آهن. ابو الحسن مرحوم پنهنجي ڪتاب ”مقدمہ الصلوات“ ۾ نظم جا مٿيان ٽيئي نمونا ڪتب آندا آهن.

مثال پهريون (نماز جي رڪوع بابت سمجهاڻي)

مٿي مونن هٿڙا نيئي نر تان ڏيج

ڪري ڪشاديون آڱريون محڪم پر پڄيج

پر آڱريون عوراتن کي تئن م اپٽائيج

رکن مر لڳ ڪري ساري سيکاريج

ٻانهون ساري ٻئي سي مونا م موڙيج

پورو مٿو پٺ سين جوڙا جوڙ ڪريج

مهه اچو جهلج اُٺ جئن م رڍ جئن لاڙيج

جئن رکيو پاڻي نه رڙهي اِنپر پٺ جهليج

پر پٺيون عوراتن کي ائن م اڏائيج

سر نائين ٿورڙو ساري سمجهائيج

ٽي ڀيرا تسبيح کي ڳجهوئي ڳڻيج

پنجون پٺيون پيرن جون نظر نهاريج

تانپي ڳريا تن جا ريڙهي ٻئي لائيج

اي پڻ آهي اڳري سنت سا ڄاڻيج

پر صحيح قول ڪتاب ۾ هن پر پروڙيج

جئن لائڻ ڳريا پاڻ ۾ ڪراهت سمجهيج

سي ٻئي حال رڪوع ۾ مورا ۾ جوڙيج

چئين آڱرين جو فاصلو بنهي وچ ۾ رکيج

قيام ۽ سجدي م پڻ ايءَ ئي پر پاريج

ڇهون اکيون پڌريون ستون قرم ڪريج

پر قومان ٿي سجود ڏانهن سنئين پٺي منيج

جيڪي ذڪر جتهين سو تتهين پڄائيج.

هڪڙي جو هنڌ ٻئي نيئي م رسائيج.

اهو نظم جو نمونو مولوي صاحب سڄي ڪتاب ۾ فقط ٻن ٽن هنڌن ڪم اندو آهي.

مثال ٻيو: (نماز جي ضرورت بابت)

1-  هاڻي سڻ سڃاڻ تون هنئين جن ڪنن

ته صحي پڇيو سڀڪو ڪارڻ پاڻ ڪمن

2-     پر پڇ پهرين قيام ڏينهن وحدت ڌڻيان پوءِ

ٿيندي صحي صلوات جي شڪ مڀائج ڪوءِ

3-  تانت ترسي تنهنجا شرط سڀيئي سک

ڪنان ڄيري ڄڀئين پاڻ پرا هون رک.

ابوالحسن پنهنجي سنڌي ۾ گهڻي قدر اهو دوهري جو نمونو ڪم آندو آهي.

مثال ٽيون: ( بيمار جي بدني صفائي بابت)

1-   مڙس محرم مڙس ٿئي جو محرم جوءِ

توڻي ماءَ ڀيڻ سڳي توڙي گولي هوءِ

هاڻي هنيا پوءِ، سک صورت نهه لهرائڻ جي.

2-     پير جيڻي جي چيٽ ڪنان ننهن کي لاهي

ڏائي پير جي چيت اتي نيئي پڄائي

شرح ۾ مشڪواه جي ائين فرمائي

مبارڪ متبرڪ کهي صورت ايءَ آهي

هاڻي هنئين لائي پڙهه مسائل غسل جا.

نظم جو اهو نمونو مولوي مقدمہ الصلوات ۾ پنجن ڇهن هنڌن تي ڪم آندو آهي.

قافيه بنسبت مولوي صاحب ڪٿي ڪٿي گهڻي خبرداري ڪم آندي آهي ۽ ڏاڍي باقائدي ۽ سهڻا قافيا ڪتب آندا اٿس. مثلاً:

وضوءَ جون صنعتون

سر اوباري آب سين ڪجن مک ڪنن

اهي هريون آڱريون ڦيري ڪنڌ ڏجن

سنئون سار وضوءَ جون دل سين دعائون

ته مولو مرهي مون ڌڻي خالق خطائون

دعائون وضوءَ جون مڙئي معنى ساڻ

اتي سڀڪنهن آنڱرين پڙهه پروڙي پاڻ.

ڪن ڪن هنڌن مولوي صاحب تمام اڻ سهائيندا قافيا به ڪم آندا آهن. پر سڄي ڪتاب ۾ اهڙا هنڌ ٿورڙا آهن. مثلاً:

1-  آهي اسلام حق اِي ۽ ڪفر ڪافر ڪوڙ

سائين ثابت رکهون اسلام اتي مڃو سون رسول

2-     هڪڙو ڌئڻ هٿ ٻئي ٻيو پايتي ماڳِ

ٽيون لڳي پليتي لڱ کان ڌوئي ڪرج پاڪ

3-  اي پنڌرهن فرض ٿيا هاڻي واجب ڄاڻ

نه تسي جو ڏيهه ڌڻي سٻاجهو سلطان.

وزن نسبت ابو الحسن سڄي ڪتاب ۾ اها پورائي رکندو آيو آهي، جا علم موسيقي جي اصولن موجب دوهرن لاءِ مقرر ٿيل آهي، مگر جن جن مصرعن ۾ عربي آيتون ۽ تڪون ڪم آڻڻيون پيون، تن تن هنڌن مصرعن جو وزن لنبو ٿي ويو آهي. عربي آيتن ۽ تڪن ڪم آڻڻ جي حالت ۾ شاهه عبدالڪريم ۽ شاهه ڀٽائي جي ڏوهيڙن جون مصرعون به وزن ان ٻاهر نڪريو وڃن.

ڪتاب جو مضمون: ابو الحسن مرحوم کي مقد،ہ الصلوات ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، تنهن بابت مٿي چيل آهي. مولوي صاحب فقہ جي وڏن وڏن معتبر عربي ڪتابن مان مسئلا چونڊي مقدمہ الصلوات  ۾ بيان ڪيا اهن، جتي جتي ڪو اخلاقي مسئلو بيان ڪيو اٿسم، اتي اصل ڪتاب جو حوالو به ڏنو اٿس.

تحفة الڪرام ۾ ميان ابو الحسن بابت لکيل آهي ته ”هو وڏو عالم هو ۽ ٺٽي ۾ پڙهائيءَ جو ڪم ڪندو هو. هن جو نسڌي نظم سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. پاڻ وڏي عمر ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪيائين. جڏهن پيريءَ جو وقت ٿيس ۽ پيش امامي ڪري نه سگهيو، تڏهن پنهنجي ڀاڻيجي مخدوم عبدالله کي چيائين ته ”ابا، موريا، مون ۾ هاڻمسجد ۾ پيش امام ٿيڻ جي پهچ ڪانهي. تنهن ڪري منهنجي مرضي آهي، ته منهنجي پاران تون مسجد جو پيش امام ٿي رهه، پر لاچار جهڙي ڳالهه هيءَ آهي، جو توکي اڃا ڏاڙهي آيل ڪانهي.“ ائين چئي پنهنجو ساڄو هٿ مخدوم عبدالله جي ڳلن ۽ کاڏيءَ تي ڦيريائين. اهو اڳين نماز جو وقت هو. ساڳئي ڏينهن وچين نماز کان مخدوم عبدالله کي ڏاڙهي اچي ويئي. ميان ابو الحسن جي فرمودي موجب، پيش امام ٿي جماعت کي وچئين پڙهايائين. تحفته الڪرام ۾ ميان ابو الهسن جي ٻيءَ ڪرامت جو به ذڪر آندل آهي. ”ميان ابو الحسن عليہ رحمت وٽ سندس ڪنهن معتقد اچي پڪاريو ته نواب شهابت خان جو فلاڻو نوڪر، منهنجي گهر ۾ حڪمان حڪم لنگهيو اچي ۽ جئن وڻيس ٿو، تئن هلتون ڪريو هليو وڃي.“ ميان ابو الحسن کي ان جي حال تي ڏاڍو ترس آيو ۽ پنهنجي ڀاڻيجي مخدوم عبدالله کي سڏي چيائين ته ”ابا، موريا، پير پٺي اولياءَ کي منهنجا سلام وڃي ڏي ۽ چوينس ته مهرباني ڪري انهيءَ ظالم کي ٽاريو. جنهن غريب اشراف کڻي رنجايا آهن.“ مخدوم عبدالله پره ڦٽيءَ کان اڳ پير پٺي وٽ ويو ۽ موٽي آيو. نواب جو نوڪر جئن انهيءَ غريب جي گهر ڏانهن پئي ويو، تئن واٽ تي اهڙو ٿاٻو آيس، جو ٿڙي ٿڙي وڃي هڪڙي ڪلي تي پيٽ ڀر ڪريو ۽ آندا نڪري پيس ۽ اتي جو اتي مري ويو.“  مخدوم عبدالله پنهنجو ڪتاب ڪنزالعبرت 1175هجري ۾ لکيو، جئن مصنف پاڻ لکي ٿو.

”تحقيق جڏهن هي تمام ٿيو نسخو سنڌيءَ واءِ

تڏهن ڪنزالعبرت سنڌي رکيم تنهن جو نانءُ

تيئن هئا اڪاره سؤ ۽ پنجهتر ورهن گذريا

ڪنا هجرت حضرت رسول جي جو نور الانبيا

پڻ ٽهين تاريخ سان هئي سنڌي ماه رمضانا،

۽ ڏينهن هو سومار جو وقت نماز ضحى.“

تحفته الڪرام وارو لکي ٿو ته جڏهن ابو الحسن بلڪل پير مرد هو ۽ نماز نه پاڙهي سگهندو هو، تڏهن مخدومعبدالله لاسڙاٽ جوان هو، يعني تخمينا سندس عمر 15 ورهين جي هوندي. ٺٽي مان وڏن پير مردن عالمن مان به معلوم ٿيو اهي ته ميان ابو الحسن وڏي عمر ۾ يعني 90 ورهن جي عمر ۾ وفات ڪئي. انهيءَ حساب سان مخدوم عبدالله پنهنجو ڪتاب ڪنز العبرت ميان ابو الحسن جي وفات کان ڏهه ورهيه پوءِ 1185ع ۾ لکيو. جڏهن سنس عمر 25 ورهيه هوندي. جنهن صورت ۾ ابو الحسن جي تارخ نڪي تحفته الڪرام وارو ڏئي ٿو ۽ نڪي سندس تصنيف مان ملي ٿي، تنهن صورت ۾ سندس ڀاڻيجي، مخدوم عبدالله جي تصنيف جي آڌار تي 1075هجريءَ ۾ شمار ڪئي ويئي اهي.

 

مخدوم ضياءُ الدين

(1091هجري برابر 1677ع)

عاجز هن عاصيءَ کي رکين دوزخ کا

مرهين مون کيڌڻي فضل سين ڪرما

(سنڌي ضياءُ الدين 156 صفحه)

سهروردي طريقي جو مشهور اڳواڻ بزرگ شيخ شهاب الدين سهروردي (رحمت الله عليه) جو بغداد ۾ رهندو هو ۽ هجري سنه 632 ۾ وفات ڪئي هئائين، تنهن جي اولاد مان ضياءُ الدين هو.

مخدوم ضياءُ الدين جو پڙ ڏاڏو مخدوم الياس سومرن جي صاحبيءُ ۾ عراق کان لڏي سنڌ ۾ آيو، ’جوڻ‘ äشهر ۾ اچي رهيو، جو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو تخت گاهه شهر هو. مخدوم الياس جو پوٽو مخدوم هارون جوڻ مان لڏي ٺٽي ۾ اچي رهيو، جتي 1091 هجري ۾ يعني 1677ع ۾ مخدوم ضياءُ الدين ڄائو.

مخدوم عنايت الله جوٽي جي عالمن سڳورن جو سرتاج ليکبو هو، تنهن وٽ مخدوم ضياءُ الدين تعليم حاصل ڪئي.

مخدوم ضياءُ الدين اسي (80) ورهين جي عمر ۾ سنه 1171 هجري ۾ وفات ڪئي. مخدوم صاحب جو سنڌي نظم ۾ ٺاهيل ڪتاب اڄ ائين مشهور آهي، جنهن کي ”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي“ سڏيندا آهن.

مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي

(1) مضمون:

مولوي ابو الحسن، جنهن اول اول سنڌي نظم ۾ ”مقدمته الصلوات“ ڪتاب لکيو هو (جو ”ابو الحسن جي سنڌيءَ جي نالي سان مشهور آهي) سو مخدوم ضياءُ الدين کان ٿورو اڳڀرو گذري ويو هو. ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ جيڪو وضوءَ ۽ نماز بابت مضمون ڏنل آهي، سو ساڳيو (پر نرالي نموني سان) ۽ ٻيا گهڻا وڌيڪ مسئلا گڏ ڪري مخدوم ضياءُ الدين پنهنجو علحدو ڪتاب تيار ڪيو، جنهن کي نالو ڏنائين ”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي.“

مخدوم صاحب ڪتاب جي منڍ ۾ فرمائي ٿو:

”مسائل جي دين جا سي گهڻا ۽ گهاٽا،

سڀني ڪتابن جي عالمن لکيا ۽ چيا،

تنهي منجهان ڪيترا مون سنڌي ۾ لکيا،

ته سنڌي سکهي سڀڪو مان پهي سچ منجهان.“

(2) مضمون؛

مخدوم صياءُالدين صاحب به پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙوئي ڏوهيڙن جو سلسلو ڪم آندو آهي، جهرو ان وقت جي ٻين عالمن پنهنجن پنهنجن مذهبي ۽ اخلاقي ڪتاب وارن نظمن ۾ ڪتب آندو آهي؛ يعني ڪي چئن، پنجن يا وڌيڪ مصرعن وارا آهن. مثال طور ٻه ڏوهيڙا هيٺ ڏکن ٿا:-

(1)

پهريون فرض جو ٿئي بعد بلاغت،

ايءُ ڪلمو آهي نبي اتي جو صاحب آهي سفاعت.“

(2)

”جي مڙيو هوءِ ڪنهن ماڳ ۾ پاڻي پاڪيزو؛

جي هوءِ سو ڏهه ۾ سوڌو عذيرو؛

اونهائي تنهن پاڻيءَ جي نريءِ جئن ڀريو؛

وضو غسل ان ۾ توکي رهيندو؛

پر ي پوءِ پليتي ان ۾ جئن تنهن ساءُ مٽيو؛

جان بوءِ ڪيائين بڇڙي ڪ سائو تنهن رنگو؛

ته وضو غسل ان مان عاقل ڪو نه ڪندو.”

سنڌي:

مخدوم صاحب جي ڪتاب ۾ ڪي نڪرا نظم جا پيش ڪري انهن جي نثر لکجي ٿو، جنهن مان چڱيءَ طرح معلوم ٿيندو، ته مخدوم صاحب جن، ڪهڙي نموني جي سنڏي ڪم آندي آهي.

ٻارن جي تعليم و تربيت جي شروعات

فرض آهي ماءُ پي تي سعي سوڏي تي،

تو موڪلي مڪتب ۾ صغير وڏيءَ ست،

ته تابع ٿئي طبيعت جو مومن وڏيءَ مت،

راتو ڏينهن ٻالڪ ڪري نماز پرت،

ڏهن ورهن جو جي ٿئي، ته ان ماري،

ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي،

جي غافل ٿئي نماز ۾ ڪڏهن اسارو،

ته هڻج هڪلج ان کي متان او ٿئي امارو،

پڄي ڏات نماز جي سوڌو سنوارو،

سکج سنڀهج سانجهرو رات ۽ ڏينهاڙو،

ڪهه ڪلمو نبي تي ته ٿئين مسلم موچارو.

سنڌي (نثر)

ماءُ پيءُ سوڏيءَ ڀت سعي فرض آهي ته صغير (کي) وڏيءَ سٿ (واري) مڪتب ۾ موڪلي، (انهيءَ لاءِ) ته (هو) تابع (۽) طبيعت جو وڏيءَ مت وارو مومن ٿئي (۽ اهو) ٻالڪو رات ڏينهن نماز سين پريت ڪري. 2- (مائٽ کي گهرجي ته ٻار) جي ڏهن ورهن جو ٿئي، ته ان کي نماز نه پڙهڻ جي صورت ۾ )مر ماري (مار ڏئي)، (۽) ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي. 3- جي (ٻار) ڪڏهن نماز (پڙهڻ) ۾ غافل ۽ اسارو ٿئي، ته ان کي هڻج ۽ هڪلج متان اومارو ٿئي، (انهيءَ لاءِ) ته سوڌو سنوارو نماز جي ڏات کي پڄي، رات ۽ سانجهرو سنڀهج ۽ سکج، حضرت بي (صلعم) جن تي ڪلمو ڪهه ته، موچارو ٿئين.

 

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

(1104-1175 هجري مطابق 1690-1761ع)

”سڀ ساراهون رب کي جو خاوند خلقڻهار،

سٻاجهو سڀئين پرئين ڏڏن جو ڏاتار.“

مخدوم محمد هاشم عليه الرحمته جا وڏا حارث خاندان جا عرب قريش هئا. سندس والد مولوي عبداللطيف ميرپور بٺوري ضلع ڪراچي ۾ رهندو هو، جتي تاريخ 10 ربيع الثاني سنه 1104 هجري ۾ مخدوم صاحب تولد ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد مولوي عبداللطيف وٽ حاصل ڪيائين. تنهن کان پوءِ ٺٽي وڃي اول مخدوم محمد سعيد وٽ ۽ پوءِ مشهور عالم مخدوم ضياءُ الدين وٽ تعليم حاصل ڪري تحصيل ڪيائين.

سنه 1113 هجري ۾ مولوي عبداللطيف وفات ڪئي. پيءُ جي وفات کان پوءِ مخدوم محمد هاشم، ٺٽي ۾ تعليم وٺندو رهيو. تحصيل ڪرڻ بعد پهريائين ميرپور بٺوري جي ويجهو محرابپور ڳوٺ ۾ اچي ديني تعليم جو مڪتب کوليائين. اتي جا ماڻهو مخدوم صحب جو قدر ڄاڻي نه سگهيا: جيئن جيئن مخدوم صاحب خلق کي اسلامي حڪم تي هلڻ ۽ شريعت تي پابند رهڻ لاءِ تبليغ ۽ تاڪيد ڪندو رهيو، تيئن تيئن ماڻهو ويا سندس مخالف ٿيندا. نيٺ مخدوم صاحب محرابپور کي ڇڏي، لڏي پلاڻي اچي ٺٽي ۾ رهاڪو ٿيو ۽ اتي اچي پنهنجو مڪتب جاري ڪيائين.

ٺٽو ان وقت علم ۽ هنر جو مرڪز هو. منجهس جدا جدا فرقن جا وڏا وڏا عالم ۽ صوفي درويش رهندا هئا، ۽ علمي مجلسن ۽ بحث مباحثي جو چڱو چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. مخدوم هاشم جو مڪتب به ٺٽي ۾ ڄمي ويو ۽ سندس مذهبي تقريرون ۽ تحريرون به ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويون. ٺٽي ۾ هيترن عالمن هوندي به اسلام جي اصولن جي بر خلاف ۽ غير شرعي ڪم تمام گهڻا ٿيندا هئا. اصل کان وٺي اسلامي حڪومتن جو دستور هوندو هو ته اسلامي اصولن ۽ شريعت جي پابنديءَ لاءِ حڪومت جي طرفان خلق تي سخت نظر داري رهندي هئي. پر مخدوم صاحب جي زماني ۾ حڪومت جي طرفان اسلامي اصولن ۽ شريعت جي پابنديءَ بابت خلق تي ڪابه پڇا ڳاڇا ڪا نه هئي. انهيءَ بابت مخدوم صاحب ان وقت جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي جي دربار ۾ هڪڙي اثرائتي درخواست لکي، جنهن تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پارسي زبان ۾ هڪڙو پروانو مخدوم صاحب ڏي لکي موڪليو، جنهن موجب سڀ سرڪاري عملدار ۽ ڪامورا غير شرعي ڪمن بند ڪرائڻ لاءِ مخدوم صاحب سان ٻانهن ٻيلي ٿي رهڻ واسطي ٻڌل رهيا.

سنه 1135 هجري ۾ مخدوم صحب حج ڪرڻ ويو اتي به مڪي ۽ مديني جا وڏا وڏا علماءَ سندس خداداد لياقت جو داد ڏيڻ لڳا. حج تان موٽڻ بعد مخدوم صاحب سورت بندر ۾ مشهور خدا رسيده بزرگ سيد محمد سعدالله جو مريد ٿيو، جنهن خلافت جي پڳ به ٻڌايس. 1137 هجري ۾ وفات ڪئي سندس تربت مڪلي ٽڪري تي موجود آهي.


ä  جوڻ شهر لاڙ ۾ هو، ڦٽل شهر جا دڙا اڃا تائين اٺن ڏهن ڪوهن ۾ پکڙيل آهن. جوڻ پرڳڻي جي ميندي اڄ تائين مشهور آهي. اهو پرڳڻو ٽنڊي غلام حيدر تعلقو گوني سان لڳو لڳ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org