سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 17

حسابي اصطلاح:

هن انگي حساب ۾ ننديرام صاحب ڪي نج سنڌي اصطلاح ڪم آندا آهن، جي اڳيئي سنڌ جي واپارين ۾ چالو هئا ۽ اڄ ڪلهه جا انگي حساب به اڃا تائين پيا ڪم آڻين؛ ڪي نج عربي زبان جا اصطلاح آهن، جن کي اڄڪلهه مٽائي انهن جي عوض آسان ۽ بامعنى ديسي اصطلاح ڪم پيا آڻين؛ ۽ اصطلاح ديوان صاحب جي پاڻئون جوڙي ڪم آندا هئا، جي هاڻي درست صورتن ۾ ڪم پيا اچن.

مثال 1- نج سنڌي ۽ عربي اصطلاح جي اڄ تائين پيا ڪم اچن:

اڻپورو، اُبتو، اڻپور، سبتڙ اڻپور، مفرد اڻپور، مضاعف اڻپور، ملتف اڻپور، مختصر صورت، ڏهائي، سگهه، موُر، وياج، راس ۽ سيڪڙو.

مٿين حسابي اصطلاحن مان مفرد، مضاعف، ملتف، مختصر صورت ۽ راس اهي عربي ٻوليءَ جا حسابي اصطلاح آهن، سي سنڌيءَ ۾ عام جام ٿي ويا آهن.

مثال 2- اهي سنڌي ۽ عربي ٻوليءَ جا حسابي اصطلاح، اڄڪلهه درست ٿيو پيا ڪم اچن؛

اصل

 

درست

ڀاڱو ڪندڙ

. . . . . . .

اَنس

ڀاڱو وٺندڙ

. . . . . . .

ڇيد

ٻه پنج ڀاڱا

. . . . . . .

ٻه ڀاڱي پنج

ٽي اٺ ڀاڱا

. . . . . . .

ٽي ڀاڱي اٺ

ورندي

. . . . . . .

جواب

پڇا

. . . . . . .

سوال

ڀاڱو ڪندڙ

. . . . . . .

 

کي برابر ڪرڻ

. . . . . . .

سم ڇيد ڪرڻ

ڏهائيءَ جو همزو

. . . . . . .

ڊيسيمل

فرق عام

. . . . . . .

وڏو عام ونڊيندڙ

ڀائيواري

. . . . . . .

پتياري حساب

سودو وياج

. . . . . . .

نرو وياج

وياج تي وياج

. . . . . . .

گڏيل وياج

في

. . . . . . .

اگهه

ٻول

. . . . . . .

مدو، وقت

صعود

. . . . . . .

سگهه ڪڍڻ

نزول

. . . . . . .

مول ڪڍڻ

مجزور

. . . . . . .

ٻي سگهه

ڪعب

. . . . . . .

ٽي سگهه

جزر

. . . . . . .

ٻيو مول

ڪعب

. . . . . . .

ٽيو مول

(6) جبرو مقابلہ

ڪتاب جي حقيقت: هي آبرا جي حسابن جو پهريون پهريون ڪتاب آهي، پروفيسر ينگ صاحب جي انگيزي آبرا تان ڪمشنر صاحب حڪم موجب وشونات نارائن منڊلڪ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهو صاحب سنڌي سکيل مرهٽو هو، جنهن کي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ ڪلارڪي جو عهدو مليل هو. وشوناٿ نارائڻ هي ڪتاب ننديرام جي مدد سان ترجمو ڪيو هو.

مضمون:

هن ۾ آلجبرا جي جوڙ، ڪٽ، ضرب، ونڊ، اڻپور، صعود، نزول، مساوات، متناسبت ۽ مطابقت، پرابلم يا خيالي حساب، جذري، مساوات، به پرماڻا سڌيان، گوتم ۽ اڻ مقرر ٿيل مساواتون، سمجهايل آهن.

جهڙي طرح انگي حسابن جا ڪتاب جئن پوءِ تئن نوان نوان ۽ سليس سليس اصولن سان پي ٺاهيا ۽ اسڪولن ۾ ڪم آيا آهن. تئن آبرا جي حسابن جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ نه ٺهيا آهن. هن آلجبرا جي ڪتاب کان ڳچ ورهه پوءِ هڪڙو آلجبرا جو ڪتاب سنڌيءَ ۾ تيار ٿيو هو، جنهن جو بيان انهيءَ موقعه تي ٿيندو. تنهن ۾ به آلجبرا ئي اصطلاح گهڻو ڪري ساڳيا هن ڪتاب وارا ئي ڪم آيا آهن، فقط اصولن سمجهائڻ ۾ قدري آساني ٿيل آه.

(7۽8) ڌرتي نروار جلد پهريون ۽ ٻيو

ڪتاب جي حقيقت: سنڌيءَ ۾ پهريون جاگرافي جو ڪتاب تيار ٿيو هو. مارسيس صاحب جي انگريزي ۾ ٺاهيل دنيا جي جاگرافي تان گولڊ سمٿ صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر جي چوڻ موجب مسٽر مهاديو شاستري انگريزي اسڪول جي ماستر، ديوان ننديرام جي مدد سان ٻن جلدن ۾ ترجمو ڪيو هو.

مضمون:

پهرئين جلد ۾ يورپ، آفريڪا، آمريڪا ۽ اوشينيا جي جاگرافي لکيل آهي ۽ ٻئي جلد ۾ ايشيا کنڊ ۽ هندستان جي جاگرافي.

جنهن انگريزي جاگرافي تان هيءَ جاگرافي ترجمو ٿيل آهي، تنهن کي لکئي هڪ سؤ کن ورهيه ٿي ويا آهن. انهيءَ وچ ۾ ملڪن جي حڪومت ۽ شهرن جي حقيقتن ۽ حالتن ۾ تمام گهڻو تفاوت ٿي ويو آهي. تنهنڪري اڄڪلهه وارا لکيل جاگرافي جا ڪتاب وڌيڪ عمدا ۽ ڪارائتا آهن.

2- جاگرافيءَ سان تعلق رکندڙ سنڌي ۽ عربي ٻولين وارا اصطلاح جيڪي هنن جاگرافين ۾ ڪم آيل آهن، سي ساڳيا اڄڪلهه جي سڌريلن جاگرافين ۾ به قائم آهن. جهڙوڪ:

محور، قطب، خط استوا، ڊگهائي ڦاڪ، ويڪرائي ڦاڪ، مڌيان ڦاڪ، کنڊ، ٻيٽ، اُپٻيٽ، ڳچي ڌرتي، راس، نار، اُپسمنڊ وغيره.

پراڻين جاگرافين ۾ ڪم آيل ڪي اصطلاح هاڻي مٽيل صورتن ۾ ڪم اچن ٿا. وغيره.

اصلوڪو

 

هاڻوڪو

چال

 

گردش يا ڦيرو

ڏينهن چال

 

روزاني گردش

ورهه چال

 

سالياني گردش

ويڪرائي گهيرا

 

ويڪرائي ڦاڪ گهيرا

ڊگهائي گهيرا

 

ڊگهائي ڦاڪ گهيرا

ڌرتيءَ جي ڇانو

 

ڌرتيءَ جو پاڇو

ڌرتي جي مورت

 

ڌرتيءَ جي شڪل وغيره

(9) سنساري نروار

ڪتاب جي حقيقت: پنڊت بنسي ڌر چرنجي لال هندي ڪتاب ”بديانگر“ تان ”حقائق الموجودات“ نالي اردو ڪتاب ٺاهيو هو. ايلس صاحب ائڪٽنگ ڪمشنر جي حڪم موجب ديوان ننديرام ”حقائق الموجودات“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري سندس نالو”سنساري وهنوار“رکيو آهي.

مضمون:

”مطالعه الفطرت“ (Nature Study) يا ”سرشتي اڀياس“ تي هي پهريون پهريون ڪتاب سنڌي ۾ لکيو ويو آهي. هن ۾ پهريائين “مواليد ثلاثہ“ يعني ٽن مکيه جسمن جو احوال لکيل آهي: (1) ساه وارا (2) وڻ ٻوٽا ۽ (3) ڌاتو.

ساه وارن ۾ پهريائين انسان جو بيان سمجهايو ويو آهي: ماڻهوءَ جي عمر جا ڀاڱا (ٻالپڻ، جواني ۽ پيري)، ماڻهوءَ جا ظاهري عضوا، رهڻ سهڻ بنسبت ماڻهن جا قسم، ماڻهن جي کاڌي خوراڪ جا اناج ۽ ميوا، تنهن کان پوءِ ڍورن ۽ جانورن جي بدني بناوت ۽ انهن جي ڪمن جو احوال ڏنل آهي. مڇين جا نمونا ۽ انهن جو بيان سمجهايل آهي. انهيءَ بيان کان پوءِ ماڻهو جي حواسن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. وڻن ٻوٽن جا قسم انهن جا مختصر بيان، ۽ ڌاتن جا قسم ۽ انهن جا ڪم ڏيئي پهريون ڀاڱو پورو ڪيل آهي.

ٻئي ڀاڱي ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري جو بيان، ملڪن جي سردي ۽ گرمي بابت سمجهاڻي، جدا جدا قومن جون جدا جدا عادتون ۽ خاصيتون، جبل ۽ انهن مان فائدا، نديون، سمنڊ، ماڪ، ڪڪر، وڄ، روشنائي، هوا ۽ واءُ، تارا، چنڊ، سج، سياره، ڌرتيءَ جو ڦيرو، رات ۽ ڏينهن، وقت جي ماپ يا گهڙيال.

نوٽ: مٿئين مضمون مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪتاب نهايت عمدي ۽ قيمتي واقفيت وارو آهي. اڄ ڪلهه جي سنڌي ادب ۾ اهڙو جامع ڪتاب موجود نه آهي. جيڪڏهن انهيءَ ڪتاب کي سڌريل صورتخطي ۽ عبارت ۾ آڻي نئين سر ڇاپائجي ته جيڪر تمام ڪارائتو ثابت ٿئي.

مضمون بنسبت ڪتاب جا ڪي جنسي ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا:

1- ”ڌڻيءَ جي اپت ۾ اهڙيون سهسين اپتيون آهن، جن جي ڳالهه رڳي وڄا1 جي آسري سان ڄاڻڻ ۾ اچي ٿي تنهنڪري جي اهين2 علم جي لهڻ3 لاءِ ڪشالو ۽ اُدم ڪندو ته مڙيائي ڳالهه پريندو.“          (صفحه2)

2- ” ڪا ڌرتي اهڙي ٿئي ٿي ته ان ۾ ماڻهو وس جيترو ڪشالو ۽ سعيو ڪري ٿو، پر ڪي نٿو اُپجي تنهن ڌرتي کي ڪلراٺي چون ٿا.

ٻج ڇٽڻ کان اڳ ۾ ٻنين کي هر سان کيڙي سنوارين ٿا. هند ڏيهه ۾ ڍڳن سان هر کيڙيندا آهن پر انگلستان ۾ گهوڙن سان ۽ عربستان ۾ اٺن سان زمينداري جو ڪم گهڻي چڱڀلائي ۽ سرهائيءَ جو آهي. هن لاءِ ته پوکيندڙن کي سدائين سک ۽ ساهي کڻڻ لاءِ ٻاهر جو نئون واءُ ملي ٿو. انهيءَ ڪارڻ کان شهر جي ماڻهن ڪي اهي سگهه وارا ۽ ڀلا ٿين ٿا. ٻج ڇٽڻ کان پوءِ وري نڪري سج جي تو کان وڻ ٿين ٿا، جڏهن سنگ پچي هيڊاوان ٿين ٿا تڏهن جوڳي لڻڻ جو پورو ڪجي ٿو.“(صفحه 22-23)

3- ”سڀڪا مڇي ڪيترن لکن جي ويجهو آنا ڏئي ٿي تن جا آنا پڻ سج جي تو کان پچن ٿا. مڇين جي بت تي پڻ ڪنهن تي گهٽ ڪنهن تي وڌ کنڀ لڳا رهندا آهن ۽ تن کي کنڀن کان پاڻي ۾ ترڻ لاءِ ٻيليپو رسي ٿو جئن ته پکين کي واءَ ۾ کنڀڙاٽين کان ملي ٿو ۽ انهن جو پساهه پاڻيءَ ۾ اهو ڪم ڪري ٿو جو نه پکين جو پساهه واءَ ۾ ڪري ٿو.“                                                   (صفحه 42)

4- ”پهڻ هر ڏات ڪهربا لوهه ۽ ٻيا اهڙيءَ پر جا آهن ۽ جنهن کي ماڻهو مٽي چون ٿا اها وڻن ۽ مردن جي بت ڳرڻ ۽ سڙڻ کان سڪجي ٿي آهي. ۽ ٿيندي وڃي ٿي. ڌڻي تعالى ڌرتيءَ کي اهڙي جوڙ سان ٺاهيو آهي ته پرين پرين جي کاڻين جا پن بصر جي پنن وانگر هڪ ٻئي مٿان ترا ڄمايا اٿس جتان هر ڌاتون نڪرن ٿيون تنهن هنڌ کي کاڻ چون ٿا، رپو، سون، لوهه، ٽامو، ڪنجهو، جست ۽ ٻيون اهي هر ڌاتون کاڻين کان نڪرن ٿيون.“                                            (صفحه 116-117)

5- ”ڄاڻڻ گهرجي ته ڌرتي کان سدائين ٻاڦون نڪرن ٿيون يعني جهڙي پر باهه تي ڪوسي ڪرڻ کان ڦوٽا ٿين ٿا، اهڙي پر سمنڊ، ڌرتي، ڏونگر، ڍنڍ، نديون، ڄم ۽ ساهه وارن جي بتن مان سج جي ڪوسائي ڪري بخار نڪرندا رهندا آهن، هي ٻاڦون رڳيون پاڻيءَ جي ڦڙڻ جون آهن گهڻي پراهين رهڻ کان واءُ سان پڻ واڌو هلڪا ٿين ٿا ۽ انهيءَ سبب کان جئن پاڻي  پاڻ کان واڌو هلڪي وٿ کي مٿي اڇلي ٿو، انهيءَ پر واءُ ٻاڦ کي مٿئين پاسي چڙهائي نئي ٿو ۽ اهي ٻاڦون مٿي وڃي ٿڌائي ڪري ڄمي ڳنڍا ڪڪر، ماڪ، برف، ڳڙا ۽ مينهن ٺهن ٿيون.

(صفحه 123-124)

(10) چٽ جي پاڙ

ڪتاب جي حقيقت: سنڌي ادب جي نئين دور شروع ٿيڻ واري زماني ۾ مدراس ۾ ڊاڪٽر هنٽر صاحب ڪنڀارڪي ڪم سيکارڻ لاءِ هڪڙو هنري اسڪول کوليو هو، جنهن ۾ شاگردن کي ٺڪر جي ٿانون تي قسمين قسمين چٽ ڪڍڻا پوندا هئا.

هنٽر صاحب اسڪول کولڻ سان گڏ هڪڙو انگريزي ماهه وار رسالو به جاري ڪيو هو، جنهن ۾ ”چٽ“ يعني ”ڊرائنگ“ ڪڍڻ جا اصول ۽ سمجهاڻيون لکبيون هيون. ڪمشنر صاحب جي حڪم موجب مسٽر ڪاهنداس (ڪانداس) منشارام اسسٽنٽ انجنيئر انهي ماهوار رسالي جي شروعات واري پهرئين پرچي جي اردو ترجمي تان ديوان ننديرام جي مدد ۽ صلاح سان هي سنڌي ترجمو ڪيو. رسالي جي انگريزي پرچي جو اردو ترجمو، جنهن جو نالو ”اصول نقاشي“ آهي، سو منشي سدا سک لال جو ڪيل آهي.

مضمون:

”ڊرائنگ“ جي سمجهاڻي بابت سنڌي ۾ هي پهريون ڪتاب آهي. هن ۾ جاميٽريءَ جي رستي ڊرائنگ جون شروعاتي هدايتون ڏنل آهن. سنيون ليڪون، پاسيريون ۽ ڦڏيون ليڪون، پور وڇوٽي ليڪون، ڪنڊون، چوڪنڊا، ٽڪنڊا ڪڍڻ وقت هٿ ۽ ٺونٺ جهلڻ جا رستا ۽ پئمانو سمجهائي پوءِ گهرو شين ۽ گلن جون شڪليون سکندڙن جي استعمال لاءِ ڏنيون ويون آهن.

جنهن وقت هي ڪتاب تيار ٿيو هو، تنهن وقت جاميٽري جو ڪتاب اڃا سنڌي ۾ ٺهيل نه هو، تنهن ڪري جيڪي جاميٽري سان تعلق رکندڙ اصطلاح اڄ ڪلهه سنڌي جاميٽرين ۾ ڪم پيا اچن، سي هن ڪتاب لکندڙن جا ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ قائم ڪيل چئبا، جئن ته:

ٽٻڪو، عمود، ٽڪنڊو، پرگار يا پلڪار، ڪنڊ، گوني ڪنڊ، ويڪري ڪنڊ، سوڙهي ڪنڊ، چورس.

هيٺيان لفظ ۽ اصطلاح اڄ ڪلهه جي جاميٽرين ۾ درست سهائيندڙ فهرست ۾ ڪم اچن ٿا:

هن ڪتاب ۾

 

درست صورت

جهڪ ئي

 

گڪائي

مطر

 

فوٽي

عرضي ليڪ

 

سنئين پيل ليڪ

مائل ليڪ

 

ڏنگي ليڪ،پاسيري ليڪ

صفائي

 

مٿاڇرو، سطح

ميچڻ

 

ماپڻ

ميچو

 

ماپ

بازو

 

پاسو

آمهين سامهين جون بازون

 

آمهان سامهان پاسا

مقابلو

 

ڀيٽ

سبت

 

هڪجهڙائي

اُبت

 

برخلافي

علم جي پاڙن تي ڪم ڪرڻ

 

علمي اصول موجب ڪم ڪرڻ

تنهن ڪارڻ کان ته

 

انهيءَ ڪري ته

پوري ڄمائڻ

 

ڌيان لڳائڻ، خيال ڪرڻ

ري سنسي

 

بي شڪ

 

(11) ايسپ جون آکاڻيون

ڪتاب جي حقيقت: هن ڪتاب جي حقيقت بابت ترجمان جو لکيل منڍ ئي ڪافي آهي، جو جنسي عبارت ۾ هيٺ ڏجي ٿو:

”هي آکاڻيون پهرائين (پهريائين) ايسپ نالي جوڙيون هيون، ان جي جيئڻ کان ٻه هزار چار سو ورهيه گذريا آهن سندس ڄم روم جي علائقي ۾ ٿيو هو ۽ پاڻ ٻانهون (شيدي غلام) هو، پر نيٺ سڳورائي ۽ سڀاڳائي ۽ ڏاهپ کان آجو ٿيو (جي سببان آجو ٿيو) ۽ آکاڻين مثل جي ٺاهڻ ۾ اهڙو ڀڙ هو، جو اڳين ۽ پوين ۾ ان جو (جهڙس) ڪونه ٿيو ۽ نڪڻي (سچ پچ) جي ڳالهيون هن ڪتاب ۾ آهن سي هن جون سڀيئي ليکيليون آهن، پر ان جي مرڻ کان پوءِ ٻين ماڻهن ڪي ٺاهيون آهن سي پڻ انهن مان ڪيتريون تنهنجي نالي تي پڌريون آهن ۽ سندس آکاڻين جو گهڻو ڪري ترجمو مڙني ٻولين ۾ آهي. پر اڃا توڻي سنڌيءَ ۾ نه ٿيو هو ۽ تنهنجي موچارائي اهڙي آهي جنهن جي پڙهڻ کان لوڪن کي سواد اچي ٿو. تنهنڪري ايلس صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، (ديوان) ننديرام تعليم کاتي جي منشي جي مدد سان سنڌي وائي ۾ ترجمو ڪيو....؟

مضمون:

هن ڪتاب ۾ ٻه سئو ٻه (202) مزيدار آکاڻيون آهن. اهي اگرچ جانورن، جيتن ۽ بي جان شين جي واتان بيان ڪرايل آهن، ته به انهن ۾ انسان ذات لاءِ ڪيترائي عقلي، اخلاقي ۽ سياسي سبق ۽ نصيحتون سمايل آهن.

(12) پئماشي ڪتاب

ڪتاب جي حقيقت: هي ڪتاب ڊاڪٽر چارلس هٽن ۽ ٻين مصنفن جي انگريزي ڪتابن تان مسٽر ڪاهنداس منشارام اسسٽنٽ انجنيئر سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، ننديرام سڌاريو.

مضمون:

هن ڪتاب ۾ پيمائشي حسابن جون وصفون ۽ قاعدا سمايل آهن. هن ۾ سنئين مٿاڇري جي پکيڙ ڪڍڻ، پراپيزائيڊ ۽ ٽرپيزيم جي پکيڙ، گهرو ڪنڊن جي پکيڙ، گول ۽ ان جي ڀاڱن جون ماپون ۽ پکيڙ ڪڍڻ، بي ڊولين شڪلين جي پکيڙ ڪڍڻ، نهرين شين جون ماپون ڪڍڻ سمجهايون ويون آهن.

جنهن نموني سان هن ڪتاب ۾ پيمائشي حسابن جا قاعدا سمجهايل آهن، سو ساڳيو ئي نمونو اڄ ڪلهه وارن پئمائشي حسابن ۾ پيو ڪم اچي. سنڌي ۾ هي پهريون پهريون پيمائشي حسابن جو ڪتاب آهي پئماشي حسابن سان تعلق رکندڙ ڪي اصطلاحي هن ڪتاب ۾ ڪم آيل آهن، سي اڄ تائين ڪم پيا اچن. جئن ته: رامبس، رامبانڊ، ٽراپيزيم، ٽراپيزائڊ، پرزم، سلنڊر، (اهي انگريزي ٻوليءَ جا لفظ آهن) قوس ڪره، قطر، (اهي عربي جا لفظ آهن) ۽ ڪمان، زه، نيم قطر (اهي پارسي جا لفظ آهن.)

هيٺ ڏيکاريل اصطلاح جي هن ڪتاب ۾ آهن سي هاڻوڪن پئماشي حسابن ۽ جاميٽرين ۾ مٽايا اٿن. جيئن ته:

اصل لفظ

 

مٽايل هاڻوڪي صورت

مئپ

 

ماپ

نڪتو

 

ٽٻڪو

پنجاس

 

پنج ڪنڊو

ڇهاس

 

ڇهه ڪنڊو

ستاس ۽ اٺاس

 

ست ڪنڊو ۽ اٺ ڪنڊو

وچ

 

مرڪز

سنگ

 

ڪون(انگريزي) مخروط(عربي)

سانڀاري ڪنڊ

 

سامهين ڪنڊ

ڪيتائتو

 

باقائدي

ري ڪيتائتو

 

بي قاعدي


1 وديا، علم 2- اوهين 3- پرائڻ، حاصل ڪرڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org