فيلسوفانه خيال
سازن جا آواز:
”دهل هر ڪنهين ڪم ۾ چئي توکي وئون،
تون ڍئون ڍئون سکي وٺ تون ڍئون سک تون ڍئون.
نغارو چوي توکي ڌيرج پڪڙ
تڪڙ ڇڏ، تڪڙ ڇڏ، تڪڙ ڇڏ، تڪڙ.
ٿي توتاڙي شرناءِ سيکاري مون.
آهي تون ئي تون، تون ئي تون، تون ئي تون
ٿي سارنگي چئي توکي نت اي خدا،
منهنجي ساري رونءَ رونءَ ٿي: رونءَ سدا،
ٿا ڌڪڙ ۽ طبلا وڄڻ ۾ چون،
ته ڌڪ ڌڪ ٿا، ڌڪ ڌڪ اسان کي لڳن.
ٿو طنبورو چئي، ڪر نه تون ٻي پچار،
تنئي تن، تنئي تن، تنئي تن تون تار.
چوي دف پوي رات جو سيءُ ٿو،
وڃي دف ۾ پئو، دف ۾ چئو دف ۾ چئو،
ٿي روئي چوي لحظي لحظي ستار،
ته در در تي دردا ڌري دار دار،
چوي مرلي ٿي نانگ کي وڃ نه مور،
تون تڪ تڪ تلوري، تون تڪ تلور.
(سودائي خادم جلد ٻيو)
|