سيد محمد فاضل شاهه ولد سيد حيدر شاهه
(1836ع کان 1900ع تائين)
سيد محمد فاضل شاهه هجري 1252 برابر 1836ع ۾
حيدرآباد سنڌ ۾ تولد ٿيو هو. سيد حيدر شاه بن
اسماعيل شاه جي ڇهن پٽن مان وڏو پٽ سيد محمد فاضل
شاه هو. سيد فاضل شاه جهڙو تفسير، حديث ۽ فقہ جو
عالم هو، تهڙو طريقت وارن درويشن جو صحبتي ۽ خدا
آگاه فقير هو،هو پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ بجاءِ پاڻ کي
فقير ڪري لکندو هو. جئن ته:
1- ”فرض فاضل ڪري فقيري فخر سان،
مڪر جا قانون ڪر مسمار مڃ.“
2- ”هميشه چئج حق فاضل فقير،
بديءَ کان بچائي چڱي آه چپ.“
3- ”فيض جا تون فقير فاضل کي،
ڏان ڏاتار ڏات ڏيج ڏيار.“
شريعت جي علم ۾ هو اهڙو باخبر هو، جو جنهن وقت
سندس چاچو سيد محمد يوسف شاه حيدرآباد شهر جو قاضي
هوندو هو، تنهن وقت به ان جي پاران شرعي فتوائون
پاڻ تيار ڪريو ڏيندو هو. سيد محمد يوسف شاه جي
وفات کان پوءِ سرڪاريءَ طرح شهر جو قاضي سيد محمد
ابراهيم شاه بن محمد يوسف شاهه هوندو هو، پر مفتي
(فتوائون ڏيندڙ) سيد محمد فاضل شاه هوندو هو.
جوانيءَ جي وقت ۾ ڪجهه وقت فاضل شاه مختياري
(وڪالت) جو ڌنڌو به ڪاميابيءَ سان هلايو هو، پر
فقيراڻي ۽ عالمانه حيثيت ۾ گذارڻ لڳو. شهر ۽ آسپاس
۾ سنديس مڃتا گهڻي هوندي هئي، تنهنڪري ايتري
رجوعات (پيدائش) گهر ويٺي پيئي ٿيندي هيس. جو سندن
عيال جو گذران چڱيءَ طرح پيو ٿيندو هو.
فاضل شاه کي پهرئين گهر مان اَٺ نياڻيون ۽ ٻه
فرزند هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ جيڪا شادي ڪئي هئائين؛ تنهن
مان هڪ فرزند هو.
فاضل شاه تاريخ 19 شعبان هجري 1319 برابر ڊسمبر
1900ع ۾ رحلت ڪئي. سندس تربت حيدرآباد جي نئين
مقام (لڳ ٽنڊو آغا) ۾ آهي.
فاضل شاه جو ڪلام
فاضل شاه آخوند محمد قاسم هالائي جو هم عصر ۽ ان
جو گهرو دوست هوندو هو. پاڻ آخوند قاسم کي سنڌي
شعر ٺاهڻ تي هيرايائين ۽ آخوند قاسم وري کيس پارسي
شعر ٺاهڻ جو شوق ڏياريو، فاضل شاه جي شاعرانه
حيثيت بابت آخوند قاسم فرمائي ٿو:
سچ چوان اِنپر ته اڄ ڪنهن کي نه آه،
جا فضيلت آهه فاضل شاه کي،
هر هنر چالاڪ منجهه هر گفتگو،
علم وارن کان وڍي وهه واهه کي.
با مسمى اسم فاضل فضل ۾،
انت جنهن جي خبر الله کي.
صرف ۾ پڻ نحو ۾ پڻ فقہ ۾،
دسترس هن مير حق آگاهه کي،
ري تڪڻ تفسير قرآن جي،
ٿو بتائي راستيءَ جي راهه کي.“
(ديوان قاسم غزل 134)
مسٽر لڇيرام (خفتي) حيدرآبادي چوي ٿو:
”سيد فاضل شاه تو وٽ ڏينهن جمعہ ميڙو لڳي،
آءٌ به ايندڙ آهيان محفل سندو سينگار تون.“
(اخبار سنڌ سڌار 24-1879ع)
فاضل شاه جو جيڪو ڪلام ”ديوان فاضل“ ۽ ”چونڊ
ڪافين“ ۾ موجود آهي، تنهن کان سواءِ ٻيو به
ڪيتروئي ڪلام (غزل، قصيدا، ڪافيون وغيره) اسان کي
هٿ آيو آهي، جو فاضل شاه مرحوم جي هٿن جو لکيل
آهي. اڃا به فاضل شاه جو گهڻو ڪلام گم آهي.
”ديوان فاضل“ 1873ع ۾ فاضل شاه تيار ڪري ورنيڪيولر
لٽريچر ڪميٽيءَ کي ڏنو هو، جو ڪميٽي منظور ڪري
ڇاپايو هو. اهو ڇاپو کپي ويو هو ۽ ڪتاب سيڪنڊري
اسڪول ۾ درسي ڪتاب طور ڪم ايندڙ هو، تنهنڪري شمس
العلماءَ مرزا قليچ بيگ ”ديوان فاضل“ جو هڪڙو نسخو
تيار ڪري ڇاپايو هو، جنهن ۾ رڳا غزل لفظن جي
معنائن ۽ تمام مختصر نوٽن سان درج ٿيل هئا. انهيءَ
ڪري سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي ”ديوان فاضل“ جو نئون
نسخو تيار ڪرائي ڇاپايو، جنهن ۾ نه رڳو اصلوڪي
ديوان وارو متفرقه ڪلام به شامل آهي، بلڪ فاضل شاه
جو پارسي ڪلام ۽ ”مهملات فاضل“ ۽ ساري ڪلام جي شرح
به شامل آهي.
فاضل شاه جي ڪلام جون خصوصيتون ۽ ايجادون
فاضل شاه جي ڪلام ۾ سندس هم عصرن جي ڪلام به نسبت
هڪڙي خاص ۽ نرالي خصوصيت هيءَ آهي، جو ”ديوان“ جي
شروعات شريعت جي اصول سان ڪري ٿو ۽ جاءِ بجاءِ
شرعي نصيحتون پيش ڪندو وڃي ٿو. مثال:
1- محبت محض مولا جي ميان رک مرد متوالا،
م ٿيءُ مشرڪ موحد ره، ڀري هڻ شرڪ کي ڀالا،
2- حقيق حق جي هٿ ڪر ڪري بيڪار باطل کي؛
ڇڏي حق کي وتن هلندا رلن منجهه روڳ ريزالا.
3- الله العالمين آگو ڏس اٿئي هڪڙو،
متان گمره گسين گس کان نود نہ تون سڻي نالا.
(ديوان فاضل غزل پهريون)
”فرض واجب يار جي مون تي مدح،
مستحب منٺار جي مون تي مدح،
نفل ۽ لازم مؤڪد روز شب،
دوست تنهن دلدار جي مون تي مدح،
ڪئن ٿئي تحريم ۽ تنزيہ چو.
سونهن جي سينگار جي مون تي مدح،
شرط شرعي رڪن ديني و دنيوي.
جوت جي جنسار جي مون تي مدح.
فرض فاضل ٿو ٿئي موٽي مباح،
عالم اسرار جي مون تي مدح.
فاضل شاه پنهنجي ڪلام ۾ اهڙا مثال ۽ تشبيهون به ڪم
آنديون آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو، ته کيس ”علم
هيئت“،”علم طب“ ۽ ”علم ڪيميا“ جي واقفيت ۽ انهن
سان دلچسپي به خاصي هئي. سندس هم عصر شاعرن مان
ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ اهڙا مثال ۽ تشبيهون
نه آهن.
”ديوان فاضل“ ۾ هيءَ به هڪڙي خصوصيت آهي، جتي ڪا
عربي مصرعه ڪم آيل آهي اتي ٻيءَ مصرعه ۾ عربي
عبارت جو ترجمو ڏنو ويو آهي. ”ديوان قاسم“ ۾ اها
خوبي رکيل نه آهي.
مثال:
رب رين بحبهم صدري
ساهه سينو م سرت سين سينگار
آسقنا من رحيق مختوم
پاڪ ڌڻي سندو پريت پيار
رب يسرا مورنا و ار حم
صاحبا سڀ سندام ساز سنوار.
(ديوان فاضل غ 46)
نوٽ: پهرين مصرعه عربيءَ ۾ آهي، ته ٻيءَ مصرعه ۾
ان جو سنڌي ترجمو يا مطلب ڏنل آهي.
سنڌي موزون ڪلام ۾ ”تاريخگوئي“ فاضل شاه جي ايجاد
آهي، ”ديوان فاضل“ جي متفرقه ڪلام ”ماده تاريخ“ جا
ٻاويهه نظم آهن، ڪي ولادت يا وفات جي بابت ۽ ڪي
عمارتن يا سوڀ جهڙن ڪمن بابت سندس هم عصر يا پوين
شاعرن مان ٻئي ڪنهن به شاعر ايتري انداز ۾ اهڙيءَ
طرز ۾ ”تاريخگوئي“ نه ڪئي آهي.
باقاعدي موزون ڪلام جي صورت ۾ ”ڪافيون“ به اول اول
فاضل شاهه پڌريون ڪيون، سچل جي ڪلام ۾ غزل
کي”ڪافيون“ نالو ڏنو ويو آهي، مگر انهن ۾ ”علم
عروض“ جون فروگذاشتون گهڻيون آهن.
مضمون:
ايراني شاعرن وارو نقلي مضمون (خط و خال، زلف و
ڪاڪل، نرگس و سنبل، گل و بلبل، ساقي و جام) فاصل
شاه جي ڪلام ۾ بلڪل اڻ لکو آهي. ساري ڪلام ۾ فاضل
شاه پنهنجو حال بيان ڪيو آهي. سندس ”حال“ ۽ ”قال“
بلڪل موافق آهن. صوفيانه مضمون، اخلاقي مضمون۽
عاشقانه مضمون کان سواءِ مدحيه، هجويه، مذاقيه
مضمون ۽ سيرت نگاري جا مثال به ”ديوان فاضل“ ۾
موجود آهن؛ جي ”ديوان قاسم“ ۾ نه آهن.
عاشقانه مضمون:
فاضل شاه مجازي عشق جي ميدان کي آزمايو هو، پر ان
کي مجازي عشق جو رستو خوفناڪ ۽ نقصانڪار نظر آيو،
تنهن ڪري توڙ تائين حقيقي عشق ڏي رغبت قائم
رکيائون. پاڻ فرمائي ٿو:
ڪرڻ عشق آهي مجازي عبث
حقيقي سوا عشقبازي عبث
مضارع همہ حال سال هوئجي
ڪرڻ ياد مذڪور ماضي عبث
مجاهد رهج نفس ناپاڪ سان
غرض غير جي ساڻ غازي عبث
هوا حرص جي تي هڻج حڪم تون
سندو پر فتن پاپ پازي عبث
دلا دون دنيا سندي حرص ۾
ڪرڻ ڄاڻ جيءَ جان گذاري عبث
(غ 23)
انهيءَ حال هوندي به اوائلي مجازي عشق جي وقت وارا
ڪلام ”ديوان فاضل“ ۾ پڌرا پيا آهن جيتوڻيڪ سندن
انداز ٿوروئي آهي.
مثال:
چپن جي چاش چوري
مفت من مجنون ڪيو منهنجو
وتي ڏيندڙ مٿي رند راه
ليلى لاءِ لامارا،
گهميو گهٽيون وٺي واٽون
ڏسي ڏونگر رهي راهون،
تڪي تڪيا هلي هنڌ هنڌ
نهاري عام اوتارا،
جدائي جي جلڻ جاني،
رئاري روز شب رڻ ۾
نماڻيءَ جي منجهان نيڻن
وسايا نينهن نيسارا
ڪي قربان ڪوهيارا
ٿيو تو تان فدا فاضل
اپر اوندوهه اولاڪي،
ڪيا ورهن مٿس وارا.
(غ 3)
يار کي دلدار کي منٺار کي پيغام ڏج،
سر بسر ساٿي سنيها جي چوان سي سڀ ڏج،
وڙ سڃاڻج وير پنهنجو ڪج ڀلائي تون ڀلا،
لچ لبوسي چوڻ تي ڪيم ڪي لالن لڳج،
مهرباني تون ڪري منهنجي مداين ڏي م ڏس،
جئن وڻيئي تئن پاڻ تون بلڪل ڀلارا ڀال ڪج،
عاشقن جي واه تو کان ڌار ناهي ڪا به ڪٿ،
ڏک ڏنگايون ڏوٺ ڏاها سڀ سقيمن جا سهج،
فڪر فضل شاه جا ميٽجي محبت سان مٺا،
مهر سان محبوب مشفق اڱڻ عاشق جي اچج،
مدحيه مضمون:
مدحيه مضمون يعني ڪنهن بزرگ هستي يا نيڪ انسان جي
ساراه وارو ڪلام يعني حضرت نبي ڪريم عليہ الصلواتہ
والسلام جن جي واکاڻ اهل بيت اطهر ۽ اصحابن سڳورن
جي ساراه، عالمن سڳورن جون نيڪيون ”ديوان فاضل“ جي
متفرق ڪلام ۾ چڱي طرح آيل آهن. مثال:
1- حضرت نبي ڪريم (صلعم)، اصحاب سڳورن ۽ اهل بيت
(رضوان الله عليهم) جي ساراه:
اڙين جو اجهو آه عالم امام،
محمد مڪي شہ مدارالمهام.
صحابي سندس صحي صادق سچار،
انهن جي اچڻ سان ٿيو انتظام.
وڏي وير کي واه واحد ڏنو،
سچائيءَ سبب صحي صديق نام.
عمر عثمان اشجع علي،
مٿي مهر مولا سندي مستدام.
ڀلاري ڀلي بنت بضعت نبي،
انهيءَ سان اسان جو عجب اعتصام.
هنئن هار حضرت حسن ۽ حسين،
انهن جو رکي عز اعلى علام.
گهرين فتح فاضل عدون اتي،
ته پڙه بيت هي چئو ڪري اختتام.
ڪڍي غير جو غرض من مان مگر،
مٿي واٽ وحدت ڪشي ٻڌ ڪمر.
(ترجيح بند نمبر 1)
2- پير صاحب پاڳاري حزب الله شاه عليہ الرحمتہ جي
واکاڻ:
نور جو نروار نوري نور نرمل بي نظير
مصطفى مرسل سندو شمس الضحى بدرالمنير
مرتضى جو مان مسند مجتبى جو ماه مير،
ڪربلا جي شان جو اعلى عجب افضل امير
سيد السادات سيد شاه حزب الله پير
جوءِ ۾ جنات عدن جي ٿيو شہ جائگير.
سنڌ جو سينگار صاحب سان شاهي شاه جو،
متقي مرشد مٺو عارف ولي الله جو
منجهه ترن بحرن برن پيو دٻدٻو داناه جو
ڇا حيا ۽ حلم هاڻو ڇا سخاوت ۾ سڌير
سيد السادات سيد شاه حزب الله پير
جوءِ ۾ جنات عدن جي ٿيو شہ جائگير.
(غير مطبوعه متفرقه ڪلام مسدس نمبر 1 جا ٻه بند)
هجويه مضمون:
فاضل شاه ڪنهن خاص ماڻهوءَ جو نالو وٺي ان جي باب
۾ ”هجو“ (گلا يا شڪايت) نه ڪئي آهي. “ديوان فاضل“
جي غزل 52 جو چوٿون بيت ڪنهن مخالف جي هجو ۾ چيو
اٿس، پر ڪنايه طرح جئين ته:
”شومتي شيطان شومي متقين سان مدعي:
دزد دعوا ٿو ڌري ۽ ٿو دڙي ديوث دڙ.“
متفرقه ڪلام جو ترجيع بند نمبر 2 ساروئي عام ماڻهن
جي نامناسب رواجن جي شڪايت بابت آهي ۽ ترجيع بند
نمبر 3 خاص طرح چالاڪ ۽ حيا فروش مردن ۽ زالن جي
گلا بابت آهي، جنهن ۾ سيرت نگاريءَ جو داد به
چڱيءَ طرح ڏنو ويو آهي. مثال:
نوري ناريون زينت واريون،
وييون گذاري قول سچاريون،
قرب قرابت عصمت واريون،
سبق پڙهيو جن ستر صفائي
بچي برادر ڀيڻ نه ڀائي
ادي ادا ٿي چوڻ اجائي
وغيره
مذاقيه مضمون:
مذاقيه يعني چرچي بازيءَ وارو ڪلام به ”ديوان
فاضل“ ۾ ٿورو گهڻو ڪم آيل آهي.
هڪڙي هنڌ فاضل شاهه، ميان لطف الله شاعر سان چرچو
ڪيو آهي. ميان لطف الله جو تخلص هو ”لطف“، ”صنعت
مقبلوب بعض“ ڪم آڻبي، ته ”لطف“ مان ٿيندو ”طفل“،
”طفل“ جي معنى آهي ”ٻار“ فاضل شاه هيٺئين ڪلام ۾
چويس ٿو ته اي لطف! تون اڃا طفل يعني ٻار آهين.
شعر ٺاهڻ ٻاراڻو ڪم نه آهي. شعر ٺاهڻ آهي مقوي
معجون تيار ڪرڻ سو ڪي سمجهو تيار ڪري سگهندا، ٻوڙ
ماني کائڻي نه آهي جو سڀ ڪو ٻار کائي سگهندو.
باطل خيال جنهن جا تنهن شعر شرم آهي
گهرجي علو اعلى ۽ اوج آسماني،
معجون جو مقوي ۽ ڪامل ڪلام جوڙڻ،
هرگز نه ڄاڻ ان کي اي ٻار ٻوڙ ماني،
منجهه”لطف“ ”طفل“ لائج مقلوب بعض صنعت،
ڏاها ڏسن ته ناهي هيءَ رمز رائگاني.
(غ 92)
عربي ۽ پارسي آميزش وارن ٿورڙن غزلن ڌاران ٻيا غزل
توڙي ڪافيون ۽ مولود تمام صاف سليس ۽ سواد ڀريل
سنڌيءَ ۾ چيل آهن. شاه صاحب، هڪڙو زبردست عالم هو،
تنهن ڪري ڪي ڪي عربي لفظ ڪم آندا اٿس، پر اهي
معمولي ۽ عام فهم آهن:
علم عروض
شعر جا قسم:
فاضل شاه جو گهڻو ڪلام ”علم عروض“ جي اصول موجب
آهي: ۽ ٿورو ڪلام (ڪافيون ۽ مولود) ”علم موسيقي“
جي اصول موجب آهي.
علم عروض موجب جيڪي شعر جا قسم مقرر ٿيل آهن، سي
سڀ شاه صاحب جي ڇاپيل توڙي اڻ ڇاپيل ڪلام ۾ موجود
آهن. آخوند قاسم جي ڪلام ۾ ”مسدس“ ۽ ”ترڪيب بند“
نه آهن، ته شاهه صاحب جي ڪلام ۾ فقط ترڪيب بند
موجود نه آهي.
بحر ۽ وزن:
فاضل شاهه پنهنجي هم عصرن ۾ ”علم عروض“ به نسبت
تمام هوشيار ليکبو هو. سنڌ جي موزون ڪلام چونڊ
شاعرن ۾ شاه صاحب پهريون ئي شاعر هو، جنهن ”علم
عروض“ جي بحرن جا ارڪان پنهنجي هر هڪ غزل جي سري
تي لکي نروار ڪيا هئا. ”ديوان فاصل“ جي اصلوڪي
نسخي جي منڍ ۾ فاضل شاهه جو تيار ڪيل ”ميزان
الشعر“ يا ”ڏوهيڙن جي تارازي“ به شامل ٿيل آهن،
جنهن ۾ جدا جدا بحرن جا ارڪان به ڏنل آهن ۽ هر هڪ
بحر جي ارڪانن موجب تقطيع جا مثال به ڏيکاريل آهن،
تنهنڪري وزن ۽ تقطيع به نسبت فاضل شاه جو ڪلام
گهڻو قدر پختو آهي. ”رباعي“ جو خاص بحر ۽ وزن شاه
صاحب به اهڙو ئي غلط ڪم آندو آهي، جهڙو آخوند قاسم
ڪتب آندو آهي.
”ديوان فاصل“ جو غزل 65 ساروئي بحر مضارع مثمن
اخرب مقصور تي ٺهيل آهي، جنهنجا ارڪان هي آهن:
معفول- فاعلاتن- مفعول- فاعلات
پر غزل جي ڪن مصرعن جي تقطيع وري هنن ارڪانن تي
بيٺل آهي:
مفعول، فاعلاتن، مفعول، فاعلات،
تارڪ طمع تڙي ٿا، لالچ ڪڍن لطيف
جوفي قبول ڪن ٿا، جنجال، ڪاڻ جوف
صبرئون سواسياڻا، سالم نه، بي سفوف،
نوٽ: هڪڙي بحر جي ڪن ارڪانن تي شعر شروع ڪرڻ ۽ وچ
۾ ٻيا ارڪان ڪم آڻڻ ”علم عروض“ جي اصول موجب
ناجائز آهي.
قافيه:
قافيه جي نسبت ڪي ورلي” ديوان فاضل“ ۾ ڏسجن ٿا:
جئن ته غزل 12 ۾ ”قافيو“ آهي سٿ؛ هٿ، ڪٿ وغيره.
شاه صاحب انهن قافين سان گڏ پڇاڙي ۾ قافيو رکيو
آهي. ”رٽ“، سو قانين جي اصول موجب غلط آهي، ڇاڪاڻ
جو ”توجيہ“ مٽجي وڃي ٿي، جا مٽجڻ نه گهرجي.
غزل 23 ۾ ”مجازي، بازي، آزي“ سان قافيه آيل آهي.
”ماضي“ سو درست نه آهي.
متفرقه ڪلام (تاريخوگئي نمبر 1) ۾ ”پست“ ۽ ”دست
سان ”چست“ ۽ ”درست“ قافيه غلط آهن.
هز هائينس مير حسن على خان (حسن)
(1824ع کان 1909ع تائين)
هز هائينس مير محمد حسن علي خان (حسن)، جنهن کي
سنڌ جو فردوسي چئجي ته وڌاءُ نه آهي، سو سنڌ جي
آخرين ٽالپر حاڪم مير محمد نصير خان جو وڏو فرزند
هو. هو هجري 1240ع مطابق 1824ع ۾ ڄائو هو. هو عربي
۽ پارسي ۾ يگانو هو. جڏهن اوڻيهن ورهن جي عمر جو
هو، تڏهن 1843ع ۾ سندن ملڪ انگريزن فتح ڪيو هو،
تڏهن شهزادو ”حسن“ به پنهنجي والد صاحب ۽ ٻين
ٽالپرن سان گڏ نظربند ٿي بمبئي، پونا ۽ ڪلڪتہ
ڏانهن ويو هو. ويهه سال نظربنديءَ ۾ گذارڻ بعد
1863ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ پنهنجن عزيزن مان اچي شادي
ڪيائين، پر اولاد ڪونه ٿيس انگريز سرڪار کان ٽي
هزار رپيا ماهياني پوليٽيڪل پينشن مير صاحب کي
ملندي هئي.
مير صاحب علم دوست ۽ بلڪل بي تعصب بزرگ عالم هو،
تنهنڪري حيدرآباد شهر جا سڀ شاعر ۽ علم دوست ماڻهو
مير صاحب جا مجلسي هوندا هئا. مير صاحب نه رڳو
زبردست شاعر هو، پر نثر نويس به چڱو هو هن ايڪاسي
ورهن جي عمر ۾ تاريخ 15 ذوالحج سنه 1224هجري برابر
1909ع ۾ وفات ڪئي.
مير صاحب جو ڪلام:
مير صاحب جو سنڌي نظم به چڱي انداز ۾ موجود آهي.
شهنشاه نامه يا حمله حيدري، مختار نامه ۾ مناقب،
مرثيا ۽ سلام اهي سڀ ڪتاب نظم ۾ آهن. پر اسين مير
صاحب جو فقط ”سنڌ جو شاهنامه“ ڪتاب هت ادبي نظر
سان جاچيون ٿا.
مير صاحب جي ڪلام جون خصوصيتون ۽ ايجادون:
1- مير صاحب جي ڪلام ۾ پهريائين وڏي خاصيت هيءَ
آهي جو منجهس عاشقانون ۽ صوفيانو مضمون ذرو به ڪم
آيل نه آهي.
2- ٻي خصوصيت هيءَ آهي جو سنديس شاعريءَ جو مقصد
اهلبيت اطهار جي حب ۽ شهيدن جي ماتمداريءَ کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.
3- ٽي خصوصيت هيءَ آهي، جو پارسي لفظن جي ملاوت
تمام گهڻي قدر ڪئي اٿس نه رڳو عام لفظ پر اضافي
مرڪب، حرفي مرڪب بلڪل فعلي صيغا به ڪٿي ڪٿي پارسي
ڪم آندا اٿس. ٻئي ڪنهن به شاعر جي سنڌي ڪلام ۾
ايتري قدر پارسي ملاوت نه آهي.
4- تاريخي احوال کي سنڌي نظم جو لباس ڍڪائڻ ۽
”شاهنامه“ ۽ ”سڪندر نامه“ جي طرز تي نج رزميه ڪلام
سنڌيءَ ۾ تيار ڪرڻ مير صاحب جي ايجاد ليکبي.
مضمون:
مير صاحب جي ڪلام ۾ صوفيانه ۽ عاشقانه مضمون جي ته
بوءِ به ڪانهي. خط و خال، زلف و سنبل، گل و بلبل
واري مضمون جو ته مير صاحب سخت مخالف هوندو هو.
”سنڌ جو شاهنامو“ جنهن تي هت اسان کي خاص طرح ادبي
بحث ڪرڻو آهي، جنهنجي لکندي قابل تعظيم شاعر ’طرت
نگاري ۽ سيرت نگاريءَ‘ جا حق بخوبي ادا ڪيا آهن.
فطرت نگاري ۽ سيرت نگاريءَ جا مثال:
1- ٻه لشڪر چوان يا ٻه دريا چوان
ٻه لشڪر ها يا ابر آتش فشان،
ائين گرم ٿي آتش ڪار زار،
جو تپ لرزه ٿيو در دل ڪوهسار.
ٻري باه وئي در دماغ يلان،
جلي جنهن ۾ ويا پوست ۽ استخوان.
رسيو جنهن جي سرتي اجل جو پيام،
تنهن نوڙئي سر تن کي ڪيو ٿي سلام.
جدا ٿي گهڻا روح قلب کان ويا،
ڇڏي مرغ روح آشيانه هليا.
لنگهي جنگ انداز کان ويئي پري،
نه مشڪل هو جو دشت رن جو ٻري.
انهيءَ وقت سلطان کهاوڙ دلير،
ڪيا جنهن گهڻا ماري سرڪش بزير.
اچي پهتو جنهن وقت در دشت ڪين،
اتي بيهي لافون گزافون هنئين:
”سندم ناه ڪو مٽ جو تنهن سان وڙهان.
اچي دل جهلي جي ڪو هوءِ پهلوان.“
”ڏسي قوت زور بازو سندم،
نه ٿي سگهندو ڪو هم ترازو سندم.“
ڏٺو مير فتح علي خان دلير،
گدڙ آه آيو ڍڪي چرم شير،
سندس مير کي نايون لافون پسند،
ڪري انڏي منهن چيائين با زهر خند.
”تون بيٺو هڻين لافون ڪيئن دور تر،
وڌي آ، لهان تان آءُ تنهنجي خبر.“
ائين چئي پوءِ ٿيو حمله ور باشتاب،
جهلڻ حملي جو هو نه ڪنهن کي به تاب.
ڏسي ڀڄندو سلطان کي بي درنگ،
ٿيو تاجي جي رت ۾ وڏو جوش جنگ.
اچي مير کي چيائين اي شهسوار،
وڙهڻ آيو آهيان ٿي تون هوشيار.
مون کي مثل سلطان تصور نه ڪر،
آءُ آهيان وڏو پهلوان پر هنر،
چيو مير ”بس بس تڪبر نه ڪر“،
نه هڻ لاف بيهودگي ان قدر،
”سندم جنگ جو تو کي آهي ڪو تاب؟
تون منهن موڙي ويندي ڀڄي باشتاب.“
(جنگ هالاڻي)
سڀڪنهن تاريخي نظم ۾ اخلاقي ۽ روحاني سبق شامل هئڻ
قدرتي ڳالهه آهي، تنهنڪري اخلاقي ۽ روحاني نصيحتون
”سنڌ جي شاهنامه“ ۾ جام آهن. ڪنهن واقعي بيان ڪرڻ
جي شروع، وچ يا پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي نه ٻي اخلاقي يا
روحاني نصيحت ڏنل آهي. نه رڳو ايترو ، بلڪ خاص خاص
موقعن تي قومي ۽ سياسي جذبو به سهڻي نموني ۾ قابل
تعظيم شاعر نروار ڪيو آهي. مثال:
رعيت پروري:
1- ڪلهوڙن کان ڪئن ملڪ ورتو اسان؟
ٿيو ويران ڪئن خاندان ڪلان؟
چئي ان طرح سان ويا دانا نخست،
رعايا چون بيخ اند و سلطان درخت.
2- مدو اڄ رعايا جي آهي ضرور،
سرن تان ڪريون تنجي آفت هي دور،
خبر جي نه هن وقت تنجي وٺون
ٿي ويندي رعيت پوءِ ضايع زبون.
ڪري ڏس تون سعدي جو هي قول ياد،
چئي ڇا ويو هن باب ۾ اوستاد،
ملڪ باج ده يڪ چرامي خورد،
چون دشمن خر روستائي برد،
اسين ڍل ۽ محصول جن کان وٺون،
بوقت مصائب ڇڏي تنکي ڏيون،
رعايا جي غمخواري ڀي ٿي ضرور،
سرن تان ڪريون تنجي آفت هي دور
نوٽ: (1) ڪلهوڙن جي خاندان برباد ٿيڻ جو سبب شاعر
فرمائي ٿو ته فقط رعيت آزاري هئي. انهي بيان شروع
ڪرڻ کان اڳ نصيحت ٿو ڏئي، ته رعيت پاڙ جي مثال آهي
۽ بادشاه وڻ جي مثال، جيڪڏهن بادشاه رعيت کي
آزاريو، ته ڄڻ پنهنجي پاڙ ڪمزور ڪيائين، پر جيڪڏهن
رعيت کي خوش رکيائين ته ڄڻ پنهنجي حڪومت جي پاڙ
پڪي ڄمايائين.
(2) جڏهن مدد خان پٺاڻ سنڌ ۾ ڦرلٽ مچائي ڏني، تڏهن
مير فتح علي خان سڀني ٽالپرن ۽ اميرن کي گڏ ڪري
رعيت جي حفاظت ۽ بچاءُ ڪرڻ بابت نصيت ٿو ڪري.
دنيا جي فنائي بابت:
مير فتح علي خان جي وفات جو بيان ڪندي پهريائين هو
دنيا جي فنائي ۽ ناپائداريءَ بابت هن طرح نصيحت ٿو
ڪري:
”زماني جو يڪسان رهي ٿو نه حال،
تون ڏس چنڊ کي گهه بدر گهه هلال.“
ڏسو سج جو ڪيڏو ٿيو جاه و جلال،
ڏسي ڪئن ٿو هر روز رو ۽ جلال
زماني ڪڏهن ڪنهن سان ڪئي ڪا وفا؟
تڏهن ان تي دل بستگي ٿي خطا،
رهڻ ڪاڻ هن هنڌ آيو نه ڪو،
وڃڻ تي تڏهن ڪهڙو شيڪو ڪبو؟
بقا ٿي فقط ذات رب العلا،
جتي ناه امڪان نقص و فنا
غرض موت انسان سان ٿيو لڳل،
معين ٿيا ايام عمر از ازل.“
قومي ۽ سياسي جذبات جي نرواريءَ جو نمونو:
”انهيءَ جنگ تي امر هو منحصر،
ته حاصل ڪري جيڪو فتح و ظفر.
اهو ٿيندو هن ملڪ جو بادشاه،
مخالف ٿي ويندو سراسر تباهه.
تڏهن زور لاتئون ٿي حد کان زياده،
ته حاصل ڪن ان معرڪي مان مراد.
ٻروچن ها پيرن ۾ ڏانوڻ وڌا،
متان منهن ڪو موڙي ڀڄي بي خطا.
ڪو ٿورن گهڻن تي نه ٿيو مختصر،
ظفر جنهنکي ڏي تنهنکي ڏي دادگر،
اتي پاڻ ڀي مير سهراب شير،
ٿي زخمي پيو جنگ ۾ سو دلير،
ڪيائين نه زخمن جي پرواه ڪا،
وڙهيو جئن وڙهي شير يا ازدها.
لهي پوءِ ته گهوڙن تان ٿيا پياده پا،
وڏو شور غوغا ٿيو ان دم بپا،
ڪيئون چست ڪمرن کي با ڪشت و خون
گريبان ٿي هڪ ٻئي جا هٿ سان جهليئون،
ٿي گڏجي وڏا زور آندئون بجنگ،
جوٽي جنگ کي پنهنجو ڄاتائون ننگ.“
(جنگ هالاڻي)
”سنڌ جي شاهنامه“ ۾ ميان محمد سرفراز خان ڪلهوڙي
جي حڪومت کان وٺي مير مراد علي خان ٽالپر جي حڪومت
تائين، يعني اڌ صدي کن جيتري زماني جو مفصل احوال
ڏنل آهي.
سرفراز خان دربار ۾ مير بهرام خان جي مارائڻ جون
صلاحون، مير بهرام خان کي ڀري دربار ۾ مارائڻ ۽ ان
جي پٽ مير صوبدار خان جي هٿان ڪيترن دربارين جو
مارجڻ ۽ آخر ۾ مير صوبدار خان جو به شهيد ٿيڻ،
ٽالپرن جو ڪاوڙجڻ ۽ ميان سرفراز خان کي تخت تان
لاه قيد ڪرڻ، صادق علي خان ڪلهوڙي کي ۽ وري ميان
غلام نبي کي تخت تي وهارڻ، مير بجار خان جو حج تان
موٽي اچڻ ۽ ميان غلام نبيءَ سان جنگ ڪرڻ، ميان
غلام نبيءَ جو مارجي وڃن، عبدالنبي ڪلهوڙي جي هٿان
ميان سرفراز خان ۽ ان جي پٽن جو بيگناهه شهيد ٿيڻ؛
عبدالنبي جو تخت نشين ٿيڻ، مير بجار خان ۽
عبدالنبي جي والده جي گفتگو، ڪابل جي بادشآه تيمور
شاه جي سنڌ تي ڪاهه ۽ موٽ، مير بجار خان کي دغا
سان شهيد ڪرائڻ؛ ميان عبدالنبي سان ٽالپرن جون جدا
جدا هنڌن تي جنگيون، پٺاڻن جي ميان عبدالنبي کي
مدد، مدد خان پٺاڻ جي هٿان سنڌ ۾ ڦرلٽ ٿيڻ، هالاڻي
واري جنگ ۽ ٽالپرن جي سنڌ تي حڪومت، ميان
عبدالنبيءَ جون سنڌ وٺڻ لاءِ بيفاعديون ڪوششون،
جوڌپور جي راجا کان عمرڪوٽ وٺڻ لاءِ ٽالپرن جي جنگ
۽ شڪست، بهاولپور تي ٽالپرن جي ڪاهه ۽ سوڀ
حيدرآباد جو قلعو فتح ڪرڻ، ”ديوان گدو مل جو
مارجڻ، شڪر ڍنڍن جي ٻيٽ تي محلات اڏائڻ، مير فتح
علي خان جي وفات، مير غلام علي خان ۽ مير ڍاري خان
جي وچ ۾ جنگ ۽ مير ٺاري جي شڪست، شڪارپور ۽ ڪراچي
فتح ڪرڻ، دائودپوٽن سان جنگ ۽ صلح، شاه شجاع پٺاڻ
جي سنڌ تي ڪاهه ۽ ٺاهه، مير غلام علي خان جي وفات
جوڌپور جي راجا کان عمرڪوٽ فتح ڪرڻ، ٽي نوان قلعا
سنڌ ۾ تيار ڪرڻ، مير ڪرم علي خان جو انتقال.
ٻولي ۽ عبارت:
”سنڌ جي شاهنامه“ ۾ پارسي آميز سنڌي ڪم آيل آهي،
سڀ حڪمران ٽالپر سنڌي زبان جا ماهر ۽ شاعر هوندا
هئا. هز هائينس مير حسن علي خان پهريون ٽالپر هو،
جنهن سنڌي زبان ۾ شعر چيو. تنهن ڪري ان جي سنڌي
ٻوليءَ ۾ پارسيءَ جي آميزش سڀاويڪ ڳالهه آهي.
صرف و نحو:
جئن خليفو گل، آخوند قاسم ۽ فاضل شاه جن پراڻيون
فعلي صورتون ۽ حرف جر وغيره ڪم آندا آهن تئن مير
صاحب ڪم ئي نه آندا آهن. هن خاص طرح پارسي آميزش
ڪم آندي آهي. ڪٿي ڪٿي ته مير صاحب عربي اضافت جي
نشاني ڪم آندي آهي، مگر مضاف عربي، ته مضاف اليہ
پارسي ڪم آندو اٿس، جا هڪڙي انوکي ۽ خلاف اصول
ملاوت آهي.
سماعيل شاهو جوان جو پسر،
اهو ڀي هو الولد سرالپدر.
نوٽ:- مضاف يعني ”سر“ (راز) عربي لفظ آهي، ته مضاف
اليہ يعني ”پدر“ (پي) پارسي لفظ آهن.
ڪٿي ڪٿي مير صاحب وري پارسي اضافت جو دستور ڪم
آندو آهي، مگر مضاف رکيو اٿس نج سنڌي لفظ، ته مضاف
اليہ پارسي، اهو به خلاف دستور عمل آهي:
”هنئين مير پوءِ ان کي اهڙي ترار،
جو دونيم ٿيو پيٽ آن نابڪار.“
نوٽ:- مضاف يعني ”پيٽ“ نج سنڌي لفظ کي اضافت جي
زير ڏيئي. ان نابڪار“ کي مضاف اليہ بنايو اٿس، جو
پارسي مرڪب لفظ آهي، اها اضافت نه پارسي ٿي ۽ نه
سنڌي ٿي. ڪٿي ڪٿي مير صاحب اضافي مرڪبات ۾ به
اضافت جي زبر ڇڏي ڏني آهي:
1- سڄو جسم زخمن مان ائن چور هو،
نه هو جسم، بل خانه زنبور هو.
2- زماني دگر گون آئين نهاد،
شد آن مرغ ڪ او بيضه زرين نهاد.
علم عروض
شعر جو قسم:
سلامن ۽ مرثين ۾ ته مير صاحب غزل، قصيدا، مخمس ۽ مسدس به ڏنا
آهن، پر ”سنڌ جو شاهنامو“، مثنوي شعر ۾ ڏنل آهن،
جئن تاريخي نظمن لکڻ جو دستور آهي.
بحر ۽ وزن:
سارو ”سنڌ جو شاهنامو“ بحر تقارب مثمن”مقصور ۽ محذوف“ تي ٺهيل
آهي. فردوسي وارو ”شاهنامه“ پارسي ۽ نظامي وارو
”سڪندر نامه“ پارسي جا ٻئي مشهور تاريخي نظم آهن،
سي به انهيءَ ساڳئي بحر تي ٺهيل آهن.
مير صاحب جنهن صورت ۾ آخوند قاسم ۽ حضرت گدا جهڙن جبرن شاعرن
کان پنهنجا شعر درست ڪرائيندو هو، تنهن صورت ۾
ائين چوڻ لاءِ سبب ئي ڪونهي، ته مير صاحب کي وزن ۽
تقطيع جي جي خبر نه هوندي، تنهن هوندي به ”سنڌ جي
شاهنامه“ ۾ وزن ۽ تقطيع جا جيڪي پڌرائي پڌرا پيا
آهن.تن کي قابل تعظيم شاعر ڪئن ائين جو ائين رهڻ
ڏنو، سا ڳالهه عجب ۾ وجهندڙ آهي.
”علم عروض“ جي اصول موجب ”وزن“ ۽ ”تقطيع“ جي پورت لاءِ هميشه
حروف علت حذف ڪرڻ جائز آهن ۽ سنڌي زبان ۾ ”نون
غنہ“ جيڪڏهن ڪنهن حرف علت جي پڇاڙيءَ ۾ هوندو آهي،
ته اهو به حذف ڪري سگهبو آهي؛ پر حرف صحيح کي ڪنهن
به حالت ۾ تقطيع ڪرڻ وقت حرف ڪرڻ جائز نه آهي، مير
صاحب حرف صحيح به هذف ڪندو ويو آهي.
1- ڪيو دربر عالم لباس سياه،
نهان ٿي ويو روءِ خورشيد ماه.
2- شڪارپور کان ٻن منزلن تي هو دور،
رسي هي عريضي به بزم حضور.
3- شروع گفتگو ڪيائون ٿي مير سان،
ته انپر چيو راجہ راجگان،
4- چيئين ٿي ته بسم الله آيو ڀلي،
وڌئين تن کي ڀاڪر وڏا ٿي کلي.
5- جهاندار فتح علي نامدار،
جو هو اعقل عقلاءِ آن روزگار.
نوٽ:- مٿين مثالن ۾ ”دربر عالم“ کي ”دربرالم“ (ع گم)؛
”شڪارپور“ کي ”شڪاپور“ (ر گم)؛ ”شروع“ کي ”شرو“
(ع گم)؛ ”بسم الله“ کي ”بسمل“ (ل ا هه گم)؛ ۽
”اعقل عقلاءِ“ کي اعقلقلاءِ“ (ع گم) ڪري پڙهبو،
تڏهن وزن ۽ تقطيع برابر بيهندا. پر اهڙي ڇانٽ ڪرڻ
لاءِ ته علم عروض اجازت ڏئي ٿو ۽ نه علم لغت ۽ علم
صرف و نحو اجازت ڏين ٿا تنهن ڪري اهڙن هنڌن وزن ۽
تقطيع جو ليکبو.
قافيو:
مير صاحب قافيه جي شرطن بجا آڻڻ ۾ گهڻي قدر بي پروائي ڪم آندي
آهي.
مثال:
1- ٿيو شيطان آدم جو هو راه زن،
هي شيطان هو انسان ۽ هو هو جن.
2- سڃاتئون نه پهرين ته هي آه ڪير،
ڏٺئون پوءِ جئڻ کان ٿي آيو هي سير.
3- ٿي فوج ڪلهوڙي کي فاحش شڪست،
شڪست اهڙي هرگز نه ٿيندي درست،
4- مون کي ظاهرا بادشاهي ملي،
مگر ٿي انهيءَ کان گدائي ڀلي.
5- تون آهين وڏو مرد بد عاقبت،
نه هوندو ڪو تو جهڙو شوريده بخت.
نوٽ: ”زن“ سان ”جن“،”ڪير“ سان ”سير“،”شڪست“سان ”درست“،”ملي“سان
”ڀلي“ ۽ ”عاقبت“ سان ”بخت“ بلڪل غلط قافيا آهن.
”بخت“ کي جيڪڏهن غلط تلفظ ۾ ”بخت“ ڪبو ته قافيو
درست ٿيندو، مگر وزن بلڪ بگڙي ويندو. هونءَ به وزن
جي غلطي ڇاڪاڻ جو پهرين مصرعه”مخدوف“ ۽ ٻي مصرعه
مقصور ٿي ٿئي، جا ”علم عروض“ موجب ائين نه ٿيڻ
گهرجي. |