ڊاڪٽر انور ’فگار‘ هَڪڙو
سنڌي ساهت سميلن
(شڪارپور _ 15 اپريل 1933ع)
سنڌي ساهت جي واڌاري لاءِ هر زماني ۾ شڪارپور مان اهڙا ٺوس ۽
سنجيده علمي ۽ عملي قدم کنيا پئي ويا آهن، جن اسان
جي ادب کي وڏي سگهه ۽ ساڃاهه ڏني آهي. ورهاڱي کان
اڳ اهڙن اپائن مان هڪ مکيه قدم ”سنڌي ساهت سميلن“
به آهي، جنهن کي ادبي تاريخ ۾ اها اهميت جوڳي جاءِ
ان ڪري ملي نه سگهي آهي، جو ڪنهن به محقق ان جو
رڪارڊ محفوظ نه ڪيو آهي. سنڌي ساهت جي اوسر ۾
سميلن، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن جيڪو فعال ڪردار ادا
ڪيو آهي، سو ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. اهڙن ميڙن ۽
محفلن سان ادب جي اوسر لاءِ نين راهن جو تعين
ٿيندو آهي ۽ اهڙا اهم فيصلا ٿيندا آهن، جي ادب جي
اوج ۽ عروج جي ضمانت ۾ هوندا آهن، ڇاڪاڻ جو اديب،
شاعر ۽ دانشور ۽ محقق گڏ ويهي نئين سوچ کي پکيڙڻ
لاءِ پنهنجا سٽاء سِٽي انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ
۽ جتن ڪندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي ساهت لاءِ جيڪي به سَميلن، سيمينار ۽ ادبي
ڪانفرنسون ٿيون آهن، تن ۾ ’سنڌي ساهت سميلن‘
پنهنجي سهڻي سٽاءُ ۾ نئين فڪري نويد لاءِ انفرادي
حيثيت جو حامل آهي. انهيءَ ’سنڌي ساهت سميلن‘
سڏائڻ جو سمورو سهرو ’سنڌو‘ رسالي جي سمپادڪ
مانائتي بولچند وسومل راجپال تي هو، جنهن پنهنجي
سهڻي سنڌي رسالي ’سنڌو‘ وانگي ’سنڌي ساهت سميلن‘
سڏائي سنڌي ساهت جي وڏي خدمت ڪئي. حقيقت اها آهي
ته جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ ’اداري‘ جي حيثيت
رکندڙ هوندا آهن، شريمان بولچند راجپال به انهن
مان هڪ هو. بولچند راجپال جي زماني کي نظر ۾ رکي،
جييڪڏهن سندس ٺوس علمي ۽ ادبي قدمن کي ڏسبو ته هن
جي مثبت ادبي سوچ کي سَو سلام ڪرڻا پوندا. ڇاڪاڻ
ته سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ هو انهن اهم ۽ بنيادي
ادبي روايتن جو باني ۽ امين آهي، جن کي امرتا حاصل
آهي. سندس ادارت ۾ شايع ٿيل ’سنڌو‘ کي ساراهجي يا
سندس ’سنڌو ساهتيه منڊل‘ پاران شايع ٿيل معياري
ڪتابن جي اشاعت تي کيس دهرا داد ڏجن! ڪشنچند بيوس
بلڪل برابر فرمايو ته:
جان تنهنجي مان نوان جوهر ٿيا جلوه نما،
تنهنجي مستڪ تان بکي ماه منور جان مڻي.
آهي ’سنڌو‘ جي مثل تنهنجي درياهه دلي،
پنهنجي مقدار ۾ نقصان جي ڳڻ تو نه ڳڻي.
تو اتر سنڌ ۾ ساهت جو ڪيو مان مٿي،
جا اتر سنڌ ڏکڻ سنڌ جي پيرن جي پڻي.
جن گهڻي توتي شروع ۾ ٿي ڪئي خنده زني،
تن جي دل ۾ به ڪيئي نيٺ وڃي هنڌ هڻي.
تنهنجي ڪشتي تي ڪري باد مخالف نه اثر
سخت طوفان ۾جُهري شال نه اولي جي اڻي.(1)
شري بولچند وسومل راجپال جنوري 1932ع کان معياري رسالو ”سنڌو“
جاري ڪيو، جو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ وڏو ڪارنامو هو.
ٿوري ئي عرصي ۾ آڪٽوبر 1932ع جي شماري ۾ مهتممي
نوٽ ”سنڌي ساهت سميلن جي ضرورت“ جي عنوان هيٺ
ويچار ڏيئي پنهنجي دانائي ۽ دانشمنديءَ جو ثبوت
ڏنائين. ان ضرورت تي زور ڏيندي لکي ٿو ته:
”مغربي ملڪن جي ترقي ڏسيو عجب وٺيو وڃي! ڏينهون ڏينهن هو ان طرف
وک وڌائي رهيا آهن. سندن ترقي، واڌاري ۽ سڌاري جو
راز سندن ساهتيه ۾ سمايل آهي. ان جي ساهتيه ايتري
ته ترقي ڪئي آهي، جو قلم کي طاقت نه آهي جو ان جو
بيان ڪري سگهي. هر سال لکن جي تعداد ۾ نوان نوان
ڪتاب پريسن مان ڇپجي نڪرن ٿا ۽ اهڙيءَ ريت ساهتيه
جي سوني مُوڙي وڌندي رهي ٿي“.
”اسان جو ساهتيه بيٺل پاڻي جيان بانس هڻي ويو هو، سندس واڌاري
تي روڪ پئجي ويئي هئي. گذريل ٿورن سالن کان اسان
جي ديس واسين جون اکيون پٽيون آهن. هاڻ هنن جو
ڌيان ساهتيه روپي املهه خزاني گڏ ڪرڻ طرف رجوع ٿيو
آهي. ملڪ جو هر هڪ پرانت ان ڏس ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ
کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي“.
”ڪجهه سال ٿيا ته بنگالي ساهتيه به پٺتي پيل هو، ان ڪري بنگالي
بابن کي ڌڪار جي نظر سان ڏٺو ويندو هو، پر
ويجهڙائيءَ ۾ هنن غضب جي ترقي ڪئي آهي، خاص ڪري
بابو رويءَ (ٽئگور) جي ڪويتائن ته بنگالي ساهت کي
نئون ساهه ڏنو آهي. هينئر ولايت جا ودوان به
بنگالي ساهت تي موهت ٿي پيا آهن. آڪسفورڊ
يونيورسٽي ته بنگالي ساهتيه کي ٻين ٻولين سان گڏ
جاءِ ڏني آهي. اتي هينئر بنگالي ٻولي لاءِ جدا
پروفيسر مقرر ٿيل آهن.“
”هندي پڻ خاطر خواه ترقي ڪئي آهي. خاص ڪري مهاتما گانڌي جيڪا
هنديءَ جي شيوا ڪئي آهي، سا تعريف جوڳي آهي. اهو
انومان ڪيو وڃي ٿو ته جهڙي وک هندي ٻولي کنئي آهي،
سا جيڪڏهن کڻندي آئي ته ٿوري ئي وقت ۾ هندستان جي
ٻين سڀني ٻولين کي لٽي ڇڏيندي. هنديءَ جا رسالا ۽
مخزنون اهڙا ته سُندر ٿا نڪرن جو ڏسيو دل بهار
بهار پئي ٿئي.“
”ساڳئي نموني جي ترقي هندستان جي ٻين ٻولين جهڙوڪ اڙدو، مرهٽي ۽
گجراتي پڻ ڪئي آهي. حيدرآباد دکن جي نظام جيڪا
اڙدوءَ ۾ وگيانڪ وشين تي عثمانيه يونيورسٽي جي
ذريعي ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪوشش ورتي آهي، تنهن پڻ تعريف
لهڻي“.
”اسان جي پاڙيسرين ايتري ٿوري وقت ۾ ايڏي ترقي ڪئي آهي، تنهن
جوڪارڻ ڪهڙو آهي؟ هو هر سال ساهتيڪ ڪانفرنسون
ڪوٺائين ٿا، جن ۾ ٻوليءَ جي واڌاري بنسبت بحث
مباحثا ٿيندا آهن ۽ ودوان خاص وشين تي پنهنجا لکيل
مضمون اچي پڙهندا آهن. گذريل سال جون رپورٽون
پڙهيون وينديون آهن، جن ۾ ڄاڻايل هوندو آهي ته
رپورٽ واري سال ۾ ڪهڙي ڏسن ۾ اڃا ڪوتاهي آهي.
ڄاڻايل ڪوتاهين کي دور ڪرڻ جون ڪوششون وٺنديون
آهن. ان کان سواءِ اهي ڪانفرنسون اهڙيون به
ڪاميٽيون مقرر ڪنديون آهن جي جهونن اڻڇپيل پستڪن
کي ڳولهي هٿ ڪرڻ جو ڪم ڪن. اهي ڪاميٽيون ملڪ جو
دورو ڪري، اهڙا پستڪ هٿ ڪري ٻوليءَ کي شاهوڪار
بڻائينديون آهن. اهڙين ڪاميٽين ذريعي انيڪ ڪارائتن
ڪتابن اونداهين غارن مان نڪري سج جي روشني ڏٺي
آهي.
ان کان سواءِ اهي ڪانفرنسون سٺن ليکڪن کي انعام ڏينديون آهن يا
آفرين ناما عطا ڪنديون آهن، جنهن ڪري انيڪ ليکڪ
انعامن هٿ ڪرڻ لاءِ نوان نوان پستڪ پيا لکن. انهن
رستن اختيار ڪرڻ سان مٿين ٻولين جو ساهتيڪ خزانو
تمام وڌي ويو آهي ۽ اڃا وڌندو رهي ٿو“.
”وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي سنڌ اڃا ان ڏس ۾ قدم ڪونه
کنيو آهي، جنهن ڪري ان جو ساهتيه تمام پوئتي پيل
آهي. نظم جهجهو ئي آهي، باقي نثر نه هئڻ جي برابر
آهي. نظم جيڪو چيل آهي، سوبه ڇڙوڇڙ ٿيل آهي، جنهن
کي ڪٺي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ائين ڪونهي ته سنڌي ٻين
جي ڀيٽ ۾، گهٽ لياقت وارا آهن. اسان جي دعويٰ آهي
ته سنڌي هر طرح ٻين سرتا آهن. فقط انهن کي ملائي
گڏجي ڪم ڪرڻ جي هير وجهڻي آهي. جڏهن هنن ملي ڪم
ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن اسان کي خاطري آهي ته سنڌي ٻين
کان پوئتي نه پوندا. ائين برابر آهي ته ٿورن ڏينهن
کان سنڌين جو ٻولي طرف ڌيان ڇڪيو آهي. بمبئي
يونيورسٽي بي. اي. ۾ سنڌي کي جاءِ ڏيئي ان کي چڱي
هٿي ڏني آهي، پر اٿاهه ڪم اڃا رهيو پيو آهي. اهو
ڪم ڪو هڪ ماڻهوءَ جو ڪونهي. انهن مرادن کي برثواب
ڪرڻ لاءِ گهڻن بيدار مغزن جو کپ آهي“.
اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن سڀيئي سنڌي ليکڪ هڪ جاءِ تي گڏجي پاڻ ۾
پهه ڪندا ته اهو اٿاهه ڪم ڪيئن ورهائي کڻجي. ان
لاءِ ’سنڌي ساهت سميلن‘ جي ضرورت آهي.“ (2)
مسٽر بولچند وسومل راجپال جي ان وشال ويچار جي سنڌ جي
اديبن ۽ شاعرن دل جي گهراين سان آجيان ڪئي ۽
ڏانهنس ان بهترين قدم کڻڻ لاءِ اتساهيندڙ مراسلا
موڪليا، جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
ڄيٺمل پرسرام جي چٺيءَ جو متن هن طرح آهي:
”سنڌو“ جي آڪٽوبر واري پرچي ۾ جيڪو اوهان نوٽ ’سنڌي ساهتيه
سميلن‘ جي ضرورت تي لکيو آهي، تنهن چڱو ويچار
لهڻو. سنڌي ساهتيه سميلن جي عظيم ضرورت آهي ۽
انهيءَ ڪم کي راس ڪرڻ لاءِ ’سنڌو‘ هن وقت قدم کڻي
سا پڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. قوم جي عمارت جو مکيه
ٿنڀو آهي علم ادب. ٻيون ٻوليون ان ڏس ۾ گهڻو
واڌارو ڪري رهيون آهن، رڳو سنڌي ٻولي پٺتي رهجي
ويئي آهي. منهنجي راءِ آهي ته اوهين اهو سميلن
بيشڪ شڪارپور ۾ سڏايو ۽ آواز ڪريو ته مڙيئي ساهتيه
جا شائق اچي گڏ ٿين، ويچار ڪن ۽ رٿون رٿين. سنڌ کي
هڪ باقانون ’سنڌي ساهت سڀا‘
Academy of Sindhi Literature
جي ضرورت آهي. پروفيسر گربخشاڻي، مسٽر لعلچند
جڳتياڻي، مسٽر دائود پوٽي ۽ ٻين جي محنت سان مٿين
سڀا ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل آهي ۽ ڪجهه ڪم پئي ڪيو
آهيس. منهنجي راءِ آهي ته اوهين انهن مڙني
بانيڪارن کي هاڪاريو ته هو سميلن ۾ انهيءَ سڀا جو
پڪو پايو اچي وجهن.
’سنڌو‘ مخزن پوري وقت تي پر گهٽ ٿي آهي ۽ ساري سنڌ تي سندس اثر
پيو آهي. انهيءَ سان گڏ چيدن ڪتابن جي ضرورت آهي.
هيلتائين چڱا گرنٿ تيار ٿي نڪتا آهن. پر هينئر سمو
آيو آهي جو سنڌي جا ڄاڻو گڏ ٿي، هڪڙي تجويز ڪن خاص
ڪتابن رچڻ جي، تيار ڪن اهي ڪتاب. رڳو نقلي تي
ترجمو نه هجن، پر اصليت جي دعويٰ رکي سگهن. مون کي
پڪ آهي ته سنڌ ۾ اهو دل ۽ دماغ آهي جو هاڻوڪي
اوڻائي جي پوئواري ڪري سگهندو.
هندو ۽ مسلمان مڙيئي سنڌيءَ جا عاشق ڪٺا ٿي هن ڪم کي لڳي وڃن
ته گهڻي ڪلهين ڇپر کڄي پوندو. منهنجي توهان سان هن
ڪم ۾ سورهن ئي آنا همدردي آهي.“ (3)
حڪيم آغا صوفي لکي ٿو ته:
”آڪٽوبر واري پرچي ۾ سنڌي ساهت سميلن جي ضرورت بنسبت ايڊيٽوريل
نوٽ نظر مان گذريو. هر هڪ لٽرري ماڻهوءَ جي دل ۾
چڻنگ ته چڱي اڇلي اٿو، مگر ائين نه ٿئي، جو ڦوڪ نه
ڏيڻ ڪري اها چڻنگ اجهامي وڃي. تنهن ڪري تڪليف وٺي
مهرباني ڪري جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد اهڙي
مفيد خيال کي زندهه رکڻ ۾ مسيحا جو ڪم ڪري
ڏيکاريندا. اميد ته هر هڪ صاحب علم ۽ اهل ذوق
اوهان سان اهڙي ڪم ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجي فرض
ادائي ڪرڻ ۾ ڪين گسندو.“ (4)
’سنڌو‘ جي مشهور ليکڪ شيوارام ڀاڳچند لالا پنهنجي خيالن کي هن
طرح ظاهر ڪيو:
”سنڌي ساهت سميلن“ تي جيڪو مهتممي ليک پيل هو تنهن سنڌي گهڻگهرن
جو گهڻو ڌيان لهڻو. سنڌ ۾ عالم آهن ۽ نثر ۽ نظم جو
خزانو پڻ موجود آهي. ڪجهه ظاهر آهي، ڪجهه دٻيل آهي
۽ سنڌ کي پنهنجو شاندار ماضي خواهه مستقبل آهي،
پوءِ ڇو سنڌي پوئتي پون؟ گهڻائي اهڙا مثال موجود
آهن جن مان ثابت آهي ته سنڌي دماغي جوڙجڪ ۽ انتظام
۾ گهڻن کان اڳرا آهن، تنهن ڪري جي مٿين قسم جو ميڙ
ڪي ودوان همٿ ڪري يڪ صلاحي ٿي سڏائيندا ته پڪ آهي
ته پورن ڪاميابي حاصل ٿيندي. هڪ دفعو جي ساهت جي
مسئلي کي ڇنڊي ڇاڻي صاف ڪري جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهائي
هر هڪ فقري لاءِ هڪ ننڍي ڪاميٽي سال لاءِ مقرر ڪبي
ته جدا جدا ڏسن ۾ ڪم ٿيندو رهندو ۽ سال بسال هر
ڪنهن ڪانفرنس ۾ اسان پاڻ کي ٻه قدم اڳتي ڏسنداسون.
باقاعده انتظام نه هئڻ ڪري ساهت جي ڪيتري سوني
موڙي ڌوڙ ۾ دٻي پيئي آهي ۽ ڪيترو پورهيو برباد پيو
وڃي. نه فقط ايترو پر ٻولي جي نزاڪت ۽ ترقي کي پڻ
ڪيترن نمونن ۾ قهري ڌڪ لڳي رهيو آهي.
’سنڌو‘ وسيلي جيڪو مال ان وقت تائين ظاهر ٿيو آهي يا جيڪو
ايڊيٽر جي ميز تي پهتل نظر اچي ٿو تنهن تي نظر
ڊوڙائڻ سان هڪدم دل کي خاطري مليو وڃي ته صرف
سندرو ٻڌي ڪوشش ڪرڻي آهي. باقي ٿوري ئي وقت اندر
چڱا نتيجا اکين پسبا. جيڪڏهن ٻي طرح ڪو بندوبست نه
ٿئي ته مان ’سنڌو‘ جي نيڪدل ايڊيٽر کي عرض ڪندس ته
ايسٽر جي موقعي تي ’سنڌو‘ جي ليکڪن ۽ ٻين ودوانن
جو ننڍڙو ميڙ شڪارپور ۾ سڏائي ٻه ٽي ڏينهن محفل
لڳائي ته هڪ دفعو گڏ ٿيڻ ۽ روبرو مڙڻ سان ڪنهن
ڪارائتي طريقي تي پهچي وڃبو. پوءِ پاڻ ئي سئي سڳي
کي سوريندي رهندي. هن وقت ايشور جي ڪرپا سان
’سنڌو‘ انهيءَ منزل تي اچي ويئي آهي يا ڊڄي چئجي
ته پهچڻ تي آهي جتي ان کي ساهت جو مرڪز سڏڻ هروڀرو
وڌاءُ ڪونه ٿيندو. منجهس اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ جو
معدوگڏوگڏ ڪم ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري سٺي ساهت جي
بنياد ٻَڌڻ ۾ ’سنڌو‘ وک وڌائي ته ان ۾ سندس پاڻ تي
هموار ڪيل فرض جي ادائي آهي.“ (5)
پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، سنڌي ساهتيه سميلن تي مفصل روشني وڌي.
سندس مفصل مضمون ’سنڌي ساهتيه سميلن‘، ’سنڌو جي
ڊسمبر 1932ع جي شماري ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي
مفيد نُڪتا سمايل آهن. اقتباس هن ريت آهي:
”ساهتيه جي سميلن جو مطلب ۽ مراد ٿيندي اِها ته ساهتيه جي
درياهه مان ماڻڪ موتي ڳولهي ڪڍجن ۽ سماج جي ڌيان
تي آڻجن. سماج جي حياتي اوچ ڪرڻ لاءِ ضرورت موجب
دائمي سچ رواجي ۽ سولي ٻولي ۾ وڻندڙ طرح سماج جي
اڳيان پيش ڪجن. جياپي لاءِ ضروري آزمودا ماڻهن ۾
جاري ڪجن ۽ ماڻهن جا خام خيال ۽ سُونسا دور ڪين ۽
ڀرم ڀولا ڀڃجن. سندر ۽ سستو ساهتيه ماڻهن لاءِ
موجود ڪجي. آتمڪ، اخلاقي، آرٿڪ، دنيوي، شاريرڪ،
بدني، سرشٽيءَ جو قدرتي، هنر ۽ وندر جو وگيان،
وشيش گيان، خاص خبر ماڻهن تائين سليس ٻولي ۾
پهچائجي، جيئن سڀيئي دل درست، من درست، تن درست ۽
ڪار درست ٿي سگهن“.
”جيئن انگريزي ساهتيه ۾ ’هوم يونيورسٽي لائبرري‘ گهر گهر
يونيورسٽي پيدا ڪرڻ لاءِ پستڪ مالها آهي يا پيپلس
بڪس، عام جنتا لاءِ ڪتابن جي حفاظت آهي، تيئن سنڌي
ٻولي ۾ به هئڻ کپي. اهڙين لائبررين جي وسيلي هر هڪ
مضمون جا خاص ڄاڻو، ماڻهن کي حاصل ٿيل حقيقتون
سولي ٻوليءَ ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهيءَ
کان سواءِ ساهتيه سميلن جي وسيلي اڳئين زماني جا
ڪيترا سٺي ۾ سٺا ڪتاب، جي اڃا ڇاپي ۾ نه آيا آهن،
اهي ڳولهي پڌرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. نئين
گيان حاصل ڪرائڻ لاءِ خاص ڄاڻن کي وينتي ڪئي ويندي
آهي ۽ وره وره جنهن به شخص نثر يا نظم ۾ ڪو تمام
اثرائتو ۽ اصلي ڪتاب لکيو هوندو آهي، تنهن کي
انعام ڏنو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌي ساهتيه ۾
نئين وگيان داخل ڪرڻ جي ڪوشش ۽ عام جنتا لاءِ
ضروري اصولن کي سولي طرح سمجهائڻ جي ڪوشش، سٺي
ساهتيه کي مان ڏيڻ ۽ ان جي شان وڌائڻ جي ڪوشش،
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪل ڪيترا ڪتاب لکيل يا ڇپيل آهن
انهن جي ياداشت ٺاهڻ ۽ جيڪي گهٽتايون آهن انهن کي
دور ڪرڻ جي ڪوشش، انهن سڀني ڪمن لاءِ جيڪي ويچار
وارا ۽ ساهتيه پريمي اچي ڪٺا ٿيندا ۽ دل دماغ
ملائي، هردو هوش هلائي ايندڙ ايسٽر ۾ شڪارپور ۾
ڪٺو ٿي ڪوشش ڪندا ته سنڌي ساهتيه جي خزاني جي
بچائڻ ۽ وڌائڻ جا چڱا چوکا اپاو ۽ خيال عمل ۾ آڻي
سگهبا. هن پنگتي ورثي جي نگهباني جي ڏاڍي ضرورت
آهي. انهيءَ لاءِ اڪيلي سر ۽ ڪٺي ڪوشش ڪرڻ جي گهرج
آهي. اها گهرج سميلن ۾ ’سم ودتوم ۽ سم گڇدوم‘ گڏجي
ڳالهائڻ ۽ گڏجي وک کڻڻ جي وسيلي ئي پوري ٿي
سگهندي“.
”تنهن ڪري ساهتيه پريمين ۽ ساهتيه ميڙڪن کي منهنجي وينتي آهي ته
’سنڌو‘ ۾ ايندڙ ايسٽر تي شڪارپور ۾ ساهتيه سميلن
ڪٺي ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي سا قبول ڪن ۽ ڪٺو ٿي
هن ڪم ۾ ’سهه وير سم ڪرو اوهي‘ بهادري سان گڏجي ڪم
ڪن ۽ هي ضرورت ڪيئن پوري ڪجي تنهن لاءِ اچي پهه
پچائين ۽ پڪيون تجويزون ڪن.“ (6)
اديبن ۽ عالمن کان ’سنڌي ساهت سميلن‘ جي سٽاءَ ۽ مفيد مقصدن
لاءِ ڀرپور تجويزن ملڻ کان پوءِ شري راجپال ’سنڌو‘
جي فيبروري 1933ع جي اشاعت ۾ ڪجهه نڪتا نروار ڪندي
مهتممي نوٽ لکيو ته:
”اسين گذريل آڪٽوبر کان ’سنڌو‘ ۾ ڌيندا آيا آهيون ته سنڌ ۾
’سنڌي ساهت سميلن‘ ٿيڻ کپي. هندستان جون ٻيون
ٻوليون سنڌي کان گهڻو اڳتي نڪري ويون آهن ۽ جنهن
رفتار سان انهن ٻولين جي اوسر ٿيندي رهي ٿي، سا
نيٺ کين ڪنهن ڏينهن اوج تي آڻيندي ۽ سندن ڳڻ دنيا
جي مکيه ٻولين ۾ ڪئي ويندي“.
”اسان جي مقصد جي سنڌ جي ڪيترن ئي ڄاڻن پٺڀرائي ڪئي آهي. جڏهن
اسان کي ڪيترن دوستن جا خط آيا ته اها ڪانفرنس
شڪارپور ۾ ٿيڻ کپي تڏهن اهو بهتر ڄاتو ويو ته اها
ڪانفرنس شڪارپور ۾ سڏائي وڃي.
”اسان پنهنجن دوستن پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، آغا صوفي، ڊاڪٽر
ليلا رام ڦيرواڻي، پروفيسر تاراچند گاجرا وغيره
سان ڪانفرنس جي ڳالهه چوري، جي صاحب پڻ ان ڳالهه ۾
متفق راءِ ٿيا ته ڪانفرنس شڪارپور ۾ ڪوٺائجي. اسان
کي اها اميد ڪانه هئي ته اسان جو ڌنئڻ ڪو ايترو
جلد نتيجو آڻيندو. هينئر اسان کي ظاهر ڪندي ڏاڍي
خوشي ٿي ٿئي ته شڪارپور ۾ سنڌي ساهت جو پهريون ميڙ
15_16 اپريل تي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي زير صدارت
ٿيندو، جنهن موقعي تي ساري سنڌ جا ودوان اچي ڪٺا
ٿيندا“.
”هن کان اڳ وڏا ننڍا ميڙ جدا جدا هنڌن تي ٿيا آهن، پر ڪانفرنس
ڪٿي ڪانه ٿي آهي، جنهن ۾ ساري سنڌ جا ودوان ڪٺا
ٿيا هجن. اميد ته ساري سنڌ جا ودوان ۽ عالم ٻيا
سوين ڪم ڇڏي به هن ميڙ ۾ اچي شامل ٿيندا. هن کان
اڳ ۾ جيڪي به سنڌ ۾ ڪانفرنسون ٿيون آهن، تن مان
سواءِ ٺلهن ٺهرائن پاس ٿيڻ جي ٻيو ڪو خاص کڙ تيل
ڪونه نڪتو آهي. هينئر سڀني ودوانن کي پروگرام رٿي
اچڻ کپي ته ڪهڙيءَ ريت هن ڪانفرنس کي فتحياب
بڻائجي. ڪانفرنس فتحياب تڏهن ٿيندي، جڏهن اهڙو ڪو
پروگرام رٿيو ويندو جو ڪانفرنس پوري ٿيڻ کان پوءِ
به ساهت جو ڪم پيو هلندو ۽ ائين نه ٿئي جو ڪانفرنس
گذرڻ بعد هرڪو وڃي گهرن ۾ کونگهرا هڻي“.
”هندي، اردو، گجراتي، مرهٽي ۽ بنگالي ۾ ساهت جو ايڏي ترقي ڪئي
آهي، تنهن جو هڪ سبب اهو آهي جو ڪانفرنس ۾ لائق
ليکڪن کي انعام ڏيڻ جو رواج آهي. سنڌ ۾ به اهڙي ڪا
رٿ ٺهڻ کپي جو هر سال سٺن ليکڪن کي انعام ملن. ان
مان نه فقط پراڻن ليکڪن جو قدر ٿيندو بلڪه انيڪ
نوان ليکڪ جاڳندا جي انعامن رستي مشهوري حاصل ڪرڻ
لاءِ سنڌي ساهت جي شيوا ۾ لڳي ويندا. ان مان ٻيو
اهو به فائدو ٿيندو ته هر سال انيڪ ڪتاب وجود ۾
ايندا جي اصليت جي دعويٰ رکي سگهندا. ٻيو مکيه
سوال ڪانفرنس اڳيان هي ايندو ته سنڌي ساهت سڀا کي
پڪي پايي تي بيهارجي ۽ ان جو انتظام باترتيب رٿجي.
’سنڌي ساهت سڀا‘ جي جوڙجڪ اهڙي رٿڻ کپي جيئن اها
بوجو نه ٿئي بلڪل پنهنجو خرچ پاڻ لاهي.
2_ هڪ مرڪزي لئبرري ٺهڻ کپي جنهن ۾ سنڌيءَ ۾ سڀ ڇپيل ڪتاب جمع
رهن. اهڙي لائبرريءَ جي وجود کان اڳ ۾ سڀني ڇپيل
ڪتابن جي لسٽ ٺهڻ کپي. فريئر لئبرري ڪراچي جي
لئبررين (ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته) اهڙي لسٽ ترتيب ڏني
آهي. بهتر ٿئي ته جيڪڏهن ان کي سڌاري مڪمل لسٽ
ٺاهجي. جيڪڏهن فريئر هال واري لئبرري کي مرڪزي
لئبرري ٺاهجي ته بهتر ٿيندو. ان ڪم ۾ سرڪاري خواهه
ڪراچي ميونسپل کان مدد وٺي سگهجي ٿي.
3_ سنڌ ۾ اٿاهه ڪافيون ۽ گيت آهن، جي ڇاپي هيٺ ڪونه آيا آهن.
ڪيترن وٽ جهونا نسخا پڻ موجود آهن. هڪ ته انهن کي
ڪٺي ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻيو ته اهي ڪٺا ڪري ڇپائڻا
آهن. اهڙي ڪا تجويز رٿڻ کپي جيئن اهي ڪٺا ڪري ڇاپي
هيٺ آڻجن.
4_ هڪ سستو ساهت منڊل برپا ڪرڻ کپي جيئن اجمير ۾ هندي ڪتابن جو
آهي. ان مان اهو فائدو رسندو جو هر هڪ سنڌ واسيءَ
کي دنيا جا سٺي ۾ سٺا ڪتاب سستا پهچائي سگهبا. ان
ڪم ۾ تڏهن فتحياب ٿي سگهبو، جڏهن سنڌ جا داني پرش
هن ڪم ۾ سهائتا ڏيئي سگهندا.
5_ هر هڪ شهر لاءِ ساهت سڀا جون شاخون ٺهڻ کپن، جي ڪانفرنس ۾
رٿيل پروگرام موجب ڪم هلائينديون رهن.
6_ اهڙيون ڪاميٽيون ٺهڻ کپن جو سڄو سال هيٺين ڳالهين جي کوجنا
ڪنديون رهن ۽ جڏهن ٻي ڪانفرنس ٿئي، تڏهن ڪيل ڪم جو
تفصيل پيش ڪن.
(الف) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي کوجنا.
(ب) سنڌي ٻولي.
(ج) سنڌ جي تاريخ جي کوجنا.
(د) وگياني لفظن جي لغت ڪاميٽي.
اهي ٿوريون ڳالهيون آهن، جن تي ڪانفرنس کي ويچار ڪري ڪو عملي
پروگرام رٿڻ کپي. عملي ڪم کان سواءِ ڪابه ڪانفرنس
فتحياب ليکي ڪانه سگهبي. اميد ته سنڌ جا ودوان ۽
عالم جڏهن ڪانفرنس ۾ اچن تڏهن انهن ۽ ٻين ڳالهين
تي ويچار ڪري اچن.“ (7)
”سنڌي ساهت سميلن“ جي سهڻي سٽاءَ کي سجائڻ ۽ ان جي مقصدن کي
ماڻڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري، شڪارپور واسي اديب،
شاعر، دانشور ۽ استاد سخت محنت ڪندا رهيا. هنن
ڄاتو ٿي ته سندن سهڻو سميلن آئينده سنڌي ٻولي ۽
ادب لاءِ بنيادي روايت طور ياد رهندو ۽ آئينده
جيڪي به سميلن، ڪانفرنسون يا ساهتي گڏجاڻيون
ٿينديون، تن جا سٽاءَ، مقصد ۽ مرادون ڪهڙيون هئڻ
گهرجن. ’سنڌي ساهت سميلن‘ جي سٽيندڙن کي پروفيسر
شيوارام ڦيرواڻي جهڙي دانشور جي رهبري ۾ هر ڏکيو
ڪم به آسان ٿي نظر آيو. ڇاڪاڻ جو پروفيسر ڦيرواڻي
جهڙي مدبر، اتر سنڌ ۾ تعليم ۽ ادب جي اوسر لاءِ
وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. حقيقت اها آهي ته
پروفيسر ڦيرواڻي سنڌ جو اهو سونو سڪو هو، جنهن جي
هڪ پاسي ته ’سکيا ۽ ساهت‘ ته ٻئي پاسي ته ’ايڪتا ۽
اهنسا‘ جا الفاظ ٺپيل هئا. اهڙي سيبتي ساهتڪار جي
سهڪار ساهت سميلن سڏائيندڙن ۾ وڏي اتساهه ۽ اِڇا
جا جذبا پيدا ڪيا ۽ هو ان گهڙي جي اوسيئڙي ۾ رهيا،
جنهن گهڙيءَ ساميءَ جي شهر شڪارپور ۾ اهو مانڊاڻ
مچيو هو. آخرڪار اهو اپريل جو مهينو آيو ۽ اهي طئي
ٿيل تاريخون به مٿان بيٺيون. ’سنڌو‘ جو اپريل
شمارو به اچي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ ’ساهت سميلن‘ لاءِ
مهتممي نوٽ جو سرو ئي ’پهريون سنڌي ساهت سميلن
شڪارپور‘ هو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته:
”اڄ اسان جي لاءِ سوني جو سورج اڀريو آهي جو سالن جا سپنا سچو
روپ وٺي سيني اندر سانڍيل سڪون پيا لاهين. ٿورن
مهينن جي ڳالهه آهي جو سنڌو ’ساهت سميلن‘ جو سر
آلاپيو. آواز ويو پکڙبو ۽ اعتبار نه ڪرڻ جيتري
ٿوري عرصي اندر سمورو مانڊاڻ منڊجي ويو، جنهن کي
ٻن ٽن ڏينهن اندر ظاهر روپ ۾ ڏسڻ وارا آهيون.
هيڏانهن هي مهتممي نوٽ پيو لکجي ته هوڏانهن ساري
سنڌڙي مان ايندڙ اديبن جي استقبال جي تياري جا
گهنڊ پيا وڄن. عالم ۽ فاضل هر طرف کان اچڻ وارا
آهن، جي اچي هن جهوني شهر ۾ ادبي عمارت جو بنياد
وجهندا. اسان ’سنڌو‘ جي پاران ۽ شهر شڪارپور جي
طرفان سڀني مهمانن جي آجيان ٿا ڪريون. نماڻي سنڌ
جا ودوانو ڀلي آيا! جيءُ آيا ۽ نچ آيا. شال مالڪ
اوهان جي قدم قدم تي رکيا ۽ رهبري ڪري ۽ برڪت پوي
اوهانجين تقريرن ۽ تحريرن ۾.
”سنڌ ۾ عام طرح ڪوتاهه نظري ۽ تنگ دلي گهڻي آهي ۽ ڪم ڪندڙن جي
واٽ ڪڏهن به ڦلن ڇانئين ڪانه ٿي رهي. البت سرهائي
جي ڳالهه آهي ته هن سميلن جي مقصدن ۽ پروگرام ۾
اخبار نويسن ۽ عام ماڻهن گهڻي فراخدلي ڏيکاري ثابت
ڪيو آهي ته سنڌ سجاڳ ٿيندي پيئي وڃي ۽ ٻين پرانتن
سان ميدان گوءِ ۾ دم پڄائڻ لاءِ تيار پيئي ڪري.
البت ايڪڙ ٻيڪڙ اخبارن يا شخصن بغض وچان ڪانفرنس
جي نيڪ مرادن تي پليد ڇنڊا اڇليا آهن پر ٻڪرين جي
ڦولڙين جي ڪري ڪو درياهه جو پوتر پاڻي خراب ٿيندو
ڇا؟ هڪڙي ضروري، موت يا جيوت جي مسئلي جي حل ڪرڻ
جهڙي شڀ ڪم ۾ غليظ حملن جو خيال ڪرڻ نه گهرجي.
’قافلو هلندو هلي، ڪتا ڀوڪندا ئي رهن.“
”سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءُ لاءِ اڻٿڪ پورهئي جي اشد ضرورت آهي.
همصورت خطي ۾ انقلاب، سائنس، حڪمت ۽ جاگرافي وغيره
علم سان لاڳاپو رکندڙ لفظن جي پيداواري قلمي نسخن
جي صورت ۾ سنڌ جي اکٽ شروع خزاني جي کوجنا، ڳوٺاڻن
اصطلاحن، ٽوٽڪن ۽ اتهاسي شعر جي ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش،
سنڌي لغت جي رٿا، ڪارگر تواريخي ڪتابن جي پڌرائي ۽
ٻين ڏسن ۾ ٽڪر تاڪڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان کي خاطري
آهي ته هن سميلن ۾ گهٽ گهٽ ۾ سمورو ميدان نظر مان
ڪڍي ڪا عملي تجويز تيار ڪئي ويندي ۽ ’سيرو کاڌو
پاتل ڦاٽي‘ واري الزام کان پاڻ بچايو ويندو.“
”سنڌ واسين کي گهرجي ته هن پوتر ميدان ۾ مذهبي وروڌ نه آڻين.
سنڌي ساهتيه کي ٻنهي ڀائرن هندو خواه مسلمان جي
محنت جي ضرورت آهي. جيتري علحدگي ڪبي اوترو پائمال
ٿينداسون ۽ موت کي ويجهو پونداسون. جيتري ملاوت
ڪبي ايترو بلند ٿينداسون ۽ زندهه رهنداسون.“ (8)
طئه ٿيل پروگرام موجب ’سنڌي ساهت سميلن‘ 15 اپريل 1933ع تي
منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
ڪئي. اڳئين طئه ٿيل سٽاءَ موجب ان جي صدارت
نامياري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
کي ڪرڻي هئي، مگر هو پنهنجي پٽ جي ناچاڪيءَ سبب
اوچتو بمبئي ويل هو.
ساهت سميلن ۾ آيل اڪابرن کي آجياڻو ڏيندي سيڪريٽري بولچند وسومل
راجپال چيو ته:
”اڄوڪو ڏينهن منهنجي شخصي زندگي ۾ بلڪل سڀاڳو آهي. ڪيتري نه دل
کي خوشي اٿم جو شاگردي اوسٿا کان وٺي جنهن حياتي
جي ڪم جو تصور ڪندو رهيو آهيان تنهن جي ههڙي
شانائتي شروعات اکين سان ڏسي رهيو آهيان. آشا اٿم
ته جنهن ڪاميابيءَ سان شروعات ٿي آهي تنهن کان
وڌيڪ ڪاميابي سان هن ڏس ۾ ترقي ٿيندي رهندي. |