سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :9

”ڪانفرنس جي اڳيان جيڪو ڪم آهي، ان بابت صرف ڪي ٿورا ويچار پنهنجي الپ ٻڌيءَ آهر اوهان جي اڳيان ڀيٽا رکون ٿا. پهريون ڪم جو اوهان صاحبن کي ڪرڻو آهي سو آهي ’سنڌي ساهت سڀا‘ برپا ڪرڻ، ان جي مرڪزي آفيس ۾ هڪڙو پگهاردار ڪلارڪ مقرر ڪرڻ، ’ساهت سڀا‘ جي مرڪزي آفيس ۽ ضلعي آفيسون مقرر ڪرڻ ۽ انهن جي ڪم ڪار لاءِ قانوني سرشتو تيار ڪرڻ. سڀا جا مقصد ۽ ان جو رٿيل سٽاءَ سلسله وار تقسيم ڪري ڪم جي ورهپ ڪرڻ جو ضرور آهي. انهيءَ جوڙجڪ کان پوءِ ڪي اثرائتا عملي قدم کڻڻا آهن، جهڙوڪ سستو ساهتيه منڊل برپا ڪرڻ. انهيءَ کان سواءِ انعامن جو سلسلو شروع ڪرڻ گهرجي. انهيءَ رستي اختيار ڪرڻ سان ٻين ٻولين چڱي ترقي ڪئي آهي. پئسي وارن کي ناروي جي مسٽر نوبل جو مثال اکين اڳيان رکي پنهنجي ڌراوت جو ڪجهه حصو ساهتيه جي سچي بئنڪ ۾ جمع ڪرائي پنهنجو نالو هميشه لاءِ امر ڪرڻ کپي. انهيءَ باري ۾ اسان ديوان ڏيارام جي ڇڏيل پئسي ڏانهن اشارو ڪري سندس فرزند کي وينتي ڪنداسون ته ڪجهه حصو انهن انعامن جي ڏيڻ ۾ هلائي. ٻين ڪيترن بزرگن جا يادگار فنڊ برپا ٿيندا آهن. اسان انهن فنڊن جي بانيڪارن کي عرض ڪنداسون ته هن قسم جي پوتر يادگار کي خيال ۾ رکن.“

”قلمي نسخا ڪيترا سنڌ ۾ پيل آهن، جن لاءِ تازو مون ڪن دوستن سان گڏ روهڙيءَ ۾ ڪن سڄڻن سان صلاح ڪئي، جن چيو ته ڪيترا اهڙا هٿ جا لکيل پستڪ هندو خواهه مسلمان درويشن جي درگاهن ۾ موجود آهن، پر اهي ٻاهر نه ڪڍندا. وڏي ۾ وڏي رعايت هو اها ڪندا جو اتارڻ ۾ اعتراض نه وٺندا. انهيءَ لاءِ پگهاردار ماڻهن جي ضرورت ٿيندي جو روزانو ٽڪر اتاري هفتي وار مقرر ڪيل ڪاميٽي کي سپرد ڪندا. مان ڀانيان ٿو ته جي ڀرواري سنڌي اسڪول جي ماستر کي ڪجهه ماهيانو الائونس ڏبو ته هو چاهه سان ڪم ڪندو ۽ مطلب به سڌ ٿيندو.“

”هڪڙي ڪاميٽي ڇهن ڄڻن جي ٺاهي وڃي، جيڪا سائنس جي جدا جدا شاخن سان لاڳاپو رکندڙ وگياني لفظن لاءِ سنڌي لفظ مقرر ڪري پڌرا ڪري. اهڙي ٻي ڪاميٽي جاگرافي، ٽين حڪمت لاءِ ۽ ٻيون ٻين جدا جدا شاخن لاءِ هئڻ کپن. ساهت سڀا کي اهڙا لغتي ڪتاب ڇپائي ماڻهن جو اڀياس سولو ڪرڻ گهرجي. ڳوٺاڻن اصطلاحن، شعر ۽ گهرو آکاڻين کي قلمبند ڪرڻ گهرجي. هڪ مرڪزي لئبرري جي سخت ضرورت آهي. ان ۾ سڀ سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب آڻي ڪٺا ڪجن ۽ جي ڪتاب سولا نه ملي سگهندا هجن، تن کي هٿ ڪري اتي رکجي، هنن ڪتابن ڪٺي ڪرڻ ۾ ساري سنڌ جي ساهت جي پريمين جي ضرورت آهي. انهن ڪتابن کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ سنڌ تي ڇپيل ڪتاب موجود رکجن.

سنڌيءَ ۾ سڀني ڇپيل ڪتابن جي فهرست ٺهڻ کپي، جا ڇپائي وڪري لاءِ موجود رکجي. ان ۾ ڪتاب جو نالو، ليکڪ جو نالو، ڇپائيندڙ جو نالو، ملڻ جو هنڌ، ڪيفيت ۽ قيمت وغيره ڄاڻايل هجي.“ (9)

ساهت سميلن ۾ مسٽر بولچند راجپال جي سرهائيءَ واري آجياڻي ۽ مفيد رٿن پيش ڪرڻ کان پوءِ ٻين ودوانن پڻ ويچار ونڊيا. مسٽر ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي صدارتي تقرير ڪندي جن خاص خيالن جو اظهار ڪيو سي پڙهي دل بهار ٿي وڃي ٿي. آءُ چاهيان ٿو ته سندس تقرير جو سمورو متن پيش ڪريان، پر طوالت کان پرهيز ڪندي رڳو اقتباسن تي اڪتفا ڪريان ٿو، جي پڻ سوچڻ تي مجبور ڪندا:

آءُ  مرحبا ڪاميٽيءَ جو ٿورائتو آهيان جو هنن هن نهايت عظيم موقعي تي مون کي چونڊي پهرين سنڌي ادبي ميڙ جي ڪرسي ڏني آهي. سنڌيءَ جي خدمت مون ڪا ذري مس ڪئي آهي، پر مون کان وڌيڪ ٻين ڪئي آهي، سا مون لاءِ حقيقت جي ڳالهه آهي. گربخشاڻي، پرمانند، ڀيرومل، لعلچند ۽ آغا، علم لغت، اصطلاح ۽ روانيءَ ۾ مون کان گهڻو ڪثر آهن. منهنجو اوهان مڙني جلسي ۾ حاضر صاحبن کي عرض آهي ته جنهن به وقت هن ڪرسيءَ کي ڏسو، تنهن وقت مون ۾ گربخشاڻيءَ جو سايو ڏسجو. جي ڪا آءُ چڱي ڳالهه ڪريان جا اوهان کي پسند اچي ته ڀانئجو ته اها گربخشاڻي ٿو مون مان ڳالهائي، پر جي ناپسند ٻول ٻوليان ته اهو مون ناقص وٽان سمجهجو“.

”منهنجو بخوبي اهو رايو آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ساهت جو آئيندو جلويدار آهي. منهنجي من ۾ سنڌ جي ايندڙ ترقيءَ جا صفا چٽيل مشاهدا آهن، تن مان هڪڙو اهو آهي، جنهن تي سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ مون اشارو ڪرڻ واجب سمجهيو.“

”هر ڪنهن ديس جي ٻوليءَ جو پنڌ سندس اتهاس (تاريخ) تي ٻڌل آهي. تاريخ جو هرڪو پير ٻوليءَ تي نشان ڇڏي ٿو. سنڌ جي تاريخ پراچين ۾ پراچين آهي. اها سُڌ پراڻن ماڻهن کي ته اڳيئي هئي ۽ پڻ انهن نون کي جي اولهه جي جادو هيٺ نه آيا آهن، پنهنجي پراڻي هندستاني سڀيتا (تمدن) ۽ علم ادب کان غير واقف نه رهيا آهن. هينئر وگياني کوجنا ڪندڙن، موهن جو دڙو کولي جهان جي تاريخي فهم ۾ انقلاب آڻي ڦٽو ڪيو آهي ۽ دنيا جي عالمن جون اکيون انهيءَ دڙي جي دز تي حيران آهن. چيو وڃي ٿو ته موهن جي دڙي واري تهذيب آرين تهذيب کان اڳي واري آهي، ته چئبو ته سنڌ انهيءَ تهذيب جو پراڻو مرڪز آهي. سنڌي ٻولي اڄ پڻ شبد وديا جي ڄاڻن جي راءِ پٽاندڙ سنسڪرت کي ٻين مڙني هندي ڀاشائن کان ويجهي آهي. ڪن صاحبن جو ته بلڪه اهو به رايو آهي ته ممڪن هجي ته سنڌي خود سنسڪرت جي ماءُ آهي. اهڙين ڳالهين جو فيصلو نه جذبي وهيڻو آهي نه جهيڻي دماغ کان ٿي سگهي ٿو! ٻه نگاهون آهن. هڪ آهي ته اول شبد بگڙيل هئا ۽ پوءِ ويا سڌرندا. مثلاً اول ’ڪم‘ هو، پوءِ ’ڪرم‘ ٿيو؛ اول ’ڌم‘ هو، پوءِ ’ڌرم‘ ٿيو. جي ائين آهي ته اول ’سنڌي‘ ۽ ’پالي‘ هئي، پوءِ سنسڪرت ’ڪرم‘ ۽ ’ڌرم‘ ٿيا. اسان جو ڄاڻو ڀاءُ سوامي گووندانند اڳين نگاهه وارو آهي ته ’سنڪسرت جي ماءُ سنڌي آهي.“

”اڄ سنڌيءَ ۾ تاريخي پنڌ پٽاندڙ عربي ۽ پارسي جا ڪيترائي شبد اچي ويا آهن، انهيءَ ڪري آءُ سرهو آهيان، ارهو نه آهيان. قدرت ڪوبه قدم بنا معنيٰ جي ڪين ٿي کڻي. تنهن هوندي به گهڻائي منجهس سنسڪرت شبدن جي آهي ۽ وياڪرڻ ته ساڳيو ئي ساڳيو اٿس. اتر سنڌ وارن، خاص شڪارپور واسين وٽ سنسڪرت ويا ڪرڻ جا نمونا حيدرآباد کان بهتر آهن. مثلاً ’جالان‘ (زالان) اچارڻ تي اسين حيدرآبادي کلندا آهيون، پر وياڪرڻ پٽاندڙ شڪارپور واسي صحيح آهن.“

”منهنجو بخوبي رايو آهي ته سنڌي ٻولي اپڀرنش کان گهڻو گهڻو سڌريل آهي. سرائڪي ٻولي ۾ اهو بختري اثر قدري آهي. عربي کان وڌيڪ سنڌيءَ تي پارسيءَ جو اثر پيو.“

ڄيٺمل پرسرام جي انهن ويچارن کان سواءِ ٻين ڪيترن پنهنجا خيالات ظاهر ڪيا، جن ۾ پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، ڀوڄراج ناگراڻي، آغا صوفي ۽ محمد حنيف صديقي نهايت اهم آهن.

مسٽر محمد حنيف صديقي ”آريه سڀيتا جي اصليت“ جي عنوان هيٺ مقالو پيش ڪيو هو، جنهن ۾ فاضل محقق ڊاڪٽر وئڊل Dr. Waddell جي ڪتاب Makers of Civilization (سڀيتا جا باني) جي حوالي سان ڄاڻايو هو ته:”دنيا جون مکيه سڌريل قومون جهڙوڪ انگريز، مصري، يوناني، فونيشي، ايراني، هندو وغيره آريه نسل جا آهن ۽ آرين جي سڀيتا پهريائين ايشيا ڪوچڪ (Asia Minor) جي ڪئپاڊوشيا (Cappadocia) علائقي مان شروع ٿي، جتان پوءِ هنن عراق فتح ڪيو. عراق ۾ آرين خوب زور ورتو ۽ ڏورانهان ملڪ فتح ڪيائون ۽ هاڻوڪي سڀيتا جو پايو وڌائون. هنن جي هڪڙي بيٺڪ سنڌ هوندي هئي ته ٻي آئرلنڊ. چون ٿا ته آمريڪا جو کنڊ به ڳولهي لڌو هئائون. انهن قدمي آرين کي تاريخ نويسن سوميري (Sumerians) ڪري ڪوٺين ٿا. جيتوڻيڪ هو انهيءَ نالي سان پاڻ کي ڪونه سڏائيندا هئا. انهيءَ وچ ۾ اشورين جي اڻ سڌريل قوم زور ورتو ۽ سوميرين کي شڪستن پٺيان شڪستون ڏيئي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيائون. سوميرين جي ڇٽيهين، بادشاهه جو نالو ’برو_جن = پراسن_ وات“ (سنسڪرت) هو. مهاڀارت ۾ لکيل آهي ته پراسنوات سارو مشرق فتح ڪيو، دنيا جي اوڀارينءَ حد تائين جتان سج اڀري ٿو. اهڙيءَ طرح سنڌ به ان جي بادشاهت ۾ اچي وڃي ٿي ۽ موهن جي دڙي مان جي مهرون لڌيون آهن اهي به ساڳي شاهدي ڏين ٿيون.“ (11)

سنڌي ٻوليءَ جي هن مثالي ساهت سميلن ۾ هيٺيان ٺهراءَ پاس ٿيا.

(1) هن سميلن جو ٺهرءُ آهي ته ڪانفرنس جي ڪم ڪار ۽ عام طرح سنڌي ساهت جي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ هڪڙي دائمي سڀا پڪيءَ طرح شڪارپور ۾ برپا ڪجي، جنهن جو نالو ٿيندو ”سنڌي ساهت (ادبي) سڀا“ ۽ جنهن جو مقصد ٿيندو سنڌي ساهت (ادب) جو واڌارو. انهيءَ سڀا جا ميمبر هيٺينءَ ريت في ڀريندا.

مربي (250) اڍائي سؤ رپيا.

حياتي لاءِ (50) پنجاهه رپيا.

رواجي (1) هڪ روپيو ساليانو.

سميلن جو هاڻوڪو پريزيڊنٽ صاحب ۽ ٻه سيڪريٽري سارو سال انهيءَ حيثيت ۾ ڪم ڪندا. وائيس پريزيڊنٽ مسٽر آغا صوفي ۽ خزانچي پروفيسر ڦيرواڻي ڪم ڪندا. آئينده قانوني جوڙجڪ هيٺ ڄاڻايل خاص ڪاروباري ڪاميٽي ٺاهيندي. انهيءَ سڀا جي ڪم لاءِ هڪ عام ڪاروباري ڪميٽي مقرر ڪجي ٿي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ هڪ سو ميمبر ٿيندا ۽ هاڻوڪي هيٺ ڄاڻايل تعداد ۾ انهيءَ حد اندر وڌيڪ گڏڻ جو اختيار هيٺ ڄاڻايل خاص ڪاروباري ڪاميٽي کي رهندو. انهيءَ ڪاميٽي جي ميڙ لاءِ ڪورم ڏهه ميمبر ٿيندا. هن وقت هيٺيان صاحب انهيءَ ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر مقرر ڪجن ٿا.

1. پريزيڊنٽ، 2. سيڪريٽري، 3. جوائنٽ سيڪريٽري، 4. وائيس پريزيڊنٽ، 5. لعلچند امر ڏنومل، 6. ڊاڪٽر گربخشاڻي، 7. محمد صديق ميمڻ، 8. عبدالخالق، 9. ڀيرو مل مهرچند، 10. ڪشنچند بيوس، 11. هاسارام پمناڻي، 12. ساڌو واسواڻي، 13. پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، 14. پرنسپال بٽاڻي، 15. ڊاڪٽر دائود پوٽو، 16. ڪرمچند هنڱوراڻي، 17. هريسندر، 18. پروفيسر تاراچند گاجرا، 19. غلام علي نانا 20. امر لعل هنڱوراڻي، 21. منوهرداس، 22. ڏيارام ميرچنداڻي، 23. نانڪرام ميرچنداڻي، 24. جهامنداس ڀاٽيه، 25. علي محمد عباسي، 26. آسانند مامتورا، 27. محمد حنيف صديقي، 28. پوهومل بجلاڻي، 29. هيرانند، 30. خوشيرام، 31. واڌو مل گوڪلاڻي، 32. ٺاڪرداس ناگراڻي، 33. مرزا نادر بيگ، 34. منوچهر بيگ، 35، مرزا غلام مصطفيٰ، 36. خانصاحب گل حسن خان، 37. ويرومل، 38. پروفيسر اجواڻي، 39. عبدالرزاق، 40. ايسرداس رائسنگهاڻي، 41. آسودومل ڀريا، 42. مورندمل مٺياڻي، 43. لوڪومل ٺاروشاهه، 44. پرنسپال ڪاليج شڪارپور، 45. پرنسپال ڪاليج حيدرآباد، 46. هيرانند سکر، 47. پير علي محمد راشدي، 48. شيوارام لالا، 49. پرمانند ميوارام، 50. نارائڻداس ملڪاڻي، 51. خانچند درياڻي، 52. منگهارام ملڪاڻي، 53. ليکراج ڪشنچند، 54. چانڊومل کتري، 55. ڪوڏو سنگهه، 56. محمد صديق مسافر، 57. خان بهادر واحد بخش خان، 58. عبدالستار پيرزادو، 59. ڪوڏو سنگهه، 60. پير الاهي بخش، 61. روچيرام سڏاڻي، 62. علي محمد قادري، 63. ٽيڪم داس گاجرا، 64. چيلارام آڏواڻي، 65. ڌرمداس سکر، 66. دين محمد وفائي، 67. گوبند رام نٿاڻي، 68. تيرٿ داس سڀاڻي، 69. خانصاحب حسام الدين خان، 70. ماستر سهجرام، 71. دمينتي ديوي. 72. رامچند، 73. عثمان علي انصاري، 74. هزاري مل، 75. لڌارام، 76. فتح چند مينگهراج، 77. تارا چند ڪيسواڻي، 78. جهوڙو مل مينگهراج، 79. نرملداس گربخشاڻي، 80. آتمارام ڪرپالاڻي.

انهن کان سواءِ ڪم ڪرڻ لاءِ سال لاءِ هڪ خاص ڪاروباري ڪاميٽي هيٺين ويهن صاحبن جي ٿيندي جا ڪانفرنس جا ٺهراءَ عمل ۾ آڻيندي ۽ عام طرح جيڪو ساهت جو ڪم ڪرڻو هجي ان لاءِ ڪم ڪندي رهندي. انهيءَ جو ڪورم 5 ميمبر ٿيندو ۽ هيٺيان صاحب ميمبر ٿيندا.

1. پريزيڊنٽ، 2. وائيس پريزيڊنٽ، 3. سيڪريٽري، 4. جوائنٽ سيڪريٽري، 5. ڪشنچند بيوس، 6. پروفيسر شيوارام ڦيراواڻي، 7. ڊاڪٽر گربخشاڻي، 7. هريسندر، 9. محمد صديق ميمڻ، 10. شيوارام لالا، 11. محمد حنيف صديقي، 12. تارا چند گاجرا، 13. پروفيسر بٽاڻي، 14. ٺاڪرداس ناگراڻي، 15. پرنسپال شڪارپور ڪاليج، 16. مرزا غلام مصطفيٰ، 17. واڌومل گوڪلاڻي ،18. ڪرمچند هنڱوراڻي، 19. پهومل بجلاڻي، 20. لعلچند امرڏنو مل.

(2) جنهن صورت ۾ سنڌي اول مئٽرڪ تائين پاڙهي وڃي ٿي ۽ وري ايف. اي. انٽر آرٽس ۾ رکيل نه آهي ۽ وري وڃي بي. اي. ۾ ٿي منهن ڪڍي، اهو طريقو مفيد ثابت ڪونه ٿيو آهي، تنهن صورت ۾ هي ڪانفرنس وس وارن کي استدعا ٿي ڪري ته مئٽرڪ کان وٺي باقاعدي ايف. اي. انٽر آرٽس ۽ ايم. اي. تائين سنڌي پاڙهي وڃي.

(3) سنڌي درسي ڪتابن ۾ نظم ۽ نثر ٻئي ڪٺا آهن، جنهن ڪري شاگردن جو نظم طرف چت چوکو نٿو لڳي ۽ اها اهڙي نموني جي چونڊ آهي جو انهن درجن جي ٻارن لاءِ سچ پچ ڏکيو آهي. تنهن ڪري اختياري وارن کي استدعا ڪجي ٿي ته انگريزي ڪتابن وانگر نظم جون ڪتابڙيون نثر کان الڳ رکيون وڃن، جن ۾ درج ڪيل نظم شاگردن جي درجي موافق هئڻ گهرجي.

(4) جنهن صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي چالو صورتخطي ۾ ڪيتريون بيقاعدگيون رهجي ويون آهن، جن ۾ ڦيرڦار آڻڻ جي ضرورت آهي، تنهن صورت ۾ ٺهراءُ ٿو ڪجي ته هيٺين صاحب جي ڪاميٽي مقرر ٿئي انهيءَ مراد سان ته اهي صاحب ويچاري ڪري صورتخطيءَ ۾ جوڳيون درستيون ۽ ضروري ڦيرڦار ڏسين ۽ عمل ۾ آڻڻ لاءِ اپاءَ ٻڌائين.

1. مسٽر ڄيٺمل، 2. لالچند جڳتياڻي، 3. آغا صوفي، 4. ڊاڪٽر گربخشاڻي، 5. ڊاڪٽر دائود پوٽو.

(5) شاهه ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ جيڪي فارسي _ عربي لفظ آهن سي هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ هلندا اچن، پر جيڪي اڳيان جهونا ديسي الفاظ آهن سي ڏينهون ڏينهن وڃن ٿا گم ٿيندا. جيڪڏهن اهي ساڳيا لفظ ڦيرائي درسي ڪتابن ۾ ڪم آندا وڃن ته هڪ ته سنڌي ٻوليءَ جو ذخيرو مالا مال ٿي پوندو، ٻيو هم معنيٰ لفظ سنڌيءَ ۾ انيڪ ٿي پوندا، ٽيون شاهه صاحب جو شعر جو هينئر ماڻهن کي ڏکيو ٿو لڳي سو سهل نظر ايندو ۽ شاهه جي شعر جي هستي سنڌي ساهت ۾ دائمي زندهه رهندي. تنهن ڪري هي ڪانفرنس سنڌي ساهت جي ليکڪن کي استدعا ٿي ڪري ته انهيءَ طرف رجوع ٿين.

(6) سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جي مڪمل فهرست ڪانه آهي ۽ خبر پئجي ڪانه ٿي سگهي ته سنڌيءَ ۾ ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، تنهن ڪري ڪاروباري ڪاميٽي کي هدايت ٿي ڪجي ته ڇپيل ڪتابن جي مڪمل لسٽ تيار ڪرڻ جي ڪوشش يڪدم شروع ڪجي.

(7) سنڌي ٻوليءَ جي ميدان کي وسيع ڪرڻ لاءِ هن ڪانفرنس جو رايو آهي ته جتي جتي سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، اتي سنڌي ٻوليءَ جي سيکارڻ جو اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بندوبست رکيو وڃي ۽ اختياري وارن کي اهڙو عرض ڪيو وڃي.

(8) هي سميلن سنڌ جي مڪاني ناٽڪن جي منڊلين کي عرض ٿو ڪري ته اڳتي جيڪي به هو ناٽڪ ڪن سي جيترو پڄي اوترو سنڌي ٻوليءَ ۾ هجڻ گهرجن ۽ ناٽڪن مان جيڪا کين بچت ٿئي تنهن مان پڻ جيترو پڄي اوترو سنڌي ڪتابن تي خرچ ڪن. (12)

_خاص ڪاروباري مجلس جو پهريون ميڙ:

ساهت سميلن جي ٻئي ڏينهن جو خاص ڪاروباري مجلس جو ميڙ ٿيو، جنهن ۾ 9 ميمبر حاضر هئا. ميڙ ۾ هيٺيان ٺهراءَ پاس ڪيا ويا:

1. ميمبريءَ جا داخلا فارم ۽ رسيد بوڪ ڇپائجن، 2. جدا جدا ماڻهن تي جدا جدا شهرن ۾ ميمبرن داخل ڪرڻ جو بار رکيو ويو، 3. جنهن شهر ۾ پنجاهه ميمبر ٿين ان ۾ ساهت سڀا جي شاخ کولجي. پنجن هزارن کان گهٽ آدمشماريءَ واري ڳوٺ ۾ 25 ميمبرن جي داخلا شاخ بعد کولجي. هر ڪا شاخ هر هڪ ميمبر تي اٺ آنا هيڊ آفيس ڏانهن موڪلي ۽ ٻيا پيسا پاڻ وٽ ڪم ڪار لاءِ رکي. 4. جڏهن هزار رپيا ڪٺو ٿئي، تڏهن سڀا رجسٽر ڪرائي وڃي. 5. يارنهن شڪارپور واسين جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي جا مالي سهائتا ڪري، 6. ساهت سڀا جي مرڪزي آفيس ”سنڌو“ آفيس ۾ ٿيندي، 7. عام ڪاروباري مجلس ۾ باقي کٽل تعداد وارن ميمبرن جي مقرري سيڪريٽري ڪندو، پر صدر جي صلاح سان، 8. ڪتابن ڇپائڻ ۽ ميمبرن ۾ ورهائڻ ۽ وڪري جي بندوبست ڪرڻ لاءِ هريسند هڪ تجويز تيار ڪري  سيڪريٽري کي ڏئي جو ميمبرن ۾ ڦيرائي آخر صدر کي موڪلي جو بحال ڪري. 9. مرڪزي لئبرريءَ جي برپا ڪرڻ لاءِ هڪڙي پنجن شڪارپورين جي ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، 10. جيڪي ڪتاب ڇپائن تن جي منظور ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي. ان سان گڏوگڏ اهو ٺهراءُ به پاس ٿيو ته اها ڪاميٽي ايندڙ هڪ ٻن سالن ۾ گهربل ڪتابن جي فهرست تيار ڪري ڪاروباري ڪاميٽي کي ڏئي. (13).

ادبي تاريخ جو اهو پهريون منظم ساهت سميلن شڪارپور جي ’ڌرم اُپڪار اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي‘ جي هال ۾ منعقد ٿيو. هن سميلن ۾ ساهت جي اوسر ۽ عروج لاءِ جيڪي اهم مسئلا ۽ معملا ويچار هيٺ آيا، سي اڳ ڪنهن به ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ نه آيا هئا. سنڌي ڪتابن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ لئبرريءَ جو بنياد رکڻ، قلمي نسخن جي حفاظت، سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي ترتيب ڏيئي ڇپائڻ ۽ تحقيق طرف توجهه ڏيارڻ لاءِ هن سميلن ۾ خاص ويچار ڪيا ويا.

مسٽر بولچند وسومل راجپال ’ساهت سميلن‘ ۾ ٿيل ڳالهين کي رڳو ڳالهين تائين محدود نه رکيو، پر ٻين کي به سرگرم ڪندو رهيو. هن ڪيترن صوفي شاعرن جو ڪلام گڏ ڪيو ۽ مختلف موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪرائيندو رهيو. سندس سموري ڪوشش ’سنڌو‘ جي صفحن مان بکي رهي آهي.

حوالا

”سنڌو“: جنوري 1932ع، ص 29.

”سنڌو“: آڪٽوبر 1932ع، ص ص 323_ 325.

”سنڌو“: نومبر 1932ع، ص ص 400_401.

ايضاً.

ايضاً.

پروفيس شيوارام ڦيرواڻي ”سنڌي ساهتيه سميلن“:”سنڌو“: ڊسمبر 1932ع، ص ص. 410_412.

”سنڌو“: فيبروري 1933ع، ص ص 157_159.

”سنڌو“: مارچ 1933ع ص ص 239_240.

”سنڌو“: اپريل 1933ع، ص ص 292_297.

 ”سنڌو“: اپريل 1933ع ص ص 243_252.

 ”سنڌو“: نومبر 1933ع ص ص 341_346.

 ”سنڌو“: اپريل 1933ع ص ص 315_319.

 ايضاً.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com