سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :2

ماڻڪ ملاح

گيت

 

هار ڀلي ٿئي منهنجي، تنهنجي ڀلي ٿئي جيت،

جنم جنم جا ساٿي بنجي رهندا منهنجا گيت.

     جيڪي لکندس گيت،

     تــولــئه لــکندس گيت.

چارڻ بنجي چنگ کي چوري،

سونهن مٿان سِر ساهه به گهوري،

ريٽو ريٽو رت وهائي، ريٽا لکندس گيت،

     جيڪي لکندس گيت،

     تــولــئه لــکندس گيت.

راتيون جاڳي، ننڊ ڦٽائي،

پرهه پريءَ کي ڀي پرچائي،

ماڪ ڦُڙن کي مس بنائي، تن مان لکندس گيت،

     جيڪي لکندس گيت،

     تــولــئه لــکندس گيت.

مون ۾ جيڪا رت ڦڙي آ،

تنهن مان جيڪا مِکُ جڙي آ،

ان مان تشبيهن کي ٺاهي، تنهنجا لکندس گيت،

     جيڪي لکندس گيت،

     تــولــئه لــکندس گيت.

رات لڙيءَ ۾ مومل اُلڪو،

ڇاتي خالي ابهم سڏڪو،

ڌَن جي عيوض تن کي ڳاهي، جذبا لکندس گيت،

     جيڪي لکندس گيت،

     تــولــئه لــکندس گيت.

ڏيئو تڙتي سانجهيءَ ٽمڪي،

چانڊوڪيءَ ۾ چاهت چمڪي،

جوڀن ورنا جذبا جاڳن، اڌما لکندس گيت،

     جيڪي لکندس گيت،

     تــولــئه لــکندس گيت.

 

روشن گهانگهرو

گيت

ساحل تي مان بيٺو آهيان،

ويچاريان ٿو آهيان، ناهيان!

نيرو بادل بڻجي ٿو مان جيون _ اڀ تي اُڏارن،

سمنڊ تري کان عرش وڏي کان ڏور وڃي شل پهچان،

جيون ڀر ائين رُلڻو آهي،

ساهه نه پل کن پَٽڻو آهي،

اڳتي اڳتي وڃڻو آهي،

مور نه واپس ورڻو آهيان.

ساحل تي مان بيٺو آهيان،

ويچاريان ٿو آهيان، ناهيان!

سورج اڀري سندرتا جا سونا رنگ ڇڏي ٿو،

لهرون شور مچائن ٿيون ۽ سُڏڪي سمنڊ سڏي ٿو،

ڇـولي ســان گڏ ڇلڻو آهي،

پــاڻيءَ ســان گڏ هلڻو آهي،

جــيون ۾ جي مرڻو آهيان،

جـنم وٺي پيو اچڻو آهيان،

ساحــل تي مان بيٺو آهيان،

ويچاريان ٿو آهيان، ناهيان!

ٻرندي ٻرندي ڏور پهاڙين پويان سج ٻُڏي ٿو،

سج ٻڏي ٿو ڌيان ڌڏي پيو پوبه نه عزم لُڏي ٿو،

سورج رنگ ۾ رڱڻو آهي،

ٻهڪي ان سان ٻرڻو آهي،

طوفانن ۾ ترڻو آهيان،

جنم جنم ۾ ٻرڻو آهيان،

ساحل تي مان بيٺو آهيان،

ويچاريان ٿو آهيان، ناهيان!

جيون ڇاهي، جوڀن ڇاهي، عرش ۽ ڌرتي ڇاهي؟

ڌيرج سان انسان وڃن ٿا ڪهڙي پاسي ڪاهي؟

هر ماڻهو ائين وڃڻو آهي!

ڪوبه نه هِت ڇا رهڻو آهي؟

آءُ ائين ڪٿ وڃڻو آهيان،

جُڳ جُڳ جڳ ۾ جيئڻو آهيان،

ساحل تي مان بيٺو آهيان،

ويچاريان ٿو آهيان، ناهيان!

 

 

وسيم سومرو

ڇتارا

 

رات اکين ڪجهه سپنا اُڻندي، ٿڪجي ننڊ ڪئي،

پسي پرينءَ کي نيرانو، پيا مهڪي نيڻ ٻئي،

مهڪي نيڻ ٻئي، تڪيندا رهيا ساجن _ واٽ،

ساجن مُرڪي واسيندو ويو، سج جيئن جرڪي گهاٽ،

ساڳيا پاڇا اوسيئڙي جا، ساڳي ويو ڏيئي تات،

ساڳيا سپنا، ساڳيون سارون، جيئن جو سهڙي رات_

 

اوت اُتر جيءَ ڪونجن وانگر، ساريو رُت جو ساءُ،

سُرهي پيلي سرهه ڦلاري، آءُ او ساجن آءُ!

آءُ او ساجن آءُ، ته من تان لهي ڏکن جي مونجهه،

ڪيسين جيءُ جلائيندي پئي، هيءُ رنجهه ڪِنجهه ۽ رونجهه،

آئون سسئي جيئن سنڀران، تو سان گهاريل پل پل هوت،

منهنجو من سيبائي، تنهنجي ساروڻين جي اوت_

 

ٻار ڪڏن ٿا راند اڱڻ تي، ٺاهي گهر ۽ گهاٽ،

وري گهرن جي گسن منجهان ٿا، ٺاهن شاهي واٽ،

ٺاهن شاهي واٽ، انهيءَ تي ڪابه نه رنڊڪ روڪ،

اوچ نه ڪوئي، نيچ نه ڪوئي، ڪنهن کي روڪ نه ٽوڪ،

ڪيڏو سندر آهي، اوجل، ٻارن جو سنسار،

تون به هجين، ڪر ٻار او سرتا مان به هجان ڪر ٻار_

 

ڄاڻ وري هن ڄيٺ جي رت ۾، مينهن ڪندا مانڊاڻ،

وڏ ڦڙي جي وسڪاري ۾، ڀڄنداسين ٻئي پاڻ!

ڀڄنداسين ٻئي پاڻ، ڀٽن تي نچندا من جا مور،

پريان ڏيک چُنيءَ جو ڏيندي، ڪارونجهر جي ڪور،

انڊلٺ جهڙو ويس مٽيندي، پنهنجي هر کر هاڻ،

هن ڌرتيءَ تي ايندا، ايندا، بادل ڀرجي ڄاڻ_

 

 

احمد ٽالپر

گيت

 

مون کي اهڙي ڄاڻ نه هئي ڪا، ساجن! توکان وسري ويندس.

 

چاهت _ چيٽ، کِڙڻ کان اڳ ۾،

آس جا گل ٽِڙڻ کان اڳ ۾،

پن ڇڻ جي ڪنهن پيلي پن جان، واءُ لڳڻ سان وکري ويندس.

 

واٽون جنهن تنهن، پل جاچيندي،

جوڀن جُوالا کي سانڍيندي،

اوسيئڙي ۾ ٻرندي جهرندي، ميڻ بتيءَ جان پگهري ويندس.

 

عڪس هو منهنجو ۽ مان مَن مان،

تنهنجي نيڻن جي درپن مان،

ڪنهن وڌوا جي لڙڪن وانگي،بي مُلهه ٿي مان نڪري ويندس.

 

 

روبينه ابڙو

وائي

 

آخري ڀيرو آءُ،

سانوري سانجهه جو.....

 

توکي ساريو آ مون، گُهلي اتر جي واءُ،

سانوري سانجهه جو.....

 

ٽاڪ منجهند جيان، تو بنا آهي تاءُ،

سانوري سانجهه جو.....

 

ڪين تو بن وڻي، هير توڙي هُڳاءُ،

سانوري سانجهه جو.....

 

موت اڳ ۾ اچي، آءُ اڳ ۾ تون آءُ،

سانوري سانجهه جو.....

 

 

ضمير ڦُل

نظم

 

دور پهاڙين جي پويان 

ڪو سنکُ وڄي ٿو

شايد ڪوئي ساڌو آهي       

جيڪو مون کي روز سڏي ٿو

آنءُ وڃان ٿو آنءُ وڃان ٿو

نيري امبر مان آڌيءَ جو

تارن جي ميڙاڪي مان ڪو

هڪڙو تارو دور ٽٽي ٿو

ڄڻ ڪو منهنجو خواب ٽٽي ٿو

ڪيڏو پنڌ ڪري آيو هان

پرينءَ جو پيرو ڪونه کٽي ٿو

آنءُ وڃان ٿو آنءُ وڃان ٿو

منهنجي سوچن جي لامن تي

درد جو پيلو ٻور ڦٽي ٿو

تنهنجي صورت جي ئي صدقي

سنڌ سموري سيني ۾ آ

اکڙين جي آئيني ۾ آ

آنءُ چوان ٿو آنءُ چوان ٿو

ساري جڳ جي سندرتا آ

تنهنجي هڪڙي موهيڙي ۾

ڪيڏا ڦول ڦُٽي پيا آهن

هيل ڀٽن تي روهيڙي ۾

ڪيڏو درد سمايل آهي

سچل! تنهنجي ڏوهيڙي ۾

آنءُ وڃان پيو ڪوهيڙي ۾

دور پهاڙين جي پويان

ڪو سنکُ وڄي ٿو

شايد ڪوئي ساڌو آهي

جيڪو مون کي روز سڏي ٿو

آنءُ وڃان ٿو آنءُ وڃان ٿو

آنءُ وڃان ٿو

 

بخش مهراڻوي

ڪهاڻي جنهن جي ڪابه پڄاڻي ناهي

توکي ياد ڪندي

ڀريل ٿانو جيان

اوچتو ڄڻ هارجي ويو آهيان

سياري جي اس جهڙو تنهنجو ساٿ،

اداس ريلوي اسٽيشن جهڙي اڪيلائي ۾

لمحو لمحو ياد ٿو اچي

کوٽن سڪن جهڙا ڏينهن آهن.

شاعري جهڙي شام به راس نٿي اچي

ڳولا جي پولار ۾،

تون منهنجو آخري سڏ آهين

سمورا دکي گيت،

ڄڻ هڪڙي ئي پيار جو ورجاءُ آهن

هزارين ڪتابن ۾ ٿڪجي،

۽ گهري ننڊ ستل

لکين، ڪروڙين لفظ

ڪنهن مسافر جو ٿڪ ٿا لڳن.

اکيون،

تاريڪي جو اونداهو تصور ٿيون لڳن

جلائيندڙ سموريون روشنيون

اونداهه لاءِ آٿٽ نٿيون بڻجي سگهن

انساني عقل،

هزارين حصن ۾

ڪيترا قصا ٿو جوڙي

مگر موسمون،

ڪا اهڙي مالها نٿيون جوڙين

جنهن کي پائڻ کان پوءِ

سمورا بار هلڪا ٿي پون

رستا ڏيکاريندڙ اکيون،

پاڻ انڌيون ٿي ويون آهن.

ستين آسمان تائين هٿ نٿا پڄي سگهن

چار طرف آهن،

چارئي دروازا بند آهن

سمنڊ جي لهرن تي ڪير گهر جوڙي سگهيو آهي؟

پاڻي ته،

ڪشتي جو بار به مشڪل سان کڻي ٿو سگهي

شاعري سمورا لفظ چورائي وئي آهي.

گونگا اشارا رهجي ويا آهن

اسان ته آکيرن مان هيٺ ڪريل

ڪچا پکي آهيون

وقت ٻارڙن جو لشڪر اسان جي پويان ڇوڙي ڇڏيو آهي

سهڪندڙ چپن ۾،

ڪير پاڻي جا ڦڙا اوتيندو؟

چنڊ به رات جو راهي آهي؟

سج سان اسان جي سنگت هاڻ رهي ناهي

رات جي هن پار وڃڻ وارن مسافرن کان،

آخري ٽرين به نڪري وئي آهي

هل ته هلي ڪنهن انتظار گاهه ۾، چانهه جو ڪوپ پيئون

۽ هڪڙو وڏو ٽهڪ ڏيون!

 

 

رکيل مورائي

غزل

 

هيکلاين جو عذاب ڀوڳي ٿو،

ڪائي تعبير خوابُ ڀوڳي ٿو.

 

ڪيترائي گناهه ماڻيان ٿئين،

هيل هڪ ئي ثواب ڀوڳي ٿو.

 

آ ڪٻٽ کي وٺي ويو ڄارو،

ڇا ته دوري ڪتابُ ڀوڳي ٿو.

ڪير آ هُن جي ڪيفيت سمجهي،

قبر تي ڪيئن ڪتاب ڀوڳي ٿو.

 

مرڪ ويئي لڪي چپن ۾ ئي،

ان جا اُڌما حجاب ڀوڳي ٿو.

 

 نياز ملاح

وائي

منهنجا سارا خواب،

جهڙا گل گلاب،

تنهنجي جهوليءَ ۾.

منهنجي سوالن جا مٺي،

آهن سڀ جواب،

تنهنجي جهوليءَ ۾.

منجهيل ساري مام جا،

ٿيل حل حساب،

تنهنجي جهوليءَ ۾.

گهاريون پاڻ گناهه ۾،

ليڪن سڀ ثواب

تنهنجي جهوليءَ ۾.

 

 

نياز پنهور

غزل

 

هن جو اهو مون تي وڏو احسان ٿئي ها،
هو شخص رڳو رات لاءِ مهمان ٿئي ها.

 

هن پنهنجي غمن کي رڳو سيني ۾ لڪايو،
جي شعر لکي ها ته ڪو ديوان ٿئي ها.

 

مان موت کي موٽائي ڇڏيان ها پنهنجي در تان،
هن جي ته اچڻ جو رڳو امڪان ٿئي ها.

 

محفل ۾ سندس لهجي وڌا گهاءَ ڪري ها،
پر يار اٿان ها ته کيس ارمان ٿئي ها.

 

غم ياد ۽ تنهائي، پل پل جو عذاب آهي،
هڪ ڀيرو ڀلو ٿئي ها جي سرطان ٿئي ها.

 

جي پاڻ اچئين ها ته ختم کيل ٿي پئي ها،
سڪرات جو لمحو ڪيڏو آسان ٿئي ها.
 

بيخود بلوچ

 

غزل

 

ذهن منتشر آ، نظر دربدر آ،

حُسن! تنهنجو ڪيڏو اسان تي اثر آ.

رڳُن ۾ هلي وئي، زهر پوءِ ٿي پئي،

پتو ڪٿ هو، چاهت مٺو ڪو زهر آ.

 

ڪشش هن ۾ آهي، مگر ياد رکجو،

حُسن عاشقي کان سِوا بي اثر آ.

 

زمانا زمانا! اڙي او زمانا!

ٻڏل رت ۾ هر شعر جو هر اکر آ.

 

محققن لکيو آ، بزرگن چيو آ،

سدا سنڌ پنهنجي امر آ، امر آ.

 

سڄي رات ”بيخود“! ڪٽيهءِ ڪشمڪش ۾،

ويا درد دل جا، اٿي ڏس سحر آ.

 

 

سعيد سومرو

 

پنجڪڙا

 

شهر منهنجو سانورو ڇو ويو ڇڏي؟

زندگي هن بن پسيل ڪاڳر لڳي،

هانءُ پنهنجو هانءُ کان جڏهين ڇڄي،

پو اسان کان گيت هرڪو ٿو پڇي،

شهر منهنجو سانورو ڇو ويو ڇڏي؟

 

سونهن تنهنجي، رات هئي ڄڻ ستارن جي؛

تون ڪري ڪيڏي ته اوندهه وئي آهين!

چاندنيءَ جئن ڇو نه موٽي اچڻ  چاهين؟

تو سوا اڌ آ ڪهاڻي نظارن رجي؛

سونهن تنهنجي، رات هئي سڄڻ ستارن جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com