ايران جي هن دوري ۾ اسان کي ڪوبه ننڍو اديب ڪونه مليو. ليڪن،
اڳي گهڻا مليا هئا، جن مان ڪن جا نالا اڃا ياد
اٿم: استاد فروزانفر، پروفيسر عبدالحسين زرين ڪوب
۽ آغا جعفر محجوب. هاڪارو ايراني عالم، آقاي سعيد
نفيسي مون ڪونه ڏٺو. محمد حسين تسبيحي ته خير
منهنجو پراڻو دوست آهي ۽ ساڳيءَ طرح، خانم طاهر
پڻ، جنهن جو هي انقلابي شعر، شاهه ايران جي دؤرِ
حڪومت جي عڪاسي ڪري ٿو:
تو گاهه کي چيٿاڙڻ لاءِ مٿس سيمنٽ ۽ ڪانڪريٽ جو پلستر چاڙهيو،
پر، ڏس ته گاهه جا پن، فرش کي ٽوڙي، ڪيئن نه ٻاهر نڪري آيا آهن!
تهران ۾ ڪتابن جي دڪانن جي ڪمي ڪانه هئي ۽ دڪانن ۾ وري
ڪتابن جي ڪمي ڪانه هئي. هئا سڀ فارسيءَ ۾، لاچار
ڪو انگريزيءَ ۾ هوندو. پر، دڪانن ۾ گهڙڻ سان معلوم
ٿي ٿيو، ته ماڻهن ۾ ڪتابن جي خريداريءَ جو ڏاڍو
شوق آهي. چيائون ته عام طرح ڪتاب جون ٽي هزار
ڪاپيون ڇپجن ٿيون ۽ ٻن چئن مهينن ۾ وڪامي وڃن
ٿيون.
* * * *
پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن جو ايران ۾ پڙلاءُ هو ۽ ايراني انهيءَ
ڳالهه تي خوش هئا ته اسلامي بلاڪ ۾ هاڻي نيوڪليئر
ٽيڪنالاجي آهي. هو اسان سان سياسي گفتگو اصل ڪونه
ڪندا هئا پر، انهيءَ ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار
ڪيائون. ساڳيءَ طرح، انهيءَ ڳالهه تي به کليو
کلايو افسوس جو اظهار ڪيائون ته ”اوهان جو ملڪ ته
آسودو آهي پر، اوهان جي قيادت، قومي پئسو خزاني ۾
وجهڻ بدران، پنهنجي ’پرس‘ ۾ وجهندي رهي آهي.“
هو سياسي مسئلن تي گفتگو شايد ان ڪري ڪونه ڪندا هئا، جو ايران ۾
اظهار خيال جي آزادي ڪانهي. چوڏهين ڊسمبر تي بي.
بي. سي خبر ڏني، ته ايران ۾ ٽي دانشور قتل ٿي ويا
آهن، ڇو ته. اهي ”خيال جي اظهار جي آزاديءَ“ جا
حامي هئا. انهيءَ واقعي تي تهران ۾ گوڙ ٿيو. عورتن
مظاهرا ڪيا. ستين جنوريءَ تي بي. بي. سي وري ٻڌايو
ته دانشورن جي قتل ۾، خود سرڪاري ايجنسين جا
جاسُوسَ ملوث هئا. ايران جي رهبر ۽ صدر، ٻنهي ڄڻن،
قتل جي انهيءَ واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. انهيءَ
پس منظر ۾، انگلستان جي مشهور اخبار، ”مئنچيسٽر
گارجين“ موجوده صورتحال تي هي ”تبصرو“ ۽ ”تجزيو“
شايع ڪيو آهي:
A Stunning admission by the Iranian secret police last week
that death squads drawn from their ranks were
responsible for murdering dissident
intellectuals seems certain to give President
Mohd. Khatami more control over law enforcement.
It is perhaps the first time in
Iran’s modern history that such an admission has
been made by powerful forces in the ruling
establishment. The fact that it came from the
secret police is even more extra-ordinary.
Many in
Iran suspected that hardliners were responsible
for the murders, but few could have imagined the
veil of secrecy that protected them would be
lifted.
Reformers supporting Mr. Khatami were quick to claim victory
in the political battle.
Since President Khatami came to power in May 1997 has been
pushed for reform of all government
institutions.
The statement included a promise to end the violence that has
destablised
Iran for years and to provide security for all
law- abiding citizens.
The Guardian, weekly vol 160, No 3, Week ending
January 17, 1999.
طلوعِ اسلام کي هاڻي چوڏهن سؤ سال گذريا آهن. پر، ”خلافت راشده“
جو زمانو فقط ”ٽيهارو ورهيه“ چون ٿا. (ٻيو کڻي ان
۾ عمر بن عبدالعزيز جي خلافت جا ٻه ٽي سال شامل
ڪجن). باقي ته سمورو عرصو ”خلافت“ نالي ۾ هئي؛ اصل
۾ ”ملوڪيت“ هئي. ملوڪيت (بادشاهت) ۾ ڇا نٿو ٿئي!
ڪيئي ڪِيسَ ٿي وڃن ٿا.
بداخلاقي بادشاهن جو زيور آهي. رڳو شاهه ايران بداخلاق ڪونه هو.
اڪثر بادشاهه ائين هوندا آهن. ليڪن، ڪوبه سماج،
ڪابه سوسائٽي، پوءِ اهو بادشاهي نظام تي ٻڌل هجي،
يا جمهوري ۽ عوامي نظام تي مبني هجي، ”اعليٰ
اخلاق“ کانسواءِ هلي نٿو سگهي. جارج برنارڊشا
“Apple Cart”
نالي هڪ ڊرامو لکيو آهي، جنهن
۾ انگلستان جي بادشاهه جو ذڪر آهي. هڪ پڙهيل ڪڙهيل
خاتون سان سندس دعا سلام آهي. بادشاهه جڏهن امورِ
سلطنت مان ٿڪجي ٿو، ته انهيءَ خاتون وٽ چاءِ پيڻ ۽
صلاح و مشورو ڪرڻ
(Tea and Sympathy) واسطي وڃي ٿو: هڪ ڏينهن، هوءَ چويس ٿي ته:
”ڏس مان ڪهڙي نه سهڻي ۽ عقلمند آهيان. توکي ڪهڙيون نه سٺيون
صلاحون ڏيان ٿي. تنهنجي راڻي ته بس گوبيءَ جو گل
آهي. مون سان شادي ڪر، ته تنهنجا سڀ سور لاهي
ڇڏيان.“
بادشاهه ڌيرج سان سمجهائيس ٿو ته:
”امينڊا، اسان هن دنيا جا انسان، آسمان جي تارن وانگر آهيون.
تارن جي وچ ۾ رڳو ڪشش ڪانهي، بي پناهه مفاصلو به
آهي. جڏهن به ٻن تارن جي وچ ۾ ”ڪشش“ ”مفاصلي“ تي
غالب اچي ٿي، تڏهن ٻئي تارا پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ڪونه
ٿا ملن. هڪٻئي سان ٽڪرائجي، ذرڙا ذرڙا ٿي وڃن ٿا.
ڪائنات جو نظام ”توازن“ تي منحصر آهي. توازن جو
ٻيو نالو ”اخلاق“ آهي. ڪوبه انساني سماج اعليٰ
اخلاق کانسواءِ هلي نٿو سگهي.“
* * * *
آدم جو اولاد، آد جڳاد کان وٺي، هر هنڌ، بک، بيماري، ڏوهه ۽
خوفَ کان نجات جي تلاش ۾ آهي. ڪڏهن هو اهو ڪيميائي
نسخو جمهوريت ۾ ڳولي ٿو، ته ڪڏهن اشتراڪيت ۾. يورپ
۾ صنعتي انقلاب نه اچي ها، ته جمهوريت جا ساوا سلا
زور ڪونه وٺن ها. روس ۽ چين ۾، اشتراڪي انقلاب نه
اچن ها، ته ماڻهو اتان جي بادشاهي نظام ۾ اڃا
پيڙبا رهن ها.
طلوعِ اسلام(Advent
of Islam)
انساني تاريخ جو عظيم انقلاب هو. انهيءَ جو اصل ڪمال اهو ڪونه
هو، ته ڏاچين جو کير پيندڙ، اڻ پڙهيل عربن، ايران
جي تخت ۽ تاج کي لتاڙي چيٿاڙي، ذرڙا ذرڙا ڪري
ڇڏيو. اسلام جو اصل ڪمال اهو هو ته اڻ پڙهيل ۽
وحشي عربن ۾، اهڙا اعليٰ انسان پيدا ڪيائين، جيڪي
هن ڌرتيءَ تي ”سڄيءَ انسانذات جي سونهن“ ثابت ٿيا.
منٽگمري واٽ جي لفظن ۾، ”اعليٰ انساني اخلاق جا
مثالي نمونا بڻيا.“ صديون گذري ويون آهن پر، اڄ به
دنيا کين سڪ سان ساري ٿي.
اسان جي دور ۾، امام خميني انهن ئي اعليٰ انسانن جو روحاني
جانشين هو. هن پنهنجي قول ۽ عمل وسيلي، ان ڳالهه
جو ثبوت ڏنو، ته انسان، اعليٰ اخلاق وسيلي، اقتدار
۽ دولت جي مقناطيسي ڪشش تي به غالب اچي سگهي ٿو.
امام خمينيءَ، اسلامي انقلاب کانپوءِ، ايران ۾ زرعي سڌارا
(Land Reforms)
آندا. پر، اهڙا نه، جهڙا اسان جي ملڪ ۾ حڪمرانن
آندا هئا. تازو، پاڪستان جي مشهور ”ٻاويهن امير
ترين خاندانن“ جي ملڪيتن بابت هڪ ڪتاب شايع ٿيو
آهي، جنهن ۾ سندن ملڪيتن جا انگ اکر ڏنل آهن.
منجهس سنڌ جي هڪ وڏي زميندار لاءِ لکيل آهي ته وٽس
هڪ لک ايڪڙ زمين آهي ۽ ٻئي وٽ اسي هزار ايڪڙ آهي.
گويا، اسان جي ملڪ ۾ زرعي سڌارن اچڻ کان پوءِ وڏن
زميندارن جي زمين پاڻ وڌي آهي.
شاهه ايران جي حڪومت ۾ به ائين ئي هوندو هو. وڏا وڏا زميندارَ
ڏاڍ مڙسيءَ سان ننڍن ننڍن آبادگارن جي زمين زوريءَ
ڦٻائيندا هئا. شاهه کان وڌيڪ ”شاهه پرست“ هوندا
هئا. سو، ڪوبه سرڪاري اهلڪار، سندن وار ونگو ڪري
ڪونه سگهندو هو.
امام خمينيءَ اسلامي انقلاب آندو، ته هڪ طرف اهڙن زميندارن کان
ناجائز زمينَ کسيائين ۽ اصل حقدارن کي موٽائي
ڏنائين، ٻئي طرف، سموري سرڪاري زمين عام هارين کي
ورهائي ڏنائين ته ”وڃي کيڙيو ۽ کائو.“
اهو طريقه ڪار، ٿوريءَ ڦير گهير سان، هندستان ۾ به رائج ٿيو.
زمينداري ۽ جاگيرداري ختم ٿي وئي. هاڻي هندستان ۾
ڪوبه آبادگار وڌ ۾ وڌ چوويهه ايڪڙ زمين رکي سگهي
ٿو. چين، روس ۽ ٻين سوشلسٽ ملڪن ۾ ته زميندارن جو
وجود هاڻي ميوزيم ۾ به نظر ڪونه ٿو اچي.
شاهه ايران، مغربي ملڪن جو ڪارندو هو. سو، ايران جي آسپاس سڄي
علائقي ۾ سندن پوليس وارو
(Policeman)
سڏبو هو. پاڻ ويو ته ايران جو نقشو ئي بدلجي ويو.
امام خمينيءَ مساوات محمديءَ تي عمل ڪيو. غريبن جي
مٿي تي هٿ رکيو. شيڪسپيئر پنهنجي لافاني ڪلام ۾،
”انتهائي غربت“ کي
(Homeless Poverty) سان ڀيٽيو آهي. امام خمينيءَ انهن ئي اجڙيل ماڻهن کي اجهو ڏنو.
سندن اکين جا ڳوڙها اگهيا. مغربي سرمايه دار ملڪن
کي اها پاليسي پسند ڪانهي. سو، هو ايران جي اسلامي
انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏا وس ڪندا.
چنگيز خان ست سؤ سال اڳ چين فتح ڪيو هو. دنيا جا فوجي ماهر اهو
معمو حل ڪري نٿي سگهيا، ته گوبيءَ جي رڻ پٽ جو هڪ
اڻ پڙهيل ۽ رولاڪُ شخص، چين جي ”ديوارِ عظيم“
(Great Wall)
جي حفاظت ڪندڙ، فوجي ڪرنيلن ۽
جرنيلن تي ڪيئن غالب پئجي ويو؟
تاريخ نويسن کي انهيءَ سوال جو جواب آخرڪار چنگيز خان جي هڪ قول
۾ ملي ويو. چيائين ته ”ڪنهن به ديوار جي مضبوطي
انهيءَ ڳالهه تي منحصر آهي، ته ان جا محافظَ،
ڪيتري دليريءَ سان ان جو بچاءُ ڪري سگهن ٿا.“
ايران ۾ اسلامي انقلاب جي ڪاميابي به انهيءَ ڳالهه
تي منحصر آهي، ته اتان جي موجوده قيامت، امام
خمينيءَ جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪيتري جرئت ۽ صلاحيت
رکي ٿي.
حضور پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن جي زماني ۾ مسلمانن
جون يهودين سان جنگيون ٿيون. پاڻ فرمايائون ته
”يهودين ۽ نصارن کي جزيرة العرب مان ڪڍي ڇڏيو.“
سندن وصال کان پوءِ، خليفي عمر رضه جي ڏينهن ۾،
يهودين ۽ عيسائين کي سندن مسلسل حرڪتن ڪري، ’جزيرة
العرب‘ مان نيڪالي ملي. پر، هنن اهو ڌَڪُ وساريو
ڪونه. هاڻي، جڏهن به موقعو ملندو اٿن، ته مسلمان
ملڪن جي خلاف کڏون کوٽيندا آهن.*
صليبي جنگيون انهيءَ ئي سلسلي جون ڪڙيون هيون. پر، صلاح الدين
ايوبيءَ عيسائين ۽ يهودين جي گڏيل فوجن کي شڪست
پٺيان شڪستون ڏنيون. اڳتي هلي، جڏهن خود مسلمان
حڪمران عياشيءَ ۾ ڪاهي پيا، ته يهودين ۽ عيسائين
کي موقعو مليو. هنن سياسي سازش ڪري، ترڪن جي
اسلامي خلافت کي ڊاهي وڌو. پر، رڳو انهيءَ ڳالهه
تي اڪتفا ڪانه ڪيائون. عربن کي ترڪن جي خلاف
ڀڙڪايائون. ان ڪم ۾ لارينس آف عريبيا وڏو رول ادا
ڪيو. برطانوي امپيريليزم جي مدد سان، حجاز ۾،
”شريفِ مڪہ“ اقتدار ۾ آيو ۽ سندس مٽن مائٽن کي وري
اول شام ۽ پوءِ اردن جو تخت ۽ تاج مليو. انهن سڀني
تاريخي واقعن جي پٺيان مغربي طاقتن جو ذهن ۽ هَٿُ
ڪم ڪري رهيو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪري رهيو آهي. هن
وقت ته صورت حال هينئن آهي ته اسرائيل ۽ ترڪي
هڪٻئي جا فوجي مددگار آهن.
سلمان رشديءَ ۽ تسليمه نسرين جا ڪتاب به انهيءَ ئي تخريب ڪاريءَ
جا تازا ورق آهن. ازبيڪستان ۾ ”تحريڪ اسلامي“ جي
روپوش امير قاري محمد طاهر، ڪجهه ڏينهن
* عهد نبوت کان وٺي موجوده دور تائين، مسلمانن جي خلاف عيسائين
۽ يهودين جي سازشن ۽ تخريبڪاريءَ جو ’گهرو _
اڀياس‘
Indepth Study
ڪرڻ لاءِ ”عالم اسلام کي اخلاقي صورتحال“ نالي
ڪتاب پڙهڻ گهرجي. منجهس ايران، وچ ايشيا،
هندوستان، افغانستان، ترڪي ۽ جزيرة العرب ۾ يهودين
۽ عيسائين جي سازشن جو مفصل احوال ڏنل آهي.
اڳ چيو آهي ته ”ازبيڪستان ۾ يهودين جي اسلام _ دشمن سازشن ۾
اضافو ٿي رهيو آهي، ڇو ته ملڪ جو صدر يهودي آهي.
سندس چرچُ تي، ڪجهه ڏينهن اڳ، بخارا ۾، امام
بخاريءَ جي هڪ هزار ساله قديم تاريخي مدرسي ۾
يهودي ڇوڪرا ننگا ٿي نچيا. يهودي صدر جي مدد سان،
ڪيترن ئي اهم مدرسن ۽ مسجدن ۾ شرابخانا کوليا ويا
آهن، جتي نوجوان يهودي ڇوڪريون ۽ آواره ڇوڪرا فحش
حرڪتون ڪن ٿا.“
يهودين جي انهن حرڪتن جي رد عمل ۾، سابق سوويت ريپبلڪ،
چيچنيا، هاڻي، ”اسلامي جهموريه“ ٿيڻ جو اعلان ڪيو
آهي ۽ صدر، اسلان مشادوف چيو آهي ته ”ڪوه قاف جي
هن اسلامي جمهوريه جو آئين قرآن تي مبني هوندو.“
ٻئي طرف، يوگوسلوويا جي مسلمان پرڳڻي، ڪوسوو ۾
مذهبي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. ڪوسوو به درحقيقت، ڪنهن
زماني ۾ ”ترڪيءَ جي اسلامي خلافت“ جو پرڳڻو هو.
اتان جي نوي سيڪڙو آبادي مسلمان آهي. سربيا جي
يهودين ۽ عيسائي فوجين ڪجهه ڏينهن اڳ، ڪوسوو ۾،
چاليهن ٻارن، ٻڍن ۽ مسلمان زالن کي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾
ڏينهن ڏٺي جو ڪُهي ڇڏيو! ليڪن، بي. بي. سي جي
رپورٽ موجب، ناٽو جون فوجون ”زباني دڙڪي دهمان“
کان وڌيڪ سربن جي خلاف ڪوبه قدم کڻي ڪونه سگهيون.
سو، ڪوسوو ۾ مسلمانن جو عام قتل، وقفي وقفي سان
جاري آهي. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته سوويت يونين جي
زوال کان پوءِ، اينگلو آمريڪن لابيءَ لاءِ
”ڪميونزم“ هاڻي خطرو ڪونهي. هينئر سندن دشمنيءَ جو
نشانو ”اسلامي دنيا“ آهي.
هن بين الاقوامي منظر نامي ۾، امام خميني جڏهن ايران ۾ اقتدار ۾
آيو، ته مغربي امپيريلزم جو چئلينج، سوچي سمجهي،
قبول ڪيائين. سلمان رشديءَ جي قتل جي فتويٰ جاري
ڪيائين. يهودين ۽ عيسائين فوراً رشديءَ کي پناهه ۾
ورتو. هو اڄ ڏينهن تائين سندن ئي گود ۾ آهي. هاڻي
جو امام خميني هن جهان ۾ ڪونه آهي، ته انگلينڊ ۽
آمريڪا وڏا وَسَ ڪيا آهن ته ايران جي موجوده قيادت
فتويٰ کي منسوخ ڪري. درحقيقت، ايران ۾، تازو، ڪن
اڳواڻن اهڙي چرپر ڪئي به هئي. رائٽر لنڊن جي حوالي
سان اها خبر هنن اکرن ۾ ڏني هئي:
LONDON: IRAN AND BRITIAN AGREED TO NORMALIZE
TIES LAST SEPTEMBER IN NEW YORK, WHEN THE TEHRAN
GOVERNMENT PUBLICITY DISSOCIATED ITSELF FROM THE
1989 DEATH EDICT AGAINST BRITISH AUTHOR SALMAN
RUSHDIE. --REUTER.
پر، تهران يونيورسٽيءَ جي شاگردن جڏهن مظاهرا ڪيا ۽ للڪاريو ته
”اسان ڏسون ٿا، ته امام خمينيءَ جي فتويٰ کي رد
ڪرڻ جي جرئت ڪنهن ۾ آهي!“ ته چؤطرف چپ ٿي ويئي.
* * *
اسان جي دوري ۾ هڪ يادگار تقريب، پاڪستاني مندوبين جي اعزاز ۾
ڊنر هئي، جنهن ۾ انقلاب جا اڳواڻ ۽ خود امام
خمينيءَ جو پوٽو، حسن خميني شريڪ ٿيا.
ميزبان اسان کي شام جو بس ۾ وهاري وٺي هليا. ڪن مندوبين مٿين
زور رکيو هو، ته تهران ۾ هڪ اعليٰ درجي جو پبلڪ
پارڪ آهي، جتي شام جو ماڻهو سير تفريح لاءِ ويندا
آهن، اول اهو اسان کي ڏيکاريو. سو، هو پهريائين
اتي هليا. بس کي رستي جي هڪڙي پاسي بيهاريائون ۽
چيائون ته ’وڃي گهمي اچو.‘ پارڪ چڱو وڏو ۽ سهڻو
هو. وڻ ٽڻ، گل َڦل، پاڻيءَ جا ڦوهارا ۽ چوڌاري
ماڻهن جا هجوم هئا. هڪ ايراني خاتون، اسان جو غير
ملڪي لباس ڏسي، اهڙي نموني نهاريو، جو ڄڻ ته اسان
کان ڪجهه پڇڻ گهري ٿي. نيٺ، چيائين ته ’پاڪستاني
آهيو؟‘ اسان هائو ڪئي. تڏهن چيائين ته ’مان ايراني
آهيان، آمريڪا ۾ پڙهندي آهيان. وئڪيشن تي آئي
آهيان.‘
اسان مان ڪنهن چيس ته، ”اوهان جو هتان جون رهندڙ آهيو ۽ پڙهو
آمريڪا ۾ ٿيون، ته ڇا ٿيون سمجهو؟ ايران جون
حالتون ڪيئن آهن؟“
چيائين ته ”هي ٻاهريون ڏيکاءُ آهي. گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ڪونه
سگهندو.“
انگريزن جي ڏينهن ۾ اسان وٽ کٽمٺڙن جو مسالو تيليءَ جي چوٽيءَ
تي چنبڙائي، دڪانن تي عام وڪرو ڪندا هئا. ان کي
”چوپڻي“ ڪوٺيندا هئا. ايران ۾ هاڻي آئيس ڪريم ائين
وڪڻن ٿا. ان کي ”بستني“ ڪوٺن ٿا. پاڻ هڪڙي بستني
چوپي رهي هئي.
مون کانئس پڇيو ته ”اها بستني الائي ڪٿي ملي ٿي؟“
روڊ جي پرئين پاسي اشارو ڪري چيائين ته ”هُتي“.
بهادر خان، حجازي صاحب ۽ مان کانئس موڪلائي، بستنيءَ واري دڪان
تي آياسون. ٽي بستنيون ورتيوسين ۽ بس ۾ اچي
ويٺاسين.
بس، ٿوريءَ دير ۾ اچي هڪ جاءِ جي اڳيان بيٺي، جتي امام خميني
درس ڏيندو هو. سندس رهائشگاهه چند قدم پري هئي. هڪ
عام رواجي فلئٽ هو. چيائون ته ”اوهان کي اتي وٺي
هلي ڪونه ٿا سگهون، جو منجهس امام خمينيءَ جي
فيملي رهي ٿي.“ امام خميني پاور ملڻ کان پوءِ به
ان فلئٽ ۾ رهيو. مٿس اقتدارَ جو جادو ڪونه هليو.
اسان کي جنهن جاءِ ۾ وٺي ويا، تنهن ۾ گهڙياسين، ته اذان
ٻُڌيسون. سو، وضو ڪري سڌا نماز جي هال ۾ هليا
وياسين. ويهارو کن ماڻهو اڳيئي صفون ٻڌيو بيٺا
هئا. پاڪستان ۾ شيعن جي ذاڪرن وارو حليو هئن. اسان
مان هڪڙو ڄڻو سو سڀني کان جدا ٿي وڃي سنين وانگر
نماز پڙهڻ لڳو. پر، ٻيا سڀ جماعت ۾ شريڪ ٿيا.
منهنجو شيعن سان گڏجي نماز پڙهڻ جو اهو پهريون
موقعو هو. نماز امام جي پٺيان پڙهبي آهي. سو، مون
کان ڪنهن دوست پڇيو ته ”نيت کيسي باندهي؟“ مون ٺهه
پهه کيس جواب ڏنو ته: ”جو نيت هماري امام کي، سو
نيت هماري.“
شيعن ۽ سنين جي نماز ۾، طور طريقي جي لحاظ کان، ڪافي فرق آهي.
رڳو هٿ ڇوڙي پڙهڻ جي ڳالهه ڪانهي. ليڪن، اها ته
فقط ظاهرداري آهي. اصل ڳالهه عبادت آهي. اوهان هٿ
کولي ڪيو، هٿ ٻڌي ڪيو، ڪوٽ پتلون پائي ڪريو، عربي
لباس ۾ ڪريو يا سنڌي سلوار قميص ۾ ڪريو، توهان جي
مرضي، ڪابه بندش ڪانهي. خدا ته ماڻهوءَ جي نيت ڏسي
ٿو.
نماز پڙهي، پاسي واري ڪمري ۾ وياسون، جو چڱو وڏو ڪشادو هو.
منجهس ويهن پنجويهن ماڻهن جي ويهڻ لاءِ هيٺ غاليچن
تي، ڀتين جي پاسن کان طول وِهاڻا رکيل هئا. سڀ
مهمان ويهي ويا، ته بهادر خان، حجازي صاحب ۽
منهنجي ويهڻ لاءِ جاءِ اتي وڃي بچي، جتي مجلس جي
صدارت لاءِ ٻه طول وِهاڻا رکيل هئا. ميزبانن،
انتهائي اخلاق سان، اصرار ڪري، اسان کي اتي وڃي
ويهاريو.
ڪجهه دير کان پوءِ، هر هڪ مهمان جي اڳيان پليٽون، ڇريون ۽ ڪانٽا
رکي ويا. ان کان پوءِ خوباني، چيري، موسمين ۽
مختلف ميون سان ڀريل خومچا کڻي آيا ۽ هر هڪ کي پيش
ڪندا ويا. سڀ ميزبانَ، وڏا وڏا ديني عالم هئا ۽
اسلامي لباس ۾ هئا. فقط هڪ اڌڙوٽ عمر جو شخص قميص
پتلون ۾ هو، جو ايرانين جو عام لباس آهي. اردو صاف
ٿي ڳالهايائين. مون ته ائين سمجهيو، ته ڪو ايراني
_ پاڪستاني آهي. نهايت خوش مزاج هو. ماڻهوءَ جو
آهي ئي قرب ۽ اخلاص. انهيءَ جي ميزبانن ۾ ڪمي ڪانه
هئي. اوچتو، قميص پتلون وارو اهو شخص اٿي بيٺو ۽
وڏي واڪي چوڻ لڳو:
روحِ خميني زندهه هئه،
اخلاقِ خميني زنده هئه،
کردارِ خميني زندهه هئه.
ايتري ۾ هڪڙو وجيہ ۽ قداور نوجوان، جنهن جي عمر ويهه پنجويهه
ورهيه هوندي، وڏي وقار سان ڪمري ۾ داخل ٿيو. کيس
ديني عالمن وارو لباس پيل هو. قدرت کيس خوش شڪل ۽
خوش اخلاق هئڻ جي نعمتن سان نوازيو هو. سندس وار
ننڍڙا ۽ سونهري رنگ جا هئا ۽ اکيون حياءَ واريون
هيون. چپن تي پياري مشڪ هئس. ڏاڍو سٻاجهو هو. سڀ
حاضرين محفل، ادب سان اٿي بيٺا. جڏهن ويٺو، ته ستر
اسي ورهين جو هڪ بزرگ، جيڪو امام خمينيءَ جو دستِ
راست هو، سو سندس پاسي ۾ اچي ويٺو. نوجوان جو نالو
حسن خميني هو. امام خمينيءَ جو پوٽو هو.
اسان مان آغا موسويءڍ لاهوريءَ سندس آجيان ۾ خوبصورت لفظ چيا ۽
پاڪستاني مندوبين جو تعارف ڪرايو. ان کان پوءِ،
حسن خمينيءَ پنهنجي پاڪستاني مهمانن کي خطاب ڪيو.
غالباً، پندرهن ويهه منٽ ڳالهايو هوندائين. پر،
جيڪي ڳالهايائين، سو نهايت آرام سان ۽ بنا تصنع جي
ڳالهايائين. سندس گفتگوءَ ۾ ڏاڍو تاثير هو.
سچائيءَ ۽ اخلاص ۾ هڪ عجيب خوشبو ٿئي ٿي. پاڪستان
۾ پاڪستانين لاءِ ازحد محبت جو اظهار ڪيائين ۽
چيائين ته ”اسان ته ائين ئي سمجهون ٿا، ته ايراني
۽ پاڪستاني پاڻ ۾ ڀائر آهيون.“ ڪجهه دير ڪچهري
ڪري، جڏهن محفل مان اٿيو، ته سڀ مهمان ۽ ميزبان
سندس ادب ۾ اٿي بيٺا.
قدرت جي نوازيل ڪي ڪي انسانَ، حسن خمينيءَ وانگر، ”ڪرشمه ساز
شخصيت“ جا مالڪ ٿين ٿا. جڏهن هو محفل ۾ آيو، ته ڄڻ
نُورَ جي شمع روشن ٿي وئي، ۽ جڏهن اٿي ويو ته:
پهر چراغون مين روشني نه رهي
اسان جا ميزبان حسن خمينيءَ کي ’خدا حافظ‘ چئي، موٽي آيا، ته
پاسي واري ڪمري ۾ وٺي ويا، جتي دسترخوان اڳيئي
وڇايل هئا ۽ ايران جو دستوري کاڌو، چانور، ڪباب،
سلاد ۽ پيپسي ڪولا جون بوتلون رکيل هيون.
ماني کائي اٿياسين ۽ هٿ ڌوتاسين، ته ڪتابن جا پاڪيٽ کڻي آيا.
مون کي ۽ بهادر کي سڀ کان عمدو تحفو يعني فردوسيءَ
جي شاهنامي جو
(Deluxe Edition)
ڏنائون. ٻين مهمانن کي به سهڻا ڪلاسيڪي ڪتاب
ڏنائون. مثلاً، رباعيات عمر خيام ۽ ديوان حافظ.
تهران جي اها وڻندڙ شام گهڻن پاڪستاني مهمانن کان
ڪانه وسرندي.
* * *
تهران کان واپسيءَ جو سفر سڪون وارو هو. ايراني ميزبان ايئرپورٽ
تي پهچائي ويا. حجازي صاحب، بهادر خان ۽ مون وڃي
ايئر پورٽ جي لائونج ۾، وڏي آرام سان چاءِ پيتي.
پوءِ ايئرپورٽ واري سوکڙين پاکڙين جي دڪان تان،
کيسي ۾ باقي بچيل ايراني سڪن مان ڪجهه خريداري
ڪئيسون. تهران ۾ رهائش دوران به اسان، پنهنجي حال
سارو، ڪانه ڪا شيءِ ورتي هئي. مثلاً: مون زعفران
واري مصري ورتي هئي.
پهرئين ڀيري، جڏهن مان ۽ نواب نور احمد لغاري (مرحوم) ايران ويا
هئاسين، تڏهن دوري ختم ٿيڻ تي، ميزبان اسان کي
ايراني دستڪارين جي هڪ سٺي دڪان تي وٺي ويا هئا ۽
چيو هئائون ته پنهنجي لاءِ ايران جي ڪانه ڪا سوغات
پسند ڪريو.‘ دڪان ۾ گهڻئي وڻندڙ سامان پيو هو. پر،
اسان جو حجاب ڏسي، ميزبانن کي چوڻو پيو ته، ”اوهان
اسان جا سرڪاري مهمان آهيو. اوهان کي جيڪي به
سوغاتون پسند اينديون، سي ايران سرڪار اوهان کي
نذر ڪندي.“
ايران سرڪار جي اها حد درجي جي فياضي هئي. پر، اسان پوءِ به
پنهنجو اخلاق ڏيکاريو. جڏهن ايراني ميزبانن ازحد
اصرار ڪيو، ته اسان چاءِ پيئڻ جي شيشي جي ننڍڙي
ايراني گلاسن جو سيٽ ۽ رنگين چٽساليءَ وارو شيشي
جو مرتبان پسند ڪيو. اهي سوغاتون مون وٽ اڃا محفوظ
آهن ۽ تڏهوڪن ايراني ميزبانن جي محبت جو يادگار
آهن.
هن ڀيري، اهڙي ڪابه نفيس شيءِ، اسان کي ”القدس“ اسٽور تي به نظر
ڪانه آئي، جيڪو تهران جو سڀ کان مشهور ڊپارٽمينٽل
اسٽور آهي ۽ شاهه ايران جي حڪومت ۾، غالباً،
’سائرس اعظم‘ جي نالي پٺيان سڏبو هو.
هوائي جهاز تهران کان ڪراچيءَ پهتو، ته جيئن وڃڻ وقت ڪراچيءَ جي
خانه فرهنگ ايران جو ڪوبه ملازم اسان کي ايئرپورٽ
تي ڇڏڻ ڪونه هليو هو، تيئن وٺڻ به ڪونه آيو. سو،
حجازي صاحب ايئرپورٽ تان ئي اسان کان موڪلائي،
لاهور روانو ٿيو، ۽ بهادر خان صبح واريءَ فلائيٽ ۾
ڪوٽيا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. مان حيدرآباد هليو
آيس. سڄي سفر جو ٿورو گهڻو ٿڪ ته هو، سو ڏاڍي ننڊ
آئي. ڏينهن ٻن کان پوءِ حيدرآباد جي خانه فرهنگ
مان مظفر ملڻ آيو. مون کيس ڀاڪر پائي، شڪريو ادا
ڪيو. ماڻهوءَ کي هر حال ۾ دوستن جي قرب جو قدر ڪرڻ
گهرجي. جيڪو عزت ڏئي، تنهن کي ٻيڻي عزت ڏيڻ کپي.
* * * *
ڏهن ڏينهن جي دوري جي آڌار تي، ايران جي اسلامي انقلاب بابت
خاطريءَ سان راءِ ڏيڻ ته ممڪن ڪونهي. هونئن به
چوندا آهن ته شريعت ظاهر تي آهي، يعني ماڻهو فقط
ان بابت ئي راءِ ڏئي سگهي ٿو، جيڪي ظاهر ظهور ڏسڻ
۾ اچي.
ويهارو ورهيه اڳ چين جو هڪ وفد پاڪستان جي دوري تي آيو هو. موٽ
تي هڪ اخباري بيان ڏنائين ته ”اسان پاڪستان ۾
خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جي تصوير
(Picture of Prosperity)
ڏٺي آهي.“ اسان ايران ۾ اهڙي ڪابه صورت ۽ مورت
ڪانه ڏٺي. پر، بک ۽ بيروزگاري به ڏسڻ ۾ ڪانه آئي.
ان باري ۾ هڪ ڳالهه ڏاڍي اهم آهي، جا وسارڻ نه
کپي. سا، هيءَ ته انقلاب ڄڻ ته هڪ زلزلو آهي.
زلزلي کان پوءِ حالتون درست ٿين، تنهن ۾ وقت لڳي
ٿو. پر، ايران ۾ ته انقلاب کان پوءِ به حالتن جي
سازگار ٿيڻ جو موقعو پيدا ڪونه ٿيو. ايران _ عراق
جنگ لڳي، جنهن ۾ لکين خاندان اجڙي ويا. مغربي ملڪن
جو پيٽ اتي به ڪونه ڀريو، سو، ايران کي ڏکيو بکيو
رکڻ لاءِ مٿس اقتصادي پابنديون
(Sanctions)
هنيائون، جيڪي اڃا ڪونه لٿيون آهن. انهن مڙني
ڳالهين جا ملڪ جي معيشت تي تباهه ڪن اثر پيا
هوندا.
هڪ ڏينهن مون تهران جي ”القدس“ اسٽور تان ڪيلا ورتا. هوٽل ۾ اچي
حساب ڪيم، ته پاڪستاني سٺ رپين ۾ ٽي ڪيلا مليا.
تهران جي قديم مارڪيٽ ۾ وياسين. اتي خشڪ ميوي جي دڪان تان پستا
ورتاسون. سٺا هئا ۽ مناسب قيمت تي مليا. پر، مون
کي ياد ڪونهي، ته دڪان تي پستن خريد ڪرڻ لاءِ ڪوبه
ماڻهن جو ننڍو يا وڏو ميڙُ هو.
تهران ۾ مون ٽن جدا جدا موقعن تي ٽئڪسيءَ وارن کان پڇيو ته
’اوهان اڳئين دور ۾ خوش هئا يا هاڻي؟‘ هڪ ڄڻي،
روزگار ۽ ڪمائيءَ جي لحاظ کان موجودهه دور جي
تعريف ڪئي ۽ ٻن ڄڻن اڳئين دور کي ساراهيو.
شيريٽن هوٽل ۾ جيڪي زالون ڪمرن ۾ صفائيءَ جو ڪم ڪنديون هيون، تن
جي پگهار تمام ٿورڙي هئي. مون حيران ٿي، هڪ کان
پڇيو ته ”انهيءَ پگهار مان اوهان گذر ڪيئن ٿيون
ڪريو؟“
آڱر اُڀي ڪري، جواب ڏنائين ته، ”رب جي رضا تي راضي آهيون.“
پهرئين ڏينهن، شيريٽن هوٽل ۾، اسان کي ڪمرا ڏئي، هڪڙو ڇوڪرو سو
برابر رشوت وٺڻ آيو هو. پر، انهيءَ کان پوءِ ڪٿي
به ڪو ٻيو اهڙو ماڻهو ڪونه گڏيو، جنهن سڌيءَ يا اڻ
سڌيءَ طرح اسان کان ”بخشش“ گهري هجي.
اسان جي ملڪ ۾ مذهب جي نمائش گهڻي آهي پر، ان جي تعليم تي عمل
ٿورو آهي. ايران ۾ صورتحال ابتڙ آهي. ايراني حڪومت
دين جي آبرو قائم رکي آهي. اهڙو ڪوبه ڪم ڪونه ڪيو
آهي، جو ماڻهوءَ جو دين تان ئي روح کڄي وڃي.
مون کي ياد آهي ته حيدرآباد ۾ ڪنهن زماني ۾ هڪ عمدي هوٽل هوندي
هئي، جنهن جي پاسي ۾ مسجد هئي. هوٽل جي مالڪ مون
کي پاڻ ٻڌايو ته مسجد جي متوليءَ لائوڊ اسپيڪر جو
منهن هوٽل ڏي رکيو. سو، رات جو جڏهن اوچتو بلند
آواز سان بانگ جو آواز ايندو هو، ته هوٽل ۾ رهندڙ
ماڻهن کان ڇرڪ نڪري ويندو هو. مون مسجد شريف جي
متوليءَ کي منٿ ڪئي، ته مهرباني ڪري، ائين نه
ڪريو. انهيءَ تي هن هڪ بدران چار لائوڊ اسپيڪر
هڻايا ۽ چئني جو منهن هوٽل ڏي ڪيو.
ايران ۾ اسان اهڙي قسم جي ڪابه ڳالهه ڪانه ڏٺي. شيريٽن هوٽل ۾
اجتماعي طرح نماز پڙهڻ جو بندوبست ٿيل هو. پر،
اسان ڪڏهن به ڪمرن ۾ لائوڊ اسپيڪرن تان بانگ جو
بلند آواز ڪونه ٻڌو. هونئن، جن کي اجتماعي طرح
نماز پڙهڻي هوندي هئي، سي نماز جي هال ۾ هليا
ويندا هئا. ٻيا وري پنهنجن ڪمرن ۾ پڙهندا هئا. ڪير
به ڪنهن کي مجبور ڪونه ڪندو هو. اسان کي اجتماعي
طرح نماز جو موقعو ٻن ٽن جاين تي مليو: هڪ امام
علي رضا ۽ سندس همشيره جي روضن تي ۽ ٻيو حسن
خمينيءَ جي دعوت ۾. هر ڀيري حقيقي سڪون آيو ۽ قرآن
مجيد جو فرمان ياد آيو ته ’دلين کي قرارُ خدا جي
ذڪر سان ئي ايندو آهي.‘
ايران ۾ هر شخص پنهنجي ڌنڌي ۽ روزگار سان هو. فقير ڄڻ ته هئا ئي
ڪونه. تهران ۾، مشهد ۾، قم ۾، توڙي طوس جي
پسگردائيءَ ۾، مون ڪنهن کي به پنندي ڪونه ڏٺو.
امير ۽ غريب ضرور هوندا پر، ڪنهن کي به پيرين
اگهاڙو ڪونه ڏٺم.
ايراني عورتون ڏاڍيون حسين هيون پر، مون ڪنهن کي به پنهنجي
حُسنَ ۽ هار سينگارَ جي نمائش ڪندي ڪونه ڏٺو. ٻيو
ته ٺهيو، ڪنهن به شهر جي ڪنهن به ديوار تي ڪو فلمي
پوسٽر به نظر ڪونه آيو، جنهن ۾ عريانيت جي جهلڪ
هجي.
ليڪن، ويهه ورهيه اڳ، مان جڏهن شاهه ايران جي حڪومت، تهران ۾
پهريون ڀيرو ”القدس“ اسٽور ڏسڻ ويو هئس، ته ٻه
خوبصورت ايراني خواتين، بظاهر، خريداريءَ لاءِ
هيڏي هوڏي شيون ڏسي رهيون هيون. حقيقت ۾، پنهنجي
حُسن ۽ جسم جي نمائش ڪري رهيون هيون. مردن جهڙيون
سفيد قميصون ۽ انهن جي مٿان سفيد پينٽون پائي آيون
هيون. پر، اهڙيون ٽائيٽ، جو اتي ئي لاهي بيهي رهن
ها، ته جيڪر ايتريون عريان ڪونه لڳن ها.
ايران ۾ اسلامي انقلاب کان پوءِ هاڻي به عورتون هر هنڌ، آزاديءَ
سان گهمن ڦرن ٿيون پر، وڏي وقار سان. هر ڪنهن کي
ڪاري چادر ڍڪيل آهي ۽ مٿي تي حجاب ٻڌل اٿس. مون
علامه طباطبائي يونيورسٽيءَ ۾ پڇيو ته اسلامي
انقلاب کان پوءِ ڪلاس روم ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏ
پڙهن ٿا يا الڳ الڳ؟ ٻڌايائون ته اسلامي انقلاب
کان پوءِ تهران جي ڪنهن يونيورسٽي ۾، هڪ پروفيسر
پنهنجي ڪلاس روم ۾ پارٽيشن ڏياري، شاگردياڻين کي
هڪ پاسي وهاريو ۽ شاگردن کي ٻئي پاسي. امام
خمينيءَ کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي، ته هڪدم
پارٽيشن کي هٽائڻ جو حڪم ڏنائين ۽ چيائين ته اهو
طريقو نه رڳو ”غير اسلامي“ آهي پر، ”غير انساني“
آهي.
* * * * |