سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :23

مون سنڌ جي سمورن محب وطن اديبن طرفان، وڏي ادب ۽ احترام سان، فردوسيءَ جي اڳيان، تعظيم طور، ڪنڌ نمايو، ته سندس لبن مان ”شاهنامي“ جو هڪ دلاويز شعر ٻڌم:

بسي رنج بردم درين سال سي

عجم زنده کردم بدين فارسي.

بسون سانجهيءَ جو، طوس جي پسگردائيءَ ۾، فردوسيءَ جي ابدي آرامگاه تان هليون، ته سڌيون اچي مشهد ايئرپورٽ تي بيٺيون. هوائي جهاز تيار بيٺو هو. منجهس سوار ٿي، اچي تهران لٿاسين. سفر جو ڪجهه نه ڪجهه ٿڪ ته ٿئي ٿو. هوٽل ۾ پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ گهڙياسين، ته هرڪو وڃي بستري ۾ داخل ٿيو. پر، مون گرم پاڻيءَ سان غسل ڪيو. منهنجو پٽ، عزيز چين ۾ انجنيئري پڙهي آيو آهي، پنج سال اتي رهيو. ٻڌايائين ته چيني ماڻهو رات جو سمهڻ مهل غسل ڪندا آهن. چوندا آهن ته سڄي ڏينهن جي ٿَڪَ لاهڻ لاءِ ائين ڪرڻ صحت لاءِ سٺو آهي. چيني ماڻهن جي ڏاهپ ضرب المثل آهي.

** ڀانئجي ٿو ته دستار ٻڌڻ جو اهو نمونو ايران مان سنڌ ۾ آيو هو، ڇو ته سنڌي مسلم ڪلچر تي ايران ۽ سينٽرل ايشيا جي مسلم ڪلچر جي اونهي ڇاپَ لڳل آهي. سنڌ جو اصلوڪو لباس ته اهو هو، جيڪو سنڌي هندن جو هو.

*         *        *

ايران جي دوري ۾، طوس جي انهيءَ يادگار سفر کان پوءِ ٻيو سفر ”قم“ جو ٿيو. سنڌ ۾ ڪنهن زماني ۾، پرائمري اسڪول جي ٻارڙن کي ڏکين لفظن جي معنيٰ سيکاريندا هئا. چوندا هئا ته ”خيابان“ (Osis) معنيٰ بيابان ۾ اهو هَنڌ، جتي پاڻيءَ جو چشمو هجي، کجيون ۽ ٻيا وڻ ٽڻ هجن، بلڪه ڪو باغ هجي. پر، هاڻي، ايران ۾، روڊن ۽ رستن کي خيابان ڪوٺن ٿا. اسان جي قومي زبان اردوءَ ۾ شايد لفظن جي کوٽ آهي، سو، ڪراچيءَ جي ڊفينس ڪالونيءَ ۽ اسلام آباد ۾ به رستن کي خيابان ڪوٺن ٿا.

ايران ۾ ”قم“ اهڙي بستي آهي، جيڪا صحيح معنيٰ ۾ خيابان آهي. ڀانئجي ٿو ته آهي به آڳاٽي، ڇو ته چنگيز خان جڏهن خوارزم شاهه جي سلطنت تي حملو ڪيو هو، تڏهن موجوده ايران جا جيڪي شهر اجاڙي ڇڏيا هئائين، تن ۾ قم به شامل هو. ظهور اسلام کان پوءِ، خليفي حضرت عمر رضه جي ڏينهن ۾ جڏهن عربستان جي اسلامي لشڪر ايران تي حملو ڪيو هو، ته قم ۾ فوج جو تعداد ڏيڍ لک هو.*

*شبلي نعماني: ”الفاروق.“

پر، قم جي شهرت، غالباً، امام علي رضا جي همشيره جي روضي ڪري وڌي، جنهن جو نالو حضور پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن جي نياڻيءَ، بيبي فاطمة الزهرا جي نيڪ نالي پٺيان ”زهرا“ هو. قم ۾ امام خمينيءَ جي درسگاهه به آهي. هونئن به قم آهي ئي مدرسن ۽ درسگاهن جو شهر. پاڪستان جي الائي ته ڪيترن شهرن جا طالب العلم اتي پڙهن ٿا.

هڪ ڏينهن تهران ۾ ناشتي جي ميز تي ويٺا هئاسين، ته ٻڌوسون ته قم هلڻ جو پروگرام ٺهي رهيو آهي. منجهند جي ماني کائي، ٻي بجي، بس ۾ روانا ٿياسين. اسان جي ميزبانن ۾ هڪڙي کي ’مقدم‘ پئي ڪوٺيائيون. ڏاڍو چُست، مُستعد ۽ پنهنجي فرض جو پابند هو. قم جي سفر ۾ اسان جو گائيڊ هو.

تهران کان روڊ رستي قم ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي. علائقو جابلو آهي، ۽ اهڙو ئي جهڙو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ آهي. فرق اهو آهي ته ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ روڊ جي پاسن سان وري به ٿورا گهڻا وڻ ٽڻ ۽ ڪي جهنگلي ٻوٽا نظر اچي ويندا پر، تهران ۽ قم جي وچ ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاهه جو پن به نظر ڪونه ايندو. رڳي سُڃ آهي. البت، روڊ، ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد واري ”سپر هاءِ وي“ کان گهڻو بهتر آهي. بس ايئرڪنڊيشنڊ هئي. منجهند جي ماني کائي چڙهيا هئاسين، سو ”خمارِ گندم“ پنهنجو رنگ لاتو. اسان جون اکيون ٻوٽيون، ته وري تڏهن پٽيون، جڏهن بس ۾ هل ٿيو، ته قم اچڻ وارو آهي.

اڌ مني ڪلاڪ ۾ بس قم پهچي وئي. بس مان لهي، سڌا سنوان بيبي صاحبہ جي روضي تي هليا وياسين، جنهن جو منظر ساڳيو امام علي رضا جي روضي وارو آهي. ليڪن، زيارتين جي پيہ ايڏي ڪانهي. ان جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائجي، ته مون به ٻين زيارتين وانگر، کڙڪيءَ جي ڄاريءَ کان بيهي، وڏي آرام سان، بيبي صاحبہ جي مزار مبارڪ جي زيارت ڪئي ۽ فاتحه پڙهي. مزار مبارڪ جو لوح سنگ مرمر جو آهي، جنهن تي ڪاري رنگ جي ڪيمخاب جو پَڙُ پيل آهي ۽ سيرانديءَ واري پاسي کان رحل تي قرآن شريف رکيل آهي. مزار مبارڪ جي چوڌاري امام علي رضا جي روضي وانگر چانديءَ جو ڪٽهڙو آهي، جنهن جا ٻه پاسا مرد زيارتين جي زيارت لاءِ مخصوص آهن ۽ ٻه پاسا خواتين لاءِ آهن. روضي جو گنبذ سونهري آهي. اسان فاتحه پڙهي، مسجد ۾ آياسين ۽ غاليچن تي ويهي ڪچهري ڪئيسون. ڪجهه دير کان پوءِ ميزبانن ٻاهر سڏ ڪيو، ته بازار گهمي اچو.

روضي جي پاسي سان ڊگهي بازار آهي، جتان زيارتي پنهنجن گهرن جي ڀاتين ۽ دوستن لاءِ شيريني ۽ سوغاتون وٺي ويندا آهن، جن ۾ تسبيحون ۽ فيروزا عام آهن. اسان به هلڪِي سلڪِي خريداري ڪئي. بازار ۾ گهمندي، اوچتو مون کي ڪتابن جو دڪان نظر آيو. وڏي شوق سان اندر ويس. ڪتاب سڀ ديني هئا، تاريخي ۽ ادبي ڪونه هئا. مون خوابن جي تعبير بابت هڪ ڪتاب خريد ڪيو. پر، جڏهن بس ۾ ان جا ڪي ورق پڙهيم، ته بهادر خان روديني ۽ حجازي صاحب کل روڪي نه سگهيا. چيائون ته وڌيڪ هوٽل ۾ هلي، پنهنجي مُنهن پڙهنداسين.

قم مان موٽندي، مان سڄو وقت اهو سوچيندو رهيس، ته جنهن زماني ۾ بيبي صاحبہ تشريف فرما ٿي هوندي، تنهن زماني ۾ ته سڄو سفر گهوڙن يا اٺن تي ٿيو هوندو. سو، خبر ناهي ته انهيءَ ويران علائقي ۾ پهچندي، کين گهڻا ڏينهن سفر جا ڪشالا ڪاٽڻا پيا هوندا؟ اها به خبر ڪانهي ته اهو سفر ڇو اختيار ڪيائون؟ زندگيءَ جا آخري ايام، بيابان جي هن خيابان ۾، ڇو اچي گذاريائون؟ پنهنجي ناني سائينءَ، حضور پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن جا متبرڪ ڪَکَ، ڪهڙيءَ مجبوريءَ هيٺ ڇڏيائون؟

ليڪن، ايترو ته پڌرو پيو آهي ته اسان مسلمانن ئي ساڻن اهي عقوبتون ڪيون. کين پنهنجن اباڻن ڪکن ڇڏڻ تي مجبور ڪيوسون. ڪٿي به قرار وٺڻ ڪونه ڏنوسون. دربدر ڪيوسون.

بيبي صاحبه ته قم ۾ ڪنهن علالت ڪري وفات ڪئي. پر، امام علي رضا کي، زهر ڏئي، شهيد ڪيائون. جن اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو، تن ۾ ڪير به مجوسي، يهودي يا عيسائي ڪونه هو. سڀ سندن ناني سائينءَ، حضور صلي الله عليه وسلم جن تي پنج وقت ڪلمو پڙهندڙ، مومن مسلمان هئا.

قم مان اسان چئين بجي شام جو واپس موٽياسين. روڊُ ته ساڳيو هو، پر، سج بس کي پٺيرو هو. سو، ان جي تپش محسوس ڪانه ٿي. رستي تي هڪ عجب نظارو ڏٺوسون. سمجهوسون، ته ڪو وڏو درياءُ آهي، جو اسان اچڻ مهل ڪونه ڏٺو هو. پر، بس جي ڊرائيور ٻڌايو، ته لوڻ جي ڍنڍ آهي. ڍنڍَ ايڏي ته وڏي هئي، جو حدنگاهه تائين رڳو لوڻ جي اڇاڻ ئي اڇاڻ ٿي نظر آئي.

جڏهن بس تهران کي اچي سڻائي ٿي، ته رات جا ڪارا پاڇا پئجي چڪا هئا. ليڪن، پري کان، امام خمينيءَ جي روضي جا روشن چراغَ ائين ئي چمڪي رهيا هئا، جيئن اونداهيءَ رات ۾ گمراهه مسافرن لاءِ آسمان جا تارا چمڪندا آهن.

*         *        *

شاهه ايران جي حڪومت ۾ امام خميني اول گرفتار ٿيو، پر پوءِ نظر بند ٿيو ۽ آخر ۾ جلا وطن ٿيو. ليڪن، جڏهن شاهه جي حڪومت جي خلاف ايران ۾ هلچل زور ورتو، ته امام خميني ئي شاهه جي مخالفن جو ’هيرو‘ هو.

تاريخ پاسو ورايو، ته شاهه کي تخت، تاج ۽ وطن ڇڏڻو پيو. امام خميني فرانس ۾ جلاوطنيءَ جا ڏينهن پورا ڪري ايران آيو. لکين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. اقتدار جون واڳون ورتائين ۽ ايران جي مغرب زده معاشري ۾ اسلامي انقلاب آندائين، جنهن جا پري پري اثر پيا. وچ اوڀر وارن عرب ملڪن ۾ زلزلو اچي ويو. سڀ کان اول، ”مسلمان مومن بادشاهن“ کي پنهنجي پنهنجي تخت ۽ تاج جو الڪو ٿيو. سو، يهودين ۽ عيسائين ڏي واهر لاءِ واجهائڻ لڳا. هنن عراق کي چُرچُ ڏئي، ايران تي حملو ڪرايو. ورهين جا ورهيه جنگ هلي. رت ٻنهي پاسن مسلمانن جو وهيو. جنگي هٿيار وڪڻي، پئسو، يهودين ۽ عيسائين ڪمايو.

ايران ۾ شاهه جي خلاف انقلاب اهو پهريون ڀيرو ڪونه آيو هو، اڳي به آيو هو. تڏهن به شاهه ايران ٻين مومن مسلمان بادشاهن وانگر، يهودين ۽ عيسائين ڏي واهرَ لاءِ ويو هو. انهيءَ ڀيري ايران ۾ ڪوبه مسلمان مذهبي اڳواڻ يا مذهبي جماعت سندس مخالف ڪانه هئي. بلڪه، سندس مخالف، ڪميونسٽ پارٽي هئي ۽ ايران جي تڏهوڪيءَ هلچل جو ’هيرو‘ محمد مصدق هو، جيڪو ملڪ جو وزير اعظم هو. قومي خيالن جو ماڻهو هو. ايران جي ڪميونسٽ پارٽي، سندس ئي ڇَپر ۽ ڇانوَ هيٺ ڪم ڪندي هئي.

مصدق ايران کي زور وٺائڻ لاءِ پيٽرول کي قومي ملڪيت قرار ڏنو ۽ تيل جو ڪاروبار ڪندڙ مغربي ڪمپنين کي تڙي ڪڍيو. پر، اهي ڪمپنيون، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وانگر، پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ڏاڍيون بااثر هونديون هيون. مغربي ملڪن ايراني فوج سان ساز باز ڪري، شاهه کي واپس ايران آندو ۽ تخت تي وهاريو. شاهه پهريون ڪم اهو ڪيو، ته مصدق کي گرفتار ڪري، تاعمر، قيد تنهائيءَ ۾ رکيو، جتي هن اداسائيءَ ۽ اڪيلائيءَ ۾ دم ڏنو.

مصدق کي ختم ڪري، ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش وجهي، شاهه ايران وڏي آرام سان ملڪ تي حڪومت ڪرڻ لڳو. فوج سان تعلقات پڪا ڪرڻ لاءِ جنرل زاهديءَ جي پٽ کي پنهنجي ڌيءُ پرڻايائين. مغربي ملڪن جي مشوري تي ”ساوڪ“ نالي هڪ جاسوسي تنظيم ٺاهيائين، جيڪا ملڪ جي سياسي سرگرمين تي ڪڙي نظر رکندي هئي ۽ سندس مخالفن کي ڪچلڻ ۾ سختيءَ کان ڪم وٺندي هئي. ليڪن، ساوڪ جي ڏاڍاين ڪري، شاهه جي حڪومت بدنام به ڏاڍي ٿي. عام ماڻهن جو ذهني ڪلچر مذهبي هو، سو، هو مذهبي رهنمائن جي اثر هيٺ هئا. اها ڳالهه به شاهه لاءِ خطري جو سبب هئي، سو، امام خمينيءَ سميت گهڻن ئي مذهبي اڳواڻن جي مخالفت، شاهه جي حڪومت لاءِ گويا قدرتي ڳالهه هئي. شاهه جي پوليس ۽ فوج ڪيترا ڀيرا قم جي مدرسن تي فائرنگ ڪئي. ٻئي طرف، ساوڪ مذهبي عالمن کي ڏاڍو آزاريو. امام خمينيءَ جو نالو ته انهن عالمن ۾ سرفهرست هو.

ايران پيٽرول جي کاڻ آهي. پيٽرول کي ’ڪارو سون‘ (Black Gold) ڪوٺيندا آهن. شاهه ايران ملڪ ۾ پنهنجي مقبوليت وڌائڻ لاءِ، پيٽرول جي پئسي کي هٿيار طور استعمال ڪيو ۽ ٻين ملڪن جي بداخلاق حڪمرانن وانگر، ايران ۾ ڪرپشن ۽ رشوت کي زور وٺايو. جڏهن شاهه پنهنجن وزيرن، اميرن ۽ درٻارين جا ڀِڀَ ڀريا، ته هنن به شاهه جا پير پختا ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو. ليڪن، اڳتي هلي اقتدار جي نشي ڪري، هو پنهنجو ذهني توازن قائم رکي ڪونه سگهيو. انهيءَ ڳالهه جي هڪ چٽي جهلڪ، سندس انهيءَ انٽرويو ۾ نظر اچي ٿي، جو آريانا فلاچيءَ (Interview with History) ڪتاب ۾ ڏنو آهي. پڙهڻ وٽان آهي. شاهه ايران انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي، ته پاڻَ حضرت علي ڪرم الله وجہ سان به ملاقاتون ڪندو هو.

اقتدار جو نشو ڏاڍو سخت ٿئي ٿو. شاهه پاڻ کي ايران جي پنجويهه سؤ ساله بادشاهت جو حقيقي جانشين سمجهڻ لڳو. اها ڳالهه مڃائڻ لاءِ ايران جي اڳوڻي گاديءَ، تخت جمشيد جي ڀرسان هڪ وڏي ميدان ۾ زبردست جشن ڪيائين، جنهن ۾ انگلستان جي راڻيءَ سميت، دنيا جي گهڻن ئي ملڪن جا سربراهه سڏيائين. اڳتي هلي، ماڳهن، پيٽرول جون قيمتون مقرر ڪرڻ ۾ خود مغربي ملڪن سان به کونسڻ لڳو.

هاڻي اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي هئي. اهڙا شاهاڻا شوق اهڙن ماڻهن کي ڪونه ٿا جڳائن، جيڪي ٻين جي ڪلهن تي سوار ٿي، اچي تخت تي ويٺا هجن! سو، دنيا جي يهودي ۽ عيسائي حڪمرانن منجهائنس هٿ ڪڍي ڇڏيا. نتيجو اهو نڪتو، ته هڪ ڏينهن، اوچتو ڌڌڪو ٿيو: اعليٰ حضرت، شهنشاهه ايران، محمد رضا شاهه پهلوي، ’آريا مهر‘ پَٽَ تي اچي ڦهڪو ڪيو. ليڪن، چون ٿا ته هينري ڪيسنجر ان کان گهڻو اڳي چئي ڇڏيو هو ته اسان کي ٽن شخصن کي احسان فراموشيءَ جو سبق سيکارڻو آهي: هڪ ايران جو شاهه، ٻيو پاڪستان جو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٽيون لبيا جو معمر قذافي.

شاهه ايران جو انجام ڏاڍو ڏکوئيندڙ ٿيو. پنهنجي ملڪ مان نڪتو، ته دنيا ۾ کيس پناهه ڏيڻ وارو ڪونه هو. دنيا ۾ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ڌڪا کائيندو رهيو. پنجابي زبان جو محاورو، ”منجي ڪٿي پاوان“ مٿس سو فيصد صحيح ۽ صادق هو. جتي وڃي، اتي سندس حڪومت ۾ جلاوطن ٿيل ايراني شاگردَ اچي سندس خلاف مظاهرا ڪن. ڏاڍو پريشان ٿيو. پنهنجي ملڪ مان قومي دولت چورائي، فلپائينس جي صدر مارڪوس جي گهر واريءَ وانگر، ٻاهرين ملڪن جي بئنڪن ۾ جيڪي ڪروڙين ڊالر جمع ڪيا هئائين، اهي ڪنهن به ڪم ڪونه آيس. آخرڪار، لئٽن آمريڪا جي هڪ ڊڪٽيٽر پناهه ڏنس. پر، اتي اڃا ساهه به ڪونه پٽيو هئائين، ته هڪ ڏينهن سندس راڻيءَ، فرح ديبا، اچي ٻڌايس ته ”هن شيطان کي اسان سان ڪابه همدردي ڪانهي. هو ته اسان جي ڪسمپرسيءَ جو فائدو وٺي، مون کي دادِ عيش ڏيڻ لاءِ راغب ڪري رهيو آهي.“

اهو ٻڌي شاهه، پنهنجي زالَ، ٻارَ ۽ ٻچا وٺي، مصر ۽ تيونس ڏانهن پناهه لاءِ ڀڳو. ڪئنسر جو پراڻو مريض هو. گهڻا ڏينهن جيئرو ڪونه رهيو. هاڻي تاريخ جي ورقن تائين محدود آهي.

*         *        *

هڪ ڏينهن تهران ۾ اسان کي ڪن تي ڀڻڪو پيو، ته ڪي غير ملڪي مندوبين، شاهه ايران جو محل ڏسڻ وڃي رهيا آهن. اهو ٻڌي اسان به ميزبانن کي عرض ڪيو. پر، هنن عذر ڏٺو ته اهي ته اڳي ئي بسن ۾ چڙهي، محل ڏسڻ هليا ويا. اسان کين عرض ڪيو، ته مهرباني ڪري اسان کي به موڪليو. موٽ تي پنهنجن پئسن مان ڪا سواري ڪري موٽنداسين. اها ڳالهه کين قبول پئي. هڪڙو نوجوان ڇوڪرو ٽئڪسيءَ ۾ اسان کي محل جي گيٽ وٽ لاهي ويو. پهريدار اسان کي سڌا هڪڙي فوجي ميوزيم ۾ وٺي ويا، جنهن ۾ ايران جي اڳوڻن بادشاهن جا هٿيار، تراريون، ڍالون، زرهون وغيره رکيل هيون. اهي ڏٺيونسون، ته ٻيو فوجي سپاهي اسان کي ٽئڪسيءَ ۾ چاڙهي شاهه جي محل جي اڳيان ڇڏي ويو. اسان جا ڪي پاڪستاني ساٿي محل ڏسي موٽي رهيا هئا، تن کي چيوسون ”ترسو ته اسان به اوهان سان گڏ بس ۾ موٽي هوٽل هلون ٿا.“ هنن چيو ته ”ڀلا جلدي ڪري وٺو.“ محل جي دروازي تي پهتاسين، ته هڪڙو ايراني ڇوڪرو اندران نڪتو ۽ چيائين ته: ”خيلي ڪشنگ است.“ (ڏاڍو عاليشان آهي). اسان کي اهو ”نفسياتي ڊوز“ ڏئي، هو ته هليو ويو. پر، اسان کي ته محل پنهنجين اکين سان ڏسڻو هو.

شاهه ايران جو محل ٻن حصن ۾ هو: هڪڙو طبقو هيٺ هو ۽ ٻيو مٿي. چيائون ته هيٺيون شاهه ايران جو هو ۽ مٿيون سندس والد، رضا شاهه ڪبير جو. ٻئي طرف طبقا هڪجهڙا هئا: هڪ ڊرائنگ روم، هڪ ڊائننگ روم، هڪ ملاقاتين سان ملڻ جو ڪمرو، هڪ ٽپال نيڪال ڪرڻ جو ڪمرو ۽ بيڊ روم وغيره. شاهه جي والد واري طبقي جو رنگ ڍنگ ۽ فرنيچر ان دؤر جي عڪاسي ڪري رهيو هو ۽ شاهه ايران جي رهائش وارو طبقو موجوده دور جي طور طريقي موجب هو.

سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”لٺ ڌُڪو کڻجي، ڀاءُ ڪارڻ، پر شاهدي ڏجي، خدا ڪارڻ.“ سو، سچي ڳالهه اها آهي ته شاهه جو مَحلُ، چڱي آرام واري رهائشگاهه هئي پر، منجهس شاهاڻو ٺٺ ٺانگر ڪوبه ڪونه هو. نڪي ته ڊائننگ ٽيبل تي سونن روپن ٿانون جي نمائش هئي، نه صوفن ۽ ڪرسين تي هيرا جواهر جڙيل هئا، نه وري ڇت مان ڪرسٽل جا شئنڊليئر چمڪي رهيا هئا.

ليڪن، ائين هجي ها، ته به اسان کي حيرت ڪونه ٿئي ها، ڇو ته بادشاهن جي رهڻي ڪهڻي خلقِ خدا کان جدا ٿيندي آهي. ڀلا، بادشاهه جو ٿيا! چين جي گاديءَ بيجنگ ۾ شاهي محل ڏٺوسون. عاليشان هو. راڻيءَ جو ڪمرو ڏٺوسون، ته مون گائيڊ کان پڇيو: ”بادشاهه کي هڪڙي زال هئي؟“

جواب ڏنائين ته ”سندس مرضي هئي ته روز ساڳيءَ زال وٽ شب باشي ڪري يا نئينءَ زال وٽ وڃي. جڏهن تخت تان لٿو، ته ٻه هزار خوبصورت زالون، محل ۾ ساڻس شب باشيءَ لاءِ، پنهنجي واري جون منتظر هيون. سڀئي سندس راڻيون هيون.“

هن زماني ۾ اڳين بادشاهن جا قصا ته اعتبار ۾ ئي ڪونه ٿا اچن. پر هر دور ۾ بادشاهه شايد ائين ئي هوندا آهن. آمريڪا جي هفتيوار ”ٽائيم“ رسالي ۾، ڪجهه عرصو اڳي، هڪ سعودي شهزادي جو هي داستان ڇپيو آهي:

       ”شهزادو ۽ سندس گهر واري، آمريڪا جي هڪ هوٽل ۾ رهندا آهن. ’سندن ڏينهن رات جو نائين بجي شروع ٿيندو آهي.

       ننڊ مان اٿي، وهنجي سهنجي، لٽا ڪپڙا پائي، هار سينگار ڪري تيار ٿيندا آهن ته سندن دوست به اچڻ شروع ٿيندا آهن. شراب جو دؤر شروع ٿيندو آهي. اول نوجوان جوڙا (Couples) مغربي موسيقيءَ جي ڌن تي ڊانس ڪندا آهن. پوءِ شاهاڻا شغل شروع ٿيندا آهن، جيڪي پوئينءَ رات تائين جاري رهندا آهن. بعد ۾ ڊنر لڳندي آهي. ماني کائي، ٻاهران آيل مهمان، هوريان هوريان موڪلائڻ شروع ڪندا آهن، ته باک به ڦٽندي آهي. شهزادو ۽ سندس اهليه مهمانن کي رخصت ڪري، پنهنجيءَ خوابگاهه ۾ هليا ويندا آهن.

       زندگيءَ جي انهيءَ طور طريقي ڪري، شهزادي تي هوٽل جو بل گهڻو ٿي ويو، جو سندس جمع ڪرايل ايڊوانس کان لکين ڊالر مٿي هو. هوٽل وارا جڏهن تقاضا ڪري ٿڪا، تڏهن وڃي ڪورٽ ۾ پڪاريائون.

       شهزادي صلح صفائيءَ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. هن غَرِيبَ ته يهودين جي فندَ ۾ به چڱي چوکي رقم چندي طور ڏني پر، پوءِ به هوٽل وارا هوڏ تان ڪونه لٿا، ته لاچار شهزادي جو نمائندو ڪورٽ ۾ ويو ۽ هوٽل جو بل، ڏنڊ سميت، ڀري ڏنائين. بعد ۾ اخباري نمائندن کي ٻڌايائين ته هوٽل وارن اجايو پاڻ کي ڏٺو ڪيو. ڀلا شهزادي کي ڪهڙي پرواهه! سندس پنهنجو پلازه تقريباً تيار ٿي ويو آهي. سو، هو هاڻي مستقل طرح انهيءَ ۾ منتقل ٿي ويندو.“

       ”ٽائيم“ رسالي جي هن رپورٽ ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ’حقيقت‘ ۽ ڪجهه ’افسانو‘ هجي ڇو ته ”ٽائيم“ ائنگلو _ آمريڪن لابيءَ جو ترجمان آهي. ائنگلو آمريڪن لابيءَ ۽ اسلامڪ بلاڪ جي جيڪا پاڻ ۾ اڻبڻت آهي، سا ڪا نئين ڳالهه ڪانهي.

*      *      *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com