مقبرو اندران عمدي قسم جي چٽساليءَ سان سينگاريل آهي. مقبري ۾
ڪاٺ جو هڪ عاليشان دروازو لڳل هو، جنهن تي اُڪر جو
نهايت دلڪش ۽ من موهيندڙ ڪم ٿيل هو. موجوده وقت ۾
اهو دروازو خبر ناهي ته ڪير ڪڍي ويو آهي. اندر
مقبري ۾ 9 قبرون آهن. پهرين قطار ۾ چار قبرون آهن
جن ۾ وڏي قبر شاهه بهاري جي آهي. ٻي قطار ۾ پنج
قبرون آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي سندس اولاد،
عزيزن يا اميرن جون آهن. ڪن روايتن ۾ ڄاڻايل آهي
ته هي مقبرو شاهه بهاري پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾
ٺهرايو هو، پر حقيقت ۾ هي عاليشان مقبرو فنِ تعمير
جي اعليٰ ماهر ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1772ع ۾
جوڙايو هو. چيو وڃي ٿو ته شاهه بهاري جي مقبري تي
جيڪو چُوني جو پلستر ٿيل آهي، ان ۾ ڏاچين جو کير
استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو ان دور ۾ اهڙي سورهيه
کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين ذريعو هو.
مقبري جي ٻاهران سامهون دروازي جي مٿان هڪ فارسي ڪتبو لڳل آهي:
عجائب گنبذي در زير گردون
ثــريـــا وار حـسنش جــمــع گشته است
بــود شــاهِ بهاره صاحبش نـــام
کہ در دنيا بجز نيکي نہ کشت است
بها است اين نه گنبد در تماشا
جهان گويد که ابن خرم بهشت است
ز تاريخش چو پرسيديم گفتند
هزار و يکصد و هشتاد وهشت است
(1188هه)
ترجمو:
عجب گنبذ آهن آسمان جي هيٺيان
ڪَتين وانگر حُسن هن جو گڏ ٿيو آهي
هيو شاه بهاري صاحب جو نال
دنيا ۾ سواءِ نيڪيءَ جي نه پوکيو هئائين،
هن دنيا ۾ هن جي مثل ڪوبه گنبذ نه آهي،
زمانو ائين ٿو چوي، ابنِ خرم جو بهشت آهي،
جڏهن هن جي تاريخ پڇيم ته چيائين،
1188هه آهي.
مقبري جي اندر محراب جي مٿان پڻ هڪ فارسي ڪتبو لڳل آهي، جيڪو هن
طرح آهي:
گنبد شاه بهارا چه زهي نيک سير تشت
کاتب از جود و صفاتش هم برلوح نوشت
خادمش هوت ز تاريخ عمارت پر سيد
هاتفش گفت که وه بيشک محسود بهشت
ترجمو:
گنبذ شاه بهاري جو واه جو ڀلو ٺهيل آهي،
گويا جو ڪاتب تقدير سخا ۽ تعريفون سڀئي،
لوح محفوظ ۾ لکي ڇڏيون آهن،
هوت خادم ان جي عمارت جي تاريخ پڇي،
غيبي آواز ان کي چيو ته بلاشڪ بهشت برابر آهي.(1)
هي ڪتبو شاهه بهاري جي خاص امير هوت بلوچ هڻايو هو، جيڪو
فارسيءَ جو بهترين شاعر پڻ هو.
(1) هنن ٻنهي ڪتبن جي ترجمي لاءِ ليکڪ حڪيم حاجي سعد الله شيخ
صاحب جو ٿورائتو آهي.
مقبري ۾ ڪاٺ جو هڪ عاليشان دروازو لڳل هو، جنهن تي اڪر جو نهايت
عمدو ۽ من موهيندڙ ڪم ٿيل هو. جڏهن ته انگريز محقق
هينري ڪزنس پنهنجي مشهور ڪتاب ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“
۾ انهيءَ دروازي جا عڪس پيش ڪيا آهن.
لاڙڪاڻي جو قلعو:
لاڙڪاڻي ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي قابلِ فخر سپہ سالار
شاهه بهاري جي نگرانيءَ ۾ هڪ ڪچو قلعو تعمير ڪرايو
هو، جنهن کي چار مورچا (منارا) به هئا. ان ۾ ميان
نور محمد کي پورچوگيزن طرفان مليل ڪجهه توبون
هيون. قلعي ۾ شاهه بهاري جي ڪمان هيٺ ڏهه هزار جو
فوجي دستو رهندو هو، جنهن ۾ جتوئي ۽ کوسا قبيلي جا
گهڻا ماڻهو شامل هئا. اهو قلعو ٽالپرن جي دور ۾ به
توبخاني جي حيثيت ۾ استعمال ڪيو ويو. هن وقت اهو
اهم قلعو پنهنجو وجود وڃائي چڪو آهي. شاهه بهاري
انهيءَ قلعي جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ”بهارپور“ جي نالي
سان آباد ڪيو هو، جيڪو اڄ به قائم آهي ۽ شاهه
بهاري جي ياد تازي ڪري ٿو.
لاڙڪاڻو شهر:
سنڌ ۾ ڪلهوڙن جن اهم شهرن کي مرڪزي حيثيت ڏئي ترقي وٺرائي انهن
۾ ”لاڙڪاڻو“ سرِ فهرست آهي، جنهن کي چانڊڪي پرڳڻي
۾ ڪلهوڙن جي باقيات جي زنده نشاني چئي سگهجي ٿو.
لاڙڪاڻي جو وجود ڪلهوڙا دور ۾ تڏهن کان ملي ٿو،
جڏهن لاڙڪاڻو هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود هو،
جنهن ۾ ”ميربحرن“ جي هڪ شاخ ”لاڙڪ“ رهندڙ هئي،
جنهن ڪري لاڙڪاڻو مشهور ٿيو. لاڙڪ پڻ ڪلهوڙن جي
مريديءَ ۾ شامل هئا.
لاڙڪاڻي جي اوسر ۾ ڪلهوڙن جو مکيه ڪردار ڏسجي ٿو. ڪلهوڙن
لاڙڪاڻي کي ڏاڍي دلچسپيءَ سان ٺاهيو. سندن دور ۾
لاڙڪاڻي کي ايتري ئي اهميت حاصل هئي، جيتري سمن جي
دور ۾ ٺٽي کي حاصل هئي. ميان شاهل محمد ”گهاڙ
واهه“ کڻايو، جيڪو لاڙڪاڻي جي ترقيءَ جو سڀ کان
اهم ۽ پهريون ڏاڪو ثابت ٿيو. ان کان پوءِ لاڙڪاڻو
شاهه بهاري جي توجهه جو خاص مرڪز بڻيو، جنهن
لاڙڪاڻو کي ترقيءَ جا چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا.
سنڌ گزيٽيئر ۾ آهي ته، ”جڏهن نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي قوت سنڌ جي
ڏکڻ ۽ اوڀر تائين وڌائي ته شڪارپور کانئس افغان
بادشاهه کسي ورتي، تڏهن لاڙڪاڻي سنڌ جي اترئين
سرحد جو وڏي ۾ وڏو شهر ٿي پيو.“ (1)
قدرتي طور لاڙڪاڻي جي مِٽي ڏاڍي زرخيز ۽ پاڻي مِٺو رهيو آهي،
”گھاڙ واهه“ جي شروع ٿيڻ سان لاڙڪاڻو سرسبز، شاداب
۽ گل و گلزار بڻجي ويو. گهاڙ واهه جي ٻنهي ڪنارن
سان انبن، زيتونن ۽ ليمن جا باغ هوندا هئا. زرعي
لحاظ کان لاڙڪاڻو ترقيءَ جي اوج تي پهتل هو ۽ اهو
ئي سبب هو جو لاڙڪاڻي کي ”سنڌ جو عدن“ ۽ ”سنڌ جو
شيراز“ سڏيو ويو آهي. نه صرف ايترو پر ”هجئي ناڻو
ته گُهم لاڙڪاڻو“ ۽ ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ جهڙا
پهاڪا ۽
”اگر بيني بهشت اندر زمانه
بيا و سير کن در لارکانہ.“
(1) ”لاڙڪاڻو صدين کان“ _ ص: 88، سال 1995ع.
(جيڪڏهن توهان کي زماني جي اندر بهشت ڏسڻو آهي ته اچي لاڙڪاڻي
جو سير ڪيو) جهڙا محاورا تمام گهڻو مشهور ٿيا.
گهاڙ واهه:
ڪلهوڙن حاڪمن چانڊڪي پرڳڻي ۾ واهن جو ڄار وڇائي زرعي انقلاب آڻي
ڇڏيو. چانڊڪي پرڳڻي کي زرعي لحاظ کان سرسبز ۽
شاداب بنائڻ ۾ ميان شاهل محمد ڪلهوڙو، آبپاشي نظام
جو عظيم معمار ميان نور محمد ڪلهوڙو ۽ سندس خاص
وزير شاهه بهار نمايان ڏسجن ٿا. ميان شاهل محمد
”گهاڙ واهه“ جي نئين سر کوٽائي ڪرائي آبپاشي نظام
جي شروعات ڪئي، جنهن سان زراعت وڏي ترقي ڪئي ۽ هر
طرف خوشحالي آئي ۽ هيءُ علائقو وڏي تجارتي منڊي
بڻجي پيو.
ميان شاهل محمد کي زراعت سان دلچسپي ۽ شوق ورثي ۾ مليل هئا. هُن
چانڊڪي پرڳڻي ۾ ابڙن ۽ سانگين کان زمينون هٿ ڪري
انهن کي آباديءَ لائق بنائڻ لاءِ گهاڙ واهه کڻايو.
جديد تحقيق موجب گهاڙ درياءُ جو هڪ اهڙو ئي قديم
وهڪرو هو، جهڙو ’هاڪڙو‘ ۽ ’سرسوتي‘ هئا.
چانڊڪي پرڳڻي ۾ گهاڙ واهه جو آبپاشي جي حوالي سان تاريخي ڪردار
رهيو آهي. گهاڙ واهه سان نه رڳو آبادي ٿيندي هئي
پر اهو وڻج واپار ۽ آمد ورفت جو خاص ذريعو به هو.
لاڙڪاڻي وٽان گهاڙ واهه تي هڪ وڏو بندر هوندو هو،
جنهن کي بين الاقوامي حيثيت حاصل هئي، جتان وڏا
وڏا ٻيڙا چانور، مکڻ، واڻ ۽ ٻيون شيون کڻي سکر،
حيدرآباد، ٺٽي، پنجاب، ڪشمير ۽ ٻين شهرن ڏانهن
ويندا هئا.
گهاڙ واهه هينئر پنهنجو وجود وڃائي چڪو آهي، پر هُن جا پراڻا
آثار سندس عظمت جي ساک ڀري رهيا آهن. 1932ع ۾
بئراج سسٽم جاري ٿيڻ سان گهاڙ واهه ختم ٿي ويو،
البت لاڙڪاڻي وٽان گهاڙ واهه جي ڪجهه حصي کي رائيس
ڪئنال مان جاري رکيو ويو آهي، جن کي گهاڙ، نورنگ ۽
چيلو سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته گهاڙ واهه جي ٻئي اهم
حصي کي ”نُور واهه“ چئجي ٿو، جنهن لاءِ مشهور آهي
ته اهو واهه ميان نور محمد ڪلهوڙي کڻايو هو.
ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ گهاڙ واهه مان ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا
واهه ڪڍيا ويا، جن ۾ شاهه جي ڪور، ڪور همير، نصرت
واهه، ڪور هاشم، ڪور ڏاتو ۽ ٻيا شامل آهن.
نئون ديرو شهر:
گهاڙ واهه جي ساڄي ڪناري تي آباد هيءُ شهر ڪلهوڙن جي دؤر م
اسريو. گهاڙ واهه تي هن شهر وٽان وڏو پتڻ هوندو
هو، جتي ڪچي واري علائقي مان مال آڻي ٻين شهرن
ڏانهن اماڻيو ويندو هو. ڪلهوڙن جي ئي دور ۾ هن شهر
خوب ترقي ڪئي. اڄ به هي شهر علم، ادب ۽ سياست جي
دنيا ۾ عالمي شهرت جو حامل آهي.
پير جان محمد ڪلهوڙو:
تاريخ ۾ نظرانداز پير جان محمد جي ڪڙِي، ڪلهوڙا خاندان سان
ملائي وڃي ٿي. روايتن موجب هو شاهه بهاري جو خاص
امير هو. سندس مزار نئين ديري شهر جي اتر ۾ عام
زيارت گاهه بڻيل آهي.
غريب شاهه جو قبرستان:
غريب شاهه جو قبرستان نئين ديري اوڀر شهر جي ۾ واقع آهي، جيڪو
پنجاهه سٺ جريبن تي ڦهليل آهي. هينئر ان قبرستان
جو ڪافي حصو قبضا گروپ آباديءَ لائق بڻايو آهي.
روايتن موجب هي قبرستان وڏو جنگاهه رهيو آهي، جتي
گمنام شهيدن جون مزارون آهن، جن ۾ ڪيترا امير،
فقير ۽ سورهيه شامل آهن. جنگ بابت ڪو به تفصيل نه
ٿو ملي. البت اهو مشهور آهي ته ان جاءِ تي شاهه
بهاري جنگ لڙي هئي. هن قبرستان ۾ غريب شاهه نالي
بزرگ جي مزار پڻ آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو
شاهه بهاري جو ساٿي هو. هن قبرستان کي ”شهيدن جو
مقام“ به سڏيو وڃي ٿو.
جيوڻ شاهه جو قبرستان:
جيوڻ شاهه جو تاريخي قبرستان ڪلهوڙا دؤر جي اهم يادگار طور
سڃاتو وڃي ٿو. هي تاريخي مقام نئون ديرو، رتو ديرو
روڊ سان، خانواهه ڳوٺ جي ڀرسان آهي. چيو وڃي ٿو ته
هي قبرستان ڪلهوڙن ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ جنگ جو ميدان
رهيو آهي. هت ڪيترن ئي جوڌن ۽ ويڙهاڪن جون عاليشان
مزارون ۽ مقبرا هئا؛ جيڪي زماني جي ڌوڙ ميساري
ڇڏيا؛ اڄ رڳو انهن جا آثار ڏسجن ٿا. هتي ميرڻ
شاهه، قادو ڌامراهو، ٻَلهڙو ۽ ٻيا جنگي جوڌا آرامي
آهن. ميرڻ شاهه، ميان دين محمد ڪلهوڙي جو خاص ساٿي
۽ سورهيه هو. هُن ڪيترن ئي جنگين ۾ حصو ورتو ۽
سوڀارو ٿيو.
کيريلو:
هي شهر لاڙڪاڻي جي ڏوڪري تعلقي ۾ آهي. هتي هڪ تاريخي قبرستان
پڻ آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو ميان نور محمد
ڪلهوڙي جي دور ۾ ٿيل هڪ جنگي معرڪي ۾ مري ويلن جو
آهي. ان ۾ ڪيترائي سورهيه مدفون آهن. اتي هڪ مقبرو
به آهي، جيڪو تاريخي نوعيت جو آهي ۽ هن وقت زبون
آهي. ان ۾ ڪنهن سورهيه يا امير جي مزار آهي. هن
شهر ۾ هڪ قديم مسجد به آهي، جنهن لاءِ روايت آهي
ته اها ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ٺهرايل آهي.
ڪوٽ غلام شاهه:
ڪوٽ غلام شاهه نالي سان هڪ پراڻو ڳوٺ، قمبر وايا ميرو
خان روڊ سان ’هُليا ڳوٺ‘ کان ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ
تي اولهه طرف واقع آهي. هن ڳوٺ ۾ هڪ پراڻي قلعي جا
ڦٽل نشان موجود آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو هو. قلعي جي اندر
ڪجهه قبرون به آهن، جن لاءِ عجيب و غريب روايتون
مشهور آهن.
مددي ڪتاب
تحفتہ الڪرام_ 1957ع
جنت السنڌ_ 1993ع
تاريخ مظهر_ شاهجهاني_ 1994ع
تاريخِ سنڌ_ ڪلهوڙا دور (اردو) ڀاڱو 1 _1958ع
تاريخِ سنڌ_ ڪلهوڙا دور (اردو) ڀاڱو 2_ 1958ع
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو_ 1984ع
لاڙڪاڻو صدين کان_ 1995ع
سنڌ جا قديم آثار_ 1995ع
تاريخِ سنڌ _ ڪلهوڙا دور (سنڌي) ڀاڱو 1_ 1996ع
تاريخِ سنڌ _ ڪلهوڙا دور (سنڌي) ڀاڱو 2_ 1996ع
لُبِ تاريخِ سنڌ_ 1989ع
واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو_ 1991ع
منشور الوصيت_ 1964ع
سنڌوءَ جو سفر_ 1994ع
جنگ ناما_ 1984ع
سنڌ جي اقتصادي تاريخ_ 1968ع
تاريخِ تمدن سنڌ_ 1959ع
خان خانان ناما_ 1990ع
ڀٽ جو شاهه_ 1992ع
ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جا مختلف پرچا
تنوير عباسي
سنڌي شاعريءَ تي ويدانت ۽ صوفي مت جو اثر
تصوف ۽ ويدانت هڪ روش، هڪ رويو يا هڪ لاڙو آهي، جيڪو هر
مذهب، فلسفي ۽ شاعريءَ ۾، هر زماني ۾ موجود رهيو
آهي. قديم زماني جي مذهبي ڪتابن مان پراڻي عهدنامي
(توريت)، چين جي تائو، ويد، گيتا، اپنشل، انجيل ۽
قرآن مجيد ۾ اهڙا لاڙا ملن ٿا.
انسان جڏهن کان سوچڻ شروع ڪيو ته هن کي ڪائنات ۾
”گهڻائي“ نظر آئي ۽ سدائين هو ان جي پٺيان
”هيڪڙائي“ (وحدت) جي ڳولا ۾ رهيو: هن پراڪرتيءَ جي
هيڪڙائي ۽ خلقيندڙ ۽ خلقت جي هيڪڙائي.
توريت ۾ آهي ته ”مان تنهنجي حضور کان ڪاڏي ڀڄندس؟ جي
آسمان ڏي ويندس ته تون اتي به آهين، جي پاتال ۾
ويندس ته اتي به تون آهين.“
تائو جي ڪتاب ۾ آهي: ”آسمان ۽ زمين جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ’هڪ‘
وجود هو، جيڪو صورت ۽ مادي کان سواءِ موجود هو.
اهو هر جاءِ تي جاري ۽ ساري آهي. اسان ان کي
ڪائنات جي هر شيءِ جو سرچشمو چئي سگهون ٿا. اهو
ڪائنات آهي. اسان ان جي نالي کان واقف ناهيون، پر
ان کي ’تائو‘ انهيءَ ئي ’تائو‘ جي ڪتاب ۾ اڳتي
آهي: جي عارضي نالي سان سڏيندا آهيون.“
”هن دنيا ۾ ان جو مثال ائين آهي جيئن نديون، درياهه ۽ سمنڊ سان
ملي وڃن ٿيون.“
ويد ۾ آهي: ”تت توم اسمي“.
”سڀ ڪجهه هو آهي“ ساڳيا لفظ: ”همه اوست“
”اهم برهما اسي“
(”مان برهما آهيان“.)
ٻئي هنڌ آهي: ”ايڪو اهم ٻهو سامي.“
(”هڪ آهيان، گهڻا ٿيڻ ٿو چاهيان.“)
گيتا ۾ آهي: ”جنهن به رستي کان ايندؤ، مون ڏانهن ئي ايندؤ.“
انجيل ۾ حضرت عيسيٰ چيو:
”جنهن مون کي ڏٺو، ان منهنجي پيءُ کي ڏٺو.“
”مان هن ۾ آهيان، ۽ هو مون ۾ آهي، هو ۽ مان هڪ آهيون.“
اُپنشد ۾ ”تخليق جو نغمو“ هيئن ٿو چوي: ”جڏهن وجود به نه هو ۽
علم وجود به نه هو، جڏهن دنيا نه هئي، آسمان نه
هو، جڏهن سڀڪجهه غبار ۾ لڪل هو، تڏهن انهي اونهيءَ
اوندهه ۾ ڇا هو؟“
”جڏهن موت به نه هو ۽ امرتا به نه هئي، جڏهن رات ڏينهن کان ڌار
نه هئي، تڏهن هڪ هستي جمود ۾ تڙپي رهي هئي، جنهن
کي پنهنجي ذات جو شان هو ۽ ان کان سواءِ ڪنهن به
ٻي شيءِ جو وجود نه هو.“
اُپشند ۾ آهي ”اها آتما، چرڻ کان سواءِ ئي من کان وڌيڪ تيز آهي.
هڪ جاءِ تي بيٺل هجڻ جي باوجود هوءَ انهن کان اڳ
ٿي ڪڍي، جيڪي ڊوڙن ٿا. هوءَ چرندڙ به آهي ته اڻ
چرندڙ پڻ. هو هر ڪنهن جي اندر به آهي، ته هر ڪنهن
کان ٻاهر پڻ. هوءَ سڀني هستين کي پنهنجي پاڻ ۾ ڏسي
ٿي ۽ پنهنجي پاڻ کي هر هستيءَ ۾ ڏسي ٿي.“
هاڻي ڪجهه قرآن مجيد مان.
_”ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد (”اسان توهان کي ڪنڌ جي رڳن کان
به ويجها آهيون.“)
_”فاينما تولوا فثم وجہ الله“ (”جنهن طرف به منهن ڪريو، الله جو
منهن آهي.“)
_”وفي انفسڪم افلا تبصرون“ (”هو توهان ۾ آهي، ڇو نه ٿا ڏسو.“)
فلسفي تي اچو ته قديم يوناني فيلسوف هيراڪليٽس چيو آهي ته، ”سڀ
شيون ’هڪ‘ مان نڪرن ٿيون، ۽ سڀني شين مان ’هڪ‘
نڪري ٿو.“ ايڪهارٽ کي صوفي فيلسوف سڏيو ويندو آهي.
شوپنهار، اسپنوزا ۽ برگسان صوفياڻن خيالن وارا
آهن.
هند جو فيلسوف شنڪر آچاريه صوفي آهي. مغربي شاعرن مان بليڪ،
ورڊسورٿ، شيلي، بائرن ۽ ڪولرج وٽ صوفياڻا خيال
ملندا.
بليڪ چيو: ”اسان ڇو ڏڪندا خدا کي سڏيندا وتون. پاڻ کي ڇو نه
سڏيون، جن جي اندر ۾ خدا وسي ٿو.“
ورڊسورٿ چيو: ”جيڪي مون ڏٺو، ائين لڳو، ڄڻ منهنجو پنهنجو پاڻ
هجي.“
ڪولرج چيو: ”ها، منهنجي حياتيءَ ۽ حياتيءَ جي لڪل خوشيءَ منجهه
پکڙجندڙ روح ڪنهن سگهاري روحاني منظر کي ويڙهي
ڇڏيو، ان ۾ رچي ويو ۽ پنهنجي فطري صورت ۾ آسمانن
ڏانهن وڌندو رهيو.“
شيلي چيو: ”هو سونهن آهي، جنهن ۾ سڀ شيون رهن ۽ هلن ٿيون. هر
پيهي ٿو وڃي ۽ سڄيءَ ڪائنات کي پنهنجي پيار ۽
سونهن سان ڀري ٿو ڇڏي.“
فرانسيسي شاعر بودليئر چيو: ”مان ئي خنجر آهيان، ۽ مان ئي گهاءُ
آهيان.“
ترڪيءَ جي شاعر يونس ايمري چيو: ”محبوب جو پيار ئي منهنجو جنون
آهي. منهنجي ٻيائي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، ۽ هاڻي مون
کي ۽ خدا کي ڌار رهڻ نه گهرجي.“
اڃا به جي تحقيق ڪبي ته دنيا جي هر ٻوليءَ جي عظيم شاعريءَ ۾
تصوف ۽ ويدانت جا لاڙا ملندا. جيستائين ”اسلامي
تصوف“ جو تعلق آهي ته اهو برابر سنڌ ۾ ٻاهر کان
آيو، پر اهڙا لاڙا، سنڌ ۾ اڳي ئي ”ويدانت“ جي صورت
۾ موجود هئا. تصوف جي اوائلي ڪتاب ”اللمع“ ۾ لکيل
آهي ته ”بايزيد بسطامي چيو ته هڪ سنڌي نئين مسلمان
ابوعلي سنڌيءَ مون کي هيڪڙائي (وحدانيت) سيکاري، ۽
مون هن کي اسلام سيکاريو.“ مشهور صوفي شهيد منصور
حلاج جي باري ۾ فرينچ اسڪالر لوئي ماسينون لکيو
آهي ته هو هندستان ۾ به آيو. اسلامي تصوف تي، هند
جي ويدانت جو اثر هڪ تاريخي حقيقت آهي. ڊاڪٽر محمد
حسن ”هندي ادب ڪي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته هندي ادب ۾
”نرگن واد“ جي تحريڪ اسلام جي اچڻ کان پوءِ شروع
ٿي، ليڪن اهي لاڙا ويدن ۾ اڳ ۾ ئي هئا.
”يجرويد“ ۾ آهي ته ”ڀڳوان جي ڪابه صورت نه آهي.“
قرآن مجيد ۾ آهي: ”ليس ڪمثلہ شيئاً“.
(”هن جهڙي ڪابه شيءِ نه آهي.“)
ساڳيو ويد چوي ٿو:
(”هو ڄاول ناهي، ۽ ڀڃڻ جهڙو ناهي.“)
قرآن مجيد چوي ٿو: ”لم يلد ولم يولد.“
(نه هو ڄائو آهي، نه هو ڄڻندو آهي.“)
آلفريڊ ٽوائن بي
(Toynbee)
پنهنجي ڪتاب
“Historian’s Approach to Religion”
(جيڪو هن دنيا جي تاريخ جي ضخيم جلدن لکڻ کان پوءِ
لکيو، ۽ جنهن لاءِ لکيو اٿائين ته اهو سندس دنيا
جي تاريخ جي اڀياس جو نچوڙ آهي) ۾ لکي ٿو ته
”اهڙيءَ ريت، سڀئي ست مذهب هڪ ئي آواز ۾ ڳالهائن
ٿا، ست ئي مذهب هڪ ٻئي سان
Absolute Reality
(ازلي سچ) جي باري ۾ سهمت آهن ۽ ان ڳالهه کي قبول
ڪن ٿا ته
Absolute Reality
(ازلي سچ) کي هڪ غير شخصي
(Impersonal)
پهلو آهي. ٻڌ مت لاءِ اهو آهي ’نرواڻ‘، زردشتين
لاءِ اهو آهي ’اهر مزد‘ جون تجريدي خاصيتون، ۽
صيهوني مذهبن يهوديت ۽ عيسائيت ۽ اسلام لاءِ اهو
صوفين جو
(Experience)
آهي.
هاڻي اچون ٿا مغربي فيلسوفن تي:
ايڪهارٽ چيو: ”جيڪڏهن هڪ به جملو منهنجي زبان مان نڪتو، جنهن
حقيقت بيان ڪئي ته انسان خدا جي عشق جي نشي ۾ چور
ٿي پاڻ خدا ٿي ويندو، ته توهان مون کي سنگسار ڪري
ڇڏيندؤ.“
ارسطو لکيو: ”هو مڪمل طور تي مڪمل آهي، ان ڪري نڪري هو ڪنهن به
شيءِ جي خواهش نٿو ڪري، ان ڪري هو ڪجهه به نٿو
ڪري. هن جو هڪڙو ئي ڪم آهي ته بستين جي روح تي
ڌيان ڏئي ڇو ته هو پاڻ ئي سڀني شين جو روح آهي. هو
سڀني شڪلين جي شڪل آهي، هن جو سمورو ڪارج آهي
پنهنجي پاڻ تي ڌيان ڏيڻ.“ هو وڌيڪ چوي ٿو ته ”خدا
دنيا کي ائين ٿو هلائي، جيئن ڪو معشوق پنهنجي عاشق
کي هلائي.“
جرمن فيلسوف اسپنوزا لکيو: ”مان چوان ٿو ته سڀڪجهه خدا آهي. هر
شيءِ خدا ۾ ٿي رهي، ۽ ان ۾ ئي ٿي هلي چلي.“ هن
وڌيڪ لکيو: ”هيءُ حقيقي شين ۽ صورتن جي ڪائنات خدا
لاءِ ائين آهي، جيئن هڪ پُل پنهنجي ڊزائين (رٿا)
لاءِ هجي، ان جي جوڙجڪ ۽ رياضيءَ ۽ ميڪانڪيءَ جي
اصولن، جن سان ان کي جوڙيو ويو آهي، اهي ان جي
وجود جا بنياد آهن. انهن کان سواءِ اها ڊهي پوندي،
ان پل وانگر، دنيا به ان جوڙجڪ ۽ اصولن سان بيٺل
آهي ۽ اهي خدا جي هٿ ۾ آهن.“
فرانسيسي فيلسوف برگسان لکيو: ”هو اڻ کٽندڙ حياتي، عمل ۽ آزادي
آهي. تخليق، جنهن جو اهڙيءَ ريت تصور ڪجي، ڪو
اسرار نه آهي. اسان کي پاڻ ان جو احساس ٿئي ٿو،
جڏهن اسان آزاديءَ سان عمل ڪريون ٿا.“
اسپنوزا ۽ برگسان تي فلسفي جو اثر هو.
آمريڪا کي ”قومن جي ڪوٺاري“
(Melting Pot of Nations) چيو ويندو آهي. سنڌ کي ”مذهبن جي ڪوٺاري“
(Melting Pot of Religiobns)
چئجي ته صحيح ٿيندو. ويدانت ۽ تصوف جي اثر هيٺ،
سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي ٽمورتيءَ، شاهه، سچل ۽
ساميءَ جو اڀياس ڪبو ته اهو ظاهر ٿيندو، ته هنن وٽ
رواجي ۽ ظاهري مذهب پنهنجي معنيٰ وڃائي ٿو ويهي، ۽
هو ”همه اوست“ يا ”وحدت الوجود“ ۾ سڀ تعصب ٻوڙي
ڇڏين ٿا. سنڌ تي ٻڌ مت وارن، ٿوري وقت لاءِ
برهمڻن، مسلمانن ۽ عيسائين جون حڪومتون رهيون آهن.
تاريخ ۾ تمام ٿوري وقت لاءِ اهڙا دور آيا آهن، جن
۾ تعصبي حڪومتون رهيون آهن. عام طرح سنڌ ۾ سهپ،
رواداري ۽ ڪشاده دليءَ جو ئي اثر رهيو آهي ۽
صوفين توڙي ويدانتين جي اثر هيٺ سنڌ ۾ پيار،
محبت، امن ۽ سلامتيءَ واريون حالتون رهيون آهن، ۽
سڄي ننڍي کنڊ ۾، سنڌ ئي اهڙو علائقو آهي، جتي
مذهبي رواداريءَ جي سببان گهٽ ۾ گهٽ مذهبي فساد
ٿيا آهن، ۽ گهٽ ۾ گهٽ انساني جانيون ضايع ٿيون
آهن.
شاهه لطيف کان اڳ وارن شاعرن، قاضي قادن، شاهه ڪريم بلڙيءَ واري
۽ ميين شاهه عنات جوڳين جو ذڪر ڪيو آهي. شاهه عنات
وٽ جوڳين جو ذڪر ڪجهه تفصيل سان آهي، پر شاهه لطيف
وٽ جوڳين تي ٻه سُر آهن: هڪ پورب ۽ ٻيو رامڪلي.
شاهه لطيف جا سڀئي سوانح نگار ان ڳالهه تي سهمت
آهن ته شاهه لطيف جوڳين جي صحبت ۾ رهيو. انهن سان
پيرين پيادو هنگلاج، لاهوت لامڪان ۽ جهوناڳڙهه
تائين سفر ڪيائين. اسلام پورب کان نه آيو، پر پَڇم
کان آيو، پر شاهه لطيف لکيو سر پورب، جتان اهي
جوڳي ايندا هئا.
پورب مارياس، ڪنهن کي ڏيان دانهڙي.
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
پوربيا پوري وئا، آسڻ اڄ صبوح،
کسٿوري خوشبوءِ، آهي آديسين ۾.
شاهه لطيف ٻنهي مذهبن جي ظاهر پرستن کي نندي ٿو.
مسلمانن کي چوي ٿو:
اِن پر نه ايمان جيئن ڪلمه گو ڪوٺائين،
دغــا تنهنجي دل ۾، شـرڪ ۽ شيطان،
مـنـهــن ۾ مـسلـمــان، انـــدر آذر آهـين.
هندوءَ کي چوي ٿو:
ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هِندو هڏ مَ آهيين، جَڻيو تو نه جُڳاءِ.
گولا جي گراهه جا، جُوٺا سي جوڳي،
ڦٽل او ڦوڳي، جنين سانڍيو شڪم کي.
هن وٽ ’ناٿ پنٿ‘ جي مسلڪ جو اهڃاڻ پڻ ملي ٿو:
لنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن مَ مسحو،
جا اسلامان اڳي هئي، سا سڻيائون ٻانگ،
سڀ وڃائي سانگ، گڏئا گورکناٿ کي.
گرو گورکناٿ، ناٿ پنٿ جو پايو وجهندڙ هو، ۽ مهاتما ٻڌ
جو ٻٽيهون بجرياني سَڌ هو. شاهه لطيف جوڳين جي
صحبت ۾ پيرين پيادي سالن جا سال گهميو، ۽ کانئن
ناٿ پنٿ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي.
شاهه لطيف وٽ هندو مذهب جي ديومالا مان ڪيترائي اهڃاڻ
(Symbols)
ملندا. هو سناسين جي مونن کي طور سينا ٿو چوي. اهو
طورسينا، جنهن جبل تي حضرت موسيٰ الله سائين جو
جلوو ڏٺو هو.
مــــونــــا طــــور ســينــا ســنــدا ســنــاســيــــن،
سجــدي ۾ سيد چــئي گـــوڏا گــــــودڙيــن،
فڪان قاب قوسين او ادنيٰ ٿا نانگا ائين نمن.
انهيءَ بيت ۾ قرآن شريف جون ٻيون به آيتون آيل آهن، پر مٿي ڏنل
سٽ ۾ آيت ان ٽاڻي جي آهي، جڏهن رسول پاڪ صلي الله
عليه وسلم جن معراج تي ويا هئا، ۽ الله سائينءَ ۽
سندن جي وچ ۾ فقط ٻن ڪمانن جيترو مفاصلو هو. شاهه
لطيف اهو مرتبو سناسين (جوڳين) جي مونن کي ٿو ڏئي.
شاهه لطيف رام ڀڳتيءَ مان به واقف هو ۽ شري رامچندر کي به اهڃاڻ
پيش ڪيو اٿائين:
روح ۾ رهين رام، ٻهر ٻولن ڪي ٻيو،
پيالو پُر ڪري جوپ پيتائون جام،
تهان پوءِ تمام، تن تڪئا تاڪي ڇڏيا.
هڪ ٻيو بيت آهي:
هر هر ڪن هرنام، ڌون ڏيهاڙي ڌوتيا،
جن نه ريجهايو رام، ناٿ نه نمي تن سين.
اهڙيءَ طرح شاهه لطيف سر رامڪلي، پورب، توڙي سامونڊيءَ ۾ ڪيترن
ئي هندو ديومالا جي ڪردارن کي اهڃاڻ طور آندو آهي.
سچل سرمست ته ”همه اوست“ جو کليو کلايو پرچارڪ آهي. ان مستيءَ
۾ اچي هڪ جاءِ تي هو هنومان کي به ان ۾ شامل ڪريو
ڇڏي ۽ چوي ٿو:
ڪاٿئين احمد بلاميمي ڪاٿئين هنومان.
(يعني ڪٿي ميم کان سواءِ احمد يعني احد (الله) آهي ۽ ڪاٿي
هنومان آهي.)
هڪ ٻيءَ ڪافي ۾ چوي ٿو:
ڪاٿئين مغ برهمڻ تون، ڪاٿئين ٻانگ ٻڌائين،
ڪاٿئين منهن محراب ۾،ڪاٿئين تلڪ لڳائين،
ڪاٿئين ممبر و اعظي، ڪاٿئين پوٿيون پٽائين،
ڪاٿئين هنومان ڪوٺائين،ڪاٿئين ڏهيسر ڏسائين،
ڪاٿئين ٿئين رام يا سيتا،ڪاٿئين لڇمڻ لکيائين.
ساميءَ جا هيٺيان سلوڪ پڙهو:
سامي چئي شريڪ آهي ڪونه الله جو،
ڪيو سڪ سچيءَ سان طالبن تحقيق،
چڙهيا عين عرش تي ٿي بيحد باريڪ،
نئنن کئون نجيڪ سُتهه ڏسن سپرين.
__
اڻ هوندي بازي بازيگر برحال ڪي،
ڪاٿي پير فقيرامير ٿيو ڪاٿي شيخ ملان قاضي
ڪاٿي گروگسائين گياندان،ڪاٿي حج ڪري حاجي
ڪاٿي راجا پرجا چوڌري، ڪاٿي مهتو ميانجي.
__
”شهه رڳ کئون نزديڪ“، سڄڻ اٿئي اوڏڙو،
ڪڍي غير اندر مون ڪري ڏس تحقيق،
خاحق ڪرمه ڪيڪ سامي چئي سمجهه ري.
مٿئين سلوم ۾ قرآن مجيد جي آيت ”ونحن اقرب“ جو ترجمو آهي:
بنا رب رفيق ڪونهي ڪنهن جو ڪٿهين،
مرشد سان ملي ڪري ڪيو طالبن تحقيق،
ستي پنڊ سامي چئي ٿيا بيحد باريڪ،
نئنن کئون نزدي، پيهي ڏٺائون پاڻ ۾.
__
ثابت رک صدق الٽي عين الاهه تي،
جو سامي سڀڪنهين کي رزق ڏئي رازق.
اٿي الپ آڪاس جان اندر ٻاهر هڪ،
لنو سان ڪڍي لڪ سنمک ڏسن سورج جان.
__
پڙي قرآن ڪتاب، قاضي ڪوهه قصا ڪرين،
ملي وٺ محبوب سان ڇڏي زور جواب،
متان اوچتي ارپي ڪريئي ڪال ڪباب،
ٿيندين پوءِ خراب سج لٿي سامي چوي.
__
ستگر سهج سڀاءُ ڪيو اپديش انڀئي،
رکي ويساهه وچن تي نڪي ڪڍ نه پاءِ،
پاڻ ورائي پاڻ ۾ سامي سَمَ لنو لاءِ،
ته خلق منجهه خداءِ، ڏسن خلق خداءِ ۾.
__
مٿئين سلوڪ ۾ همه اوست جو فلسفو آهي.
هزارن جي هڪ ڳالهه ٻڌائي ستگرو،
خلق وسي خالق ۾ خالق منجهه خلق،
الٽي ڏس اکِن سان سامي رکي سڪ،
ڪوهه چٽين ٿو چِڪ در در ديوانن جان.
هيءُ سلوڪ به وحدت الوجود جو فلسفو سمجهائي ٿو:
منجهين لوڪ لڪين تون پاڻ ڪرين نه پڌرو،
اٺئي پهر عجيب جي منجهين سڪ سڪين،
چاڪن منجهه چڪين ته پاڻ ٻنڌني پٽيون.
__
مورک ناهه مذاق لائڻ عشق الاهه سان،
سامي سپرين جي اٿي سوريءَ تي اوطاق،
سر سٽي سودو ڪري ڪي وڃي پهتا پاڪ،
خاڪي ٿئڙا خاڪ نور محل جي نيوَ تي.
__
هڪ چپاٽ هنئين جنهن کي عشق الاهه جي،
سو سامي مري نه سورمو ڌنڌا ڍير ڌنئين،
استت نِندا لوڪ جي، سر تي سڀ کنئين،
وٺي واٽ سنئين پهتو پورن پد تي.
__
پڙهي ٿيا پرپڪ عاشق اکر انڀئي،
رکيائون رهت سان ويڙهي سڀ ورق،
خلق ڏسن خالق ۾، خالق منجهه خلق،
سامي ٿي سيوڪ رهيا ساڌ سنگت ۾.
__
جني خواهش خريد، ٿئي تن عشق الاهه جو،
ائين چون ٿا اوليا سامي سڀ شهيد،
مري جن مرشد کون وڌي درشن ديد،
ڪن اڀيدي عيد، ملي نت محبوب سان.
خالق ۾ خالق، خلق وسي خالق ۾،
ساک ڏئي سامي چئي انڀئي عاشق،
ڏنو جنهن آڪاس جان هردو سوڌي هڪ،
ميٽي ڦير فرق، ماڻي موج مهت جي.
هيءُ سلوڪ ته سڄو سارو تصوف سان ٽمٽار آهي.
جنهن عاشق لايو سچو عشق الاهه سان،
جيئندي تنهن جهان ۾ سڀ ممت مٽايو،
ڄاڻي ڪونه اندر ۾ پنهنجو پرايو،
سامي سمايو جل پپوٽو جل ۾.
__
مومن مسلمان ڪؤڙن ۾ ڪو هڪڙو،
جو واصل وحدت ۾ ڪڍي گير گمان،
نور محل جي نيو تي سيل ڪري سُجان،
تنهن کي سڀ جهان، ڄاڻي دوس خداءِ جو.
__
ٻولي ٻڌائي سنت لکائن سمتا،
سامي ڏسي ڪو سورمو گهر ۾ گهتائي،
چڙهي ويهي چوڏول تي پورڻ يدُ پائي،
جاڏي واجهائي تاڏي سڄڻ سامهون.
هن بيت ۾ سامي ”جيڏانهن ڪيان پرک تيڏانهن سڄڻ سامهون“ واري شاهه
لطيف جي بيت کان متاثر ٿيل آهي.
بيحد بيپرواهه سامي ڏٺا ست جن،
رکن نه رتيءَ جيتري چت ۾ چنتا چاهه،
چڙهيا انڀئه اڇ تي رهت سچيءَ جي راهه،
جاڏي ڪن نگاهه تاڏي سڄڻ سامهون.
ساميءَ جي مٿين سلوڪن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن کي اسلامي تصوف جي
چڱي ڄاڻ هئي.
الله، خالق، مخلوق، قرآن، ڪتاب، قاضي، وحدت ۽ ٻيا اهڙا
لفظ ڪم آندا اٿائين، جيڪي اسلامي تصوف مان آهن. ان
کان سواءِ ڪٿي ڪٿي شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جو اثر
پڻ قبول ڪيو اٿائين.
مٿئين ڏنل اڀياس مان معلوم ٿيندو ته ويدانت ۽ تصوف، هڪ
لاڙو آهي، جيڪو بين الاقوامي آهي، جيڪو انساني سوچ
جي تاريخ جي شروعات کان وٺي هر مذهب، هر فلسفي ۽
هر شاعريءَ ۾ موجود آهي. اهو لاڙو هند ۽ سنڌ مان
ٻاهر ويو ۽ بايزد بسطاميءَ، منصور، حلاج، اسپنوزا،
شوپنهار ۽ برگسان وٽ پهتو. اڄ اهو لاڙو نه آهي،
جيڪو هن دکيءَ دنيا جي دردن جو درمان آهي.
(”شاهه، سچل، سامي، _ سيمينار“، بمبئي، 1992ع ۾ پڙهيل) |